هوشو شيدي
ڪارا بادل هر طرف ڦهلي ويا –
ڪو به سايو ڪونه ٿو ڏسجي ڪٿي،
خاموشين جو راڄ آ!
سانت جي آواز ۾
ڌرتيءَ جي مڌم چال ڄڻ گم ٿي وئي –
زندگي گم ٿي وئي، روشني گم ٿي وئي!
زندگي ڪاڏي وئي؟
روشني ڪاڏي وئي؟
اوچتو ئي اوچتو ڄڻ آسمان ڦاٽي پيو –
گوڙ جي ڪڙڪاٽ ۾،
کنوڻ ڀي تڙپي اُٿي.
ڌيري ڌيري، هوري هوري،
گرد جو طوفان ڄڻ جاڳي اُٿيو.
پن چُريا، شاخون چُريون ۽ پوءِ آخر
وڻ لڏيا.
هر ڏار تان مرده پکي
خشڪ پتن جيئن
سخت ڌرتيءَ جي مٿان ڪرندا رهيا.
طوفان جي رفتار ڀي وڌندي رهي،
ڇَرَ مٿان ڇَرَ ٻوڏ جي ايندي رهي.
گهر لڙهيا، ماڙيون لڙهيون، محلات ويا،
ڄڻ ته ڪوئي ديوُ ڌُوڪيو ٿي ويو.
ايتري ۾ دور ڪا جوتي جلي،
ٻن هٿن جي ڇانوَ ۾ ڪو ديپ هو،
جو ٿي ٻريو.
ڪارڙو ۽ ڪوجهڙو
هُو سورمو اڳتي وڌيو،
هر انڌيري راه کي روشن ڪندو
اڳتي وڌيو.
هن جي زخمن مان جتي ڀي
خون جو ٽيپو ڪريو،
ات زندگي جاڳي اٿي!
هن جتي ڀي پنهنجو گهائل پڳُ رکيو،
روشني جهلڪي اُٿي
ڦول کلندا ئي رهيا ۽ روشني وڌندي رهي،
هر طرف کان زندگي جهومي اُٿي
ڪنهن پڇيو، ”هيءُ ڪير آ؟“
سنڌڙيءَ مُرڪي چيو،
”منهنجو ٻچڙو، منهنجو هوشو، منهنجو لال!“