ڏيئي جهڙي ڏات
سک جو سورج ڄاڻ ته اُڀريو، منزل جو ڏس ڏيندو.
انڌيري رات جي پڄاڻيءَ سک جي سورج اُڀرڻ ۽ اجالي ٿيڻ جي اعلان ڪرڻ وارو قمر شهباز نئين – لوڪ ڪلاسيڪل يگ جو هڪ مکيه شاعر آهي. ۽ نئين شاعريءَ جو هڪ منفرد، پراثر ۽ سگهارو آواز آهي:
ڪوئي آيو سنڌڙيءَ ڪارڻ، سينگاري سنگيت الا،
جيجل ٻيجل آيو آهي.
هتي هڪ ڳالهه اٿندي ئي ڪري ڇڏيان، ته اهو منفرد، پراثر ۽ سگهارو آواز نئين – لوڪ ڪلاسيڪل يگ جي انهن آواز مان هڪ آهي، جيڪي ان يگ ۾ چئن ڏسين ۾ گونجا ۽ سڄي سنڌ تي ڇانئجي ويا. انهن آوازن ۾ پنهنجي پنهنجي انفراديت کي قائم رکندي، سنڌ جي مهما هڪ گڏيل گيت جي روپ ۾ ڳاتي، ان ڪري ائين اوس ٿيندو، ته مان قمر جي ناتي نئين يگ جي مجموعي شاعريءَ يا نئين يگ جي ناتي قمر جي شاعريءَ جي ملهه ڪٿ ڪري وڃان. ۽ ساڳئي وقت، جيئن ته نئين يگ جي سرجڻهارڻ لوڪ ڪلاسيڪل ڪردارن (Characters) گهاڙيٽن (Forms) ۽ اهڃاڻن (Symbols) کي ٻيهر رائج ڪري هڪ اعليٰ تخليقي ڪارنامو سرانجام ڏنو - ۽ ائين لوڪ ڪلاسيڪل يُگ سان رشتي جوڙڻ ۾ سڦلتا ماڻيائون:
جي ڪو ڏيا ڪاڪ ڪڪوري ويا
۽ چنگ چاهه جو چوري ويا
سي پيارا جيءَ جيارا ها
جي ساڻيهه تان سر گهوري ويا
ان ڪري نئين ۽ لوڪ ڪلاسيڪل يگ جي وارتا به گڏوگڏ هلندي:
ڪاڪ ڪڙهي، وڻ ويا، لوٺو لڊاڻو
(شاهه)
”اڄ“ جي سرجڻهار کي ”ڪالهه“ جي اعليٰ قدرن ۽ شاندار روايتن سان رشتو جوڙي ”سڀاڻي“ جو اڻکٽ پنڌ پٽڻو هو ۽ قمر ڪاڪ ڪهاڻي هيئن ٿو ٻڌائي:
پياسا راڻا سرڪيءَ ڪارڻ
صدين جا ايوان اورانگي
پنهنجي ماضيءَ جو ڪو مڌم
جهيڻو تصور دل ۾ سانڍي
آيا ساڻا ويڳاڻا
مومل جي ميخاني ۾؛
ڪاڪ جي شايد خاڪ اُڏي آ!
چپ، اوندهه، انڌير، ڊپ، نراشا، ڌارين جا دهمان، پنهنجن جا پرڪار، ڏاڍ ڏهڪاءُ، سنڌ جي نانءَ ڳنهڻ تي رجعت پرست سرڪاري ڇاڙتن اديبن پاران ڪفر ۽ ملڪ دشمنيءَ جون هٿ ٺوڪيون فتوائون – اهو هو پسمنظر جنهن ۾ نئين شاعريءَ جنم ورتو – اُسري ۽ وڌي ويجهي. ۽ قمر جي شاعري نئين شاعري جو لازمي حصو آهي:
جي تنهنجي من ۾ تڙپيا ها،
مون گيت اهي ئي ڳاتا ها.
پر انهيءَ موت جهڙي ماٺ ۾ وڏي واڪ اندر جي اڌمن کي گيتن ۾ گونجارڻ وارا ڪوي گردن زدني ٺهرايا ويا – واجب القتل قرار ڏنا ويا. ۽ قمر کان ”ڏاهيون ڏک ڏسن“ واري ڳالهه ڳجهي به نه هئي:
سوريءَ جو سينگار مليو،
هئه ڙي ڏاهپ تنهنجا ڏنگ.
شاه سائينءَ ”ڌريان ئي ڌاريان مٽ مئيءَ جا نه ٿيا“ چئي جيڪو صديون اڳي اسان کي چتاءَ ڏنو هو – جنهن کي اسين وساري ويٺا هئاسين. اهو چتاءُ اسان کي نئين يگ جي سرجڻهارن ٻيهر چتايو:
منهنجي در تان دانُ، پنڻ آئين پانڌ ۾،
انهيءَ جو احسان، ڇرو هنئي ڇيڳرا!
اها تاريخي غلطي، جيڪا اسان جي وڏن ڪئي ۽ جنهن جي سزا اسان جي نسل کي ڀوڳڻي پئي – انهيءَ جرم جي سزا کان ايندڙ نسلن کي بچائڻو هو - ۽ اها ئي اها گهڙي هئي، جڏهن اسان جي نسل هڪ فيصلو ڪيو – اٽل فيصلو:
ٻولي يا گولي، ڳالهه ٻنهي مان هڪڙي،
هزارين هولي، کيڏي ويندا خون سان،
اِها اُها ساڳي صورتحال هئي، جنهن ۾ لطيف چيو هو:
همه منصور هزار، ڪُهي ڪهندين ڪيترا.
قمر ڄاتو ٿي، ته جنهن واٽ تي هن وک وڌائي آهي، اُها واسينگن جي واٽ آهي:
وک وک تي واسينگ وراڪا، سمجهي رکجان پنهنجو پير
پير پٿون هر پانڌيئڙي جا
پر وک وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو به ڪونه هو هن لاءِ، قمر به پنهنجي ويجهن ساٿارين، اياز، گدائي، نياز، شمشير ۽ تنوير جي پَر پاريندي انهيءَ پٿرائين پٽ تي پنهنجا پير پٿون ڪيا – رائو رت سين رڱيو - ۽ سڀ لاڳاپا لاهي سچ جو ساٿ ڏنو:
مچ مٿان ڪي سچ جا ساٿي، آيا ميڙو ٺاهي
ڪا ڳالهه مڙوئي آهي!
اهو هڪ اهڙو اونداهو (ون يونٽي) دور هو، ’وڏيرا سياستدان‘ پنهنجي ذاتي ۽ عارضي مفادن تي سنڌ وڪڻي چڪا هئا: ’فتوا باز رجعت پرست ادبي ٺيڪيدار‘ سنڌ دوست اديبن ۽ شاعرن جي ڪڍ نوس نوس ڪندا پئي وتيا: ’ڪامورا شاهي‘ ته اڳي ئي پنهنجا وَڄَ تکا ڪريو ويٺي هئي:
تو اهڙا ڪيئي پٽ ڄڻيا،
جي تنهنجي ڪُکِ جو ڪان بڻيا.
نراشا جو اهو گهور گهنگور انڌيرو سنڌ ڌرتيءَ جي هڪ سري کان ٻئي سري تائين پکڙيل هو:
ڪينجهر کان ڪارونجهار تائين، اوندهه انڌوڪار.
تڏهن اهي نئين يُگِ جا شاعر ۽ اديب ئي هئا، جن آشاديپ جلايو:
آئون پرين اڄ انڌيارن ۾، آشاديپ جلايون.
۽ تيز هوائن ۾ آشاديپ کي روشن رکڻ لاءِ نئين يگ جي شاعرن ريٽي رت جو دانُ ڏئي، ٻاٽ واٽ ۾ لهوءَ جي لاٽ سان سنڌي عوام جي اڳواڻيءَ جو فرض نڀايو:
اڄ ديپن ۾ جو خون ٻريو
مون پنهنجي سيني مان ئي ڀريو
اهڙي اُگري صورتحال ۾ قمر جي آڏو هڪ مقصد هو – واضح ۽ عظيم مقصد. ۽ ان مقصد کي ماڻڻ لاءِ ڊگهي ۽ لاڳيتي جاکوڙ جي ضرورت کان قمر ڀليءَ ڀت واقف هو. هن ڄاتو ٿي ته ”ويٺن تان واري وري“ ان ڪري وير به ويساند وجهڻ کان سواءِ مارڳ تي وک وڌائڻ سان ئي مومل جهڙو ماڳ ماڻي سگهجي ٿو:
ڪين رڪياسين، ڪين جهڪياسين، توڙي اوکو پنڌ،
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ.
ڇاڪاڻ ته قومن جي تاريخ ۾ پل آ پل جي غفلت به ان کي نگهوسار ڪري سگهي ٿي ۽ قمر پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌين کي انهن خطرن کان واڪ آگاهه ڪيو:
سنڌڙي جي هڪ وار سڙي وئي،
سڪندين پوءِ سويري کي.
۽ ائين قمر ٻوليءَ، سڀيتا ۽ قوم کي درپيش خطرن کان نه رڳو آگاهه ڪيو، بلڪه پنهنجي سموري سرجڻهارڪ سگهه سان انهن خطرن کي ٽارڻ جا جتن پڻ ڪيا:
اٿوڙي آڻڄاڻ، ٻڌو ٻٽ ٻٽي ڪري،
آزاديءَ اهڃان، اجرڪ تي اُجرا ٿيا.
نئين _ لوڪ ڪلاسيڪل يگ جي سموريءَ شاعريءَ وانگر، قمر جي شاعريءَ جو محور ۽ مرڪز به سنڌ رهي آهي. هن لاءِ سنڌ هڪ اهڙي پوتر ۽ شفاف سرچشمي وانگر آهي، جتان ئي سڀ ڌارائون ڦٽن ٿيون:
سنڌڙي تنهنجي سينڌ نه اُجڙي، توتان جندڙي گهوري ڙي!
مون کي ياد آهي، ته مون کان هڪ ڀيري گلشن خاڪيءَ پڇيو هو، ته: ”تنهنجي شاعريءَ جو ٿيم ڇا آهي؟“ اهو هڪ اهم سوال هو ۽ هڪ اهڙي سنڌياڻي پڇي رهي هئي، جيڪا سنڌ جي نه هئي! تڏهن مون کيس وراڻيو هو ته ”سنڌيت“ – ائين چئي مون نئين – لوڪ ڪلاسيڪل يگ جي سموري شاعريءَ جي ٿيم کي هڪ لفظ ۾ سموهي ڇڏيو هو. اهو هڪڙوئي لفظ ڪل ڪائنات تي حاوي ٿي ٿو وڃي. جتي به ڏاڍ آ، ڏهڪاءُ آ- نياءُ جي نالي انياءُ آ، سلامتيءَ جي نالي ۾ ڦرلٽ آ. جتي امن جي ڍونگ ۾ جنگ آ. جتي انسان جي آزادي صلب آ ۽ انسانيت رتوڇاڻ! جتي ڌرم اَڌرم ۽ مذهب منافقت آ:
اڃا ڀي آ انسان انسان جو قيدي،
اڃا ڀي آ آزردار جي حڪمراني،
اڃا ڀي محبت آ قابو ڪڙن ۾،
اڃا ڀي هوس جو نشانو جواني.
اتي اهو هڪڙو ئي امر لفظ ”سنڌيت“ هڪ اهڙي جهنڊي وانگر آ، جيڪو ڪل ڪائنات تي، سموري سرشٽيءَ تي جهولجي ٿو وڃي:
ڪانگو جا اوڪارڙا، متان ٿئين ملول
ساوڻ منهنجي سيني ۾ آ، سورن جو ساڻيهه الا
ڦٿڪي ڦٿڪي ٿڪجي پيو آ، هارايل انسان الا
ڌرتيءَ جي دل دونهاٽيل آ، اُڀ وسائي آڳ
قمر به ڪڏهن عالمي تناظر ۾ ”ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ ته ڪڏهن سنڌ جي تناظر ۾ ”عالم سڀ آباد ڪرين“ جي ڳالهه ڪئي آهي:
جنهن جنهن ڄاتو تنهن ئي پاتو، سنڌوءَ مان سوڀيا جو سڳ،
اي سانولڙا!
سنڌڙيءَ جي، ها سنڌڙيءَ جي، سيني تي آ سچو سچ سرڳ،
اي سانولڙا!
ڇاڪاڻ ته سموري ڌرتي تي جيڪڏهن انسانيت جو ڪٿي وجود هو، ته اهو سنڌ ۾ هو - ۽ اتي ئي ان کي سخت خطرو به هو! ان ڪري ئي انياءُ، ڦرلٽ، انساني غلاميءَ. پرماريت ۽ منافقتن سان مهاڏو اٽڪائڻ نئين يگ جي شاعرن جو مقدر به هو:
وري وقت جي واڳ واري نه سگهبي
جو ڪرڻو آ، سو هاڻ ڪرڻو ئي پوندو
ڀلي سوري سرمد جو سينگار بڻجي
اسان کي اڏيءَ تي آٽرڻو ئي پوندو
”سنڌيت“ جو اهو فلسفو لوڪ – ڪلاسيڪل دور کان ٿيندو، قمر تائين پڳو آهي - ۽ ان فلسفي کي ڦهلائڻ ئي قمر جي شاعريءَ جو بنيادي ڪارج پڻ آهي:
اڄ وري زنجيرون ڇڄنديون
مارئيءَ جي مجبورين جون
اڄ وري تقديرون کلنديون
صديون جاڳيل سورين جون
ان ڪارج کي، جيڪو پوري انسانذات جي ڇوٽڪاري جو دليل آهي، سڏ ڪرڻ لاءِ، ’ڳڱ ڳڱاٽيل ڏيهه‘ ۾ جتي ’لڱ لڱ تي لوهه لپٽيل‘ آهي، بي مقصد نعريبازي ۽ سکڻي جذباتيت بدران وڏي سرت ۽ ساڃاهه کان ڪم وٺڻو هو:
ڄاڻ جا ٻاڻ سنڀاري ماڻهو
سنڀري نڪتا ڊاهڻ ڊوهه
اهڙن سڄاڻ ماڻهن لاءِ قمر مارو، چارڻ، راڻي، سانگي.... جا اهڃاڻ (Symbols) ڪتب ٿو آڻي:
اسين اهي ئي سانگي تنهنجا
اسين ئي سنڌو تنهنجي ڌارا
اسان ريءَ سنڌ اڌوري ڙي....
شاعريءَ تي جڏهن به پابنديون وڌيون ويون آهن، تڏهن اها ڀرپور سگهه سان اڀري آهي: لوڪ جڏهن به سڌي سنواٽي سچ سڻن کان نابري واري آهي، تڏهن شاعرن اهڃاڻن جو سهارو ورتو آهي ۽ ائين شاعريءَ ۾ گهرائي پيدا ٿي آهي - ۽ ائين ئي ان ۾ وقتي ۽ عارضي اثر جي جاءِ تي دائميت جو عنصر داخل ٿئي ٿو. قمر جي شاعريءَ ۾ به اسان کي اهو ئي گڻ فطري ۽ تخليقي سطح تي ملي ٿو؛ هن نه رڳو لوڪ ڪلاسيڪل اهڃاڻن کي نئين معنا ۾ ڪتب آندو آهي:
رڃن ۾ رڙ ٿي، ته ڪر ڪويل ڪوڪ
ولولو ۽ ووڪ، ايءَ تان آهه عشق جي
(شاه)
هيءُ ڪوڪ ته ڪسڻي ناهه ڪڏهن،
ڀل ڪوئل ڪوئي قيد ڪري
(با سندس ان ڏس ۾ ’ڪوئل‘ نظم)
بلڪه قمر پنهنجا منفرد اهڃاڻ به تخليق ڪيا آهن، منهنجي انهيءَ دعوا جي ثبوت لاءِ قمر جي مشهور اهڃاڻي نظر ”ڪارو بادل“ جو هڪڙو مثال ئي کوڙ ٿيندو. ”ڪارو بادل“، ”ڌرتي“، ”تيل“، ”پياسو ڪانگ“، ”ٻيڙي“، ”پوڙهو مالهي“، ”رڻ پٽ“، ”پاڻي“..... ان نظم ۾ قمر پنهنجي ليکي هڪ پوري ”اهڃاڻي ڪائنات“ تخليق ڪئي آهي. ۽ اهي سڀئي اَهڃاڻ هڪٻئي سان سلهاڙجي هڪ عجيب رد مڪ تسلسل جي انتها کي ڇهن ٿا. ۽ انهن مان ڪن جي مکيا اهڃاڻ طور چونڊ ڏاڍي ڏکي ٿي. منهنجي لاءِ. ۽ ان ڏس ۾ انهيءَ نظم جو خالق به اسان جو شايد ئي سونهون ٿي سگهي!
ڌرتيءَ مان اڄ تيل ڳڙيو آ،
شاخ شاخ ۾ تيل جي بو آ،
نديون نارا، ٻنيون ٻارا،
نهر نيارا، تيل ٿا ڳاڙن.
جديد دور جي Crisis لاءِ قمر ”تيل“ جو تز (Accurate) اهڃاڻ ڪتب ٿو آڻي. جتان ڪٿان تيل جو ڳاڙو آهي - ۽ ”پاڻي“ جيڪو جياپي جو اهڃاڻ آهي، ان جي بوند به ڪانهي. سنڌ ۾ تيل جو لڀڻ ۽ ان تي ڌارين جو قبضو – بين الاقوامي سطح تي تيل جي سياست – ڪالاباغ ڊئم اڏي سنڌ کي رڻ پٽ ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش.... انهيءَ سموري صورتحال جو قمر انتهائي گهرائيءَ سان مشاهدو ڪيو آهي ۽ ان مشاهدي کي ڏاڍي دردمنديءَ سان اکرن ۾ اکيليو آهي:
ريتيءَ جي رڻ پٽ ۾ ٻيڙي،
بيٺي آهي صدين کان،
سڙهه سمورا ڇيهون ڇيهون،
رڻ پٽ سارو ريهون ريهون.
چئن ڏسين رڃ، اُڃ ۽ سڃ آهي – پر ريهون ريهون رڻپٽ ۾ ڇيهون ڇيهون سڙهه سان به ٻيڙيءَ واري کي ونجهه ته هلائڻو ئي آهي! ڪوي به هڪ ناکئو آهي ۽ ان کي قلم سان ئي ڏاڍ جو سر قلم ڪرڻو آهي:
ڏاڍ سان ڏات رهي ته نه سگهندي.
نئين يگ جي ڪوتا جي اُڀ تان آس جو سج ڪڏهن به نه ٿو لهي:
اُڀ منجهان اڄ خون وٺو آهي،
آڪاسن تي ڪير ڪٺو آ.
۽ ائين نظم هاڪاري پڄاڻيءَ تي رسي ٿو. قمر جا اهڙا ڪيترائي اهڃاڻي نظم آهن، جيڪي اهڃاڻي شاعريءَ جي ڏس ۾ نهايت اهم آهن، جهڙوڪ ”هوشو شيدي“ ۽ شايد سنڌ جي تاريخ جي ان سورمي بابت پهريون مڪمل نظم پڻ آهي.
يقينن ترقي پسند دور کان پوءِ نئون يگ اچي ٿو – اڃا به هيئن کڻي چوان، ته نئون يگ ترقي پسند دور مان ئي ڦٽي نڪتو آهي ۽ ان دور جا سرواڻ سرجهاڻ به اهي ئي هئا، جن نئين يگ جو سرجڻ ڪيو؛ پر نئون يگ ترقي پسند دور کان ان ڪري مختلف ۽ اهم آهي، يگ جوان جي شاعريءَ ۾ ملير جي مٽيءَ جي مرڪ آهي – اوپرائپ بدران پنهنجائپ آهي. رڳو مقصد تي زور ڏيڻ بدران نئين يگ جي شاعريءَ ۾ ”مقصد ۽ فن“ جو حيرت انگيز سنگم آهي:
پلڪن تي آنسن جا موتي
شعلي تي شبنم جا ٽيرا
ڄڻ ڪا ليلان
نير وهائي، پاڻ ڀلائي، پڇتائي،
ڪونئرو آڏو بيٺي آهي
هار ڇني
داڻا ڦهلائي!
--
سچ جي خاطر
جو سوريءَ کي سينگار مڃي
مان سو عيسيٰ، مان سو هوشو
مان ئي راءِ ڏياچ!
اها اندر جي پيڙ آهي، جيڪا اڄ جي راڳيءَ سرن ۾ پلٽي ڇڏي آهي:
راڳي!
تنهنجي سُر ۾
ڪهڙي پيڙا جاڳي!
قمر به ٻاهر ڏسڻ بدران پنهنجي اندر ۾ ڏٺو / ڏيکاريو آهي؛ اُڇا ترائيءَ بدران گهراين کي ڇُهيو آهي ۽ ماڻهوءَ جي مهانتا کي ڳاتو آهي؛
هي گدلو گنگا جو پاڻي،
تنهنجي من کان اُجرو ناهي.
قمر نئين ڪلاسيڪل يگ جو اهو سرجڻهار آهي، جيڪو ”آڳ اکين ۾ راڳ چپن تي“ کڻي، اسان ۾ ”اجهل آئيندي“ جو اٽل وشواس جاڳائي ٿو:
آئيندي کي ڪنهن نه جهلو آ
اهڙو آئيندو، جنهن ۾ زنجيرن جا زنگ لهندا. سچ جي سوڀ ٿيندي. ڪوڙ جا ڪوٽ ڪرندا ۽ مارئي ملير موٽندي. ڏاڍ ڏهڪاءُ انڌ انياءُ جي پڄاڻي ٿيندي. قمر اهڙي ئي اجري آئيندي جي باک جي ساک ڏئي ٿو:
پنهنجي ئي پاڻي ۾ پلجي
ٻار وڌي ٻلوان ٿي ويندو
اوڀر کان جو باک ڦٽي آ
اجيارو ايوان ٿي ويندو
قمر جي شاعري کي پڙهندي، خود مون ۾ به نئين سنئين هڪ ڀيرو وري سنڌي ٻولي ۽ سڀيتا جي ڦهلاءَ ۽ ڦلار جي ڏس ۾ اٿاهه اُتساهه ڀرجي ويو آهي-
قمر جي شاعريءَ جا ٻيا به انيڪ گڻ آهن، جهڙوڪ اندروني ڪافين جو سٽ سٽاءُ، ٻوليءَ جو ميٺاج، تجربي جو ساهس، لوڪ.ڪلاسيڪل صنفن جو پنر جنم – خاص ڪري ”شڪارپور جي شام“ وارن لاڳيتن بيتن تي الڳ سان لکڻ پئي گهريم – يا قمر جو اتهاسڪ ۽ آفاقي رنگ.... پر اهو سڀ سنڌي شاعريءَ جي سڄاڻ پڙهندڙ تي ٿو ڇڏيان، ته هو پاڻ انهن گڻن جو کوج ڳولي لهي، پر ”شڪارپور جي شام“ مان هڪ بيت ضرور ڏيڻ چاهيندس:
سهڻا ماڻهو سنڌ جا، پاسي تي پهراڻ،
ڳالهيون ڳهيون جون، موتين جا ڄڻ ماڻَ،
سانجهي مهل سُڄاڻ، مڙي آيا مَچَ تي.
اڄ جڏهن سنڌي ٻولي، سڀيتا ۽ قوم لاءِ ڏينهون ڏينهن انيڪ نوان خطرا جنم وٺي رهيا آهن – سنڌي اديب توڙي عوام ڇڙوڇڙ آهن- شاعري سهل پسنديءَ ۽ فيشن پرستيءَ جو بک ٿي چڪي آهي – تڏهن قمر جي شاعر مومل جهڙي ماڳ ماڻڻ لاءِ جاکوڙڻ تي آڀاري ٿي. نئين يگ جي سرجڻهارن جيڪو ”نئين سنڌ“ اڏڻ جو سپنو ڏٺو هو، مان اُن کي ساڀيان ٿيندو پسي رهيو آهيان:
مون کان پوءِ ڪو مينڌرو، چانگي تي ايندو،
سورهيه ساري سنڌ جا، نيهي سڀ نيندو،
آخر اڏيندو، ٻيهر نئين سنڌ کي.
- امداد حسيني
1988-2-17ع
ڄام شورو – سنڌ