پنهنجي پاران
[/b]
هن مجموعي ۾ منهنجي شروعاتي دور کان وٺي اڄ تائين ڪيل شاعريءَ جا ڪجهه شعر شامل آهن. چُونڊ ڪرڻ نه مراد هئي ۽ نه وري ممڪن. ها، البت مختلف دورن ۽ ڪيفيتن جو اندازو پڙهندڙ مضمون توڙي عنوان مان بخوبي ڪري سگهندا. مون ڪچا ڦڪا شعر پڻ ڪن حالتن ۾ جيئن جو تيئن رهڻ ڏنا آهن، ڇو ته انهن کي پنهنجي سر نمائنده حيثيت حاصل آهي.
پنهنجي ڪهاڻين، ڊرامن ۽ مضمونن جيان شعر پڻ سنڀالي سهيڙي حفاظت سان رکي نه سگهيو آهيان، ان ڪري ڪيترائي ڄاتل سڃاتل اوهان کي هت نظر نه ايندا. ان لاءِ افسوس اٿم. اميد اٿم ته دلچسپي رکندڙ سڄڻ اهي ڪميون ايندڙ ايڊيشن ۾ پوريون ڪندا.
[b]_ قمر شهباز
[/b]20- آگسٽ، 1988ع
ڪراچي، سنڌ.
[b]ارپنا[/b]
پهرينءَ ئي ملاقات ۾ چيومانس:
مون کي منهنجي سمورين ڪوتاهين سميت
قبول ڪري سگهندينءَ؟
ڪنڌ جهڪائي، مُرڪي چيائين: ها!
اڄ
ورَهين پڄاڻا
جڏهين رڻِ جو ساڙيندڙ سفر طيءَ ڪري
پٺتي مُڙي
سالن جي ساٿ ڏانهن ڏسان ٿو
ته کيس پايان ٿو
ساڳئي ئي سٻاجهي، سُلڇڻي ۽ اڏول عورت.
هيءُ ڪتاب اُن عورت کي ارپيم
جا منهنجي پنهنجي آهي
۽ منهنجي ئي اوسيئڙي ۾
جيئندي رهي آهي!
[b] _ قمر شهباز
[/b]
٢٥- آگسٽ 1988ع
ڪراچي، سنڌ.
[b][/b]