شاعري

چنڊ رهين ٿو دور

”قمر شهباز جيڪو لکيو آهي، سو ڏات جي ڏيئن جي اُنهيءَ ”جوت مان جلندڙ جوت“ جو تسلسل آهي، جنهن جي پهچ امرتا کي اورانگهي ٿي. سندس شعر توڙي نثر، پنهنجي مورچي مان اُڇلايل آهي زهريلا ٻاڻ آهن، جن جو چُڀڪو هڪ طرف ويرين کي ويساهي نٿو ڏئي ته ٻئي طرف اُنهن جو تجلو پري پري تائين پکڙيل ساٿين جي ذهنن ۾ عزم ۽ اعتماد جو سوجهرو ڀريو ڇڏي.
”چنڊ رهين ٿو دور“، قمر جي شروع کان اڄ تائين ڪيل معياري شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو مٿي بيان ڪيل قومي سجاڳيءَ واريءَ تحريڪ جي پس منظر سان گڏ، سندس ذهني اوسر جو پيش منظر به ڏيکاري ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 2280
  • 942
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • قمر شھباز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چنڊ رهين ٿو دور

جلدي پار اُڪار

آواز: ناکئا، منهنجو نينهن، بيٺو پَرئين پار،
جلدي پار اُڪار.

دير نه ڪر تون دادلا، پنهنجو سَر تو سار،
اکڙيون هُو آسائتيون، ڏيندم هاءِ ميار،
جلدي پار اُڪار.

ڪورس: لهرن کي للڪار، ميان،
سائينءَ کي سنڀار، ميان،
جلدي پار اُڪار، ميان!

ناکئو: ٻيڙي وڌ م ٻار ۾، الههَ جي آڌار،
ميلو آ محبوب سان، مٺڙا، ڌيرج ڌار.

ڪورس: لهرن کي للڪار، ميان،
سائينءَ کي سنڀار، ميان،
جلدي پار اُڪار، ميان!

آواز: ناکئا، منهنجو نِينهن، بيٺو پَرئين پار،

جلدي پار اُڪار!