شاعري

چنڊ رهين ٿو دور

”قمر شهباز جيڪو لکيو آهي، سو ڏات جي ڏيئن جي اُنهيءَ ”جوت مان جلندڙ جوت“ جو تسلسل آهي، جنهن جي پهچ امرتا کي اورانگهي ٿي. سندس شعر توڙي نثر، پنهنجي مورچي مان اُڇلايل آهي زهريلا ٻاڻ آهن، جن جو چُڀڪو هڪ طرف ويرين کي ويساهي نٿو ڏئي ته ٻئي طرف اُنهن جو تجلو پري پري تائين پکڙيل ساٿين جي ذهنن ۾ عزم ۽ اعتماد جو سوجهرو ڀريو ڇڏي.
”چنڊ رهين ٿو دور“، قمر جي شروع کان اڄ تائين ڪيل معياري شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو مٿي بيان ڪيل قومي سجاڳيءَ واريءَ تحريڪ جي پس منظر سان گڏ، سندس ذهني اوسر جو پيش منظر به ڏيکاري ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 2280
  • 942
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • قمر شھباز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چنڊ رهين ٿو دور

قمر شهباز – هڪ آدرش

سنڌي ادب جي اُنهيءَ جُڳ جي ڳالهه ٿو ڪريان، جڏهن ١٩٥٥ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو ٽماهي رسالو ”مهراڻ“ وري نڪرڻ لڳو هو، ۽ ان جي پويان ١٩٥٦ع ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي مرڪزي تنظيم وجود ۾ آئي هئي. ورهاڱي کان پوءِ، اسان جي ادب ۾ انهن ٻن اهم واقعن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به اهڙو اهڃاڻ ڪونهي، جنهن سان سنڌ جي نئين سفر جي منزل متعين ٿي هجي.
”مهراڻ“ رسالي هند ۽ سنڌ جي مڙني اديبن کي نه رڳو لکڻ لاءِ اُڀاريو ۽ اُڀاريو،کين پنهنجين تخليقن جي پذيرائيءَ لاءِ شاندار ۽ شاهي ميدان مهيا ڪيو، اظهار جا طريقا ۽ معيار پيدا ڪري ڏنا ۽ فڪر ۽ خيال توڙي نظرئي ۽ اصول جا رخ ۽ لاڙا ڏيکاريا، بلڪ، سڀ کان وڌيڪ، سڀني همخيال ليکڪن کي هڪٻئي سان واقف ۽ ويجهو ڪيو. اڻسڌيءَ طرح، اهو هڪ اهڙو تنظيمي ڪم هو، جنهن کي سنڌي ادب جي دنيا ۾ تاريخساز ڪارنامي جي حيثيت حاصل رهندي.
ساڳئي وقت، ”سنڌي ادبي سنگت“ هڪ پاسي پنهنجين هفتيوار ادبي ڪچهرين وسيلي ادب جي اُپت توڙي اديبن جي فڪري ۽ نظرياتي تربيت جو ڪم ڪيو، ته ٻئي پاسي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي تنطيم ۽ ان جي هر هنڌ پکڙيل ڪارڪنن وسيلي سنڌ جي ادبي ۽ تعليمي، لساني، ۽ ثقافتي مسئلن کي عام ڪري، قومي سجاڳيءَ جو اُهو ماحول پيدا ڪيو، جيڪو ڪنهن به سماج جي اوسر ۽ حفاظت لاءِ ضروري ٿيندو آهي. ”سنگت“ ڪيترين ئي اهڙين آفتن کي پري هٽايو، جيڪي بنيادي طرح سنڌ جي قومي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ واريون هيون.

مون يارهن سال (١٩٥۴ع کان ١٩٦٦ع تائين) ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ملازمت ۾ رهي، بورڊ جي ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ لاءِ ڪم ڪيو. ايترو ئي عرصو، يارهن سال (١٩٥٦ع کان ١٩٦٦ع تائين)، مون ”سنڌي ادبي سنگت، سنڌ“ جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان ڪم ڪيو. انهن ٻنهي حيثيتن سان، سمورن ننڍن ۽ وڏن اديبن کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ ۽ سندن ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ کي پرکڻ جو موقعو مون کي اهڙيءَ ريت مليو جو هو اديب ۽ ڪارڪن جي تصوير منهنجي ذهن ۾ سنڌي ادب جي قومي سجاڳيءَ واريءَ تحريڪ جي هڪڙي حصي طور ٺهندي رهي. انهن مان ڪا تصوير چٽي ته ڪا اڻچٽي، ڪا سادي ته ڪا رنگين، ڪا وڻندڙ ته ڪا اڻوندڙ، ڪا رواجي ته ڪا شاهڪار، ڪا پوري ته ڪا اڻپوري، جيئن جو تيئن، منهنجين يادگيرين جي گئلريءَ ۾ محفوظ آهي.
قمر شهباز جي تصوير منهنجي ذهن جي تختيءَ تي هڪڙيءَ ٻيءَ تصوير سان گڏوگڏ چٽجڻ شروع ٿي. اُها تصوير هئي امر جليل جي. ٻيئي تصويرون هڪٻئي سان لاڳو، هڪٻئي سان ائين جڙيل، ڄڻ ته ڪو هڪڙوئي نقش هيون. قمر ۽ امر اڄ ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد جي ويڇي تي ويٺا آهن، پر منهنجي ذهن وارين سندن تصويرن جي وچ ۾ ڪابه وٿي ڪانه آئي آهي.
جديد سنڌي اديبن جي اصل ۽ وڏي ”سنڌي ادبي سنگت“ ته آهي ئي، پر ٻيون وري ٻن – ٽن، پنجن – ستن يا اٺن – ڏهن يارن جون ادبي سنگتون به رهيون آهن، جن جو ادب، ٻوليءَ ۽ ثقافت جي معاملن تي مخصوص اثر پئي رهيو آهي. اهڙا ٻِڪُنڊا، ٽِڪُنڊا، پنجڪنڊا يا اَٺڪنڊا ڪي گهڻا ته نه ٿيندا، پر پنهنجين خاص حيثيتن جي ڪري انهن جون مصلحتون ۽ مداخلتون، گڏيل مفاد ۽ مرضيون، هلنديون پڄنديون ۽ ذاتي پسند – ناپسند واريون ڳجهيون توڙي پڌريون، منفي توڙي مثبت سرگرميون، ادب ۽ اديبن جي مسئلن تي علحدا اثر رکنديون آيون آهن. انهن مان ڪي مفيد ته ڪي نقصانڪار، ڪي ”ڪلاسيڪل“ ته ڪي ”روايتي“ سنگتون آهن. ڪي ادب جي آيت لاءِ ڪوآپريٽو سوسائٽين جيان آهن ته ڪي وري مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي تڪيي ڪلام موجب ”زوراور“ قسم جون سنگتون آهن، جيڪي زوريءَ پنهنجي مرضي مڙهين ٿيون ۽ ناڪاري اديبن تي ناراضگيءَ جون ڪارروايون ڪن ٿيون. ماضيءَ ۾ ڪي اهڙيون سنگتون به ٺهيون آهن، جن مان ڪي ته پهرئين مرحلي ۾ صرف سنگت تائين محدود رهندي ئي منتشر ٿي ويون، پر ڪي وري ٻئي مرحلي ۾ پهچي، گڏيل مفادن يا مقصدن هيٺ، پڪيون ۽ پختيون بنجي ويون. اِنهن مڙني قسمن جي سنگتن جي تفصيلي سرگرمين ۽ ڪارڪردگين، مثبت يا منفي اثراندازين جو چٺو هڪ ڌار ڪتاب گهري ٿو، تنهنڪري هتي ڪن ٿورن مثالي ٻڪنڊن، ٽڪنڊن، وغيره، جي خالي نشاندهي ڪجي ٿي: ”نه نفعو – نه نقصان“ جي بنياد تي، يعني سواءِ اهو ٻڌائڻ جي ته اهي ڪهڙي قسم جي سنگت ۾ شامل چئجن.
ٽماهي ”مهراڻ“ واري زماني ۾، ڇهين ڏهاڪي کان سلسلو شروع ڪندي، جديد اديبن جو پهريون مثالي ٻڪنڊو غلام ربانيءَ ۽ ممتاز مرزاجو ملي ٿو، جنهن لاءِ محمد ابراهيم جويي صاحب چيو ته اهي two inseparables (ڌار نه ٿي سگهڻ جهڙا) آهن. ”بورڊ“ جي آفيس ۾ مشهور ٿي ويو هو ته ”ممتاز آيو، رباني ويو!“ ممتاز مرزا جو پوءِ جيڪو ٻڪنڊو شيخ محمد اسماعيل سان جُڙيو، سو غير معمولي ثابت ٿيو. پنهنجيءَ ٻڪنڊيءَ حيثيت کي ڌار قائم رکندي، شيخ ۽ مرزا جو وري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان بيحد بااثر ٽڪنڊو بڻيو، ۽ انهيءَ ٻڪنڊي ۽ ٽڪنڊي سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ ثقافت جي معاملن تي ڊگها ۽ اونها اثر وڌا آهن - ۽ اهي اڄ تائين جاري آهن.

ممتاز مرزا، ساڳئي وقت، ٻئي اهڙي طاقتور ٽڪنڊي جي هڪڙي ڪنڊ آهي، جنهن جون ٻيون ٻه ڪنڊون حميد آخوند ۽ ظفر ڪاظمي آهن. انهيءَ ٽڪنڊي جي پهچ سنڌ ۽ پاڪستان جي مٿانهن سرڪاري حلقن تائين هجڻ سان گڏ، وقت بوقت ان جون اُڏامون ٻاهرين ملڪن ڏانهن به رهن ٿيون. ادبي، لساني ۽ ثقافتي معاملن تي هن ٽڪنڊي جو عمل دخل غير معمولي آهي.
هڪڙو ٻيو تمام اهم ٽڪنڊو گهڻي عرصي کان سرگرم آهي، جنهن جي ڪنڊن تي محمد ابراهيم جويو، پروفيسر محمد عمر ميمڻ ۽ جمال رند بيٺل آهن.
شيخ اياز جو سکر وارو گهڻ – ڪنڊو هن وقت منتشر ٿي ويو آهي، پر اهو پنهنجي موجودگيءَ دوران ڪافي اهم هو، جنهن ۾ رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، فتاح ملڪ، شيام ڪمار، حسن حميدي، مظهر جميل، آفاق صديقي ۽ مقبول صديقيءَ پارا اديب شامل هئا. هن وقت شيخ اياز سان تاجل بيوس ۽ يوسف شاهين پنهنجا ٻڪنڊا ٺاهي بيٺا آهن.
مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي حياتيءَ ۾ هيٺين اديبن جون ڪنڊون ساڻس مليل هيون: تاج بلوچ، پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، جمال رند، غلام رباني، رشيد ڀٽي، حسين شاهه راشدي، زمان شاهه راشدي ۽ تنوير عباسي. انهن جا مولانا صاحب سان الڳ ٻڪنڊا، ٽڪنڊا يا چورس جوڙيل هئا.
ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ٻڪنڊا يا ٽڪنڊا ٿيا، جهڙوڪ جويي صاحب، مراد علي مرزا ۽ ع. ق. شيخ جو ٽڪنڊو؛ محمد عثمان ڏيپلائي ۽ شيخ علي محمد جو ٻڪنڊو؛ تنوير عباسي ۽ سردار علي شاهه جو ٻڪنڊو؛ حميد سنڌي، اشفاق قاضي، ناصر مورائي، جمال رند ۽ خواجه سليم جا تبديل ٿيندڙ ٻڪنڊا ۽ ٽڪنڊا؛ طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل جو مستقل ٻڪنڊو، وغيره. پر اهي ذاتي يا وقتي ڪمن تائين محدود رهيا.
مٿي صرف جديد اديبن جي ادبي سنگتن جو مختصر وچور ڏنو ويو آهي، ۽ رجعت پسند اديبن جي ٽولن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي جو اهي اسان جي موضوع کان خارج آهن، ۽ پڻ اهي پنهنجين ڪاررواين ۾ يڪمشت رهيا آهن.
اهڙو ئي هڪڙو ٻڪنڊو هو قمر شهباز ۽ امر جليل جو، جن وري گل محمد چنا سان گڏجي پنهنجو ڌار ٽڪنڊو ٺاهيو هو. انهن جي ”جاءِ واردات“ هئي نوابشاهه جو شهر، ۽ اهو زمانو هو ١٩٥٦- ٥۷ع کان پوءِ جو.

قمر ۽ امر جا نالا ته سڀني ادب – گهرن جي ڀتين تي لکيل آهن، پر گل محمد چنا جي ڪارنامن کي نئين ٽهيءَ جا گهڻا جوان ناواقف هوندا. مون کي جيئن ته قمر جي باري ۾ ئي خاص ڪري ٻڌائڻو آهي، تنهنڪري گل محمد چنا لاءِ رڳو ايترو چوندس ته هو ادبي ڪارڪنن لاءِ ”آدرشي حيثيت“ رکڻ وارو، هڪ خاموش ۽ عملي انسان آهي، جنهن ادب ۽ ٻوليءَ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي. آءٌ ضرور ڪڏهن هن بابت الڳ لکندس.
قمر، امر ۽ گل جي هن ٽڪنڊي جي هرڪا ڪنڊ بيحد وزندار آهي، جتي هر ڪنهن پنهنجي انفرادي حيثيت ۾ يا گڏيل نموني بهترين مثال پيدا ڪيا آهن.
قمر ۽ امر جي ٻڪنڊي ۾، قمر جو رڳو اهو احسان ئي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تي ڪافي آهي جو هن امر جليل جهڙو اعليٰ ليکڪ پيدا ڪيو. هونئن ته قمر شهباز گهڻن لاءِ اُتساهه جو ڪارڻ رهيو آهي ۽ هن ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا آهن، پر امر جليل سندس ”شاهڪار تخليق“ آهي. قاضي عبدالجليل جي لاءِ قمرالدين ٻُگهئي جي شخصيت ۾ ايڏو ته زوردار آدرش هو جو نه رڳو هن قمر جيان پاڻ کي ليکڪ بنائڻ جي سَڌ ڪئي ۽ ان لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪئي، بلڪه پنهنجو نالو به ”قمر“ جي نالي سان ٺهڪائڻ لاءِ ”امر“ رکي ڇڏيو. اڄ هو خود جديد اديبن لاءِ آدرش بڻجي ويو آهي. قمر، امر ۽ گل جي آدرشي ٽڪنڊي جو هرڪو فرد جڏهن سنڌي ادب جي دنيا ۾ آدرش آهي، تڏهن هڪ وڏي ”ميورل“ مان قمر شهباز جو ڪو ”ڊيٽيل“ پيش ڪرڻ جان تان ڏکيو پيو ڀانيان. اهو ئي، ”مهراڻ“ ۽ ”سنگت“ جو دور هو. ڏاڍو عجيب، ڏاڍو دلچسپ دور هو. سنڌي ادب جي دنيا ۾،اهو ساڳئي ئي وقت اتفاق ۽ اختلاف جو دور هو. اهو ڳانڍاپن جو، دلبرين ۽ دلربائين جو دور به هو ته نفرتن جو، بغض ۽ حسد جو دور به هو، اهو جذبي ۽ احساس جي هڪجهڙائيءَ جو دور هو، ته دل ۽دماغ جي دوئيءَ جو دور به هو. اُهو دودي ۽ دريا خان، هوشوءَ ۽ هيمونءَ، شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول جي پيغام کي عام ڪرڻ جو دور هو، ته عربن ۽ مغلن، ارغونن ۽ ترخانن جي وارثن پاران محب وطنن خلاف فتنن ۽ فتوائن جو دور به هو: جڏهن اونداهي روشنيءَ تي راتاها هڻي رهي هئي ۽ ڪوڙ سچ جا ڪپڙا چورائي ورتا هئا: جڏهن ڏينهن ۽ رات ۾ ڪابه وٿي ڪانه هئي، ۽ بک ۽ ڍؤ ۾ ڪو به فرق ڪو نه هو: جڏهن ريل ۽ جيل جي اڏاوت هڪجهڙي هئي، ۽ ”خدائي فوجدار“ سمجهه ۽ ساڃهه جي صاحبن کي شهه رڳ کان به ويجها ٿي هلي رهيا هئا: جڏهن پنهنجا ئي پنهنجن تي چغلخور هئا، ۽ ڌارين کي لَڙ ۾ مزو اچي رهيو هو.... تڏهن سنڌ جا سجاڳ اديب وقت جي مها ڀارت واري انوکي لڙائي لڙي رهيا هئا. منجهانئن ڪي ارجن ته ڪي ڪرشن بنجي روشنيءَ جي رٿ تي سوار، نئين دور جي ڏاهپ وارين ڪمانين مان، ڪوڙ جي ڪمينگاهن تي سچ جي باهه سان ڀڙڪندڙ تير تڇي رهيا هئا.
ڌرتيءَ جي اِنهيءَ پوتر ”ڌرم يُڌ“ دوران، مٽيءَ جي خمير مان وارياسي پٽ تي پلر جي پالوٽ سان پاڻمرادو ڦُٽي پوندڙ کُنڀين جيان، باضمير اديبن، شاعرن ۽ ڪارڪنن جا ڪٽڪ، ”روح رهاڻ“ ۽ ”سهڻيءَ“ جي سانباهي سان، سڄيءَ سنڌ ۾ ڏات جا مچ مچائيندا، ڪوڙ ڪپت جي رات کي مات ڏيڻ لاءِ، ميدان تي نڪري آيا هئا، جن جي فڪر ۽ فن جي ڪؤنتلن جي جولانيءَ اهڙا طوفان اُٿاريا جو اڳلن جا وڏا وڏا پهلوان ڌڌڙ ۾ دسجي، فرار جي راهه وڃائي ويٺا ۽ هميشه لاءِ تاريخ جي گمناميءَ واري قيد خاني ۾ بند ٿي ويا!
جن به سچ جي ساکي سورمن پنهنجي وقت جي اِنهيءَ مهان يُڌ ۾ پاڻ موکيو، تن جي ڏات جي ڏيئن جي ”جوت مان جلندڙ جوت“ جو سلسلو تاريخ جي انت زمانن تائين پهچندو رهندو.

قمر شهباز، اُنهيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي پيداوار هجڻ سان گڏ، تڏهن کان ئي سچارن جي سئنا جا هڪڙو اهڙو سئناپتي رهندو اچي، جيڪو اڄ تائين پنهنجي مورچي تي اٽل آهي، ۽ جنهن انهيءَ سموري عرصي دوارن پنهنجي قلم جي تلوار کي ڪڏهن به مياڻ ۾ نه رکيو آهي. هن جيڪو لکيو آهي، سو ڏات جي ڏيئن جي اُنهيءَ ”جوت مان جلندڙ جوت“ جو تسلسل آهي، جنهن جي پهچ امرتا کي اورانگهي ٿي. سندس شعر توڙي نثر، پنهنجي مورچي مان اُڇلايل آهي زهريلا ٻاڻ آهن، جن جو چُڀڪو هڪ طرف ويرين کي ويساهي نٿو ڏئي ته ٻئي طرف اُنهن جو تجلو پري پري تائين پکڙيل ساٿين جي ذهنن ۾ عزم ۽ اعتماد جو سوجهرو ڀريو ڇڏي.
”چنڊ رهين ٿو دور“، قمر جي شروع کان اڄ تائين ڪيل معياري شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو مٿي بيان ڪيل قومي سجاڳيءَ واريءَ تحريڪ جي پس منظر سان گڏ، سندس ذهني اوسر جو پيش منظر به ڏيکاري ٿو.
هن مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جن ۾ موضوع ۽ انداز جي گونا گوني ۽ انفراديت موجود آهي. موضوع ۽ انداز جو انتخاب هن هر صنف جي مزاج ۽ گهرج آهر ڪيو آهي، تنهن هوندي به سندس طبعيت جي اندروني ڪيفيتن اهڙو وجداني ماحول پيدا ڪيو آهي جو اڪثر ڪري سندس گيت، غزل ۽ وائيءَ ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿيو پوي. ٻوليءَ، انداز ۽ بيان جي طريقي ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڪو اهڙو مرحلو سامهون اچي ته اهو سندس تخيلقي عمل ۾ گمشدگيءَ جو نتيجو سمجهڻ کپي. مون کي سندس ڪلام کي مرتب ڪرڻ ۾ اهڙي ئي دشواري پيش آئي - ۽ ائين چئي، آءٌ قمر جي ياري ۾ نه پر پنهنجي باري ۾ ڪنهن اختلافي راءِ جو بچاءُ ڳولي رهيو آهيان. هونئن، منهنجي خيال ۾، اهو جديد شاعريءَ جو ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٻوليءَ، ماحول ۽ مزاج کي ڇند، موسيقيءَ ۽ عروض جي ماپن سان ملائڻ جو سهڻو تجربو آهي.
ها، هڪڙو اهڙو ئي ٻيو بچاءُ – سو به پنهنجي لاءِ – آءٌ اِهو ڳوليندس ته متان ڪنهن علم عروض جي وڏي ماهر کي ڪٿي ڪٿي – خاص ڪري ڪن آزاد نظمن ۾ - وزن جي وٿي نظر اچي وڃي، ته اِن لاءِ ترتيب وقت مون پنهنجي ذهن ۾ اهو جواز رکيو آهي ته قمر فلم، ٽي وي ۽ ريڊئي جي عادتن هيٺ موسيقيءَ جي ذهن جو ماڻهو آهي، تنهنڪري اِهي وٿيون سُر ۽ ساز سان ڀرجڻ جوڳيون آهن.
قمر ڪيوپڊ جي نازڪ تيرڙن جو شڪار رهيو آهي، سو ته سندس منهن مهانڊي، هڏ هاٺيءَ مان عالم آشڪار آهي. سندس، غزل، گيت ۽ وايون، مٿس ئي شاهد آهن. پر انهن شاهدن وسيلي ئي سندس معيار ۽ ظرف جو به پتو پوي ٿو، ۽ ڏسجي ٿو ته هن ڪٿي به پنهنجي شاعريءَ ۾ نه محبوب کي بيحجاب ڪيو آهي ۽ نه پاڻ کي اُٻهرو. سندس اڪثر غزل، گيت ۽ وايون عشق ۽ انقلاب جو ميل، ذاتي جذبن ۾ اجتماعي احساسن جو سنگم آهن، تنهنڪري انهن ۾ سونهن جي سچائي ۽ سچائيءَ جي سونهن هڪٻئي ۾ سمائجي ويل آهن.
قمر جا سمورا طويل نظم انوکا تجرباتي شاهڪار آهن، جن ۾ خيال ۽ فڪر جا ڇرڪائيندڙ اولڙا ۽ پرجوش انداز جون چڻنگون نظر اچين ٿيون. ”ڪارو بادل،“ چؤ واٽو.“ ”سجاڳي،“ ”هوشو شيدي،“ ”ٿوهر جو، سج جو رشتو،“ ”نئين ڪوئل“ ۽ ڪي ٻيا نظم پڙهندڙ جي ذهن کي اثرائتي ٿيڙ ڏياريندڙ آهن.
بيت هجن يا دوها، وائي هجي يا گيت، غزل هجي يا نظم – قمر جي شخصيت هر صنف مان ليئا پائيندي پسجي ٿي. تڏهن به، ڌرتيءَ جي ڏک سندس ذاتي پيڙا سان گڏجي، سندس دل ۾ درد جا اُهي اُڌما اُتپن ڪيا آهن، جيڪي ٻاهر نڪرڻ لاءِ آتا هوندي به ماحول جي ٻوسٽ ۾ ماندا ۽ مجبور محسوس ٿين ٿا. سندس سموري شاعري، اِن ڪري، دراصل سندس سموري شاعري نه آهي.

شاعر عام ماڻهن جي عام جذبن جو ترجمان هوندو آهي، عام ماڻهو وري پنهنجن جذبن جو اظهار شاعر جي زبان سان ڪندا آهن. شاعر جڏهن بيحد سهڻن، بيحد مختصر ۽ بيحد تز لفظن ۾ روز مرهه جي معاملن کي بيحد بيساختگيءَ سان بيان ڪندو آهي، تڏهن اهڙن شعرن ۾ اها خوبي پيدا ٿي ويندي آهي جو ماڻهو انهن کي روزمرهه جي گفتگو ۾ پنهنجي مطلب ۽ مدعا طور ورجائيندا آهن. قمر جي شاعريءَ ۾ اِها خوبي تمام گهڻي آهي، جنهن جي مثال لاءِ سندس رڳو ڪن غزلن جون پهريون تڪون پيش ڪجن ٿيون:

- اچو ته پنهنجي ئي پاڇي کي سنگسار ڪريون.
- مورَ هٺيلو تنهنجو موهه، نٽهڻ اُس
جو ڪهڙو ڏوهه.

- خدا ڄاڻي تنهنجين نگاهن ۾ ڇا هو.
- لوڪ ڏٺي يَرَ ڪانه لٿي، ازلي منهنجي اُڃ.
- وڃين ٿي ته وڃ، پر وساري نه ڇڏجان.
- سوريءَ جو سينگار مليو، هئه ڙي ڏاهپ
¬تنهنجا ڏنگ.

- چانڊوڪيءَ کي چاهي ڏس، سر تان سانگو
لاهي ڏس.

اِهاخوبي قمر جي سموريءَ شاعريءَ ۾ هنڌ هنڌ تي پکڙيل ڏسبي. ائين چوڻ سان ڪنهن به شاعر جي نفي نٿي ٿئي، ۽ هر دور ۾ اِنهيءَ خوبيءَ سان سنواريل شاعرن جو خاصو تعداد موجود رهيو آهي، پر قمر جي شاعريءَ ۾ جيڪڏهن اِها خوبي موجود آهي ته اُها بيشڪ کيس عام ماڻهن جي عام جذبن جو ترجمان ثابت ڪري ٿي.
مون کي اِها عادت ڪانهي – الائي ڇو، جيئن اڪثر مهاڳڪارن ۾ ٿيندي آهي – ته هر ڪنهن پنجينءَ سٽ کان پوءِ لکجي ته ”ڀلا ڏسو، هي شعر ڪهڙو نه سهڻو آهي،“ ”ڀلا ڏسو ته هيءَ تشبيهه ڪهڙي نه سهڻي آهي،“ ”ڀلا ڏسو ته هن شعر ۾ شاعر ڪهڙي نه سهڻي نموني فلاڻو خيال پيش ڪيو آهي،“ وغيره. انهيءَ ڪري، آءٌ قمر جي باري ۾ به اِهو ”اچ ته تنهنجيءَ اوٽ“ وارو طريقو اختيار نه پيو ڪريان، نه ته سندس ڪلام ۾ هر هنڌ ايتريون خوبيون پکڙيل آهن جو هي مهاڳ – جيڪڏهن ان کي مهاڳ چئجي ته – الائي ڪيتري ڊيگهه وٺي وڃي. انهيءَ ڪري آءٌ چاهيان ٿو ته پڙهندڙن کي عرض ڪريان ته هو سندس ڪلام جي هن مجموعي کي مجموعي طرح اُنهيءَ وڏيءَ ويڙهه جي پس منظر ۾ پڙهن، جنهن جي نتيجن کي اڳڀرو ڪرڻ لاءِ هو اڄ تائين اڳرو آهي.
مٿي مون شروع ۾ چيو آهي ته قمر شهباز جي تصوير منهنجي ذهن ۾، امر جليل جي تصوير سان گڏ، جديد اديبن جي قومي سجاڳيءَ واريءَ تحريڪ جي حصي طور جڙڻ شروع ڪيو هو.
اُهو ئي، جديد اديبن جي انوکن ڪارنامن جو دور هو. ڪنهن هڪڙيءَ گرم منجهند جو، قمر ۽ امر مون وٽ حيدرآباد جي تلڪ چاڙهيءَ تي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ”مهراڻ“ رسالي واريءَ آفيس ۾ آيا هئا. ٻيا به اديب، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ايندا ٿي رهيا – ڪي ڪَچا ڪي پڪا ڪي سچا ڪي ڏچا. پر هنن يارن جي ٽور ئي ٻي هئي. ٻئي کلڻا، ٻئي رلڻا ملڻا. جواڻي هين – شوخيءَ ۽ شرارت جو ميل هئا. مون کان ته الائي متاثر هئا يا نه هئا، پر سمجهيم ته مون کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائون. جڏهن آءٌ رب جي رضا سان کانئن متاثر ٿي ويس ته ٻڌايائون: رٽز هوٽل ۾ رهيل آهيون، اچو ته شام جي چانهه گڏجي پيئنداسين. تڏهن هيروئن جي سمگلرن جو ڊپ ڪونه هو، سو آءٌ شام جو وٽن رٽز هوٽل ۾ اڪيلو پهچي ويس. هونئن به، ليکڪن جي حيثيت سان هو ”مهراڻ“ ۾ اڳي ئي ڇپجي چڪا هئا، تنهنڪري وتن راهداري موجود هئي.
رٽز هوٽل ۾ ڪرايي تي ورتل سندن ڪمرو صفا ڇت تي، سيمنٽ جي چادرن واريءَ ڇت سان ٺهيل، بئريڪ جهڙو ”سرپلس“ ڪمرو هو، جيڪو هيٺ ٻين سڀني ڪمرن جي ڀرجي وڃڻ واريءَ حالت ۾ ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندو هوندو.
اسان هيڪر گڏجي چانهه پيتي، ۽ وري جڏهن ڇت جي پڌر تي پاڇا لڙيا ته ڪرسيون ٻاهر ڇڪي، ٻيهر ويهي چانهه پيتيسين. هوٽل جي ڇت مٿان اِهو اڪيلو ”او. ايس. ڊي.“ ڪمرو هو، تنهنڪري ڪوبه آيو ويو ڪونه ٿي. بيري به اسان کي ڊگهيون ڳالهيون ڪندي ڏسي ڇڏيو هو. اهو سمورو وقت شعر ۽ ادب تي، سنڌ جي حالتن تي، ”سنڌي ادبي سنگت“ ۽ ٻين ادارن تي ڳالهه ٻولهه هلندي رهي. هو ڏاڍا پرجوش هئا، ته پُراُميد ۽ مخلص به. پهرين جو آءٌ رڳو رب جي رضا سان هنن کان متاثر ٿيو هوس، سو هاڻي سندن اهليتون ۽ اُٿڪون ڏسي سچ پچ متاثر ٿي ويس. دل ۾ چيم، سچل جي لطيف بابت چيل گفتن جيان،. هي يار الائي ڪهڙين ڪهڙين دميل ديڳين جا ڍڪڻ لاهيندا.

اِهو پهريون رنگ هو، جيڪو منهنجي ذهن ۾ قمر ۽ امر واريءَ گڏيل تصوير تي چڙهيو. تنهن کان پوءِ به ڪي ڀيرا هي يار حيدرآباد آيا، رٽز هوٽل ۾ رهيا، مون وٽ ”مهراڻ“ جي آفيس ۾ آيا، آءٌ هنن وٽ چانهه پيئڻ ويس، هنن ”مهراڻ“ لاءِ لکيو، پاڻ موکيو، ۽ جديد ليکڪن ۾ نالو پيدا ڪيو. تنهن کان پوءِ ڏاڍي ياري ٿي، ۽ تڏهن کان سندن تصوير تي انڊلٺ جا ست ئي رنگ طرح طرح جا چٽ چٽيندا رهيا آهن.
نوابشاهه ۾ هنن جيڪي تحريرون ۽ تخليقي وارداتون ڪيون، تن قومي سجاڳيءَ واريءَ هلچل کي خاصي هٿي ڏني. ”سنڌي ادبي سنگت“ جي سرگرمين ۾ هو شامل رهيا، ۽ ون يونٽ خلاف هنن لکيو ۽ پرچار ڪيو. گل ۽ قمر گڏجي ماهوار رسالو ”ادا“ ڪڍيو، جيڪو بهرحال اڳتي هلي نه سگهيو.
امر شروع ۾ شاعري به ڪئي، پر هو شيڪسپيئر نه ٿي سگهيو ۽ هيمنگوي بنجي ويو. هن ڪهاڻيون ۽ مڪالما لکيا، ڪن فلمن جا ڊائلاگ ۽ ٽيليويزن جا ڪجهه ڊراما لکيا - ۽ ”ماهر تعليم“ بنجي ويو.
قمر شعر ۽ نثر جي سڀني صنفن ۾ ”هر فن مولا“ بنجي ويو، ۽ بيوروڪريٽ ٿي ويو. هن شاعريءَ سان گڏ ڊراما ۽ ڪهاڻيون به لکيون ته اداڪاري ۽ صداڪاري به ڪئي. هن اشتهاري ”سلوگن“ ۽ ”جينگل“ به لکيا ته دستاويزي فلمن جي اسڪرپٽن سان گڏ فيچر فلمن جون ڪهاڻيون به لکيون. هن ريڊئي لاءِ ڊراما، فيچر، گيت، خاڪا ۽ ڪامينٽريون لکيون ته ٽيليويزن لاءِ ڊراما، گيت ۽ خاڪا به لکيا، هن اسٽيج لاءِ ناٽڪ به لکيا ته هدايتڪاريءَ جو ڪم به ڪيو. هن سنجيديون شيون به لکيون ته مزاحي به. هي واحد سنڌي ليکڪ آهي، جنهن لکڻ جي سمورن شعبن ۾ پنهنجين غير معمولي پيشور ۽ تخليقي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي، مڙني پاسن جي گهرجن کي ڀرتي ڏني آهي. تنهن هوندي به، ”جئڪ آف آل، ماسٽر آف نن“ جو مثال ساڻس لاڳو نٿو ٿئي. هو ”ماسٽر آف آل“ آهي، ۽ سڀني شعبن ۾ کيس هڪجهڙي دسترس حاصل آهي. هو هر وقت حاضر دماغ ۽ لکڻ لاءِ تيار حالت ۾ رهي ٿو، تنهنڪري ”آرڊر“ جو مال ڪنهن به وقت، ڪيتري به مقدار ۾، ڪهڙي به وڙ ۾ وٽانئس ملي سگهي ٿو. وٽس هڪ اهڙو ادبي جنرل اسٽور آهي، جتي ننڍي کان ننڍيون ۽ وڏي کان وڏيون شيون، پئڪ ٿيل، ليبل لڳل، قيمت لکيل، شوڪيسن ۾ سجايل آهن. يا وري هو ڪو حڪيم يا پساري آهي، جنهن وٽ هر قسم جو وکر – جڙيون ٻوٽيون ۽ سفوف، ڦڪيون ۽ حَب، شربت ۽ معجونون، ڪک ۽ ڪُشتا، خانن ۽ دٻلين ۾، شيشن ۽ برڻين ۾، وڏي مقدار ۾ موجود آهن. پيٽ جو سور، مٿي جو سور، مدي جو تپ، مليريا جو تپ، وائي بادي، کنگهه، زڪام، مطلب ته جنهن به درد جي دوا کپي، ”هوالشافي دواخاني“ تي روئندو اچ ۽ کلندو وڃ!
قمر شهباز کي انهيءَ ڪري، ڪن ادبي حڪيمن، پسارين ۽ جنرل اسٽور وارن، پيشيور حسد جي ڪري، ”ڪمرشل باز“ ڪري مشهور ڪيو. پنهنجي ليکي هنن شايد قمر تي چٿر ڪرڻ ٿي گهري پر کين ڪڏهن به سمجهه ۾ نه ايندو ته هنن هڪ اهڙي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا قمر کي سڄيءَ سنڌ ۾ منفرد اهليت وارو ثابت ڪري ٿي.
گهڻيءَ جاکوڙ کان پوءِ سنڌيءَ جي جديد ليکڪن جڏهن پنهنجين اخبارن ۽ رسالن کان معاوضي جي وصوليءَ وارو مطالبو منظور ڪرايو هو ته اها اميد پيدا ٿي هئي ته پيشيور لکت کي هٿي ايندي. پر ائين ٿي نه سگهيو: گهڻا پراڻا ليکڪ ويهجي ويا ته گهڻا نوان ليکڪ شوق جي پويان ذوق وڃائي ويٺا. اڄ هيءَ حقيقت هر ڪو سمجهي ٿو ته سنڌيءَ ۾ پيشيور ليکڪن جي اڻهوند آهي ۽ جيستائين هر شعبي ۾ اسان وٽ پيشيور ليکڪن جو خاصو تعداد موجود نه ٿيندو، سنڌي ادب ۽ اديبن جي صورتحال ۾ سڌارو نه ايندو. سنڌ ۾ قمر شهباز واحد ليکڪ آهي، جنهن سنڌي ليکڪن لاءِ ائين سوچيندي پاڻ کي ان لاءِ مثال بڻايو آهي.
ايترين ڳالهين هوندي به، قمر جي صلاحيتن جو فائدو هن وقت ادب ۽ ميڊيا جي ڪي اهم ادارا حاصل نه ڪري رهيا آهن، جن اڳي کيس اکين ۾ جايون ٿي ڏنيون ۽ هينئر به سندس تخليقي سگهه کان انڪار نه ٿا ڪري سگهن. ان جو سبب چون ٿا ته ڪي گمنام، ڪي بينام اثر آهن، ۽ انهن جو سبب ڪي چون ٿا ته پَرين جو پاڇو آهي، ڪي چون ٿا ته لڳت يا نظر جو حساب آهي، ته ڪن جو وري خيال آهي ته قمر نماشام جي مهل سائو وڻ پٽيو آهي يا پڪ ئي پڪ چانڊوڪيءَ رات جو قبرستان ۾ شاعري ڪرڻ ويو آهي! ڪن ٿورن جو اندازو آهي ته سندس پيٽ ۾ پڙهيا وڌا ويا آهن، کيس آگلن جي اوبر کارائي وئي آهي، پليتا پياريا ويا آهن، يا وري سندس بوتو پوريو ويو آهي، جنهن جي دل ۾ ٻاٻرو ڪنڊو چڀويو ويو آهي - ۽ انهيءَ ڪري سندس دل جو درد سوايو ٿي ويو آهي. مطلب ته جيڏو ڳوٺ، اوتريون ڳالهيون. گمنام ۽ بينام اثرن جو اصل سبب ته ڌر ڌڻي پاڻ ڄاڻن يا رب پاڪ ئي ڄاڻي – والله اعلم بالصواب. پر مون اديبن ۽ ادبي ادارن بابت گذريل ٽيهارو سالن کان وڌيڪ عرصي دوران مٿي بيان ڪيل ٻڪنڊن، ٽڪنڊن، چونڪڙين وغيره جي اثر اندازيءَ جو جيڪو مشاهدو ڪيو آهي، تنهن موجب چئي سگهان ٿو ته قمر انهن مان ئي ڪنهن جي نظر جو نشانو بڻجي ويو آهي. ان جي ثابتيءَ سان نشاندهي ڪرڻ اِن ڪري مشڪل آهي جو اهي اثر گمنام ۽ بينام ٿين ٿا – ائين، جيئن سي. آئي. اي. جون سرگرميون. اديبن جي وڏين تنظيمن جي مجموعي رخ اڳيان مداخلتن جا ڪيئن مثال آهن، جن جو مطالعو سنڌي ادب جي تاريخ جو انتهائي اهم باب آهي.
بهرحال، جيڪڏهن ائين ئي آهي، ته پوءِ منهنجو به هڪڙو پلاند قمر ڏانهن رهيل آهي – جنهن کي چُڪائڻ لاءِ مون کي هينئر ئي بهتر موقعو نظر آيو آهي.
آءٌ ١٩٦٦ع کان پاڪستان سرڪار جي سڌ- سماءَ کاتي پاران ڇپجندڙ سنڌي رسالي ”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر هوس. ١٩۷۴ع ۾، قمر شهباز مون کي اتان استعفا ڏيارائي، پاڻ وٽ پاڪستان سرڪار جي مواصلاتي کاتي ۾ هڪڙي نئين جوڙيل اداري ۾ آندو، جتي هو پاڻ تازو مقرر ٿيو هو. اتي هو وڏو هو، ۽ آءٌ ننڍو هوس، پر هلت ۾ هڪجهڙائي هئي. هن وٽ مون لاءِ هزار عزتون هيون، پر قضائي الاهيءَ سان اسان جو وزير ممتاز ڀٽو صاحب هو، جيڪو تمام ڪڙڪ ۽ کڙڪ هو. اسان وزارت لاءِ هڪڙو انگريزي ماهوار رسالو ڪڍيو ٿي، ۽ مختلف شعبن لاءِ فلمون ٺاهيون ٿي. ٻيا به گهڻائي آسپاس جا ڪم ڪار هئا. رسالي جو ڪم سمورو ئي منهنجي حوالي هو.
رسالو بين الاقوامي معيار تي ڪڍڻو هو، تنهنڪري ان لاءِ ڇپائيءَ جا مختلف تجربا ڪيا پئي ويا. ادارو ئي نئون هو، ته اسٽاف کي به ڪافي مشق جي ضرورت هئي. انهيءَ ڪري منهنجي موجودگي گهڻي ۾ گهڻي ضروري هئي - ۽ انهيءَ ڪري مون کي هر روز صبح جو اچي، شام گهڻيءَ دير تائين، بلڪه اڪثر ڪري رات جو گهڻيءَ دير تائين، رسالي جي پروف ريڊنگ، ڊزائيننگ، آرٽ ورڪ، لي آئوٽ، پيسٽنگ، وغيره جي ڪم سان آفيس ۾ رهڻو پوندو هو، ۽ پاڻ سان گهربل ماڻهن کي به روڪڻو پوندو هو.
هڪڙي ڀيري قمر صاحب مون کي چيو ته وڃي سرڪاري خرچ تي فيمليءَ سان فارين جو چڪر هڻي اچ، يا آفيس جي ڊيوٽيءَ جو ڪو ڪم ڪڍون ٿا، وڃي اڪيلو ئي دنيا ڏسي اچ. اها سندس ڪمال. مهرباني هئي؛ پر جيڪا ڪم جي صورتحال هئي، تنهن موجب مون چيو ته جيستائين ڪم مون کي سواءِ هلي سگهي ۽ ان جو سمورو بار اوهان تي نه پوي، تيستائين وڃڻ مناسب ڪونهي: نينگر ننڍي، جمعا گهڻا، ڪڏهن به وڃي دنيا جو ديدار ڪري ايندس. ڪم جو اهو عشق هو.
پوءِ هڪڙي ڏينهن قضائي الاهيءَ سان هيئن ٿيو جو ممتاز صاحب، وزير صاحب، جي فون قمر صاحب کي آئي ته مون کي فلاڻيءَ تاريخ تي رسالو کپي!، کيس فلاڻي سان ملڻو هو، يا فلاڻي هنڌ وڃڻو هو.)
رسالو پنهنجي دستوري نموني تيار ٿي رهيو هو، ۽ مقرر تاريخن تي مقرر ڪم ٿيڻو هو. وزير صاحب جي خواهش گهڻو آڳائتي هئي، پر قمر صاحب جيڪا ”ييس سر“ چئي هام هنئي هئي، تنهن جو نزلو مون تي ئي ڪِرڻو هو. هن زباني پنهنجو مسئلو بيان ڪيو، ۽ مون آفيس ۾ پنهنجو وقت صبح کان آڌيءَ رات تائين وڌائي ڇڏيو. گهربل ماڻهو به قابو هئا. پر مهيني جو ڪم پندرهن ڏينهن ۾، يا پندرهن ڏينهن جو ڪم پنجن ڏينهن ۾ ٿي نٿو سگهي، سا ڳالهه وزير صاحب کي سمجهائجي ها ته شايد سمجهه ۾ اچي وڃي ها، پر قمر صاحب کي ڌيان ۾ ڪانه آئي. جنهن وزير صاحب سان پَڪي ڪري ڇڏي هئي.
آرٽسٽ ۽ پيسٽر کي پاڻ سان گڏ ويهاريندي. آخري رات ائين گذري جو آءٌ صبح جو آيل، ٻئي ڏينهن صبح جو گهر ويس. پرچو پوءِ به ڪو هڪ اڌ ڏينهن دير سان ئي شايع ٿي سگهيو هو.
قمر صاحب ان وچ ۾ هڪڙو ڊٻنامو جاري فرمايو، جنهن ۾ رسالو جي دير بابت لکيل هو. وزير صاحب جي فرمان مبارڪ جو حوالو هو، ۽ مون کي ٻين مڙني انتظامي جوابدارين کان آجي ڪرڻ جا ارشاد هئا. (اهو ليٽر شريف مون وٽ موجود ۽ سلامت آهي.)
پر قمر جيڪو منهنجي ڪتاب ”ڪاڪ محل“ تي مهاڳ لکيو، تنهن ۾ اصل حقيقت کي وساري، هو منهنجي تعريف ڪندي ئي ائين لکي ويو آهي ته مون آفيس مان گسائڻ شروع ڪيو هو – حالانڪ آفيس جي گاڏي وقت کان اڳ پهچي ويندي هئي؛ ۽ لساني هنگامن توڙي ضيا واري مارشل لا ۽ ڀٽي صاحب جي نظربنديءَ دوران به آءٌ پنهنجي ڪم تي رهيس. ان جو ثبوت انهن واقعن دوران نڪتل رسالا آهن.
پر جيڪا اهم ڳالهه آهي، سا هيءَ ته جڏهن قمر صاحب وارو دٻنامو مون کي وصول ٿيو - ۽ ان وقت آءٌ سندس ڀرواري ئي ڪمري ۾ رسالي جي پيسٽنگ واري ڪم ۾ مصروف هوس – ته مون فيصلو ڪيو ته آءٌ تيستائين وٽس روبرو نه ويندس، جيستائين پنهنجو ڪم ختم نه ڪندس. پوءِ جڏهن ڪم ختم ٿيو، ته آءٌ ساڻس مليو هوس - ۽ هو ائين گلي مليو هو، ڄڻ ته دٻنامي تي سندس پاران ڪنهن ٻئي صحيح ڪري ڇڏي هئي.
اڄ بهرحال، آءٌ اهو وير ائين وٺي رهيو آهيان جو ساڳيءَ طرح سندس هن ڪتاب جي ترتيب کي هڪ سال تائين ترسائي، ڇهن مهينن کان وٺي، تيستائين ساڻس روبرو ملڻ کان پاڻ روڪي ويٺو آهيان، جيستائين هي مهاڳ لکي مڪمل ڪريان.
هاڻ آءٌ ساڻس روبرو ملندس، ۽ چوندوسانس ته اسين ٻيئي هاڻ لهڻي ليکي ۾ آجا آهيون، ۽ قيامت ۾ ٻنهي تان پڇاڻو معاف آهي!

____
شمشيرالحيدري
ڪراچي سنڌ
7- سيپٽمبر، 1988ع.