ٿوهر جو، سورج جو رشتو
ڪي دانهن جا رشتا،
ڪي گهايل، ستايل نگاهن جا رشتا،
ڪي سُوريءَ تي سَهميَل پناهن جا رشتا،
ڪي گهريءَ جدائيءَ ۾ جالڻ جا رشتا،
ڪي چاهت جي پاپن کي پالڻ جا رشتا.
ڪي رشتا،
جي ڌرتيءَ جي آنچل جيئن ڪُومل،
جي مُرجهن ته مارئي، جي مُرڪن ته مومل.
ڪي رشتا،
جي ساوڻ جا گهنگهور بادل،
جي ترسن ته تاسا، جي برستن ته جل ٿل.
ڪي رشتا،
جي اوچن پهاڙن جيئن پلجن،
نه جهوريَن جئن جهَلجن،
نه سُورن جيئن سَلجن.
ڪي رشتا،
جي اکڙين جي اوٽن ۾ ٽانڊا ٿي ٽمڪن،
۽ بيوس نگاهن ۾ خوابن جئن جهلڪن.
ڪي رشتا،
جي واسينگ وانگر ورن ٿا،
۽ مرليءَ مٿان ڪنڌ ڪوري ڪِرن ٿا.
ڪي رشتا،
جي گمنام،
ناڪام،
بينام آهن،
اسان جي اڌوريءَ تپسيا جو انجام آهن.
۽ اهڙن ئي رشتن جي پاڇي ۾ ويهي،
مون پنهنجيءَ حياتيءَ کي گهُوري ڏٺو آ –
ڪڏهن درد بنجي،
ڪڏهن دانهن بنجي!
تڏهن تنهنجي چپڙن تي چنبڙيل،
اُداسيءَ جا چاپڙ ڇڻن ٿا:
اداسي،
جا گونگي ۽ ٻوڙي ۽ نابين آهي،
جا منهنجي اندر ۾ اِئين ئي رهي ٿي،
ڄڻ ڪوئي ٿُوهر جو ٿاريلو وڻ آ،
يا سورج جي ٽانڊاڻ گولي جي وچ ۾،
ڪا ننڍڙي جهُڳي آ،
جا منهنجو ئي گهر آ!
اهو ئي آ رشتو،
تنهنجو ۽ منهنجو –
گونگو ۽ ٻوڙو ۽ نابين رشتو،
ٺوهر جو رشتو،
۽ سورج جو رشتو!
انهيءَ ۾ اسان جي
محبت ۽ نفرت،
چاهت، عبادت،
جهنم ۽ جنت،
سڀڪجهه دفن آ.
انهيءَ ۾ اسان جي ڏکن ۽ سکن جي
ڪلهاڻي ڇُپيل آ:
ڪهاڻي،
جا بيجوڙ، بيرط، بيڍنگ آهي –
نه جنهن جي اڳياڙي،
نه جنهن جي پڇاڙي،
نه ٽهڪن جا ٽانگڙ،
نه خوابن جي خوشبو،
نه ڪائي تمنا،
نه ڪو رنگ آهي:
ڪهاڻي،
جا رشتن جي محتاج ناهي:
ڪهاڻي،
جا ماضيءَ جي پاڇن جو پڙلاءُ آهي،
۽ يادين جي وادين جو ڦهلاءُ آهي،
حياتيءَ جي ڇاتيءَ تي ناسور آهي،
گهرو گهاءٌ آهي:
ڪهاڻي،
جا سُوري آ، سنياس آهي،
اسان جي محبت جو انگاس آهي:
ڪهاڻي،
جا پهرئين پگهر جئن پراڻي –
جو تَرسي ته موتي، جي تِرڪي ته پاڻي:
ڪهاڻي، جا مارئيءَ جي لوئي به آهي،
ڪهاڻي، ڏونئرن جي ڏوئي به آهي:
ڪهاڻي،
جا ڇولين جي ڇَر تي
پکيءَ جي پرن سان لکيل آهي:
ڪهاڻي،
جا کَنُ آ،
گهڙي آ،
ساعت، لمحو ۽ پَلُ آ:
ڪهاڻي،
جا جوڌن، جوانن، جُنگن جيئن،
اڻموٽ،
ارڏي،
اٽل آ،
اجهل آ!
اِها ئي ڪهاڻي آ تنهنجي ۽ منهنجي،
اهو ئي آ رشتو،
اهوئي آ ناتو،
تنهنجو ۽ منهنجو –
گونگو ۽ ٻوڙو ۽ نابين رشتو،
ٿوهر جو رشتو،
۽ سورج جو رشتو!
---