لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• مهاڳ : سوڀو گيانچنداڻي

سنڌ ادب ۾ اهڙا ماڻهو پئدا ٿي رهيا آهن جيڪي سنڌي ادب يا دنيا ڀر جي ادب جو تجزيو مارڪسي نڪتي نگاهه کان ڪري رهيا آهن.
فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن. منهنجو گهڻو واسطو انهن ڪتابن سان پيو يا نظر مان نڪتل آهن، جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا لکيل هئا، پر انهن تائين پهچندي پهچندي مون کي انهن ڪتابن جي ياد هئي،جنهن ۾ ڄيٺمل پرسرام، حيدر بخش جتوئي ۽ جڳتراءِ ۽ ٻين اديبن جا لکيل آهن. هڪڙو اديب جو غالباً ذڪر نه ڪيو ويو آهي، اهو هو “تيرٿ وسند”. تيرٿ وسند حيدرآباد (هندستان) ۾ ڄائو هو ۽ گهڻن ملڪن جو سير ڪيو هئائين ۽ هن آخر ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو. هو خاصو ڄاڻو هو سنڌي ادب جو ۽ تمام سٺي سنڌي لکندو هو، پر ڇاڪاڻ جو ان پاڪستان ۾ ڪو خاص ڪم نه ڪيو هو، سواءِ هڪ ڪتاب لکڻ جي، جنهن جي ڪري ان کي نظر نه وجهڻ ايڏي ڪا وڏي ڳالهه ناهي!
فيض جوڻيجو، جنهن جي ادب سان گهڻي ۾ گهڻي دلچسپي آهي، اهو ڪوائنٽٽي ۽ ڪوائلٽي وائيز آهي. شيخ اياز جو جيڪو تجزيو فيض جوڻيجي ڪيو آهي، سو تمام ضروري لڳي ٿو، ڇو ته شيخ اياز جي اها شخصيت آهي جو دوست، دشمن ڪو به وساري نٿو سگهي. هو شروعات کان وٺي ترقي پسندن ۾ ڳڻيو ويندو هو، پر مصيبت اها هئي ته جهڙي طرح پاڻ هڪ هنڌ چيو اٿئين ته، “مان نه بالشويڪ آهيان ۽ نه نيشويڪ آهيان مان سنڌ شيوڪ آهيان.” سنڌ شيوڪ ۾ ضروري ناهي ته ڪو غريبن جو ساٿي نه هجي. هن سنڌي ادب جي جيڪا شروعات ڪئي آهي، اها پنهنجو هڪ وڏو ڪارنامو آهي، پر جهڙيءَ طرح شاهه لطيف، سچل، ساميءَ ۽ ٻين جو نتيجو ڪڍيو ويو آهي، ان ۾ به ڪيتريون ڳالهيون مذهبي معلوم ٿين ٿيون. شيخ اياز پڇاڙيءَ ۾ اچي صرف هڪ نڪتي تي ڳت ڏني آهي ته، “مان کي يا ٻئي ڪنهن سنڌي اديب کي انجمن ترقي پسند مصنفين جي جلسن ۾ نه ڪوٺايو ويندو هو” ۽ اها ڪا ايڏي وڏي ڳالهه نه هئي، ڇاڪاڻ جو ڪيترائي اسان جا دوست 1930ع کان وٺي ‘ڪميونسٽ تحريڪ’ ۾ يا ‘هاري ڪميٽي’ ۾ هوندي به اديب جي حيثيت سان تمام گهٽ ڄاتا ويندا هئا.
گهڻي ڀاڱي جيڪو مارڪسي نڪتي نگاهه کان لکيو ويو، اهو پاڪستان بڻجڻ کان ٿورو اڳ ڪجهه ڪهاڻيون شيخ اياز جون، هڪ اڌ هڪ ڪيولراماڻي جو، ٻه چار منهنجون مارڪسي نڪتي نگاهه کان لکيل آهن، ان ڪري اسان جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ ڪنهن مصنف کي نه ڪوٺائڻ يا سڏ نه ملڻ اها ڪا اهڙي ڳالهه ڪانهي، جيڪا وڏي هجي. اياز جو نالو ته وڏو هو، پر خاص ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيڻ کان پوءِ هن جو نالو سڄي انٽرنيشنل ڪميونٽيءَ ۾ سڃاتو ويو هو، پر ان لحاظ کان به ائين کڻي چئجي ته هن کي ڄاڻي واڻي ائين اڳتي ڪيو ويو هو.
هو (اياز) ۽ جمال ابڙو، ٻنهين کي پروگريسور ڪانفرنس ۾ تاشقند ۾ سڏ ڏنو ويو، جتي هو ٻئي فيض احمد فيض سان گڏ هئا ۽ اُتي هنن پنهنجو حصو ورتو. اياز خود منهنجي ڪتاب جي پيش لفظ ۾، “وڏي وٿ هيام” ۾ لکيو آهي ته اسان کي سڏايو ويو ۽ مون کي اگنور ڪيو ويو. ان جو اهو مطلب ناهي، ان جو مطلب اهو آهي ته مان پنهنجو پاڻ کي ايترو . . . !
مان به سنڌ شيوڪ آهيان ۽ مان به سنڌ جي ادبي خدمت ڪئي آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته جيترو ڪجهه ادب لکيو آهي ۽ سنڌ لاءِ لکيو آهي ۽ سنڌين لاءِ لکيو آهي. اخبارن ۾، رسالن ۾، ميٽنگس ۾ منهنجو هڪ ڪنٽري بيوشن آهي. ان ڪري مان فيض جوڻيجي کي گهٽ نٿو سمجهان. هن وڏي محنت ڪري سنڌي ادب کي ڏوريو. انٽرنيشنل هر ڪاٿو آهي ۽ اسان جي دوستن کي پنهنجو ڄاتو آهي.
مارڪسي لٽريچر کي جيڪو مارڪسي نڪتي نگاهه کان تجزيو ڪيو آهي، مان تمام گهڻن فنڪشنن ۾ سوگهو هئڻ ڪري ڪتاب سان گهڻو انصاف نه ڪري سگهيو آهيان، پر ڀانيان ٿو ته فيض جوڻيجي کي داد ڏيڻو پوندو جو هن سنڌي ادب کي مارڪسي نڪتي نگاهه کان پڙهيو.
هر سنڌيءَ جو فرض آهي، بلڪ هر سنڌيءَ تي فرض آهي ته هو هن ڪتاب کي پڙهي ۽ اهي اوريجنل ڪتاب جنهن جا تجزيا ڪيا ويا آهن يا انهن جي اسيسمينٽ ڪئي ويئي آهي، انهن ڪتابن کي پڙهي.
ان کان علاوه وڌيڪ آءٌ نٿو چئي سگهان، ڇاڪاڻ جو منهنجي صحت اجازت نٿي ڏئي جو وڌيڪ چئي سگهان. هڪ ڳالهه چوندس ته ناز سنائي جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ منهنجو ڪتاب ڇپايو آهي، ‘سوڀي جون تحريرون’ ان جو لي آئوٽ يڪو بنيادي طور تي ٽي چار ڪتاب آهن، جن مان هڪ آهي، وڏي خوشي ٿيندي جو فيض جوڻيجو ڪو سٺو پبلشر ڳولي سگهي، جيڪو سندس ڪتاب کي ڇپائي ۽ ان جي پوري رونمائي ٿي سگهي.



مهرباني
سوڀو گيانچنداڻي
لاڙڪاڻو