لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• سماجي سائنس جي روشنيءَ ۾ مختلف سماجي طبقن جو خارجي اڀياس

فطرت، جبلت بنيادي ضرورتن لاءِ مسلسل محنت ڪندي انسان نما جانور انسان جي شڪل اختيار ڪئي انساني ارتقا جو اهو دور وحشت جي دور کان پهرين تمام گهڻو وقت ورتو جتي انسان فطرت جي اثر هيٺ ارتقا ڪئي جتي نه اوزار هئا ۽ نه وري ملڪيت جي مالڪاڻي حقن جو تصور- هي دور ڪيترن سالن تائين رهيو ان لاءِ ڪوبه آخري فيصلو نٿو ڏئي سگهجي پر اهو ضرور آهي ته هن دور جي آخر ۾ انسان سنج ۽ ڪجهه آواز ڪتب آندا جتان وحشت جو دور شروع ٿيو هن دور ۾ انسان خوراڪ ۽ وڏن جانورن کان بچڻ لاءِ وڻن جو سهارو ورتو اتي فطري طور موجود عام شين (پٿر، ڀتر،ڇاپڙ وغيره) کي هٿيار طور ڪتب آندو بنيادي ضرورتن جي پورائي لاءِ مسلسل مادي عمل مان گذرندي انساني شعور بنيادي سادي شڪل اختيار ڪئي ۽ مخصوص آواز جيڪي مختلف مادي عملن ۽ شين لاءِ ڪتب آندا ۽ سمجهيا ٿي ويا- اهو انسان جو خارجيت کي داخليت ۾ محسوس ڪندي خارجيت لاءِ داخليت جو مخصوص اظهار ئي هو جنهن ٻولي جو بنياد وڌو مختلف ٽولين جي مختلف آوازن ڪري انهن جي ورهاست ضرور ٿي پر سماج ساڳيو هو ڇاڪاڻ ته ڪتب ايندڙ سنج، پٿر، ڪاٺ ۽ هڏيءَ جا هئا انساني ٽوليون سماجي سٽاءُ ۾ آزاد نه هوندي به پاڻيءَ جي ڪناري خوراڪ ڳوليندي مختلف خطن ڏي وڃڻ ۾ آزاد هيون. مڇي ۽ باهه تي دست رس رکڻ ڪري انسان کي خوراڪ ۾ نيون شيون مليون ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هنن نوا سنج تخليق ڪيا جن جي مدد سان انسان جانورن جو شڪار پڻ شروع ڪيو اهو به ممڪن آهي ته انسان پهرين قدرتي طور ٻيلن کي لڳل باهه ۾ سڙي ويل جانور کي خوراڪ طور ڪتب آندو ۽ پوءِ شڪار ڪري جانور جو گوشت باهه ۾ پچائي کاڌو ساڳي طرح مڇيءُ کي ٽانڊن تي پچائي کاڌو هن دور ۾ ملڪيت جو تصور نه هوندي به سنجن جي اهميت ان وقت اڌي جڏهن هو ميداني علائقن ۾ سفر (شڪار) ڪندا هجن ۽ اهو ڌاتو (مثلن پٿر هڏو وغيره) اتي اڻ لڀ هجي هن دور ۾ منهنجي خيال ۾، انسان تاريخ ۾ جيڪو سڀ کان وڏو ڪم ڪيو سو اهو ته هر ٽوليءَ عملي طور محنت ڪرڻ وقت /خارجي خطرن کي منهن ڏيڻ وقت تنظيم کي جنم ڏيندي گڏيل محنت جو بنياد وڌو جتان انسان، بربريت واري دور ۾ گڏيل قديم سماج (قديم اشتراڪي سماج)جي شروعات ڪئي مادي ضرورتن جي پورائي لاءِ انسان جيڪي نوان سنج تخليق ڪيا ان ۾ مٽيءَ جا ٿانو به اچي وڃن ٿا- وڌندڙ آدمشماري ۽ مادي شين جي ڪلت (سيءَ يا ٻوڏ جي صورت ۾) تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انسان مادي ضرورتن (کاڌو ۽ شهوت) کي ورهايو جتي انسان جنس تي نه پر کاڌي، اجهي ۽ سنجن تي پاڻ ۾ وڙهيو نتيجي طور سڀ کان پهرين سنج ۽ غار (مڏ، پيهي) ذاتي ملڪيت ۾ آيا- خودرو طور جنم وٺندڙ مائتو نظام (Mother System) جنهن ٽوليءَ کي جنم ڏنو هو معاشي ٽڪراءُ جو شڪار ٿيندي ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيو ۽ پدري نظام جا آثار اڀرڻ شروع ٿيا- شڪار ٿيل جانور جو ڦر (مثلن ٻڪري، رڍ جو ڦر) هنن جي پويا آيو جتان انسان جانور پالڻ جو سلسلو شروع ڪيو پٽن ۾ مينهن يا آبشار جي پاڻيءَ معرفت ڪن خاص ولين جي پوکڻ سان کيتيءَ جو بنياد وڌو جن عملن گهرجن پٽاندر ذاتي ملڪيت جي اڻ واضع تصور کي واضع ڪيو جبلي طور عورت ۽ مرد جي جسامت ۾ فرق، پيٽ ٿيڻ جي صورت ۾ سخت عمل لاءِ تيار نه ٿيڻ، خارجي خطرن جو اڪيلي سر مقابلو نه ڪرڻ ڪري عورت، مرد جي وچ ۾ معاشي ۽ جنسي ڏيتي ليتي هڪ مخصوص سماجي شڪل اختيار ڪئي ۽ مروج سماج اندر نئين سماج جنم ورتو- پوکي جي ڪرت ۽ شڪار ۾ اهي ٽولا ڀڙ ٿيا جن ضرورتن آهر نون سنجن کي تخليق ڪيو ان عمل ان ٽولن کي تاريخي فضيلت ڏني ۽ هنن نئين سماج جي اڳواڻي ڪئي ڪجهه ٽولن سابقه حق رکندي هنن جي فصل کي نقصان پڄايو جتي انسان، انسان کي نه صرف ماريو بلڪ آدم خوريءَ جو سلسلو شروع ڪيو جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان عورت ۽ ٻارن جو ٿيو جيڪي ڀڄڻ۾ تڪڙا نه ها جانور جي کل لاهڻ جي هنر، ٿانون جي هنر انسان کي خاص ڪري پوڙهن کي ان ڳالهه لاءِ مجبور ڪيو ته هو ان کل مان ڪجهه جوڙين نتيجي طور انسان جي بنيادي ضرورتن جي گهرج مطابق پوشاڪ ۽ اجهي کي اهميت ڏني ويئي ۽ مخصوص قسم جا گهر (پهرين انسان پيهو پوءِ مڏ، جهوپڙي، اوڏڪي ڀت، ڪچن سرن جي ڀت ۽ پوءِ پڪين سرن جي ڀت) جوڙيندي تهذيب جو بنياد وڌو محنت جي خانداني ورهاست جتي عورت ۽ ٻارن کي مٿئين طبقي جي مرد جي غلامي ۾ آندو (ذاتي ملڪيت ۾ آندو) اتي خاندان جي اڳواڻ پرماريت جي شڪل اختيار ڪئي – انسان جي ذهني ارتقا خالص مادي گهرجن ۽ مادي رشتن مان گذرندي عملي طور جنهن سوچ کي اڀاريو ان ۾ ڏاتار جو تصور نه هو بلڪ خالص مادي شين جي خارجي ۽ ڪجهه داخلي حقيقتون انسان جي ذهن ۾ هيون ان کان علاوه ڪو تصور هو ته سو اهو ته خواب ۾ نظر ايندڙ شبيهون/شڪليون ڪٿان ٿيون اچن جن جو جواب ان دور جي انسان شعوري طور ’’روح‘‘ جي تصور ۾ ڏنو ۽ آسماني منظرن کي نه سمجهندي هن ان تخليق ڪيل’’روح‘‘ جو رشتو ان آفاقي منظرن سان جوڙيو – محنت جي سماجي ورهاست ذهني محنت کي ورهايو جنهن تي مٿئين طبقي قبضو ڪيو ۽ پنهنجي استحصال کي جاري رکڻ لاءِ ڏاتار جي تصور ۽ قانونن کي تخليق ڪيو تهذيب جي ارتقا اها گهر ڪئي ته فصلن کي نقصان پڄائيندڙ ٽولن کي مارڻ بجاءِ عقل کان ڪم وٺندي انهن کي پڪڙي غلام ڪيو وڃي کيتي ۽ ٻين ڪمن لاءِ انسان جانورن ۽ ٻين ڌاتوئن مان ٺهيل اوزار قطب آندا جن جا مالڪاڻا حق مٿئين طبقي وٽ هئا جتي پرماري طبقو اڀري سامهون آيو ۽ گڏيل قديم سماج جي جاءِ تي غلام داري سماج آيو ’’سماج، ان جي شڪل ڀلي ڪهڙي به هجي ڇا آهي؟ اهو انسانن جي باهمي عملن جو نتيجو آهي ڇا؟ ماڻهو سماج جي هڪ يا ٻئي شڪل جي چونڊ ڪرڻ ۾ آزاد آهن؟ نه ڪنهن به طرح نه، انسان جي پئداواري قوتن جي ارتقا ۾ ڪنهن به مرحلي کي وٺو توهان کي ڏيتي ليتي (Commerce) ۽ کپت جي مخصوص شڪل ملي ويندي پئداوار، ڏيتي ليتي ۽ کپت جي ارتقا ۾ ڪنهن به خاص مرحلي کي وٺو توهان کي سماجي ساخت / طبقا ۽ خاندان جي خاص تنظيم يعني مخصوص انساني سماج ضرور ملي ويندو ڪنهن خاص سماج کي وٺو ته توهان کي هڪ خاص سياسي نظام ملي ويندو جو سماج جو صرف سرڪاري اظهار آهي‘‘ (11)
خاندان جي اڳواڻ سياسي ۽ ملڪيت جا مالڪاڻا حق پاڻ وٽ رکندي هڪ مخصوص سماجي حيثيت اختيار ڪئي پئداواري قوتن پئداواري عمل مان گذرندي واڌو قدرن کي جنم ڏنو جتان طبقاتي نظام مضبوط ٿيو ’’محنت جي پهرين وڏي ورهاست اڀري ۽ سماج ٻن وڏن طبقن ۾ ورهائجي ويو‘‘ (12) آقا ۽ غلام جي فرق کي ٿورن اکرن ۾ هيئن سمجهائي سگهجي ٿو ته آقا وٽ ملڪيت جا حق آهن ۽ غلام ان حق کان محروم آهي جنهن ڪري ٻنهي جي سماجي حيثيت پئداواري ذريعن ۽ اوزارن سان رشتو ۽ زندگيءَ جو وهنوار پڻ الڳ جڙي ٿو غلاميءَ جي وچين دور ۾ انسان جو واسطو ٺوس ڌاتوئن سان پيو جن کي پورهيت پرتن سنجن طور استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ حاصل ڪندي ان وقت جي گهرج مطابق پئداواري عمل دوران قطب آندا جن اوزارن نون معاشي رشتن کي جنم ڏنو آدمشماري جي واڌ مادي ضرورتن جي پورائي لاءِ انسان کپت آهر ٻيلن کي صاف ڪري پوکيءَ جي اپت کي وڌايو پوکيءَ لاءِ لازمي هو ته انسان مستقل رهائش اختيار ڪري نتيجي طور غلامن تهذيب جي ارتقا جو بنياد وڌو ڪکن، لڪڙين، اوڏڪي ڀت ۽ ڪچين سرن جي جاءِ تي پڪين سرن ۽ پٿرن جون جڳهون اڏيون جتان شهري زندگي (City Life) ۽ شهري رياست (City State)جي شروعات ٿي. محنت جي خانداني ورهاست (سماجي ورهاست) ذهني محنت ۽ خيالن کي پڻ ورهائي ڇڏيو جتي مٿئين طبقي پنهنجي معاشي بقا لاءِ ڏاتار جي تصور (خيال) ۽ ڏاتار جا قانون جوڙيا جن جو انساني تاريخ بجاءِ دينوي خيالن سان واسطو هو دينوي خيالن جي آڙ ۾ انسان جي استحصال کي جائز قرار ڏنو ويو مٿئين طبقي خلاف ڳالهائڻ معنى ڏاتار جي اصولن کان بغاوت- جيڪا حرام هئي! لڳاتار شهر ۾ رهڻ ڪري انساني ضرورت ان شين جي گهر ڪئي جيڪي ان علائقي ۾ نه هيون پر ڏور ڪنهن ٻئي علائقي ۾ موجود هيون نتيجي طور ٻن طبقن واري سماج اندر نئين طبقي جنم ورتو- ماڻهو گڏهن، گهوڙن ۽ اٺن تي اهي شيون کڻي آيا جيڪي ان شهر ۾ موجود نه هيون ۽ انهن جي مٽا سٽا ۾ اهي شيون وٺي ويا جيڪي ٻئي هنڌ موجود نه هيون طلب ۽ رسد واري ان عمل ڏيتيءَ ليتي دوران اهڙن معاشي رشتن کي جنم ڏنو جن منڊيءَ جي بنيادي محدود تصور کي وسيع ڪري ڇڏيو ۽ جنس- در – جنس تحت هڪ شهر / ڳوٺ جون شيون ٻئي شهر/ڳوٺ ويون. وچين طبقي جي ظهور ۾ اچڻ ڪري جتي کپت جي شين ۾ سهولت ٿي اتي مٿئين طبقي ۽ وچين طبقي ۾ معاشي ٽڪراءُ ٿيو هر شهر (City State)جا قانون الڳ هئڻ ڪري مٿئين ٽڪراءُ شدت اختيار ڪئي جنهن جو اظهار فڪري بغاوت ۾ ڪيو ويو ڊيموڪريتس (Democritus) ايپي قيورس (Epicurus) چار واڪ، ڪپيلا (Kapila) مادي سوچ ڏيندي ان آفاقي قانونن کان بغاوت ڪئي. پورهيت پرتن جي ڌاتوئن مان جوڙيل سڪن علم حساب کي جنم ڏنو ۽ انساني ڄاڻ/وقوف سادي شڪل مان ڳوڙهه شڪل اختيار ڪئي هن بغاوت جو سياسي اظهار سقراط هو جنهن شعور جي آزادي جي گهر ڪئي (The First Necessity for philosophical in investigation is a bold, free mind. Karal Marx. Collected works. Vol-I.P469.P Moscow.1976) اظهار جي آزاديءُ جي گهر جتي سقراط کي وهه جو وٽو پياريو اتي فڪر کي نئون دڳ ڏنو افلاطون جو فڪر خالص مٿئين ۽ وچئين طبقي جي ذاتي ملڪيت کي تحفظ ڏيڻ هو جنهن ڪري هن غلامن کي ڪوبه حق نه ڏنو افلاطون رياستي بالادستي کي قائم رکندي ان جا سياسي حق وچئين طبقي کي ڏنا (فلسفي حاڪم جو تصور) جڏهن ته سندس اشتراڪيت وچئين ۽ مٿئين طبقي جي ٽڪراءُ کي ماٺو ڪندي کين گڏيل استحصال جو حق ڏنو ۽ هومر جيان افلاطون به فوجن کي فضيلت بخشي. هيءَ اها تحريڪ آهي جتي انسان تجربي کان نظريئي طرف وڃڻ بجاءِ نظريئي کان تجربي طرف وڃڻ جو تحريري بنياد وجهندي ان کي تبليغي انداز ۾ سمجهايو. جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي واري تحريڪ ۽ نون معاشي رشتن سماج ۾ جدت آڻيندي غلام کي به ذاتي ملڪيت (زال، ٻار ۽ ڪجهه سنج) رکڻ جو حق ڏنو- ڪرت جي معرفت خاندان جي سڃاڻپ جتي سماجي محنت جي ورهاست کي چٽو ڪيو اتي ڏيتي ليتي ۽ کپت لاءِ گهربل شين جي مٽاسٽا واري نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪيو شهري رياست ۾ ڏهاڙي جي بنياد تي ڪم ڪندڙ پورهيت کي اجرت جنس جي صورت ۾ ڏني وئي زمين جا مالڪاڻا حق زميندار پاڻ وٽ رکندي، وچئين طبقي کي وڻج واپار لاءِ چورن کان تحفظ ڏيڻ لاءِ فوج داريءَ کي مضبوط ڪندي ڏن وصول ڪيو ساڳي طرح دينوي خيالن جو سهارو وٺندي سياسي تسلط کي برقرار رکڻ لاءِ سڀ سياسي حق خاندان در خاندان پاڻ وٽ رکيا (شهنشاهيت جو نظام) وڌندڙ آدمشماري بنيادي مادي گهرجن پٽاندر خانداني ڪرت ۾ ڪتب ايندڙ سنجن کي پورهيت پرتن نئون سٽاءُ ڏنو (Modification ڪئي ڪاٺ جي گهوٻي جي جاءِ لوهه جو، ٿوٻي، دانگي جي جاءِ تئو وغيره) سون ۽ چانديءَ جي ڌاتوئن مان زيور ٺاهڻ واري هنر انهن ڌاتوئن مان سڪا (ڏوڪڙ) ٺاهي انهن جا مخصوص قدر جوڙي شين جي مٽاسٽا واري جاءِ تي سڪن جو استعمال ڪيو جتان جاگيرداري سماج اندر سرمائيداري سماج ۽ نجي ملڪيت (Private Property) جي ارتقا ٿي. پورهيت پرتن ڪتب ايندڙ سنجن جي ڌاتوئن جو ادراڪ حاصل ڪندي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ميڪانڪ حرڪت ڳولهي لڌي جنهن سرمائيداري سماج جا مضبوط بنياد وڌا ميڪانڪ حرڪت جتي ناڻي کي وڌائڻ جا وسيلا پئدا ڪيا اتي نجي ملڪيت اجرتي غلام جي طبقاتي حيثيت کي چٽو ڪيو ۽ پرماريت جو نئون دور شروع ٿيو ماضيءَ ۾ هو جن سنجن جو پاڻ مالڪ هو اڄ هوانهن جو مالڪ به نه رهيو نتيجي طور پورهيت وٽ صرف محنت جي قوت رهي جيڪا هو منڊيءَ ۾ سرمائيدار وٽ چند سڪن تي کپائڻ لڳو ۽ منڊيءَ ۾ جنس در جنس بجاءِ زر- جنس- زر جو نظام لاڳو ٿيو. جديد اوزارن جي تخليق جتي سماج اندر خانداني رشتن کي ٽوڙيو اتي اها پڻ گهر ڪئي ته ان اوزارن کي استعمال ڪرڻ لاءِ /حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ پورهيت پرتن کي تعليم ڏني وڃي- سائنسي تعليم جو دڳ مقدس ديوارن اندر ملندڙ تعليم کان الڳ هو نتيجي طور تعليم جي پراڻي طريقي ڪار (Preaching) ۽ نئين طريقي ڪار(Teaching) ۾ ٽڪراءُ اڀري سامهون آيو انسان مادي ڄاڻ ۽ وقوف تي ڀاڙيندي پراڻن خيالن جي نفي ڪئي ڏيتي ليتي ۽ کپت جي نئين وهنوار سان گڏ سماج ۾ اڀرندڙ نون سماجي رشتن کي قبول ڪيو جديد اوزارن ۽ معاشرتي رشتن جتي مڊل ڪلاس جي ورهاست ڪئي اتي جاگيرداري ۽ سرمائيداريءَ جي طبقاتي ٽڪراءُ کي تيز ڪيو جڏهن ته سرمائيداري سماج اندر جيڪو اجرتي غلام ۽ سرمائيداري طبقي جو تضاد موجود آهي ان وقت شدت اختيار ڪئي جڏهن يورپ جي صنعت ڪار ان کي صنعت ۾ نوڪري ڏيڻ بجاءِ ڪڍڻ شروع ڪيو اجرتي غلام تمام سستي ملهه تي پنهنجي قوت محنت کپائڻ لاءِ تيار هو مگر منڊيءَ ۾ خريد ڪرڻ وارو نه هو نتيجي طور هن اهو ڪرڻ شروع ڪيو جيڪو هن کي تاريخ ۾ ڪرڻ گهربو هو. ميڪانيڪي حرڪت انسان کي فڪري طور ان قابل ڪيو ته هو دينوي خيالن کان الڳ انسان جي ارتقا جو اظهار ڪري جيڪا خالص مادي رشتن مان اڀري هئي هيگل کي اهو احساس ٿيو ته فطرت ۽ ان جي ارتقا جا قانون انسان کان الڳ آهن پر هن انهن قانونن جي سرجڻ جو سببب ”روح مطلق“ کي ڪوٺيو جڏهن ته چارلس ڊارون حياتياتي حرڪت کي نه صرف محسوس ڪيو بلڪ ان جي مادي ارتقا جو حقيقي ۽ ٺوس جواز پڻ ڏنو بابيو (Babeauf) جيڪا ڳالهه نه سمجهائي سگهيو اها ڪارل مارڪس طبقاتي ٽڪراءُ کي سمجهندي معاشرتي حرڪت کي ۽ قانون کي واضع ڪندي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو محنت جي آزادي جو اظهار ڪندي سمجهايو جتي سماج ۾ مروج طبقاتي سٽاءُ ۽ ٽڪراءُ کي سمجهڻ ۾ سولائي پئدا ٿي- سرمائيداري نظام جي ارتقا جو اڳيون قدم وياج گهر (مالياتي ادارا- بئنڪ) هو جتي سرمائيداريءُ مان سامراجيت اڀري سامهون آئي منڊيءَ ۾ (اسٽاڪ ايڪسچينج)زر –در-زر جي وهنوار کي قائم رکڻ لاءِ اجرتي غلام مٿان طبقاتي تعصب، تشدد ۽ تسلط مضبوط ڪندي / اُجاريداري برقرار رکندي بيٺڪيتي راڄ هيٺ دنيا جي معاشي منڊين جي ورهاست ڪئي وئي وياجي ناڻي جي اجاري داريءَ لاءِ علائقائي سامراج استحصال جي جديد طريقن ۽ اوزارن قطب آڻيندي وڌکان وڌ منڊيون پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ جي حوس ۾ جتي اجرتي غلام کي صنعت مان خارج ڪيو اتي انسان کي پهرين وڏي جنگ طرف آندو جتي طبقاتي ٽڪراءُ شدت اختيار ڪئي جنهن کي روڪڻ لاءِ يورپ۾/ امريڪا ۾ مٿئين جنگ وڙهي ويئي هن جنگ جي رڪجڻ جا ٻه وڏا سبب هئا هڪ ته يورپ اندر سماج واد رياست ظهور ۾ آئي ٻيو ته بيٺڪيتي غلاميءَ کان تنگ ٿي ٽئين دنيا۾ تحريڪن جنم ورتو نتيجي طور علائقائي سامراج کي حاصل ٿيڻ کان وڃائڻ جو وڌيڪ خطرو محسوس ٿيو. ٻئي وڏي جنگ جتي سماج واد پروگرام کي روڪڻ ۽ معاشي منڊين تي اجاريداري قائم رکڻ لاءِ وڙهي ويئي ساڳئي وقت علائقائي سامراج عالمي سامراج جي شڪل اختيار ڪئي ۽ يو-اين-او وغيره جي شڪل ۾ دنيا جي اجرتي غلامن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نئين حڪمت عملي جوڙي ويئي (جديد بيـٺڪيت) سرد جنگ جي پڄاڻيءَ کانپوءِ عالمي سامراج خالص عالمي تشدد (جديد نيم بيٺڪيت) واري واٽ اختيار ڪئي آهي پر ماريت جو اهو طريقو اڄ به رائج آهي ۽ سماج جي اندر عالمي پرماريت طبقي ۽ عالمي اجرتي غلام جي وچ ۾ ٽڪراءُ پڻ موجود آهي.