لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• جي ايم سيد (غلام مرتضى سيد)

محترم جي ايم سيد، سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست جو اهو ڪردار آهي جنهن جا وقت ۽ حالتن تحت مختلف رخ ۽ رويا رهيا آهن. سنڌ ۾ جڏهن انگريزن خلاف تحريڪ هلائيندي الڳ سنڌ جي ڳالهه ڪئي ٿي وئي ته ان وقت جي ايم سيد، پاڪستان جي حق ۾ نه صرف ٺهراءُ پاس ڪرايو بلڪ پاڪستان جي لاءِ پنهنجي وس ۽ وت آهر ڪوشش ڪندو رهيو ان وقت جي ايم سيد جو ڪردار سنڌ دشمن رهيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به پاڪستاني سياست ۾ پنهنجو مٿانهون مقام ڳولهيندو رهيو ۽ وزارت پڻ حاصل ڪئي، جي ايم سيد جيڪو مقام حاصل ڪرڻ چاهي پيو اهو حاصل نه ڪري سگهيو، نتيجي طور پاڪستان جي سياست کان فراريت اختيار ڪئي. اهڙي صورت حال ۾ جي ايم سيد وٽ ٻه رستا هئا هڪ ته هو خاموش ٿي وڃي ۽ سياست هميشه ڇڏي ڏئي ٻيو دڳ اهو هو ته سياست کي جاري رکندي قومي سياست جو دڳ اختيار ڪجي. جي ايم سيد قومي سياست وارو دڳ اختيار ڪيو. سيد صاحب، پاڪستاني سياست ۾ رهيو يا قومي ۾، هو سڀ کان پهرين وڏيرو هو ۽ وڏيرڪي انداز ۾ سياست ڪندو رهيو. قومي سياست ۾ رهندي به هن شخص کي عوام جي طاقت تي اعتبار نه هو پر هن جو اهو خيال رهيو ته وڏيرا ۽ پير چاهين ته هو پاڻ ۾ ملي ڪري سنڌ کي آزاد ڪري سگهن ٿا. بقول وي – ايف – آگائيف ته ’’ جيئن ته جي ايم سيد، حسام الدين راشدي، فيض محمد سومرو سياسي تاريخ ۾، جنهن تحت هو پوري تاريخي عمل کي اڳتي کڻي اچن ٿا شخصيت جي ڪردار کي حد کان وڌيڪ اهميت جو رجحان رکن ٿا‘‘ (1)
ساڳئي وقت محترم جي ايم سيد مختلف ڳالهه ٻولهه (انٽرويوز) ۾ اهو پڻ اظهار ڪندو رهيو ته امريڪا يا برطانيه چاهين ته سنڌ آزاد ٿي سگهي ٿي وغيره. محترم جي ايم سيد جي شخصيت جنهن لاءِ اسين پهرين عرض ڪري چڪا آهيون ته گهڻ رخي آهي ۽ تحقيق طلب آهي پر اسين هتي صرف سندس نظريئي ۾ ڏنل سوشلزم طرف اچون ٿا. جي ايم سيد جيڪو سنڌ جي قومي آزاديءَ وارو نظريو ڏنو ان جا چار پهلو هي آهن. 1. قوم پرستي
2. جمهوريت 3. سيڪيولرازم 4. سوشلزم (هنن نڪتن لاءَ ڏسو جي ايم سيد جو ڪتاب ’’سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ‘‘ ٻيو ڪتاب ’’پيغام لطيف‘‘ – پهرين ڪتاب ۾ نڪتن جي وضاحت آهي ۽ ٻئي ۾ ڀٽائي تي لاڳو ڪري ظاهر ڪيو ويو آهي ته شاهه لطيف قومپرست ۽ سوشلسٽ وغيره هو.)
هي چار نڪتا پنهنجي پنهنجي جوهر ۾ ڪافي وسعت رکن ٿا انهن جي مقبوليت پنهنجي جاءِ تي پر اهي چارئي نظريا هڪ ٻئي جي ٽڪراءُ ۾ پڻ آهن مثلن قوم پرستي جو نظريو سرمائيداري جي پيداوار آهي جڏهن ته سوشلزم، سرمائيداري ۽ طبقن جي خلاف آهي طبقاتي نقطئه نظر کان قوم پرستي، جمهوريت ۽ سيڪيولرازم هڪ آهن پر سوشلزم ۾ غير طبقاتي سماج لاءِ لڳاتار جدوجهد آهي هتي سوال ٿو اڀري ته جي ايم سيد جيڪو نظريو ڏنو ان ۾ سندس ڪردار ڇا رهيو؟ جي ايم سيد طبقن جي خلاف نه هيو ۽ نه وري هو سنڌ جي وڏيري جي خلاف تحريڪ هلائڻ جي حق ۾ هو. جي ايم سيد جو نظريو ٻن ٻيڙين تي سوار هو جنهن ڪري سندس نظرئي ۽ تحريڪ ۾ هميشه نظرياتي ٺڪراءُ ۽ گهوٽالو رهيو جي ايم سيد جيڪي وضاحتون سوشلزم جون ڪيون آهن انهن مان ظاهر آهي ته هو، سوشلزم کي ثانوي اهميت ڏئي ٿو جي اسين هيئن چئون ته بهتر ٿيندو سوشلزم، جي ايم سيد جي نظر ۾ سائنسي نظريو نه پر غريبن سان همدردي وارو نظريو آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته جي ايم سيد، سوشلزم کي پنهنجي پروگرام ۾ خاص سياسي مقصد لاءِ شامل ڪيو جڏهن ته عملي طور تي هو، مارڪسي فڪر کان پري هو. جي ايم سيد، ڀٽائي جي شاعري کي خاص رنگ ڏئي قومي ڪري پيش ڪيو آهي جنهن جو ڀٽائيءَ سان ڪوبه واسطو نه آهي. ان جو اعتراف خود جي ايم سيد ڪندي چيو ته ’’مون کي اميد آهي ته ٻيا عالم ۽ فاضل هن منهنجي ادنى ڪوشش مان اشارو حاصل ڪري انهيءَ مضمون کي زياده واضع ۽ نادر طريقي سان ادا ڪندا مون کي پنهنجن خامين ۽ ڪوتاهين جي پوري پروڙ آهي پر هي ڪتاب صرف سندن علمي غيرت ۽ جذبي کي تازيانه هڻي چست ڪرڻ جي نيت سان لکيل آهي اگر اردو دان حضرت ڊاڪٽر اقبال کي ۽ ٻين شاعرن تي سوهاشرح لکي ان کي هر مجلس ۽ موقعي لاءَ قطب آڻي سگهن ٿا ته اسان سنڌي ڇو نه بجا طور شاهه صاحب جي ڪلام کي پنهنجي نوجوان طبقي ۾ قومي بيداري ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيون.‎‘‘ (2)ساڳئي وقت، ساڳئي ڪتاب ۾، جي ايم سيد، ڀٽائيءِ کي سوشلسٽ ۽ غريبن جو همدرد هن ريت ثابت ڪيو آهي. سندس خيالن کي هيٺ ڏجي ٿو.
الف. سندن رجحان طبع سوشلزم طرف مائل هئي.
ب. شاهه صاحب غريبن جو طرفدار ۽ ستايلن کي گڏڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين.
ج. آءُ مٿي لکي آيو آهيان ته شاهه صاحب جي طبع جو رجحان سوشلزم طرف هو تنهن ڪري ان جو لازمي نتيجو اهو آهي ته هو اهڙي نظام جي برخلاف هجي جنهن مان سندس مارو ۽ سنگهار بکيا اڃيا، اگهاڙا ۽ بي گهر خانه بدوش زندگي گذارين ۽ چند شاهوڪار طبقي جا ماڻهو پيا مزا ماڻين.(3)
جي ايم سيد، ڀٽائي کي جنهن سياسي رخ ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان مان ٻه ڳالهيون واضع ٿين ٿيون هڪ ته ڀٽائي، نه ته سوشلسٽ هو ۽ نه وري ڪو ڀٽائي طبقاتي جدوجهد جي ڳالهه ڪئي آهي ٻيو ته جي ايم سيد، سوشلزم کي بطور نظرئي ۽ طبقاتي جدو جهد نه ٿو سمجهائي پر هو سوشلزم کي هڪ هٿيار طور (پاليسي طور) استعمال ڪري ٿو جنهن مان هن جو مقصد صرف اهو آهي ته خارجي ۽ داخلي طور سياسي همدرديون حاصل ڪيون وڃن، جي ايم سيد جتي سوشلزم جي وضاحت پنهنجي مرضي مطابق ڪري ٿو اتي ڪميونزم (مارڪسي فڪر ۽ ان جي پيروڪارن) کي تنقيد جو نشانو بڻائي، ان فڪر کي مذهبن جي صف ۾ آڻي بيهاري ٿو بقول سندس ته ’’ ڪميونزم معاشري جي نئين طور تعمير ڪرڻ لاءِ اقتصادي بنيادن تي بيٺل هڪ نظريو آهي جنهن جي پوئلڳن کي اهو يقين ويٺل آهي ته هن وقت بني نوع انسان جي جملي معاشرن جي مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي نجات انهيءَ جي پوئلڳيءَ مان ٿيڻ واري آهي. ڪميونزم جي پوئلڳن جي دعوى ۽ عالمگير مذهبن هندو ڌرم، ٻڌ ڌرم، مسيحت ۽ اسلام جي پيرو ڪارن جي دعوى آخر ۾ ساڳي وڃي بيهي ٿي منجهن تفاوت هي آهي ته مذهب جا مهندار روحانيت کي ترجيح ڏيئي، فوق العقل طاقت جي ڏنل هدايتن کي رهبر راهه بڻائي، نجات انساني حاصل ڪرڻ گهرن ٿا ۽ ڪميونزم جي نظريئي ۾ ويساهه رکندڙ هر ڳالهه جو بنياد مادي حقيقتن تي رکي عقل جي ذريعي معاملي فهمي ڪرڻ گهرن ٿا. ٻنهي جو رجحان فردن کي جماعت جي تابع بنائڻ طرف رهي ٿو ٻنهي ۾ شخصي طور آزاد راءِ جي مقابلي، نظريئي جي بنيادي اصولن ۽ ان جي مکيه رهبرن جي راين کي سند ڪري ورتو وڃي ٿو مسلمان عالم قال الله ۽ قال رسول جي سند ڏيئي شخصي اجتهاد تي رڪاوٽ وجهن ٿا ڪميونسٽ ڪارل مارڪس ۽ لينن جي راءِ کي سند ڪري ڪتب آڻين ٿا‘‘ (4)
نه صرف ايترو پر ڪافي جاين تي سخت رويو رکندي مارڪسي فڪر کي نندي ٿو. مختصر ته جي ايم سيد سياسي حالتن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ مارڪسي فڪر کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر عملي طور مارڪسي فڪر جو مخالف هو.
اسان جي ايم سيد جو ڳوڙهواڀياس ڪندي اهو محسوس ڪيو آهي ته هو پهرين وڏيرو، پوءِ پاڪستاني ۽ آخر ۾ قوم پرست آهي. سندس قوم پرستي واري تحريڪ تي وڏيرڪي سوچ حاوي رهي آهي.هڪ طرف هو ضياءُ الحق کي شريف النفس ڪوٺي ٿو ٻئي پاسي جمهوريت کي پنهنجي پروگرام جو خاص پهلو سمجهي ٿو. هڪ طرف سوشلزم کي اوليت ڏئي پنهنجي پروگرام جي زينت بڻائي ٿو ٻئي طرف سامراج جي ماهيت کي سمجهڻ کان سواءِ پنجاب کي سامراج ڪوٺي ٿو. قوم پرستي جي آڙ ۾ وڏيرن ۽ پيرن کي سنڌ جي عزت سمجهي ٿو ۽ انقلاب جو هر اول دستو پڻ تنهن کي سمجهي ٿو. سيد صاحب ڪاٿي به سنڌ جي واضع شڪل نٿو سمجهائي. سوشلزم متعلق جيڪا راءِ قائم ڪري ٿو ان ۾ پنهنجي انا کي مٿانهون رکي ٿو پوءِ سوشلزم لاءِ راءِ قائم ڪري ٿو. ڏٺو وڃي ته جي ايم سيد واري سوشلزم ۽ ڀٽي واري اسلامي سوشلزم جو مارڪسي سوشلزم سان ڪوبه واسطو نه آهي. جي ايم سيد مارڪسي سوشلزم ۽ ڪميونزم کان نه صرف نفرت ڪري ٿو بلڪ دنيا جي وڏن مذهبن کي ان لاءِ تيار ڪري ٿو ته پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪري پورهيت فڪر کي روڪيو وڃي بقول سندس ته ان وقت جڏهن سڀ مذهب خدا تي ويساهه، شخصي آزادي ۽ حيات الممات جي عقيدن جي بچاءُ ۾ مٽيريلزم جي زد کان محفوظ رهڻ لاءِ موت ۽ حيات جي جنگ لڙي رهيا آهن جنهن ۾ مٽيريلزم عوام جي ڀلي لاءِ سائنس، عقل سان ملبوس ٿي مذهب جي هر عقيدي کي منهدم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي اهڙي وقت ۾ عقل جي تقاضا اها آهي ته جملي مذهبن کي سياسي ڳالهين کان عليحده رکي پاڻ ۾ اتحاد ڪري (هريت جي سيلاب کي منهن ڏيڻ گهرجي‘‘(5) جي ايم سيد جنهن خواهش جو اظهار هتي ڪيو آهي ان کي عالمي سامراج عملي جامو افغان جنگ ۾ پارايو ۽ مذهبي عقيدي کي هٿيار طور استعمال ڪندي سوويت يونين جو دڳ روڪيو ويو.
اسان جو خيال آهي ته سيد صاحب جو سوشلزم سان واسطو نه هو پر هن وقت ۽ حالتن تحت لفظ سوشلزم کي پنهنجي پروگرام ۾ شامل ڪري سياسي فائدو حاصل ڪرڻ ٿي گهريو ٻيو مقصد صرف هي هو ته ان وقت، وقت ۽ حالتن تحت سنڌ جو پورهيت عوام سوشلزم طرف راغب ٿي رهيو هو ان کي روڪڻ لاءِ سيد صاحب اهو قدم کنيو.

حوالا_

نمبر مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو اداري جو نالو جنهن ڇپرايو سن صفحو

1 وي_ايف آگائيف سندھ تاریخ کے آئینے میں مڪتبهءِ دانيال 1989 17
2 جي ايم سيد پيغام لطيف جي ايم سيد اڪيڊمي سن 240
3A جي ايم سيد پيغام لطيف جي ايم سيد اڪيڊمي سن 231
3B جي ايم سيد پيغام لطيف جي ايم سيد اڪيڊمي سن 233
3C جي ايم سيد پيغام لطيف جي ايم سيد اڪيڊمي سن 237
4 جي ايم سيد پيغام لطيف جي ايم سيد اڪيڊمي سن 65
5 جي ايم سيد پيغام لطيف جي ايم سيد اڪيڊمي سن 146