لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• دلشاد ڀٽو

1983ع جي حالتن ۾، سنڌ جي سياست ۾ نئون موڙ ان وقت آيو جڏهن جي ايم سيد ان دؤر جي حالتن جو مقابلو نه ڪندي وڏيرڪي رڳ ڏيکاريندي سنڌي عوام جي قربانين مان وڏ ڪڍندو رهيو ۽ ضياء الحق کي شريف النفس سڏيو ان وقت سنڌ جي سياست ۾ هڪ نئون سياسي گروپ آيو، جنهن سڀ کان پهرين ’’سنڌ دوست مزدور تنظيم‘‘ ۽ پوءِ ’’سنڌ دوست انقلابي تنظيم‘‘ جي نالي سان پاڻ کي روشناس ڪرايو. هن سياسي تنظيم جو جيڪو پروگرام هو، اهو مارڪسي فڪر جي روشني ۾ تيار ڪيو ويو هو. هن تنظيم جيڪو سياسي ادب ڏنو ان ۾ ’’پڌرنامو‘‘- جيڪو 8 بابن تي مشتمل هو. اهو دلشاد ڀٽي جو لکيل هو. ڀٽو صاحب شاعري ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن پر طبقاتي فڪر جي روشني ۾ صرف سندس ’’پڌرنامو‘‘آهي. دلشاد صاحب اهو پهريون شخص آهي، جنهن سنڌ جي غلامي جي ’’جبري الحاق‘‘ واري شڪل ٻڌائيندي اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان هڪ الحاق آهي ۽ هن وقت سنڌ جبري الحاق ۾ ڦاٿل آهي. بقول سندس ته ’’الحاق ڪجهه رياستن جي وچ ۾ سياسي ۽ جاگرافيائي اتحاد جو نالو آهي، جيڪو پنهنجي شروعاتي شڪل ۾ رضاڪارانه حيثيت جو هوندو آهي ۽ رضاڪارانه حيثيت جا اهڙا الحاق يقناًً ڪنهن ميثاق يا سياسي معاهدي جي پيداوار هوندا آهن جيڪي الحاق ۾ شامل ٿيندڙ رياستن جي وچ ۾ ٿيندا آهن ان لاءِ ڪنهن ڊگهي بحث جي ضرورت نه آهي ان ڏس ۾ دنيا ۾ ٿيندڙ يا اڄ به رهندڙ الحاقن يا فيڊريشنس جا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا جن ۾ آمريڪا، سوئيزرلينڊ، ملائيشيا- U.K ۽ خود هندوستان ۽ پاڪستان جا مثال ڏئي سگهجن ٿا- دنيا ۾ ٿيندڙ تقريباًً سمورا الحاق معاهدن جي پئداوار آهن پر انهن جي جبري حيثيت جو سوال صرف ان وقت پئدا ٿيندو آهي جڏهن انهن ۾ شامل رياستن جي طرفان ٿيندڙ علحدگي جي مطالبي کي تسليم نه ڪندي انهن کي زبردستي الحاق ۾ شامل رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي‘‘ (1)
دلشاد ڀٽو صاحب سنڌ جي غلامي جبري الحاق جي وضاحت ڪندي آزاد سنڌ ۾ جنهن سماج کي پسند ڪري ٿو اهو غير طبقاتي سماج آهي ۽ فڪري طور طبقاتي سماج لاءِ راهه هموار ڪري ٿو بقول سندس ته ’’سنڌ جي سياست کي مستقل عوامي بنائڻ لاءِ سنڌ جي سياست جو ڪنٽرول مٿانهين طبقي(وڏيري، سرمائيدار، پير ۽ مير) کان کسي عوامي هٿن ۾ ڏنو وڃي ۽ اهو صرف ان وقت ممڪن آهي جڏهن مٿانهين طبقي جي وجود کي هٽائي، بلڪ فنا ڪري سماج کي غير طبقاتي ۽ عوامي بڻايو وڃي‘‘ (2)
دلشاد صاحب پنهنجي هن پڌرنامي ۾ سنڌ جي قوم پرست ۽ انقلابي پارٽين جي پڻ مارڪسي /لينني فڪر جي روشنيءَ ۾ انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪندو رهي ٿو ۽ طبقاتي فڪر جي روشني ۾ انهن کي رد ڏيندو رهي ٿو، ساڳئي وقت هو ثابت ڪندو رهي ٿو ته اهي پارٽيون مارڪسي فڪر جي حوالي سان ڪهڙيون غلطيون ڪنديون رهيون آهن پر ساڳي وقت دلشاد، سنڌ جي تاريخي ڇنڊڇاڻ ڪندي تاريخ کي جنهن رخ سان ڏٺو آهي اهو تاريخي ماديت وارو نه پر قوم پرستي وارو آهي ٻيو ته هو تاريخ کي صرف هڪ رخ سان ڏسي ٿو نتيجي طور ان باب ۾ ڪافي اوڻايون رهجي وڃن ٿيون مثلاًً بقول دلشاد صاحب جي ته ’’مير غلام علي جي دور 1802ع کان1843ع تائين 41 سالن تائين ٻڌل هي دؤر بجا طور سنڌ جي آزادي جو دؤر ڳڻي سگهجي ٿو‘‘ (3)- جڏهن ته اسان جو خيال آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ ٽالپرن جو دؤر غلاميءَ جو بدترين دؤر آهي ميرن جي غلط حرڪتن جو احساس دلشاد کي ٿيندو رهيو آهي پر پوءِ به هو حقيقي رخ اختيار نه ڪري سگهيو آهي- ٽالپرن جي دؤر ۾ سنڌ نه صرف پنهنجي سياسي وحدتStatus quo) ) پر قومي اتحاد پڻ وڃائي ويٺي، ٽالپرن جي دؤر ۾ سنڌ بلوچن جي غلام رهي – بلوچ جو درجو درٻار ۾ مٿانهون رهيو ۽ ڏيهي ٻئي درجي جو شهري رهيو نتيجي طور اصل رهواسين به بلوچ سڏائڻ شروع ڪيو.
محترم دلشاد ڀٽي صاحب جي سڀ کان وڏي خامي اها هئي ته هن جيڪو لکيو ان جي متضاد سنڌ دوست انقلابي تنظيم جي قيادت پورهيت پرتن مان کڻڻ بچاءِ شاگرد لڏي جي حوالي ڪئي، جيڪو پنهنجي جوهر ۾ انقلابي گهٽ ڏيکاءُ وڌيڪ ڏيندو هيو. دلشاد صاحب هڪ طرف انقلابي هو ته ٻئي طرف پيٽي بورجوازي پڻ هو – پيٽي بورجوازي دانشور لاءِ مارڪس جو خيال آهي ته ’’پيٽي بورجوازي ماڻهو لازمي طور پنهنجي حيثيت ۾ هڪ طرف سوشلسٽ هوندو آهي ته ٻئي طرف معاشياتدان يعني هو وڏي بورجوازي جي شان ۽ شوڪت سان سلهاڙيل هوندو آهي ۽ ساڳي طرح عام ماڻهن جي مصيبتن سان همدردي پڻ رکندو آهي – هو ساڳي وقت بورجوا ۽ عوام جو ماڻهو هوندو آهي‘‘ (4)
دلشاد صاحب تنظيم ۽ پروگرام مان ڀڄڻ جو رستو وڏي نوڪري حاصل ڪندي ڪڍيو ۽ سندس پيٽي بورجوازي سوشلزم سان ادريس چانڊيو ۽ ان جي دوستن اهو حشر ڪيو جو دلشاد صاحب جو نظريو سنڌ مان هميشه لاءِ ختم ٿي ويو. پڌر نامي کان علاوهه دلشاد صاحب جا مضمون ’’ساڃاهه‘‘ رسالي ۾ پڻ ڇپيا / ۽ اڃان اچن ٿا پر انهن مان مارڪسي ۽ لينني واٽ واري خوشبو غائب آهي ۽ نه وري انهن جو واسطو ڪميونزم سان آهي.

حوالا

نمبر مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو ادارو جنهن ڇپرايو سن صفحو

1 ڀٽو دلشاد پڌرنامو (حصو ٻيو) سنڌ دوست مزدور تنظيم سن لکيل ناهي 02-01
2 ڀٽو دلشاد انقلابي راهه (پڌرمانو) سنڌ دوست مزدور تنظيم فيبروري 1987 29
3 ڀٽو دلشاد پڌرنامو(حصو پهريون) سنڌ دوست مزدور تنظيم سن لکيل نه آهي 13
4 مارڪس ڪارل منتخب تصانيف حصه چهارم دارالاعشات ترقي ماسڪو 1974 135