لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• ڄيٺمل پرسرام

ڄيٺمل پرسرام (1948-1885)
سنڌي ادب ۾ طبقاتي فڪر جي حوالي سان جن ليکڪن جا نالا بنياد وجهندڙن ۾ اچن ٿا انهن ۾ پهريون نالو ڄيٺمل پرسرام جو آهي ڄيٺمل صاحب سونجهو، چمڙا پوش جهڙن نالن سان پڻ لکيو ڄيٺمل، مذبهي ڪٽرپڻي جو مخالف هو جنهن ڪري هو ’’هندومهاسڀا‘‘ تنظيم جو مخالف رهيو هن شخص جتي لال چند امر ڏنو مل سان ملي ’’سنڌي ادبي انجمن‘‘ جو بنياد وڌو اتي وطن جي آزادي ۽ خودمختياري جي لاءِ عملي طور قردار ادا ڪندو رهيو برطانوي استحصالي قوتن خلاف آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ کيس جيل ۾ وڌو ويو ڄيٺمل فڪري طور صوفي مت جو پيروڪار رهيو پر پوءِ به هو سوشلزم کي قبول ڪندي ان جي واکاڻ /ساراهه ڪندو رهيو برطانوي قدامت پرستن جڏهن ڪميونزم خلاف تحريڪ هلائي ان دوران (1926) هن پنهنجو ڪتاب ’’ساميا واد‘‘ ڇپرايو بقول منگهارام ملڪاڻيءَ جي ته ’’ڄيٺمل صاحب سنڌ ۾ ساميا واد (Socialsim) جو پهريون پرچارڪ هو جنهن اثر هيٺ 1926 ۾ ساميا واد ڪتاب لکيائين جنهن ۾ هن تحريڪ جي تاريخ جي سمجهاڻي ڏنائين ۽ ڏيکاريائين ته هيءَ هلچل رڳي مغرب وٽان ورتل نه آهي پراچين پورب جي پاڙن ۾ درج ٿيل آهي ‘‘. (1) ڄيٺمل ’’سامياواد‘‘ ڪتاب ۾، ڪميونزم کي مختصر لفظن ۽ عام فهم زبان ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ڄيٺمل، سائنسي ڪميونزم کي سائنسي رُخ ۾ ته نه سمجهائي سگهيو ۽ مٿس صوفي مت جو اثر غالب رهيو پر پوءِ به سندس ان عمل جا اثر سنڌ جي نوجوانن ۽ ادب تي پيا سنڌي ڊرامي ۾ لال چندامرڏنومل سامياواد جي ڳالهه ڪئي بقول منگهارام ملڪاڻيءَ جي تي ’’ساڳي موضوع تي (Socialsim) تي گهڻو پوءِ ديا رام منتاراڻيءَ (سوويت روس)1944 ۾، ايم متن جي ڪتاب تان ترجمو ڪيو جنهن ۾ روس ۾ مزدور حڪومت جو 25 سالن جو واڌارو بيان ڪيل هو‘‘. (2) ڄيٺمل صاحب نه صرف سوويت انقلاب جي تعريف ڪئي پر پنهنجون لکڻيون روس جي انقلابي اڳواڻ لينن جي نالي سان منسوخ ڪيون ڄيٺمل جي نظرياتي بيهڪ لاءِ وي-ايف آگائيف لکيو ته ’’ادبي سرگرمين جي باوجود هي تصوف پرست ۽ ايني بيسنت جو پيروڪار آهي ۽ ان سان گڏو گڏ پاڻ کي پڪو صوفي تصور ڪندو هو (ايتري تائين جو وليم شيڪسپيئر جي فڪر ۾ صوفياڻي خيالن کي ڳولي ڪڍندو هو ) هن ئي ’’انجمن روح رهاڻ‘’ قائم ڪئي جنهن جو مقصد صوفي مت مان سياست کي ڪڍي ڌار ڪرڻو هو ‘‘. (3) ڄيٺمل، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمت ۽ سنڌ جي ٻين صوفين جي فڪر تي لکيو جنهن ۾ سچل سرمست متعلق لکيل مواد کي وڌيڪ موٽ مليس هن شخص جيڪو ادب ٻين ٻولين مان ترجمو ڪيو ان کي ايتري اهميت نه ملي پر ڪالم نويسي جي صورت ۾ هن جيڪو لکيو ۽ تنقيد ڪئي ان جو معيار مٿانهون رهيو هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ پورهيت پرتن، خاص ڪري ڪڙمين جو پاسو وٺي انهن جي حقن جي ڳالهه ڪندو رهيو بقول وي-ايف آگائيف ته ’’ڄيٺمل پرسرام ڪيئي درجن ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن، جن ۾ هن، ميرن جي حوس ۽ زردارين جي حڪومتي ڏاڍ (تشدد) تان پڙدو کنيو ۽ بدنصيب خاص ڪري ڪڙمين جو دفاع ڪيو آهي هو هڪ وڏو ڪالم نويس پڻ هو لڳاتار اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪم ڪندو هو جن جي صفحن تي وڏي دليريءَ سان ڌرتيءَ جي خدائن کي بي نقاب ڪندو هو هن جي اخباري ۽ تنقيدي تحريرن جو ادبي معيار تمام مٿانهون هو ‘‘. (4)
مختصر ته ڄيٺمل بحيثيت هڪ روشن خيال صوفي جي، سوشلسٽ فڪر کي نه صرف قبول ڪيو پر سنڌي ادب ۾ ان فڪر جي روشنيءَ ۾ /ان جي تعريف ۾ لکندو رهيو ان عمل کيس سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ان مقام تي پڄايو جو سامياواد فڪر جي سنڌ ۾ شروعات لاءِ سڀ کان پهرين سندس نالو اچي ٿو.

حوالا
س.ن مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو ادارو جنهن ڇپرايو سن صفحو
1 ملڪاڻي منگهارام سنڌي نثر جي تاريخ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1993 194
2 ملڪاڻي منگهارام سنڌي نثر جي تاريخ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1993 195
3 وي-ايف آگائيف سندھ تاریخ کے آئینے میں
از 1918 تا 1985 دانيال ڪراچي 1989 442
4 وي-ايف آگائيف سندھ تاریخ کے آئینے میں
از 1918 تا 1985 دانيال ڪراچي 1989 443