لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

•ادب ۽ شعور

ڄاڻ ۽ شعور ڪنهن به معنى ۾ هڪ نه آهن ۽ نه وري انهن کي هڪ سمجھڻ گھرجي. ڄاڻ ۽ شعور ۾ فرق نه ڪرڻ جي صورت ۾ غور ۽ فڪر، جيڪو عملي سوال آهي اهو اڻ پورو رهجي وڃي ٿو. فڪر ۽ عمل وارو خانو هميشه خالي رهجي ٿو وڃي نتيجي طور فڪري ارتقا، فڪري جاڳرتا ۽ تخليقي شعوري عمل اسان وٽ اڀري نٿو سگھي جنهن جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته سچائي کي ڳوليو ٿو وڃي خيال جي وسعتن طرف وڃڻ بجاءِ عقيدي جي آڌار تي خيال کي پنهنجي طرف اچڻ جي ڪوٺ ڏني ٿي وڃي ادب،فن ۽ فڪر کي تاريخ جي خالق قوتن کان الڳ ڪري سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي جتي اهو وساريو ٿو وڃي ته تاريخ جون خالق قوتون جڏهن پنهنجي پئداواري عملن مان جن اوزارن کي خارج ڪن ٿيون ته ان اوزارن کي ياد رکندڙ لفظ نه صرف ٻولئ مان اهي پراڻا لفظ خارج ٿين ٿا بلڪ پراڻو فڪر به هوريان هوريان پنهنجو اثر وڃائي ويهي ٿو ڇاڪاڻ ته پراڻن اوزارن جي جاءِتي نه صرف نوان اوتار اچن ٿا بلڪ اهي پاڻ سان نوان لفظ ۽ نئون فڪر کڻي اچن ٿا . اوزارن ۾ وسعت پئدا ٿئي ٿي . پراڻن قدرن جي جاءِ نوان قدر والارين ٿا . ان ۾ ڏاهپ اها ناهي ته رڳو ان تسلسل کي سمجھيو وڃي بلڪ ڏاهپ اها آهي ته سوچجي ته ان عمل کي، ادب فن ۽ فڪرکي تاريخ جي خالق قوتن لاءِ، انسان، ۽ انساني سماج لاءِ ڪيئن ڪتب آڻجي اهو ان وقت تائين نٿو ٿي سگھي جيستائين تاريخ جي ان تسلسل کي، تاريخ جي مادي گھرج ۽ا صول مطابق ماضيءَ ۾ تخليق ڪيل فڪر( ادب ) کي تنقيد جي قالب ۾ وجھي پرکيو نٿو وڃي . ساڳئي وقت مستقبل ۾ گھربل فڪر جي راهه لاءِ ماحول کي، فڪر کي واضع نٿو ڪيو وڃي..مادي تاريخ جي گھرج کان هٽي ڪري جيڪو ادب تخليق ڪيو ٿي وڃي اهو پنهنجي اهميت ۽ ماهيت اوڃائي ويهي ٿو ۽ ادب جو، فڪر جو جيڪو پورهيت عوام سان سٻنڌ آهي اهو ٽٽي پوي ٿو. جتي ادب، سماج کي، متحرڪ رکندڙ قوت کي مضبوط ۽ سگھارو ڪرڻ بجاءِ ڀراءُ ۽ ورجاءُ جو شڪار ٿي وڃي ٿي ۽ فڪر ۾ ماٺار اچي وڃي ٿي ۽ ادبي عقيدو اڳيان وڌي اچي ٿو . ادب، فن ۽ فڪر جي اندر مدي خارج مروج خيالن ۽ اصولن کان بغاوت وارو سوال بي معنى سمجھي هڪ پاسي ڪيو وڃي اُتي ادب ڇا آهي جو سوال هڪ مخصوص جواب جي ڪوهيڙي ۾ اچي ڦاسي بيهي رهي ٿو . ساڳيو جواب هر ڪتاب جي ورقن تي ڇپجندو رهي ٿو . ادب جو ڪم تفريح ميسر ڪرڻ آهي ائين ٿو لڳي ته ادب جي خالق قوتن جو شعور ڪنهن وڏي ۽ اونهي کڏ ۾ ڪري پيو آهي. سندن تجسس ۽ تحرڪ مري چڪوآهي. ادب جي خالق قوتن جو اهڙو حال ان صورت ۾ ٿئي ٿو جڏهن اُهي تاريخ جي خالق قوت کان پاڻ کي الڳ ڪن ٿيون ۽ پورهيت عوام جو ادب جي خالق قوت تان اعتماد ختم ٿي وڃي ٿو . هو ( عوام) ادب پڙهڻ بجاءِ ان کان منهن موڙي ڇڏين ٿا . گھرج نئون دڳ اختيار ڪري ٿي ۽ نئين سري سان ادب ڇا آهي؟ جي سوال جي ماهيت طرف راغب ٿيندي، ادب ۽ سماج جي ڳانڍاپي طرف خيال جو رخ موڙيو وڃي ٿو . اُتي ماضيءَ ۾ تخليق ڪيل فڪر جو اڀياس ڪندي وقت ۽ حالتن تحت سماجي گھرج مطابق نه صرف ان کي ( فڪر کي) پرکيو وڃي ٿو بلڪه ان ۾ نواڻ جي عنصر کي مٿاهون رکيو ٿو وڃي .
Language is as old as consciousness .language is practical consciousness.
ٻولي ڇا آهي؟ ادب کان پهرين اهو سمجھڻ ضروري آهي.ڇاڪاڻ ته ادب ۾ جن خيالن جو اظهار ڪيو ٿو وڃي اُهي ٻوليءَ کان سواءِ نا ممڪن آهي. ٻوليءَ جو هر لفظ پورهيت انسان جو لکين سالن جي عملي سرگرميءَ جي پئدوار آهي اهي آواز جيڪي پورهيت پرتن پئداواري عمل دوران خاص وقت۽ جاءِ تي، ان دور جي گھربل گھرج کي پورو ڪندي ادا ڪيا اُهي، ان دور جو ادب هئا يا محض پنهنجي خيالن کي ٻئي طرف منتقل ڪرڻ جو ذريعو. ڇاڪاڻ ته ٻولي ؛ انسان جي انهن عملي خيالن جو مجموعو آهي. جنهن کي هٿيار طور فطرت جي بي رحم قوتن تي استعمال ڪندي پورهيت پرتن پنهنجي گھرج مطابق هوريان هوريان فطرت کي سمجڻ ۽ ماتحت ڪيو آهي. ساڳئي وقت اهو به سوال اڀري ٿو ته انسان پنهنجو خيال ٻين تائين ڇوٿوپڄائڻ چآهي. هي سوال ادب ڇا آهي؟ واري سوال کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ ۾ مدد ڪن ٿا . اسين سمجھون ٿا ته هتي جيڪا ڳالهه سمجھائڻ گھرون ٿا ان کان پهرين اهو سمجھڻ ضروري آهي ته پورهيت پرتن اندر، پورهيت هر اول قوت خود گھرج جي پورائي لاءِ محنت ڪندي خاص عملن ۽ تجربن مان گذري ٿي اهو سفر ان وقت شروع ٿئي ٿو جڏهن فطرت تاريخ کي تخليق ڪري ٿي جتي انسان ٻن پيرن تي نه صرف اڀو ٿي بيهي ٿو بلڪه هلي سگھي ٿو جنهن ڪري انسان جي ڦڦڙن ۾ ايتري هوا اچ وڃ ڪري ٿي جو ان کي روڪي ڪو خاص آواز ڪڍي سگھجي هن لاءِ نيشنل جاگرافڪ جي پروگرام گوريلو((ape جي محقق جي ان راءِ تي غور ڪيو وڃي ته اسان ۽ گوريلو ۾ اهو فرق آهي ته انسان جي ڦڦڙن ۾ هوا وڌيڪ اچي ٿي جڏهن روڪي يا ڪو آواز ڪڍي سگھجي ٿو پر گوريلي ۾اهو عمل ائين نٿو ٿئي، نتيني طور ان دور جي هر اول دستي مخصوص عملن لاءِ محنت ڪندي خاص آواز ڪڍيا، ڪنهن خاص وقت ۾ انسان جي شعورڪم ڪيو جيڪو خاص محنت جي پيداوار هو شعوري عمل ان اڻ گھڙيل آوازن کي ڳڻي ڳتي تسلسل ۽ مختلف شين کي سڃاڻڻ لاٰءِ لفظ علامت طور ڪتب آندا، انسان جي ان عمل بنيادي ڄاڻ،سڌ کي جنم ڏنو هتي جي هي سوال ورجائي پڇجي ته پهرين ٻولي هئي يا شعور؟ ته جواب بلڪل مختلف ايندو سو اهو ته پهرين انسان جو سماجي وجود ۽ ان جو ( انسان جي ) مادي گھرج جي پورائي لاءِ محنت هئي. محنت جي دوران پنهنجي گھرج جي لاءِ شين کي ٽوڙڻ واري عمل؛ لاڀ ملڻ جي صورت ۾ انسان جي اندر هڪ تجسس پئدا ڪيون. جنهن انسان جي اندر شين جي ادراڪ کي هٿي ڏني ۽ انسان ان عملن کي، شين کي، خطرن کي سمجھڻ کان پوءِ سمجھائڻ لاءِ پنهنجي داخلي احساسن جو اظهار شعوري ڪيفيتن مان گذرندي ان آوازن (لفظن ) علامتن ذريعي ڪيو جن ٻوليءَ کي جنم ڏنو . ڇا اهي بنيادي لفظ، جيڪي انسان سکيا سي پنهنجي دور جو ادب هئا ” واقعي منجھائيندڙ سوال آهي ڇاڪاڻ ته ادب صرف ٻوليءَ جي لفظن جو نالو نه آهي بلڪه ادب لفظن جي اندر مخصوص ڏنل ان خيال جو نالو آهي. جيڪو انسان جي فڪري آبياري ڪري ٿو ادب پنهنجي دور جي حالتن جو سماج جو نه صرف نقشو چٽي ٿو بلڪه هر اول فڪر جي صورت ۾ سماج اندر متحرڪ قوت جي فڪري نشو نما پڻ ڪري ٿو انسان تهذيبي ارتقا جي بنياد رکڻ کان پهرين جن اوزارن کي ڪتب آندو ٿي ۽ انهن اوزارن کي جن نالن، علامتن سان ياد ڪيو ٿي ويو نه صرف وڏن کان حاصل ڪيا پرايندڙ نسل کي منتقل ڪرڻ وقت ان ۾ منتقل ڪندڙ قوت پنهنجا به خيال، واڌارا شامل ڪيا پر پوءِ به هي اظهار نظرياتي نه هو بلڪه سماجي گھرج مطابق تجرباتي اظهار هو جنهن کي گڏيل، مشترڪا يا اشتراڪي اظهار ڪوٺي سگھجي ٿو . جيڪو تهذيبي ارتقا کان پهرين موجود هو انسان جي عمل جي پئداوار ان سادن لفظن ۽ جملن ۾ ڏنل خيالن اڳتي هلي ماحول جي گھرج کي پورو ڪندي نظرياتي ادب جو بنياد وڌو جنهن ۾ تهذيبي ارتقا جوعنصر موجود هو عبدالسلام ڊاڪٽر چيو آهي ”
ادب کا وجود تمدن سے بھی زیادہ قدیم ہے، ادب تمدن کا پیش رو ہی نہیں اس کا خالق اور نقاد بھی رہا ہے۔ (2)
هتي اهو نه وسارڻ گھرجي ته ڪو تهذيب جي ارتقا سماج اندر طبقن کي ۽ طبقاتي ادب کي جنم ڏنو پر پئداواري طور طريقن ۾ گھرج مطابق پئدا ٿيندڙ اوزارن جي نواڻ جتي محنت جي سماجي ورهاست کي جنم ڏنو اُتي انهن معاشي ۽ سماجي رشتن ۾پڻ جدت پئدا ڪئي (هن لاءِ ڏسو اجرت قيمت اور منافع _از_ڪارل مارڪس 1978 ترقي ماسڪو) ۾ ڪري سگھجي ٿو . ساڳئي خيال جو وڌيڪ تفصيل ڪارل مارڪس ۽ فيڊرڪ اينگلس منتخب تصانيف جلد دوم 1971 ع ترقي ماسڪو ۾ پڻ موجود آهي، جنهن اسان جي ملڪيت جي جاءِ تي منهنجي ملڪيت واري تصور کي هٿي ڏني ۽ غير طبقاتي سماج جي جاءِ طبقاتي سماج والاري پورهيت پرتن غلام جي شڪل ۾ پنهنجي ۽ آقا جي گھرج کي پورو ڪندي واڌو محنت پڻ ڪئي.
( تفصيل ڏسو ڪتابThe German Ideology)) _از_ ڪارل مارڪس ۽ اينگلس. 1964 ع ترقي ماسڪو.جنهن تهذيب جو بنياد رکيو ۽ منهنجي ملڪيت واري تصور طبقاتي ادب جي اوسر لاءِ وسيع ميدان پڻ ميسر ڪيو ان دور جي ادب فن ۽ معاشي گھرجن پٽاندر نه صرف ڇڙ وڇڙ ۽ وکريل لاڙن کي خاص رخ بخشيو بلڪه طبقاتي ماحول لاءِ طبقاتي استحصال کي جائز قرار ڏنو . جنهن جي جھلڪ ان دور جي آفاقي ادب يهوديت،هندومت ۽ عيسائيت ۾ ملي ٿي .جڏهن ته اسلام ۾ جتي غلام کي آزاد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي . اُتي طبقاتي استحصال ۽ ٽڪراءُ کي مسلم اُمه جي چادر هيٺ ڏئي ڇڏيوويو ان دور کان اڄ ڏينهن تائين ان تي تنقيد ڪرڻ جو حق انسان کان کسيو ويو غلام داريءَ واري سماج ۾ جتي پورهيت پرتن کي غلام رکيو ويو اُتي طبقاتي فرق کي مضبوط ڪندي غلام لاءِ، آقا طبقي جي عورت سان جنسي ڏيتي ليتي حرام قرار ڏني وئي .ساڳئي وقت غلام عورت جي مٿئين طبقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ خاص جنسي معيار مقرر ڪيا ويا غلامن جنسي خواهشن جي راهه ۾ رڪاوٽ کي محسوس ڪندي ان جي اظهار لاءِ جيڪوطريقو ٻوليءَ ۾ اختيار ڪيو ان کي شاعري ڪوٺيو ڏسو :
(The origin of family, Private property and the state Karl Marx and Fredrick Engel's selected works P.P. Moscow 1968 page 455)
شاعري ذريعي خارجيت کان محروميءَ جي داخلي احساسن جو اظهار فن۽ فڪر جي دنيا ۾ پنهنجي خواهشن کي پيش ڪرڻ جو نئون ڏانءُ هو جنهن ۾ اڳتي هلي معاشي محروميءَ جوپڻ اظهار ڪيو ويو ان دور جي رياستي ادب نه صرف ان جي مخالفت ڪئي بلڪ شاعريءَ کان روڪيو هن لاءِ ڪن مقدس ڪتابن ۾ اهڙا فرمان موجود آهن ۽ ان کي تخليقي ادب نه پر صرف وندر ۽ تفريح واري ادب تائين قبول ڪيوويو غلام داري سماج اندر معاشي رشتن جي جدت جڏهن وچئين ڪلاس کي اڀاريو ته ادب ۾ ٽي لاِڙا سامهون آيا پهريون رخ ان اڳلي ادب جو پيروڪار رهيو جنهن شاعريءَ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيوجڏهن ته ادب جو ٻيو رخ خالص جديد رياستي مفادن جي وڪالت ڪندي وچئين ڪلاس لاءِ ماحول تيار ڪيوجنهن ۾ هومر، افلاطون، ارسطو وغيره اچي وڃن ٿا . هومر جي نظم ۾ جتي غنيمت جي مال ۾ آيل غلام عورت جو ذڪر ملي ٿو اُ تي هومر، فوج ۾ عهدي مطابق ان عورتن جي ورهاست پڻ ڏيکاري ٿو ( هن لاءِ ڏسو اينجلس جو ڪتاب
The origin of family, Private property and the state Karl Mars and Fredrick Engel's Selected works P.P. Moscow 1968)
اهڙي طرح افلاطون طبقاتي استحصال کي جاري رکڻ لاءِ هيٺين ڪلاس کان سڀ حق کسي ٿو ۽ حاڪميت جو حق وچئين ڪلاس کي ڏئي ٿو.ساڳئي وقت افلاطون آفاقي ادب جي تقدس کي برقرار رکندي پنهنجي رياست ( جھوريا ) مان شاعرن کي ڪڍي ڇڏي ٿو (هن لاءِ ڏسو ڪتاب جھموريا _از_افلاطون اردو) جيئن اسين مٿي چئي آيا آهيون ته شاعريءَ جي شروعات غلامن ڪئي ۽ افلاطون غلامن جا سڀ حق سندن آقائن کي ڏئي ٿو ان ڪري غلامن کي بطور تخليقڪارجي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جڏهن ته ارسطو جو طريقو پنهنجي استاد افلاطون کان مختلف آهي بلڪه ان تي تنقيد ڪندو رهي ٿو ( هن لاءِ ڏسو سبط حسن جو ڪتاب’’ موسى سي مارڪس تڪ’’ باب افلاطون کي اشرافي ڪميونزم ) پر پوءِ به سندس فڪر جو ادب جو جوهر ۽ ان جو محور وچون ڪلاس آهي. ادب جو ٽيون رخ حقيقي معنى ۾ فڪر ۽ تخيليقي رخ هو هن ادب جي پيروڪارن ۾ يونان جي اندر دويموڪريتيس ايپئي قيورس وغيره اچي وڃن ٿا .جڏهن ته سنڌ ۾ چارواڪ، ڪپلايا ڪپيل ۽ ڪئناداس اچي وڃن ٿا . هتي اسان ٿورو ذڪر سقراط جو ڪريون ٿا . سقراط جاخيال اسان تائين سڌي طرح نه پر ٻين جي واتان (لکيل) آيا آهن نه ته هن خود لکيو آهي ۽ نه وري ڪو سقراط مٿي بيان ڪيل مفڪرن ( ديموڪرتيس، ايئپي قيورس) وغيره جي مقابلي جو آهي پر سقراط اهو پهريون شخص آهي جنهن اظهار جي آزادي لاءِ عملي طور ڪردار ادا ڪيو ۽ ان دور جي آفاقي ادب ( مذهبي ادب ) ان جي قانونن کان بغاوت ڪئي هن جي اها بغاوت پنهنجي جوهر ۾ مڊل ڪلاس جي گھرج مطابق عقل جي بنياد تي آفاقي ادب ۽ ڪردارن ( بتن) ۾ سڌارو آڻڻ کان سواءِ ٻيو مقصد نٿي رکيو ڇاڪاڻ ته سقراط جي فڪر جو جوهر خيال تي رکيل هو. سقراط خيال پرست هو .(هن لاءِ ڏسو ڊاڪٽر فهميده حسين جو ڪتاب ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ ۽ بدر ابڙي جو ڪتاب تنقيد نگاري) جڏهن ڊيموڪراتيس، ايئپي قيورس جو فڪر ۽ قديم هند سنڌ ۾ چارواڪ ۽ڪپيلا جو فڪر تاريخ جي مادي گھرج مطابق آهي. ادب جي اها ارتقا واضع ڪري ٿي ته سماج جي گھرج مطابق وقت ۽ حالتن تحت انسان پنهنجي تجسس، تحرڪ وسيلي ايندڙ نسل جي جيڪا فڪري آبياري ڪي آهي ان ۾ اهميت ان خيال جي رهي آهي جيڪو ضرورت جو پورائو ڪندي پراڻي خيال کي رد ڏئي ٿو(نفي) ڪري ٿو . ادب خيال جي آڌار تي سماجي ماحول ۾ ترقي ڪندي اڳتي وڌي ٿو. ادب، اهو ادب جنهن کي اسين ترقي پسند ادب ڪوٺيون ٿا ان وقت تائين خيال رهي ٿو جيسيتائين اجتماعي طور ان لاءِ ماحول تيار نٿوڪيو وڃي . سماجي طور جاحل نٿو ڏنو وڃي ساڳئي وقت اهو ادب بي مقصد رهي ٿو جيڪو ان وقت جي گھرج جو پورائو نٿو ڪري. چارواڪ ڏسو( Old Indian Philosophy P.P. Moscow)ا ڊيمو قراتيس ۽ ايئپي قيورس هن لاءِ ڏسو Karl Marx valume1 P.O. Moscow) وارن جا خيال پنهنجي دور جا اڻ مٽ خيال هئا پر ماحول صحيح نه هئڻ ڪري انهن کي اها مڃتا نه ملي . جڏهن يورپ ۾ ان خيال لاءِ ماحول تيار ٿيو ته ڊيموڪراتيس ۽ ايئپي قيورس کي ٻيهر ياد ڪيو ويو ڪارل مارڪس کان لينن تائين لکين انسانن جي فڪري جاڳرتا جيڪو ماحول تيار ڪيو ان ماحول گورڪي جي ناول ماءُ کي پوري دنيا ۾ مڃتا ڏياري . جڏهن ادب جي درجابندي ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کي سياسي ادب سماجي، معاشي ادب ۽ خالص ادب وغيره ۾ ورهايو وڃي ان وقت اديب (جيڪي ناول افساني، ڊرامي ۽ شاعريءَ سان لاڳاپيل آهن ۽ انهن مٿين صنفن کي خالص ادب ڪوٺين ٿا، ان خوش فهمي جو شڪار رهن ٿا ته ادب صرف اهو آهي جيڪو مٿي ڄاڻايل صنفن تي ٻڌل هجي ۽ ادب جي تعريف اها ڏني وڃي ٿي ته جنهن۾ انسانن جي تفريح جو عنصر هجي پر اسين ڏسون ٿا ته سماج ۾ چر پر ڪندڙ قوت جي گھربل خواهشن جي ترجماني ڪندي جڏهن نئين خيال جو اظهار ڪيو ٿو وڃي ته فن ۽ فڪر جي خالق قوت نه صرف ان کان متاثرٿئي ٿي بلڪه ان کي قبول ڪندي، ان خيال جي لاءِ ماحول کي تيار ڪرڻ ۾ شامل ٿي وڃي ٿي جنهن مان ظاهر آهي ته ادب ۽ ادبي ارتقا ۾ صنف يا ادبي درجابنديءَ کان وڌيڪ اهميت ان خيال جي آهي جيڪو وقت ۽ حالتن جي گھرج مطابق ڏنو وڃي ٿو . جنهن جو مثال ڪارل مارڪس آهي جنهن جا خيال سياسي، معاشيات، سماجيات ۽ فلسفي تي ٻڌل هئا پر پوءِ به هن جي خيالن پوري دنيا جي ادب ۽ اديبن کي متاثر ڪيو ڇو ؟ ڇاڪاڻ ته مارڪس جو خيال وقت ۽ حالتن جي تسلسل ۽ سماجي گھرج جي پئداوار هو . مارڪس جي فڪر کي، ان دور جي فڪري کوٽ کي سمجھڻ کان سواءِ ان دور جي فڪري ماحول کي سمجھڻ کان سواءِ نٿو سمجھي سگھجي. يورپ جي اندر جنم وٺندڙ بيٺڪيتي نظام جتي معاشي رشتن ۾ نواڻ آندي اتي سماج اندر طبقاتي تضاد جي نوعيت پڻ مٽي ۽ سرمائيدار ۽ مزدور جي وچ ۾ جيڪو معاشي ٽڪراءُ ٿيو ان ٽڪراءُ جي موٽ ۾ جيڪو سياسي ۽ ادبي فڪري ماحول جڙيو ان۾ جيڪا خيال جي کوٽ محسوس ٿي ان کوٽ جي پورائي لاءِ فڪري قوتن جي فڪري آبياري لاءِ جيڪو خيال آيواهو ڪارل مارڪس جو هو . بقول مارڪس ته ’’ ماڻهن جو وجود شعور جو تعين نٿو ڪري بلڪ ان جي برخلاف ماڻهن جو سماجي وجود انهن جي شعور جو تعين ڪري ٿو’’ اسين ادب کي، فن ۽ فڪر کي سماجي نوعيت ۽ معاشي پئداواري طور طريقن جي موٽ ۾ سڃاڻون ٿا جن کي متحرڪ رکندڙ قوت پورهيت پرتون آهن . جيستائين پورهيت لوهه جي استعمال کي ضرورت مطابق عام ڪندي تارون نه ٺاهيون اوستائين موسيقيءَ ۾ لوهي تار جو ساز نه هو ۽ نه وري ادب ۾ ان جي ڪا اهميت هئي . اهڙي طرح ڪلاسڪ شاعريءَ کي سمجھڻ لاءِ جاگيرداري دور ۾ پورهيتن جيڪي اوزار ڪتب آندا پئي ۽ ان وقت جيڪو سماجي ۽ ادبي ماحول هو ان کي سمجھڻ ضروري آهي. ٻئي صورت ۾ ڪلاسڪ شاعري سمجھه ۾ نه ايندي. وقت گذرڻ کان پوءِ صرف خيال جي اهميت رهي ٿي ته اهو پنهنجي دور ۾ ڪيترو سگھارو هو نه ته حقيقت اها آهي ته جھڙي ريت سماجي رشتا ارتقا ڪن ٿا ساڳي طرح خيال تغير تبديلي ۽ ارتقا مان گزري ٿو بلڪه هو جيڪو تاريخ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ تخيلاتي قوت معرفت مادي گھرج مطابق نون خيالن جي آبياري ڪن ٿا ته معاشي، سماجي رشتن ۽ اوزارن ۾ پڻ نواڻ ظهور ۾ اچي ٿي . نوان خيال تخليق ڪري پراڻن جي نفي ڪري ٿو. تغير تبديلي ۽ ارتقا جي هن عمل انسان کي حيوان مان انسان بنايو آهي. پر هي انسان جيڪو پنهنجي جوهر ۾ انا جو مجسمو آهي.اڃان اجتماعي انسان ٿي نه سگھيو آهي پراڻي ماحول جي اندر پئدا ٿيندڙ کوٽ کي ڀرڻ لاءِ نئون خيال/فڪر اڀري ٿو ۽ پراڻي ماحول جي جاءِ نئون والاري ٿو. جنهنجي جھلڪ اسان کي ادب ۾ نظر اچي ٿي .
اسين پنهنجي بنيادي سوال طرف اچون ٿا ته ادب ڇا آهي؟ ۽ سماج سان ان جو ڪهڙو رشتو آهي؟ هن لاءِ ڊاڪٽر فهميدا حسين جو خيال آهي ته ’’ ادب هڪ فن يا آرٽ آهي، دنيا جا سڀئي فن اظهار آهن، فرق ميڊم يا وسيلي جو آهي ادب جو وسيلو لفظ يا ٻولي آهي ’’ ( 4) هن مان ظاهر آهي ته ڊاڪٽر صاحبه ادب کي فن سمجھي ٿي پر مجتبى حسين جو خيال آهي ته "ادب انسانی زندگی کی جستجو ہے اسی لئے ہر آن بدلتی ہوئی دنیا کے ساتھ بدلتا رہتا ہے تغیرات سے اہر انقلاب سے جوان ہوتا ہے"(5)
ساڳيو صاحب ادب جي افاديت، مقصد ۽ سماجي ڪارج کي هيئن سمجھائي ٿو ته "ادب کا کام اسی شعور کو دریافت کرنا ہے، حاصل کرنا دوسروں تک پہچانا اور اسی زندگی کے نئے مطالبات سے ربط دیتے رہنا ہے" (6)جڏهن ته ادب ۽ سماج جي ڳانڍاپي متعلق انور سديد جو خيال آهي ته ( ادب ایک سماجی عمل ہے اور یہ لفظ یا زبان اور تخلیقات کے حوالے سے بالواسطہ طور پر زندگی کو متاثر کرتا ہے. (7)ادب، فن ۽ فڪر جي سرجڻ جو مطلب آهي خيال جو سرجڻ ۽ خيال ان وقت سرجي ٿو جڏهن ان جي سرجڻ جو ڪچو مال سماجي حالتن ۾ موجود هجي بلڪه هيئن چئون ته سٺو ٿيندو سماجي گھرج جو فڪري اظهار انسان ادب، فن ۽ فڪر ۾ ڪري ٿو ادب نه فن آهي ۽ نه خوبصورت سٽاءَ جو نالو آهي پر ان خيال جو نالو آهي جيڪو تحرير ۾ ڏنو وڃي ٿو.
نچوڙ /نتيجا
ادب ۽ سماج ۾ هيءَ ڳالهه واضع ٿي اچي ٿي ته سماجي وجود جيڪو هڪ مادي حقيقت آهي ان ۾ متحرڪ قوت پورهيت پرتون آهن جيڪي حالتن کان متاثر ٿيندي پنهنجي مادي گھرج جي پورائي لاءِ جيڪو تخليقي عمل ڪن ٿيون اهو ئي ادب جي سرجڻ جو ڪارج ٿئي ٿو. جڏهن تاريخ جون خالق قوتون نون اوزارن کي تخليق ڪن ٿيون ته انهن اوزارن کي ياد رکڻ لاءِ نوان لفظ، نالا ٻوليءَ ۾ اچن ٿا ۽ جڏهن پراڻن اوزارن کي پئداواري طريقن مان خارج ڪن ٿيون ته پراڻا لفظ جيڪي ان اوزارن کي ياد رکڻ لاءِ ٻوليءَ ۾ ڪتب آندا ٿي ويا اهي لفظ ٻوليءَ مان خارج ٿي وڃن ٿا . پئداواري وسيلن کي ڪتب آڻيندي جڏهن پئداواري طور طريقن ۾ تبديلي اچي ٿي ته معاشي ۽ سماجي رشتن ۾ تبديليءَ سان گڏ ادب، فن ۽ فڪر ۾ پڻ تبديلي اچي ٿي ۽ پراڻن قدرن جي جاءِ نوان قدر والارين ٿا .
تاريخ جي ضرورت کان هٽي ڪري جيڪو ادب تخليق ڪيو وڃي ٿو اهو پنهنجي اهميت ۽ ماهيت وڃائي ويهي ٿو ۽ فڪر جو جيڪو پورهيت عوام سان ڳانڍاپو آهي اهو ختم ٿي وڃي ٿو ادب سماج کي، متحرڪ رکندڙ قوت کي فڪري ۽ شعوري طور مضبوط ڪرڻ جي بجاءِ ورجاءُ ۽ ڀراءُ جو شڪار ٿي وڃي ٿو . جتي پورهيت عوام جو ادب جي خالق قوتن تان اعتماد ختم ٿي وڃي ٿو.
ادب ۾ جن خيالن جو اظهار ڪيو ٿو وڃي اهي ٻوليءَ کان سواءِ اڌورا آهن ۽ ٻوليءَجو وجود سماج کان سواءِ ناممڪن آهي ٻوليءَ جو هر لفظ پورهيت انسان جي لکين سالن جي عملي سرگرميءَ جي پئداوار آهي.
ٻولي انسان جي ان عملي خيالن جو مجموعو آهي جنهن کي هٿيار طور فطرت جي بي رحم قوتن تي استعمال ڪندي پورهيت پرتن پنهنجي گھرج مطابق فطرت کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندي فطرت کي پنهنجي ماتحت ڪرڻ جو ڏانءُ حاصل ڪري ورتو آهي.
محنت ڪندي جيڪي انسان مختلف آواز اد ا ڪيا، محنت جي بدولت ڪنهن خاص وقت ۽ جاءِ تي انساني شعور ڪم ڪيو ۽ ان اڻ گھڙيل آوازن کي گھڻي ڳتي تحرڪ ۾ آندو ۽ مختلف عملن لاءَ مختلف علامتون، لفظ ڪتب آندا جن بنيادي ڄاڻ کي جنم ڏنو. ٻولي ۽ شعور کان پهرين سماجي وجود ۽ محنت هئي جنهن ٻولي ۽ شعور کي جنم ڏنو . محنت جي دوران شين کي ٽوڙڻ يا شين مان لاڀ ملڻ جي صورت ۾ انسان جي اندر هڪ تجسس پئدا ٿيو جنهن انسان جي اندر شين جي ادراڪ کي هٿي ڏني ۽ انسان ان شين کي/ خطرن کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ پنهنجي داخلي احساسن جو اظهار شعوري ڪيفيتن مان گذرندي لفظن، علامتن ذريعي ان جو اظهار ڪيو. ادب صرف ٻوليءَ جي لفظن جو نالو نه آهي. بلڪ ادب ان لفظن جي اندر مخصوص ڏنل ان خيال جو نالو آهي جيڪو انسان جي فڪري آبياري ڪري ٿو ادب پنهنجي دور جي حالتن جو/ سماج جو نه صرف نقشوچٽي ٿو بلڪ هر اول فڪر جي صورت ۾ سماج اندر متحرڪ قوت جي فڪري نشو نماپڻ ڪري ٿو . هڪ پيڙهي جڏهن ٻئي پيڙهيءَ کي پنهنجا خيال منتقل ڪري ٿي ته منتقل ڪندڙ پيڙهي ان ۾ پنهنجا خيال به شامل ڪري ٿي .
تهذيب جي ارتقا کان پهرين ادب موجود هو پر ان کي سنڀالي رکڻ جا وسيلا موجود نه هئا ٻيو ته پهرين تجرباتي ادب هو جنهن تهذيب جي ارتقا کان پهرين نظرياتي ادب جو بنياد وڌو . تهذيبي ارتقا طبقاتي سماج کي / ادب کي جنم نه ڏنو پر پئداواري طور طريقن ۾ پئدا ٿيندڙ جدت جتي محنت جي سماجي ورهاست کي جنم ڏنو اتي ملڪيت جي بنيادي تصور ۾ فرق آيو۽ اسان جي ملڪيت بجاءِ منهنجي ملڪيت جي تصور مادي حيثيت حاصل ڪئي جنهن غير طبقاتي سماج ۾ طبقاتي سماج لاءِ وسيع ميدان ميسر ڪيو جتي غلام جي واڌو محنت تهذيب جي ارتقا جو ڪارڻ بڻي . غلام ۽ آقا جي فرق کي قائم رکڻ ۾ ئي مٿئين ڪلاس جو جياپو هو جنهن ڪري ان دور جي غلامن جي بغاوتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪو ادب تخليق ڪيو ويو ان کي آفاقي ادب ڪوٺيو ويو جنهن تي تنقيد ڪرڻ جو حق انسان کان کسيو ويو. شاعري جي شروعات غلامن ڪئي ان ڪري آفاقي ادب ۾ آفاقي فرمان جي معرفت شاعري کان سخت تنبيهه ڪئي وئي ساڳئي ريت وچئين ڪلاس جي دانشور جيڪو ان دور ۾ ادب ڏنو هو ان ۾ پڻ شاعريءَ ۽ شاعر کي سٺو نه سمجھيو ويو هو . ادبي ارتقا ۾ صنف يا ادبي درجابنديءَ کان وڌيڪ اهميت ان خيال جي آهي جيڪو وقت ۽ حالتن جي گھرج مطابق ڏنو وڃي ٿو .
اسين ادب، فن ۽ فڪر کي سماجي نوعيت ۽ معاشي پئداواري طور طريقن جي موٽ ۾ سڃاڻون ٿا .
جھڙيءَ ريت اوزار، سماجي، معاشي رشتا ۽ ٻولي ارتقا ڪن ٿا اهڙيءَ طرح خيال تغير، تبديلي ۽ ارتقا مان گذري ٿو. تغير، تبديلي ۽ ارتقا انسان کي حيوان مان انسان بنايو پر هي انسان جيڪو پنهنجي جوهر ۾ اڄ به انا جو مجسمو آهي اڃا تائين اجتماعي انسان بڻجي نه سگھيو آهي