لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

محترم حيدر بخش بنيادي طور شاعر هو يا سياستدان؟ اهو طئي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته جتي سندس خوبصورت شاعري آهي اتي سندس سياست جو رخ خالص عوامي آهي خاص ڪري سنڌ ۽ هارين لاءِ جيڪا جستجو ڪري ٿو اها جستجو نه ته ڪو ٻيو شاعر ڪري سگھيو نه وري ڪو سياستدان ڪري سگھيو آهي. حيدر صاحب لاءَ مشهور آهي ته هو ٻئي وڏي جنگ دوران سوشلسٽ تحريڪ کان متاثر ٿي سياسي ميدان ۾ آيو. هتي سوال ٿو اڀري ته سنڌ ۾ ٻيا به سياستدان هئا اهي ڇو نه متاثر ٿيا؟ اصل ۾ حيدر صاحب خارجي طور دنيا ۾ هلندڙ تحريڪ کان ضرور متاثر ٿيو پر داخلي طور سنڌ ۾ سوشلسٽ تحريڪ ۽ طبقاتي فڪر لاءِ ڪافي ماحول جڙي چڪو هو. ڄيٺمل پرسرام، لال چند امر ڏنو مل، خان چند، خاص ڪري حشو ڪيولراماڻي وغيرهه طبقاتي فڪر جو بنياد سنڌ ۾ رکي چڪا هئا پوءِ اهو ڪمزور هو يا نه اهو الڳ بحث آهي _ حيدر صاحب بنيادي طور ان ماحول جي پئداوار آهي جڏهن ته غريبن ۽ پورهيتن لاءِ شاعري ڪشنچند بيوس ڪندو رهيو اها راهه ته حيدر صاحب سامهون کليل رهي _ اهي سڀ مفڪر ( ڪشنچند کان علاوهه) جتي سماج واد فڪر جي ڳالهه ڪن ٿا اتي سنڌ سندن دل جي خانن ۾ آزاد رهي ٿي ۽ هو ان کي آزاد ڏسڻ گھرن ٿا. هو معاشري ۾ جنم وٺندڙ تعصب کان نفرت ڪن ٿا اهو ماحول سنڌ جي جنهن خطي مان اڀري رهيو هو حيدر صاحب ان علائقي جو رهواسي هو . حيدر صاحب جي اندر جو انسان حساس هو جيڪو ٻين جي ڏک کي ۽ سچائي کي سمجھڻ جي سگهه رکي پيو _ ٻيو جيڪو وڏو سبب هو سو اهو ته انگريز هنڌ ۽ سنڌ جي غير فطري ورهاست ڪري رهيو هو . ان وقت جيڪي باشعور سنڌي هئا اهي سنڌ جي ان ڏک کي بخوبي سمجھي رهيا هئا اها فطري ڳالهه آهي ته انسان جنهن ظلم ۽ بربريت جو شڪار ٿيندو آهي ان ظلم جي مخالف قوت سان پنهنجو ناتو جوڙيندو آهي ان دور جي، سنڌ جا سياستدان ۽ اديب، جن ۾ حيدر صاحب به شامل آهي سوشلسٽ تحريڪ کان متاثر ٿيڻ هڪ فطري عمل هو . 1944 ۾ حيدر صاحب جڏهن سياست جي عملي طور شروعات ڪئي ته ٽريڊ يونين ۽ هاري سياست جي شروعات هن کان پهرين ٿي چڪي هئي. ساڳئي وقت دنيا ۾ پر ماريت قوتن جي جتي منڊين جي ورهاست سان گڏ سوشلسٽ فڪر خلاف جنگ عروج تي هئي اتي بيٺڪيت ۾ ڦاٿل قومون پنهنجي آزاديءَ لاءِ تحريڪون هلائي رهيون هيون. هنڌ ۽ سنڌ ۾ ٻه قومي نظرئي سان گڏ سوشلسٽ ۽ قوم پرست سوچ ڪٺي عمل ۾ رهي. 1947 ۾ هنڌ ۽ پاڪ جي ورهاست جتي سنڌي ادب ۾ هڪ خال پئدا ڪيو ۽ اڪثر ليکڪ هنڌ هليا ويا اهڙي طرح سنڌ جي سياست ۾ به ميدان خالي رهيو (طبقاتي فڪر واري سياست ۾) اڪثر سياستدان جن ۾ جي _ ايم _ سيد به شامل هو پاڪستان جي ڳالهه ڪري رهيا هئا طبقاتي فڪر لاءِ، هتي جيڪو پراڻو ماحول هو اهو ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو . 1947 ع کان وٺي اڄ تائين سنڌ ۾ جيڪا طبقاتي فڪر جي سياست اڀري ان ۾ هڪ رخ پاڪستان نواز ڪميونسٽن جو، جڏهن ته ٻيا ( سنڌي ) سوشلسٽ فڪر، طبقاتي فڪر جو بنياد سنڌ کي ٺاهي اڳتي وڌيا _ حيدر صاحب سنڌ کي بنياد بڻائي جڏهن سنڌ هاري ڪاميٽي جوڙي ۽ هاري حقدار جي ڳالهه ڪئي ان وقت سنڌ ۾ طبقاتي فڪر جي حوالي سان ميدان خالي هو . جنهن جو فائدو وٺندي حيدر صاحب طبقاتي فڪر جا سنڌ ۾ بنياد تمام هيٺين سطح تي رکيا حيدر صاحب خالص عقليت پسند شخص هو هن هارين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ نه صرف عملي طور قدم کنيو پر هن شخص هارين جي مسئلن تي ڪافي لکيو سنڌ جي هارين جي لاءِ اڄ به لکيو وڃي ٿو پر حيدر صاحب جو انداز منفرد هو هارين کي سنڌ جي سياست سان ملائي ڪري لکي ٿو ۽ ننڍڙن مسئلن کي عنوان ڏئي پنهنجي پورهيت پرتن کي روشناس ڪري ٿو . هن جي لکت جو انداز هڪ دستاويز وارو آهي جتي هي پورهيت جي مسئلن کي تاريخي طور کڻي ٿو اتي هو هارين ۽ مزدورن کي عملي سياست ۾ آڻي ٿو ۽ سنڌ جي وڏيرن خلاف اليڪشن ۾ نه صرف پورهيتن کي بيهاريو پر پاڻ به اليڪشن ۾ حصو ورتو ان ڪري وڏيرن کيس ڪافي ڏک ڏنا پر هو عملي طور نه هٽيو . پاڪستان جي دائري ۾، حيدر صاحب سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن کي مظلوم ٿو سمجھي جڏهن ته پنجاب صوبو هن جي نظر ۾ هڪ ڦورو آهي پر اتان جو پورهيت عوام هن جي نظر ۾ ڦورو نه آهي. بقول سندس ته “اسان سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ پنهنجي محدود دائري ۾ پنهنجي حقن مطابق پنهنجي قسمت پنهنجي هٿن ۾ رکڻ چاهيون ٿا اسان جا وڏا ڀائر، اوهان جي وڏي مهرباني ! اسان کي ون يونٽ جي باري ۾ اوهان جي نيڪ ارادن جي پوري خبر آهي بس ايترو ڪافي آهي. هاڻي ڊاهيوس مهرباني ڪيو ته وري ڀائرن وانگر ڌار ڌار پنهنجي پنهنجي گھرن ۾ رهون اها اوهانجي وڏي مهرباني ٿيندي، ون يونٽ ڊاهيو ۽ پوءِ جمهوريت جي ڳالهه ڪيو ’’ (1)
حيدر صاحب جي نثر ۽ نظم جو بغور جائزو ورتو وڃي ته حيدر صاحب نثر جي بنسبت نظم ۾ سنڌ جي حوالي سان ڪافي واضع موقف رکي ٿو جنهن مان هن جي سوچ ۽ فڪر جي سڌ ملي ٿي بقول سندس ته :

ڀاءُ آ پنهنجو هر انسان
پنهنجو آهي هي ايمان!
پنهنجو آهي هي اسلام !
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ
ڪينو فطنو ٿئي برباد!
قرب محبت زنده آباد!
پنهنجو آهي هي پيغام !
جيئي سنڌ جيئي سنڌ (2)

حيدر صاحب جي مٿين خيال تي غور ڪجي ته هن صاحب مارڪسزم جي ان پهلوءَ کي اجاڳر ڪيو آهي جيڪو جوهر آهي سموري فڪر جو _ ڇا مارڪسي فڪر کان وڌيڪ ڪو ٻيو فڪر آهي جيڪو انسان سان محبت ۽ پيار ڪندو هجي ؟ سڀئي فڪر پنهنجي پنهنجي فڪر ۾ نيرا، ساوا، ڪارا آهن يا وري تعصبي ۽ وهمي آهن پر طبقاتي فڪر هڪ نظر سان سڀني جي خواهشن، چاهتن، محبتن ۽ قربتن جو احترام ڪندي غير طبقاتي سماج لاءِ عملي جدوجهد ڪري ٿو . حيدر صاحب هتي ان پيغام کي ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ سمجهايو آهي. هتي جي توهان وٽ اهو سوال اڀري ٿو ته حيدر هن نظم۾ طبقاتي فڪر ۽ انسانيت کي الڳ ڪري سمجھايو آهي ته مان سمجھان ٿو توهان وڏي غلطي ٿا ڪريو .
حيدر صاحب ڀاڙيتو اڳواڻن تي خاص ڪري جن جو تعلق سنڌ سان آهي انهن کي سٺي نظر سان نٿو ڏسي هو ڪڙو سچ چئي ڏئي ٿو .

وڪيو جنهن ديس پيارو، تنهن تي لعنت
ڪيو جنهن ڪم هچارو، تنهن تي لعنت
ڪيائين منهن پنهنجو ڪارو، تنهن تي لعنت
وجھي ٿو ملڪ سارو، تنهن تي لعنت
آ تنهنجو ويري شيطان، سنڌ پياري
ٿيون قربان تو تان سنڌ پياري (3)

حيدر صاحب پنهنجي شاعري ۽ سياست جو محور جتي پورهيت تي رکيو اتي هو سمجھي پيو ته انقلاب پاڪستان ۾ سنڌ ۾ ايندو ٻيو ته حيدر تي اها تنقيد، خاص پاڪستان پرست ڪميونسٽن طرفان رهي ته حيدر پنهنجي جوهر ۾ مائو نواز قوم پرست هو _ مان نٿو سمجھان ڪو اها تنقيد جائز هئي ڇاڪاڻ ته جنهن دور۾ حيدر سياست ڪئي ٿئي ان وقت سنڌ ۾ صنعتي مزدور نه هو صرف هاري هئا ۽ هاريءَ کي انقلاب لاءِ تيار ڪرڻ مزدور کان مشڪل هو پر حيدر صاحب اهو مشڪل ڪم ڪري ويو اصل ۾ حيدر جنهن تنقيد جي لائق آهي سا اها ته هو ريڊيڪل سوچ جو مالڪ آهي پر اهو سچ آهي ته هو انقلاب سان غدار نه هو .

س.ن مصنف جو نالو ڪتاب جونالو ڇپائيندڙ ادارو سن صفحو

01 جتوئي ڪامريڊ حيدر بخش ڌرتي منهنجي ماءُ سنڌ نيشنل پبليڪيشن ميرپور بٺورو 1987 54_55
02 جتوئي ڪامريڊ حيدر بخش ڌرتي منهنجي ماءُ سنڌ نيشنل پبليڪيشن ميرپور بٺورو 1987 56
03 جتوئي ڪامريڊ حيدر بخش ڌرتي منهنجي ماءُ سنڌ نيشنل پبليڪيشن ميرپور بٺورو 1987 64