لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• فطري تضاد ۽ مصنوعي تضاد

فطري لوازمات جو بغور مطالعو ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته فطرت جي عملن اندر هڪ تضاد لڳاتار عمل ۾ رهي ٿو جيڪو ارتقائي عمل کي واضع ڪري ٿو شين جي ماهئيت جو اڀياس ان ارتقائي قانونن جي روشيءَ ۾ ڪندي انسان کي جيڪا ڄاڻ ملي ٿي اها وقوف جي ارتقا جو سبب بڻجي ٿي جتي انسان شين جي خاصيتن کان علاوه ڪائنات جي اڻ کٽ ۽ محدوديت کي پڻ پرکي ٿو شين جو وجود تبديليءَ يعني هڪ شڪل مان ٻئي شڪل جو اڀري اچڻ خود ان شيءِ اندر موجود ان تضادن تي ٻڌل آهي جن مان هڪڙو ان کي پراڻي شڪل م رکڻ لاءِ جاکوڙي ٿو جڏهن ته ٻيو ان کي نئين شڪل ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ – ان ٽڪراءُ جي نتيجي ۾ هڪ ڏينهن پراڻو تضاد ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ نئون تضاد ڪامياب ٿئي ٿو جتي تضاد ختم نٿو ٿئي پر ان جي ٽڪراءُ جي نوعيت تبديل ٿئي ٿي ۽ نئون تضاد پراڻي جي شڪل اختيار ڪري ٿو ۽ ان جي مقابلي ۾ ٻيو تضاد اڀري سامهون اچي ٿو. ڏٺو وڃي ته انسان جي وجود اندر پڻ اهو سلسلو جاري آهي جيڪو حياتي ۽ موت وارن عملن تي دارومدار رکي ٿو نفي جي نفي جو اهو عمل ڪائنات جي هر شيءِ سان گڏ مرد ۽ عورت ۾ پڻ ساڳي طريقي سان عمل ڪري ٿو جتي فطرت اندر مرد ۽ عورت واري ورهاست نظر نٿي اچي ٻئي ٻار آهن، جوان آهن ۽ پوڙها آهن ۽ مري وڃن ٿا پر پوءِ به مٿيون عمل لڳاتار جاري رهي ٿو فطرت جي ان تضاد کان علاوه حياتياتي مادي فڪشن ۾ نر ۽ مادي (فيميل) جي وجود ۾ فرق (تضاد) نظر اچي ٿو جنهن کي عام طور فنڪشن جو تضاد چيو وڃي ٿو جيڪو عملي زندگي دوران پاڻ کي ظاهر ڪري ٿو اهو تضاد، اهو ڪڏهن به ظاهر نٿو ڪري ته ڪو عورت مرد کان هيڻي آهي يا مرد عورت کان مٿانهون آهي بلڪه هي تضاد سندن مادي فنڪشن جو تعين ڪري ٿو مٿئين تضاد کي نه سمجهندي مٿئين ڪلاس دينوي خيالن جي اپٽار ڪندي واضع ڪيو ته عورت هيٺائين آهي ۽ مرد مٿانهون آهي سندس اهو فڪر مصنوعي تضاد تي بيٺل آهي جنهن جي ڪابه مادي حيثيت نه آهي.
انسان جي سماجي زندگيءَ جي شروعات فطرت جي گهرج مطابق ٿئي جتي ڪوبه فرق نظر نٿو اچي بلڪه سڀ انسان، انسان نما جانور آهن ۽ انهن جون مادي ضرورتون آهن فطري وسيلا موجود آهن انسان عملي سرگرميءَ جي معارفت پنهنجي ضرورتن جو پورائو ڪري ٿو فطرت طرفان انسان جي اندر جيڪا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي خاصيت آهي ان خاصيت خارجيت کان متاثر ٿيندي داخليت جو اظهار ڪندي شعور کي جنم ڏيندي فطرت جي اصولن خلاف انسان کي عملي زندگيءَ ۾ محنت جي دوران جيڪي ڏکايون آيون پئي ان ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ فطرت ۾ موجود ٻين شين کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ لاءِ اڪسايو جتان فطري تاريخ سان گڏ انسان پنهنجي تاريخ جوڙي محنت جي سماجي ورهاست جتي انسان جي ڏکاين جو تدارڪ ڪيو اتي واڌو محنت جي شڪل ۾ نجي ملڪيت کي پئدا ڪيو ۽ سماج اندر مصنوعي تضاد اڀريو محنت جي خانداني ورهاست مرد ۽ عورت جي وچ ۾ فرق ڪندي عورت کي ڪمزور ۽ مرد کي ڏاڍي واري حيثيت بخشي جيڪا خود مصنوعي آهي ذهني ۽ جسماني محنت جي ورهاست معاشي رشتن اندر جنم وٺندڙ طبقاتي مفادن ڪري وجود ۾ آئي انساني ڄاڻ سادي کان ڳوري ٿوري (محدود)کان اڻ کٽ (لا محدود) طرف سفر ڪيو واڌو محنت جي ڪري وجود ۾ ايندڙ مٿئين طبقي پنهنجي معاشي مفادن جو تحفظ ڪندي پنهنجي پگهاردار ڀوپن ۽ ملن جي پيش ڪيل خيالن جو سهارو ورتو ۽ سماج جي طبقاتي ورڇ کي، هن ڪارخاني کي هلائڻ لاءِ ضروري ڪري سمجهايو غلام ان ڪري غلام آهي جو سندس مقدر ۾ غلامي لکيل آهي ۽ آقا ان ڪري آقا آهي جو ڏاتار سندس قسمت ۾ اهو لکيو آهي مٿئين طبقي جي اهڙن خيالن جي باوجود سماج ۾ ان وقت تحرڪ پئدا ٿيو جڏهن زندگيءَ جي مادي ضرورتن ۾ رڪاوٽ اڀري سامهون آئي ۽ ڪجهه وقت اڳ جن خيالن کي قبول ڪيو ٿي ويو انهن جي مخالفت ڪندي نئون دڳ اختيار ڪيو جتي مڪمل نجات ته نه ملي پر طبقاتي استحصال جي طريقي ڪار جي تبديليءَ انهن کي ڪجهه سهولتون ڏنيون انسان آفاقي قانونن جو ٽور سؤڙ ساٺ ۾ ڏيندي اهو واضع ڪيو ته اهي قانون آفاقي نه بلڪ خود انسان جا تخليق ڪيل آهن پر پوءِ به انسان ان مصنوعي تضاد کي سمجهي نه سگهيو ڇاڪاڻ ته ان کي بنيادي فطري تضاد ئي سمجهه ۾ نه آيو يا هيئن چئجي ته ان دور جو فڪر (نظريو) ان قابل نه هو جو حقيقي جواب ڏئي سگهي نتيجي طور شودر ڪاسٽ ۽ ڪمزور عورت وارو فڪر مجموعي طور غالب رهيو هٿ ۾ پٿر کڻي انسان جنهن تاريخ جو بنياد رکيو ان تاريخ ۾ ان وقت نئون موڙ آيو جڏهن ميڪانيڪي حرڪت تخليق ڪئي جنهن انساني فڪر کي متاثر ڪندي نئون دڳ ڏيکاريو جڏهن انسان فڪري طور معاشرتي حرڪت کي سمجهي ورتو اتي سماج اندر ان مصنوعي تضاد کي پڻ سمجهي ورتو آقا ۽ غلام- مرد ۽ عورت وارو تصور بنيادي طور معاشي استحصال تي ٻڌل آهي جيڪو مصنوعي تضاد آهي ۽ حل ٿي سگهي ٿو انسان جي نجات ان ۾ آهي ته سماج ۽ معاشي ڏيتي ليتي مان انقلاب ذريعي ان مصنوعي تضاد کي خارج ڪيو وڃي.