• جديد طبقاتي ادب جي اوسر جو مختصر جائزو
سنڌ ۾ جيڪا شاعري ڇند وديا اصول تحت ڪئي ٿي وئي ان تي صوفي مت فڪر جو اثر غالب رهيو ان شاعري ۾ عربي يا فارسي لفظ، وقت سر ڪتب آندا ٿي ويا پر ان جو ماحول خالص ديسي هو، جڏهن ته فارسي جي اثر هيٺ، علم عروض تحت جيڪا شاعري ڪئي ٿي وئي ان جو ماحول به فارسي وارو رکيو ويو هو وڏي ڳالهه ته فارسي جي رنگ ۾ شاعري ڪندڙ، ٻين ڏيهي ۽ عوامي شاعرن کي جيڪي ڇند وديا جي اصول تحت شاعري ڪندا يا ڏيهي ماحول پيش ڪندا هئا انهن کي شاعر قبول نه ڪندا هئا. انگريز سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ جتي سرڪاري ٻولي انگريزي کي اهميت ڏني اتي فارسي بجاءِ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي قبول ڪندي ان جي ترقي لاءِ سرڪاري سطح تي ڪوشش ورتي ۽ سنڌي ٻولي اسڪولن ۾ پڙهائي وئي نتيجي طور جيڪو ادبي ماحول جڙيو ان ۾ پڻ جدت آئي. سنڌي شاعري ۾ سڀ کان پهرين ڪشنچند بيوس، فارسي ماحول کا ن هٽي ڪري شاعري ۾ ڏيهي ماحول ڏيڻ شروع ڪيو. قديم طورطريقن کان بغاوت جي نتيجي ۾ بيوس کي شاعر طور قبول ڪرڻ کان پڻ انڪار ڪيو ويو پر بيوس پنهنجو نئون دڳ ڇڏڻ بجاءِ ان ۾ نوان خيال داخل ڪندو رهيو . بقول ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجي جي ته “بيوس جو ننڍڙو مجموعو شيرين شعر’’ 1937 ۾ ڇپيو. ڪن حلقن کيس شاعر تسليم ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. بيوس جي ڪلام ۾ وطني ماحول ۽ وطني تشبيهن جو جلوو ڏسي ائين ڪيو ويو ان وقت اڪيلو بيوس ئي هو جيڪو عروض شاعريءَ جي وچ ۾ ان مضمونن کان آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو هن موضوعن ۾ تبديلي آڻي انفراديت قائم ڪئي ’’(1)
سنڌي افسانوي ادب جي ابتدا ته قليچ صاحب ڪئي پر ترقي پسند افساني مضمون ۽ ناول جو بنياد وجھندڙ ڄيٺمل پرسرام، خان چنڊ درياڻي ۽ لال چند وغيرهه آهن جن پنهنجي دور ۾ سٺو اثر ڇڏيو. ادب جي اندر جيڪا جدت اڀري ان جي سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتن جو اثر رهيو. ورهاست کان پهرين جي ادب تي هندو ۽ مسلم مذهبي فرق کان قوم پرستي جا پڻ اهڃاڻ ملن ٿا. جڏهن ته پهرين جنگ عظيم جي دوران سوويت رياست جي ظهور نظرياتي طور سنڌي ادب کي متاثر ڪيو ۽ ترقي پسند سوچ جيڪا هندو ۽ مسلم و رهاست جي خلاف هئي پر اڪثريتي ماحول هندو ۽ مسلم فرق وري رهيو. هن سوچ واري سياست ۾ سنڌ غائب رهي ۽ عام سنڌي پورهيت عوام لاءِ هنن وٽ هڪ لفظ “ڄٽ’’هو . ورهاست کان پوءِ پرسرام جن کي اهو احساس ٿيو ته سنڌ سان نا انصافي ٿي آهي پر ان ڄٽ واري خيال تي وري به قا ئم رهيو. بقول سندس ته :
ڪنڌڀڄي شل ڪانگريسين جو ڪيو اٿن ڪنياءُ
پٽي ٿي پئي هوءَ ماءُ
سنڌ سموري ڏنائون ڄٽن کي
مت نه مهل تي آئي مئن کي
جناح کي ڀي اسان جو دل ۾ ڪو نه پيو ڪهڪاءُ
پٽي ٿي پئي هوءَ ماءُ (2)
ترقي پسند فڪر جو بنياد وجھندڙ اديب جتي پورهيت عوام سان همدرديون رکن پيا اتي هو سنڌ لاءِ به ٻين کان مختلف خيالن جا مالڪ رهيا ۽ هو سنڌ کي هڪ الڳ ملڪ جي حيثيت ۾ ڏسڻ جا خواهشمند هئا. هن پيڙهيءَ جو جي نظرياتي جائزو وٺجي ته هو جوهر ۾ صوفي ها پر ان وقت جيڪي مذهبي ٽڪراءُ واريون حالتون هيون انهن جي ڀيٽ ۾ مارڪسي فڪر واحد فڪر هو جيڪو تعصب کان پري هو. هن پيڙهيءَ جي روشن خيالي ۽ ترقي پسنديءَ جيڪا ٻئي پيڙهي پئدا ڪئي، ان ۾ طبقاتي فڪر وڌيڪ طاقتور ٿي اڀريو. هند ۽ سنڌ جي ورهاست کان پهرين سنڌي ناول نگاري ۾ طبقاتي فڪر جو اظهار گوبند مالهيءَ ڪيو. بقول جبار جوڻيجي صاحب جي ته “گوبند مالهيءَ ڪيترائي ناول لکيا، ورهاڱي کان اڳ ۾ ۽ پوءِ به اڳ جي ناولن ۾ ’“انقلابي سپاهي’’ انقلابي ساراهه قابل ذڪر آهن ’’(3) جڏهن ته افسانا نگاري ۾ حشمت ڪيولراماڻي، سوڀوگيانچنداڻي ۽ شيخ اياز ترقي پسند رخ اختيار ڪيو. جڏهن ته شاعري ۾ بيوس کان پوءِ حيدر بخش جتوئي، جنهن نه صرف ڊگھا نظم لکيا بلڪ شاعري ۾ خالص سنڌ ۽ پورهيت فڪر کي پيش ڪيو. ترقي پسند فڪر جو بنياد وجهندڙ ليکڪن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو.