لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• ادب جو وحشت وارو دور

هن دور جي شروعات لاءِ اينگلس جو خيال آهي ته :
Infancy of the human race man still lived in his original habitat, tropical or sub tropical forest, dwelling, at least practically in the trees (8)
ترجمو: هي انساني نسل جو ننڊ پڻ جو دور – انسان اڃا تائين پنهنجي شروعاتي گھر يعني گرم يا هلڪي گرم علائقن واري ٻيلن ۾ رهندو – ڪنهن حد تائين وڻن تي رهندو هو . انسان جو هي دور لکين سالن تائين هلندو رهيو آهي ’’ پوٺوهار جي پهاڙي علائقي مان انسان جي هيٺين ڄياڙِي جو جيڪو هڏو مليو آهي ان لاءِ ماهرن هي خيال ظاهر ڪيو آهي ته هيءُ ڄياڙي جو هڏو 80 سالن کان هڪ ڪروڙ سال پراڻو آهي ’’ (9) . ساڳئي طرح آفريڪا مان پڻ 60 لک سال پراڻا انساني هڏا مليا آهن جنهن مان ظاهر آهي ته انسان جو هي دور لکين سالن تي ٻڌل آهي. هن دور جي شروعات ۾ انسان وٽ ٻولي ڪانه هئي بلڪه ڪوڪون ۽ ڪهيون وغيره جھڙا آواز هئا جنهن کي Howling periodڪوٺيو وڃي ٿو. خارجي خطرن ۾ گھيريل هن انسان جي، ڪنهن خاص وقت ۾ ذهني سرگرميءَ پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو . جتي انسان جي احساسن ۽ جذبن بنيادي ۽ سادي شڪل اختيار ڪندي خارجت ۾ اڀرندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ عملي سرگرميءَ وقت داخلي احساسن ۽ جذبن جي ترجماني ڪندڙ ذهني سرگرميءَ کي ڪتب آندو . سادي انساني تخيل آوازن ۽ ڪوڪن سان گڏ پنهنجي چپن کي خاص انداز ۾ روڪي سينڍ جو آواز ڪڍيو ۽ هٿن کي خاص انداز ۾ بيهاري ڦوڪ سان گھگھوءَ جو آواز ڪڍيو اها فن جي بلڪل سادي ۽ بنيادي شڪل هئي پر پوءِ به انسان وٽ لفظ نه هئا بلڪه آلاپون هيون .جڏهن جانورن جو وڳ معاشرتي برادريءَ ۾ تبديل ٿي ويو ته زبان ظهور ۾ آئي . ( هن لاءِ ڏسو – جدلياتي اور تاريخي ماديت ڪا ابجد- عنوان – زبان – ترقي ماسڪو- 1979) ۽ انسان جي ذهني سرگرميءَ، داخلي تصورن خارجي ماحول تي اثر ڇڏڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي ۽ آوازن بجاءِ لفظ ڪتب آڻڻ شروع ڪيا پر اهي لفظ گھڻن آوازن وارا نه، پر مختصر آوازن وارا هئا .هي نقالي واري آوازن کان بلڪل الڳ ۽ مختلف هئا. انسان نقالي ڪندي ڀوءُ ڀوءُ جو آواز جنهن جانور لاءِ اهڃاڻ طور استعمال ڪندو هو ان ساڳئي جانور لاءِ ڪتو علامت طور استعمال ڪيو، جيڪو خالص انساني سرگرميءَ جي تخليق هو .اهي معاشرتي وڳ، ٽولا يا ٽوليون، وڳر هڪٻئي کان الڳ محسوس ٿيڻ لڳا .ڇاڪاڻ ته معاشي لاڀ لاءِ مختلف پرڳڻن ۾ وکرجي وڃڻ / ذهني سرگرميءَ دوران انهن جيڪي خاريت لاءِ مخصوص تصور تخليق ڪندي، انهن کي عملي جامو پارائيندي جيڪي لفظ ادا ڪيا اهي الڳ الڳ هئا گڏيل شڪار جي صورت ۾ جڏهن وڳ، ٽولي کي سوڀ حاصل ٿي ته انهن جيڪو خوشيءَ جو اظهار ٽپا يا ڪڏڪار ڪندي ڪيو ۽ اوزار طور استعمال ڪيل لٺين ۽ باٺن کي هڪٻئي سان ٽڪرائي خاص آواز ڪڍيا جن اجتماعي فن ( موسيقي) فن جو بنياد وڌو ساڳئي وقت انسان جيڪي غارن ۾ نقش چٽيا آهن انهن ۾ شڪار جو درس موجود آهي. هن دور جو فن ۽ فڪر اڄ اسان کي ڀلي سطحي محسوس ٿيندو هجي پر اها حقيقت آهي ته اهو فڪر ئي هو جنهن انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ جيڪو تضاد موجود آهي ان تي سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ هن دور ۾ بنياد وڌو. هن دور جي ادب کي اسين سڌي طرح نٿا سڃاڻين سگھون ته ان جي ڪهڙي شڪل هوندي پر اهو ضرور ڄاڻو ٿا ته ان دور جي ادب ۾ نه ته رشتن جو تقدس هو ۽ نه ملڪيت جو تصور ڇاڪاڻ ته ان وقت جيڪو سماج موجود هو ان سماج ۾، معاشي رشتن ۾ ملڪيت جي رشتن جي ڪا به جاءِ نه هئي . جيئن اسين ان دور جي اوزارن کي سڃاڻون ٿا ته هي ڪاٺ جي دور جو آهي يا پٿر جي دور جو آهي وغيره اهڙي طرح ان ادب کي گڏيل ادب، اشتراڪي ادب طور سڃاڻپ ڪري سگھون ٿا.
انسان پنهنجي معاشي رشتن ۾ مڇيءَ جي شڪار کي جاءِ ڏني ۽ کاڌي ته هو باهه ٻارڻ به سکيو…….with the utilization of fish for food with employment of fire(10)هي اهي عمل آهن جن وحشت واري دور ۾ بربريت واري دور جو بنياد وڌو هن دور جي شروعات واروجيڪو ادب هو اهو جملن تي نه پر لفظن تي ٻڌل هو . هن دور جي ابتدا ۾ انسان جيڪو ڪارنامو ڏيکاريو اهو مٽيءَمان ٿانو جوڙڻ هو. ان مان اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته جڏهن انسان مٽيءَ مان مَٽُ تخليق ڪيو ته ٻوليءَ ۾ مَٽُ لفظ جو واڌارو ٿيو ساڳئي وقت پنهنجي داخلي جمالياتي جذبن جي اظهار لاءِ بوڙينڊو ٺاهيو هٿن کي خاص انداز ۾ جھلي جيڪوگھگھوءَ جو آواز ڪڍيو ويندو هو بوڙينڊي جو آواز ان کان وڌيڪ سريلو هو . موسيقيءَ ۾ تاڙين ( هٿ جون) ۽ ڪاٺين کان پوءِ ٻيو ساز بوڙينڊو هو جنهن موسيقيءَ ۾ نواڻ کي جنم ڏنو. هن دور ۾ جتي انسان گڏجي رهندو هو ۽ شڪار ڪندو هو اتي گڏجي ڳائڻ ڪري لوڪ ادب ۽ موسيقيءَ جو بنياد پيو. هنن ڇا ٿي ڳايو اهو ظاهر نه ٿي سگھندو پر اها حقيقت آهي ته اهو ادب ئي هو جيڪو ان دور جي انسانن جي داخلي جذبن، احساسن ۽ خيالن جي ترجماني ڪري رهيو هو . فطرت جو تضادجيڪو پئدواري عملن ۾ رڪاوٽ وجھي رهيو هو ان جو مقابلو ڪندي مادي گھرج جو پورائو ڪرڻ خاطر انسان جانور پالڻ ۽ پوکي راهي ڪرڻ سکي ورتي. جتان انسان جي فڪري جاڳرتا سادن خيالن کان ڳوڙهي خيالن طرف سفر شروع ڪيو،
Simulating of iron ore and passes into civilization through the invention of alphabetic writing and it is utilization for literacy records (11)
ترجمو: ڪچي لوهه کي ڳاري صاف ڪيو ۽ حروف تحجي جي لکڻ جو فن ايجاد ٿيو ۽ ادبي تحريرن ۾ ان کان ڪم ورتو ويوته هي دور مٽجي تهذيب جي دور ۾ تبديل ٿي ويو. جتي انسان وسيح ٻيلا صاف ڪري وڏي پئماني تي هارپي جي شروعات ڪندي دريائي تهذيب جو بنياد رکيو اتي ادب، فن ۽ فڪر ۾ روح جي تصور کي تخليق ڪيو جنهن اشتراڪي ادب کان هٽي ڪري غلام داري جي طرفداري ڪئي جتي فڪر ۾ غلام رکڻ جي گنجائش پئدا ٿئي ۽ غير طبقاتي سماج طبقاتي سماج ۾ پير پاتو هن دور جي ادب اڀرندڙ فڪري سوال کي حل ڪندي خواب کان مطلق روح، ديوي ماتا، گاءِ ماتا ۽ ڌرتي ماتا لاءِ پنهنجي داخلي احساسن، جذبن ۽ تجريدي خيالن جو نه صرف اظهار ڪيو بلڪ انهن کي مادي شڪل ڏيندي انساني شڪل جا يا وري ان جانور جي شڪل جھڙا بت جوڙيا جن سان تخليق ڪار جو واسطو پيو . جادو، جن ڀوت ۽ قسمت جو ادب هن جي پئداوار آهي.
نچوڙ:
تحقيق مان اهو ظاهر ٿيو آهي ته انسان جو وحشت وارو دور لکين سالن تائين هليو آهي هن دور جي منڍ ۾ انسان وٽ ٻولي ڪانه هئي پر ڪوڪ ۽ ڪيهون وغيره جا آواز هئا جنهن کي (Howling Period) ڪوٺيو وڃي ٿو.
خارجي خطرن جي موٽ ۾ انسان جي ذهني سرگرميِءَ پنهنجو ڪم ڪيو جتي انسان جي اندر احساس ۽ جذبا پئدا ٿيا.
انسان جي سادي تخيل آوازن جھڙوڪ ڪوڪڻ، ڪيهون ڪرڻ سان گڏ سينڍ ڏيڻ ۽ هٿن جي مدد سان گھگھو وڄائڻ سکيو . جيڪا فن جي شروعاتي ۽ سادي شڪل هئي.
انساني وڳ جڏهن معاشرتي برادريءَ ۾ تبديل ٿيا ته زبان ظهور ۾ آئي جتي انسان جي داخلي تصورن خارجي ماحول تي اثر ڇڏڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي .
شروعاتي ٻوليءَ جا لفظ ڊگھن آوازن وارا نه پر مختصر آوازن وارا هئا . جيڪي نقالي واري آواز کان بلڪل مختلف هئا . اهي لفظ، علامتون يا اهڃاڻ خالص انساني سرگرميءَ جي تخليق هئا .
انساني وڳ، ٽوليون مختلف علائقن ۾ وکرجي وڃڻ سان گڏ ذهني سرگرميءَ دوران خارجيت لاءِ مخصوص ۽ مختلف تصور تخليق ڪيا جيڪي مختلف ٻولين جي سڃاڻپ ٿيا .
گڏيل شڪار دوران شڪار لڳڻ جي موٽ ۾ لٺين ۽ سوٽين کي هڪٻئي تي هڻي جيڪو خوشيءَجو اظهار ڪيو ويو. لٺين ۽ سوٽين جي ٽڪراءَ جي موٽ ۾ جيڪي خاص آواز ڪڍيا ويا . ان اجتماعي فن ( لوڪ موسيقي) جو بنياد وڌو.
هن دور جي ادب کي اسين سڌي طرح نٿا سڃاڻو ته اهو ڪهڙي شڪل ۾ هو پر اهو ڄاڻون ٿا ته هن دور جي ادب ۾ نه ته رشتن جو تقدس هو نه وري ملڪيت جي رشتن جي ڪا جاءِ هئي ڇاڪاڻ ته ان وقت جيڪو سماج موجود هو اهو گڏيل سماج هو ان ڪري هن دور جي ادب کي گڏيل ادب، مشترڪا يا ڪنهن حد تائين اشتراڪي ڪوٺي سگھجي ٿو.
هن دور جو ادب ڪو وسيع ادب نه هو پر اڄ جيڪو وسيع ادب ٿيو آهي ان جا فڪري بنياد هن دور ۾ وڌا ويا . انسان هر شيءَ جو نالو يا ان مان ملندڙ لاڀ کي سمجھائڻ لاءِ پنهنجي فڪري صلاحيتن کان ڪم ورتو .
جڏهن انسان مڇي کائڻ، باهه ٻارڻ ۽ مٽيءَ جا ٿانو ٺاهڻ سکيو ته پنهنجي داخلي اظهار لاءِ بوڻينڊو پڻ ٺاهيو جيڪو موسيقيءَ جي سازن جي تخليق ۾ هڪ شاهڪار تخليق هئي جنهن موسيقيءَ ۾ نواڻ کي جنم ڏنو.
جڏهن انسان پوکي رائي ڪرڻ ۽ جانور پالڻ سکيو ته انسان جي فڪري جاڳرتا سادن خيالن کان ڳوڙهي خيالن طرف سفر شروع ڪيو ته اهو ادب ئي هو جنهن فڪري طور انسان جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪئي ۽ انساني خيال هڪ نسل کان ٻئي نسل کي منتقل ٿيا.
انسان جڏهن ڪرت ۾ لوهه جي اوزارن کي ڪتب آندو ته وسيع تر دريائي تهذيب جا بنياد وڌا ساڳئي وقت ادب کي محفوظ رکڻ لاءِ، ٻين تائين منتقل ڪرڻ لاءِ حروف تحجي جو فن ايجاد ڪيو ۽ ان کي ادبي تحريرن ۾ ڪتب پڻ آندو .هن دور جي آخر واري ادب ۾ مادي کان پوءِ روح جي تصورکي تخليق ڪيو ويو جتي تجرباتي ادب جي جاءِ نظرياتي ادب والاري.
هن دور جي آخر ۾ ادب جا مکيه موضوع جِنَ، ڀُوتَ، قسمت ۽ ڏاتار رهيا . جن جي پويان اهي مادي حقيقتون هيون جيڪي انسان نه سمجھندي به سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.