• خاڪي جويو
خاڪي جتي آزاديءَ جي ڳالهه ڪري ٿو اتي پورهيت کي انقلاب لاءِ اڪسائي ٿو ۽ چوي ٿو...
پورهيت ٿيندي چاهه، ڪيسين هن ڪهرام ۾،
تون ئي سگهه سماج جي، تون ئي ساهه پساهه،
جيئڻ ڪاڻ جنگاهه، سگهو جوٽ جهان سان. (2)
ساڳي طرح خاڪي سنڌ جي هاريءَ کي پڻ هڪ انقلابي ۽ محنت ڪش جي نظر سان ڏسي ٿو. بقول سندس ته ...
پاڪ پگهر جو پورهيو، ساري جڳ جو ساهه
خاڪي خالق خلق جو، محنت ڪش جو ماه
اهڙو ڪٿ الله، جهڙو هر هاريءَ جو. (3)
غلامي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل معاشري ۾ انسان جون سوچون ۽ خيال ڪهڙي شڪل اختيار ڪن ٿا ان جو دارومدار ته ان حالتن تي آهي جيڪي غلاميءَ جي موٽ ۾ جڙن ٿيون پر خاڪي هتي صرف ان سماجي پيڙا متعلق ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو-
ڄڀيون بڻجي ڄاڻ جون، لوها لڱ ٻرن
سارا تن تندور ۾، پچي راس ٿين
ٽانڊن تي ٽڙڪن، سوچون هن سماج جون(4)
خاڪي صاحب جيڪو سنڌ دوست انقلابي پارٽيءَ ۾ ويهي نثر لکيو آهي ان ۾، مارڪسي فڪر جو عنصر وڌيڪ آهي. پر اها به حقيقت آهي ته خاڪي صاحب طبقاتي فڪر جي ان پاسي کي وڌيڪ پيش ڪيو آهي جيڪو قومي خودمختاري جي ڳالهه ڪري ٿو. خاڪي مارڪسي فڪر کي سنڌ ۾ تمام وڏي پئماني تي لکيو پر خاڪي پنهنجي جوهر ۾ مبهم رهيو آهي ان جو ڪارڻ مارڪسي فڪر نه آهي پر خود اهي پارٽيون هيون جيڪي اصل ۾ پنهنجي پروگرام ۾ واضع نه هيون ۽ انهن جي قيادت پيٽي بورجوازيءَ جو ڪردار ادا ڪنديون رهيون ۽ خاڪي جيڪو نثر ۾ تخليق ڪار گهٽ نقاد وڌيڪ رهيو آهي ۽ انهن موقعي پرست قيادت جي موقف کي بيان ڪندو رهيو آهي نتيجي طور خاڪي جڏهن پورهيت جي ڪردار تي روشني وجهي ٿو ته هو به ٻُڏتَر جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ اهو فيصلو نٿو ڪري سگهي ته مون کي چوڻو ڇا آهي ’’ڪنهن به قومي وجود جي تشڪيل يا تعمير انهيءَ قوم جو پورهيت طبقو ڪندو آهي. ڇاڪاڻ جو اهو ئي طبقو سياسي اقتصادي سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي توڙي قومي وجود جي سڃاڻپ ۽ سلامتيءَ جو سرجڻهار ۽ سرواڻ هوندو آهي جڏهن ته مٿيون استحصالي طبقو پنهنجن طبقيوار مفادن مطابق پنهنجي جاگرافي تاريخي ۽ قومي ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي ۽ ٻولي کي ڦيرائيندو گهيرائيندو ۽ تبديل ڪندو رهندو آهي. ان ڪري مٿين استحصالي طبقي جي ڪابه قوم ڪانه هوندي آهي پر جيڪڏهن سندس ڪا قوميت يا مذهب هوندو به آهي ته اهو سندس طبقيوار مفادن جي تابع ۽ گهيري ۾ هوندو آهي‘‘(5)
محترم خاڪي جويو صاحب جتي مارڪسي فڪر جي روشنيءَ ۾ تنظيم جو ڍانچو سمجهائي ٿو اتي اهو وساري وڃي ٿو ته قومي پارٽي – پيٽي بورجوازي پارٽي ۽ سوشلسٽ (ڪميونسٽ پارٽي) ۾ ڪهڙو فرق هئڻ گهرجي بس هو مارڪس ۽ لينن جا ڪجهه دليل ڏئي سنڌ جي موقعي پرست قومي اڳواڻن کي سچو ۽ خرو ڪري پيش ڪري ٿو جڏهن خاڪي، مارڪس جي فڪر کي هڪ سائنس سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته ’’مارڪسزم، جيڪا ظالم طبقن جي خاتمي ۽ مظلوم طبقن جي ڇوٽڪاري جي سائنس آهي، ٻڌائي ٿي ته انساني تاريخ طبقن جي هڪ ٻئي خلاف اصل ۾ طبقاتي جنگ جو نالو آهي‘‘ (6)
خاڪي صاحب مارڪسي فڪر جي تشريح ته ڪندو رهي ٿو پر هو اهو سمجهي نه سهگيو آهي ته سماجي تاريخ خود انسان جي انفرادي سوچ جي ارتقا آهي ساڳي وقت هو پئداواري قوتن جي تخليقي عمل ۽ ارتقا کي ان رخ ۾ پيش ڪري نه سگهيو آهي جيڪو مارڪسي فڪر جو رُخ آهي خاڪي صاحب صرف مارڪس کي/ طبقاتي فڪر کي قومي ڌارا ۾ ڏسي ٿو.
حوالا
نمبر مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو ادارو جنهن ڇپرايو سن صفحو
1 غفور ميمڻ ڊاڪٽر سنڌي ادب جو فڪري پس منظر شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي 2002 473
2 جويو خاڪي ڪيڏارو حيدرجويو 1984 07
3 جويو خاڪي ڪيڏارو حيدرجويو 1984 08
4 جويو خاڪي ڪيڏارو حيدرجويو 1984 06
5 ابوجبران قومي سوال جو نظرياتي جائزو جبران پبليڪيشن ڪراچي 1986 102
6 ابوجبران انقلاب جي واٽ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1988 132