لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

سنڌي ادب ۾، خاص ڪري تنقيدي ۽ فڪري ادب ۾ محترم الهداد ٻوهيي جو مقام الڳ ۽ نرالو آهي ٻوهيي صاحب جيڪو ادب ٻولي جي سماجي ڪارج ۽ تنقيد جي حوالي سان لکيو آهي ان جي اهميت ۽ ماهيت پنهنجي جاءِ تي مٿانهين آهي پر هتي ان متعلق بحث نه ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته اهو موضوع جي حوالي سان اسان جي موضع کان ڪٽيل آهي نتيجي طور هتي اسين سندس ان خيالن طرف اچئون ٿا، جيڪي اسان جي موضع سان وابسطه آهن حقيقت اها آهي ته ٻوهيو صاحب جون تحريرون ڪافي پيچيدهه آهن ۽ هو انهن ۾ پنهنجي نظريئي کي/راءِ کي شامل ڪندو رهي ٿو. هي شخص ادب کي فڪشن جي قيد ۾ نه ٿو ڏسي پر هو ادب جي سرجڻ جي سماجي ڪار تي گهري نظر وجهي ٿو بقول سندس ته ’’ادب هڪ سوچيندڙسماج جي سوچ جي بنيادن تي قائم ٿئي ٿو ۽ اديب ان سوچيندڙ سماج جي زبان جيان سماج جي سوچ جو اظهار ڪري ٿو، ادب ان اظهار جو نالو آهي جيڪو هڪ سوچيندڙ سماج جي سوچ جي پئداوار آهي‘‘ (1) اهڙي طرح ٻوهيو صاحب، مارڪسي فڪر / طبقاتي فڪر لاءِ جيڪا راءِ قائم ڪري ٿو يا پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري ٿو ان ۾ لفظن جي هير ڦير ڪرڻ بجاءِ چٽي ۽ کري راءِ ڏئي ٿوجنهن مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته هن شخص، مارڪس، اينگلس ۽ لينن جو سٺو مطالعو ڪيل آهي. ٻوهيو صاحب جيڪا مارڪس لاءِ راءِ قائم ڪري ٿو ان جو اظهار هن ريت ڪري ٿو ’’مارڪس کي انسان ذات جو اهو پهريون فرد سمجهيو ويو جنهن نه پاڻ کي خدا سڏايو ۽ نه رسول پر هو انساني معاملات ۾ تمام وڏن رهبرن ۽ سڌارڪن جيان شريڪ ٿي ويو ۽ پنهنجي ننڍڙي گروهه جي مدد سان وڏيون وڏيون ۽ طاقتور حڪومتون قائم ڪري سگهيو هيءَ ڳالهه مارڪس کان اڳ ۾ ڪنهن به پيغمبر يا سڌارڪ ڏانهن منسوب ٿي نه سگهي هئي‘‘(2)
ٻوهيو صاحب جو خيال آهي ته سماجي ۽ معاشي تحريڪن جي بدولت جيڪي خيال سرجن ٿا ادب انهن کان نه صرف متاثر ٿئي ٿو بلڪ نون خيالن جي ڪري ادب ۾ ارتقا ٿئي ٿي جيئن ته مارڪس جو فڪر سوشل سائنس ۽ سياسي معاشيات تي ٻڌل هو ساڳي وقت هي فڪر هڪ تحريڪ جي صورت ۾ پوري دنيا جي ادب، فن ۽ فڪر کي متاثر ڪندو رهيو مارڪس ۽ اينگلس جي لکتن لاءِ ٻوهي صاحب جي راءِ آهي ته ’’هو نه ولي ها ۽ نه شيطان، هنن جون تحريرون نه خدائي پيغامن جهڙيون آهن ۽ نه شيطاني هدايتن جهڙيون. انهن جي تحريرن ۾ اهو اقتصادي علم آهي جنهن انسان ذات جي اقتصادي لاڳاپن ۽ اقتصادي حالتن کي بهتر طريقي سان سمجهايو ويو آهي‘‘.(3)
ٻوهيو صاحب طبقاتي فڪر کان متاثر ٿي ان لاءِ تمام سٺي راءِ جو اظهار ڪيو آهي ۽ اهو به ان دؤر ۾ (1984) جڏهن سنڌ ۽ سنڌي ادب تي ڪڙي نظر رکي ويندي هئي پر هتي جيڪا اسان ڳالهه محسوس ڪئي آهي سا اها ته ٻوهيو صاحب تفصيل ۾ وڃڻ کان ڪيٻائي ٿو ۽ مارڪسي فڪر کي/طبقاتي فڪر کي عوامي انداز ۾ سمجهائڻ بجاءِ دانشورانه راءِ جو اظهار ڪري ٿو جنهن ۾ تعريف جو عنصر وڌيڪ آهي ٻوهيي صاحب جو خيال آهي ته ’’هيگل جي فڪر جو روح اهو ئي آهي جيڪو مارڪس وٽ محض مادو آهي پر تضادم جي حد تائين هيگل ۽ مارڪس ۾ ڪو وڏو فرق ڪونهي ان ڪري مارڪس جي اڀياس ڪرڻ وارن جي لاءِ هيگل جو اڀياس ضروري ڪرڻ گهرجي ٻنهي جي وچ ۾ اختلاف اهو آهي ته مارڪس جدليات کي مستقبل جي لاءِ ضروري ٿو سمجهي ۽ سائنسي طور اڳ ڪٿي به ڪري ٿو سگهي پر هيگل اها ڳالهه جيڪر قبول نه ڪري ها ته خيال کان سواءِ ٻئي به ڪا متحرڪ قوت تبديل جو سبب بڻجي ٿي سگهي‘‘. (4) الهداد صاحب جو خيال پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو پر اسين ساڻس اختلاف رکون ٿا ڇاڪاڻ ته هيگل ۽ مارڪس جي فڪر ۾ جيڪو تمام ٿورو فرق ٻوهيو صاحب محسوس ڪري ٿو اهو پنهنجي جوهر ۾ تمام وسيع آهي. هيگل جو فڪر خيال کان شروع ٿئي ٿو ۽ ’’حقيقي روح‘‘ ۾ پناهه وٺي ٿو جڏهن ته مارڪس جو فڪر وجود (مادو) ۽ جدليات جي ڳالهه ڪري ٿو بهرحال ٻوهيو صاحب کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري .
طبقاتي فڪر جو ادب ۽ ادبي تنقيد لاءِ مخصوص نظريو آهي ٻوهيو صاحب سوشلسٽ فڪر جي ان ادبي تنقيد واري نظرئي کي پڻ سنڌي ادب جي تنقيد واري حصي ۾ پيش ڪيو جن اديبن سوشلسٽ فڪر واري ادبي تنقيد جي واکاڻ ڪئي آهي ٻوهيو صاحب پڻ انهن ۾ شامل آهي ٻوهيو صاحب طبقاتي فڪر متعلق گهڻو ته نه لکيو آهي پر جيڪو لکيو آهي ان مان ظاهر آهي ته هي نه صرف متاثر آهي بلڪ طبقاتي فڪر کي سمجهندي، ان لاءِ پنهنجا وچور رکي ٿو سنڌي ادب ۾ جيڪو طبقاتي ادب سرجيو آهي ان ۾ ٻوهيي صاحب جو سٺو مقام آهي.

حوالا

نمبر مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو ادارو جنهن ڇپرايو سن صفحو

1 ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر ادب جا فڪري محرڪ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدر آباد 1984 25
2 ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر ادب جا فڪري محرڪ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدر آباد 1984 250
3 ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر ادب جا فڪري محرڪ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدر آباد 1984 239
4 ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر ادب جا فڪري محرڪ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدر آباد 1984 275