لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• غير طبقاتي معاشري جو نئون وجود

طبقاتي سماج اندر طبقاتي وڏ ننڍائي جي ڪري جيڪو ماحول جڙيو ان ماحول ان دور جي تخليق ڪار کي متاثر ڪيو ۽ انسان هن ڌرتيءَ تي هڪ باوقار ۽ پرسڪون زندگيءَ جو خواب (يوٽوپيا)ڏٺو سو اهو ته انسان برابر ۽ هڪ جهڙي زندگي ڇو نٿا گهارين- وڏ ننڍائي ڇو آهي؟ اهڙو خيال (Thomas More-1478-1535) ظاهر ڪيو هي تصوراتي سوشلزم جو پهريون خيال هيو ٿامس مور پنهنجي (Utopia)۾ انسان جي سٺي ۽ باوقار زندگيءَ لاءِ جيڪو دليل ڏنو سو اهو ته پئداوار کي عوامي مالڪاڻا حق (Public Ownership) جي بنياد تي لاڳو ڪيو وڃي ٿامس مور جو خيال هجي يا اٽليءَ جي ٽوماسو (Tommaso campenella-1568-1639)جو خيال- اهي انسانيت ۽ اقليت تي ٻڌل هيا جيئن جيئن طبقاتي ٽڪراءُ ذور ورتو اتان ان تصوراتي سوشلزم واري خواب کي حقيقت جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي مابلي (Gabrial Mably-1709-1785) جي شاگرد بابيو (Graechus Babeuf-1760-1797) فرانس جي پورهيت پرتن ۾ طبقاتي جاڳرتا پئدا ڪندي انقلاب لاءِ تيار ڪيو بابيو جي نظريئي تي غور ڪجي ته معلوم ٿيندو ته بابيو عملي سرگرميءَ کي نظريئي کان وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو هن جيڪو پڌرنامو ظاهر ڪيو ان مان پڻ معلوم ٿئي ٿو ته بابيو طبقاتي جدوجهد جي معاشي ۽ سياسي پاسي کي سمجهي ويو هو پر ان جي نظرياتي پاسي کي نه سمجهي سگهيو نتيجي طور سماجي ارتقا کي حقيقي رخ ۾ سمجهائي نه سگهيو فرانس جي انقلاب ۾ حصو وٺندڙ ۽ بابيو جو همعصر سائمن (Claude Hanricaint Simon-1760-1825) خيالي سوشلزم جو بنياد جنهن ڳالهه تي رکيو سا اها ته سماج کي اهڙي نموني ترتيب ڏنو وڃي جو هر ماڻهو پنهنجي ضرورت آهر ڪم ڪري ۽ ان کي ان جي ڏهاڙي ڪم مطابق ڏني وڃي ساڳي طرح سائمن طبقاتي جدوجهد کان انڪار ڪندي خيال ظاهر ڪيو ته مٿيون طبقو ۽ هيٺيون طبقو ملي ڪري صنعتي طبقو (Industrialist) جوڙين. چارلس فوريئر (Charles Fourier-1772-1837) جو خيال صوفياڻو خيال هو ۽ مٿئين ۽ هيٺئين طبقي کي عرض ڪيو ويو آهي ته هو گڏجي رهن هي شخص طبقاتي جدوجهد ۽ انقلاب کان انڪاري هو امن ۽ ان معرفت سماجي جاڳرتا جي پيروڪار فوريئر انقلاب جي مخالفت ڪندي سماج اندر تبديلي (انقلاب) جي گهر ڪئي (اهڙي غلطي فائر باخ پڻ ڪئي ته مذهب جي مخالفت ڪندي ان جو حل عالمي مذهب ۾ ڏنو) نتيجي طور فوريئر جا خيال تاريخ جو حصو ته بڻيا پر انقلاب آڻي نه سگهيا. روبرٽ اووين (Robert Owen-1771-1858) مزدور تنظيم ۽ تحريڪ تي زور ڏيندي واضع ڪيو ته بنيادي برابري وارا حق بغير جنسي ورهاست جي سڀني کي ساڳيا هجن گڏيل ملڪيت (Common Property) ۽ هر وهنوار ۾ گڏيل ناتا (Comrade Ship) هجن وغيره. ڏٺو وڃي ته طبقاتي سماج اندر جيڪا غير طبقاتي سماج لاءِ سوچ ڏني ويئي ان ۾ انقلابي دڳ کان انڪار ڪندي (سواءِ بابيو جي) اصلاحي سماج (Reforming Society) وارو پيچرو اختيار ڪيو ويو ساڳي وقت خيالي سوشلسٽن انسان جي بنيادي گهرجن کي هٿي ڏيندي جيڪي مادي خيال (مابعدالطبعياتي خيال) ڏنا انهن هڪ اهڙو ماحول جوڙيو جتان حقيقي مادي خيال ڪارل مارڪس ۽ اينگلس جي صورت ۾ اڀري سامهون آيا ۽ خيالي سوشلزم جي جاءِ سائنسي سوشلزم والاري مارڪسي فڪر کي ٻه ڳالهيون سائنسي ثابت ڪن ٿيون هڪ تاريخ کي مادي رخ ۾ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ٻيو واڌو محنت (قدر ذائد) ساڳي طرح مارڪس ۽ اينگلس سماجي ارتقا کي سمجهائيندي سماج جي ايندڙ منزل (دور) لاءِ نظرياتي طور ماحول تيار ڪيو جنهن جو تجربو روس ۾ لينن ڪيو، ٿامس جي مور جي خواب کان بابيو تائين انساني فڪر جيڪا ارتقا ڪئي ان جي خاص ڳالهه فرانس جو انقلاب هو جيڪو ان دور جي خارجي ۽ داخلي ماحول جي ڪري وجود ۾ آيو اهو انسان جو طبقاتي سماج اندر غير طبقاتي سماج جو عملي طور پهريون تجربو هو جيڪو 70 ڏينهن هلي ٽٽي ويو ان جي ٽٽڻ جا سبب خود ان دور جي فڪر ۽ انقلاب لاءِ تيار ڪيل نظرياتي ماحول مان معلوم ڪري سگهجن ٿا. مارڪس، فرانس، جرمني ۽ برطانوي ڪلاسيقي فڪر جي نظرياتي ڪچائن تي تنقيد ڪندي جنهن سائنسي سوشلزم جو بنياد وڌو اهو انقلاب 70 سال هلڻ کان پوءِ عالمي سامراج جي لڳاتار داخلي ۽ خارجي رڪاوٽن سان گڏ 3 عالمگير جنگ لاءِ ماحول تيار ڪرڻ ڪري مجبورن سوويت انقلاب کي معطل ڪيو ويو ڏٺو وڃي ته سرد جنگ جي آڙ ۾ عالمي سامراج طبقاتي ٽڪراءُ کي مذهبي ٽڪراءُ جو رنگ ڏيندي پنهنجي فنائيت کي روڪي ويو پر اڄ هو پنهنجي داخلي تضاد جو شڪار ٿيو آهي ان جو ڏاڍ وارو حقيقي رخ سڄي دنيا جي سامهون آيو آهي اڄ جون حالتون اهو ٻڌائين ٿيون ته عالمي پرماري قوتون معاشري ۾ اڀرندڙ معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ جي قوت وڃائي چڪيون آهن ٻئي طرف پورهيت پرتن پئداواري عمل دوران جيڪي نوان سنج ڪتب آڻين پيون انهن ايندڙ سماج جو بنياد وجهڻ شروع ڪيو آهي تاريخي ماديت اهو ثابت ڪري ٿي ته سماج کي بقا آهي پر سماجي دور کي بقا نه آهي ان ڪري انقلابي جدوجهد جي موٽ ۾ پرماريت جو موت ضرور اچڻو آهي ساڳي وقت اهو پڻ سوال اڀري ٿو ته فرانس جو انقلاب 70 ڏينهن ۽ روس جو انقلاب 70 سال هليو ته ڇا انسان ايندڙ تجربو 70 صدين جو ڪندو؟ منهنجي خيال ۾ ان جو دارومدار ٻن ڳالهين تي آهي هڪ ته علائقائي پرماري قوتون اتحاد ڪري عالمي سامراج جي صورت اختيار ڪرڻ سان گڏ پنهنجي اجاريداريءَ کي برقرار رکڻ لاءِ عاملي تشدد جو دڳ ورتو آهي جنهن لاءِ الڳ الڳ طبقاتي جنگ وڙهڻ بجاءِ پوري دنيا ۾ هڪ ئي وقت طبقاتي جنگ شروع ڪئي وڃي ٻيو ته ان جنگ کي شروع ڪرڻ کان پهرين طبقاتي انقلابي شعور ۽ ان لاءِ گهربل تاريخي نظرياتي عملي سرگرميءَ کي عروج تي پڄايو وڃي مستقبل جو غير طبقاتي سماج خواب نه پر حقيقت آهي جيڪو پنهنجي عبوري دور مان گذري رهيو آهي.