لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• جديد طبقاتي فڪر ڇا آهي؟

انسان وحشت واري دور۾ جڏهن خواب ۾ انساني شڪليون ڏٺيون ته ان اهو يقين ڪري ڇڏيو ته انسان جي اندر جيڪي خيال ۽ احساس پيدا ٿين ٿا اهي انسان جي وجود جا نه، پر ان روح جا آهن جيڪو انسان جي عارضي وجود ۾ رهي ٿو ۽ جڏهن وجود فنا ٿي وڃي ٿو ته روح جسم کان الڳ ٿي آزاد ٿي وڃي ٿو، روح کي موت نٿو اچي ان ڪري بقا روح کي آهي جسم کي نه مٿئين عقيدي (جنهن کي هنڌو مت خاص ڪري ٻڌمت ۾ صحيح سمجهي سگهي ٿو) جي اڀرڻ ڪري روح ۽ خارجي دنيا جي ڳانڍاپي متعلق سوچڻ شروع ڪيو هنن وٽ اهو سوال اڀري نه سگهيو ته جسم جي فنا ٿيڻ کان پوءِ روح جو ڇا ٿيندو؟ ڇو ته اڃا تقدير متعلق سوچ ڪانه اڀري هئي، هنن فطري ڏيکن کي انساني شڪل ۾ آڻيندي ديوي ۽ ديوتا تخليق ڪيا گهرجن پٽاندر ارتقائي عمل مان عملي طور گذرندي انسان ديوتائن جي خامين ۽ خوبين مان وحدانيت جي تصور هڪ ديوتا جي تصوير کي اڀاريو، جنهن لاءِ اينگلس چيو، ’’هڪ ٻئي کي گهٽائڻ واري ديوتائن جي وچان ماڻهن جي ذهنن ۾ هيڪڙائي واري مذهب جي واحد ۽ غير معمولي ڌڻيءَ جو خيال پيدا ٿيو‘‘ (1) اهو خيال ان دور جي حالتن جي ڪري ظهور ۾ آيو.جتي انساني تهذيب جو بنياد وجهندي قيد ٿي آيل قيدين کي ڪهي کائڻ کان غلام رکڻ تي مجبور ٿيو اها مجبوري خود ان دور جي ارتقا کي اڳتي وٺي هلڻ لاءِ محنت جي گهرج ڪري اڀري هيگل جي چواڻي مطابق ته ’’حقيقت پنهنجي ارتقا جي دوران پنهنجو پاڻ کي ضرورت جي صورت ۾ به ظاهر ڪندي آهي‘‘. (2) ان صورت تحت انسان جيڪي خارجي دنيا جي مختلف وجودن لاءِ چت اندر شبيهو حاصل ڪيو (جوڙيون) انهن جو فطرت سان ڪهڙو رشتو آهي؟ ان سوال انسان جي چت کي ان ڳالهه لاءِ مجبور ڪيو ته ان تي غور فڪر ڪري. روح جو وجود سان ڪهڙو سٻندو آهي؟ اول ڪير آهي روح يا وجود(مادو)؟ هي اهو سوال آهي جيڪو ق-م ۾ يونان، سنڌ ۽ چين ۾ اڀري سامهون آيو. جتي انسان ديوتائن تي شڪ ڪندي اهڙي وقوف جو بنياد وڌو جنهن جي شروعات مادي جي مختلف خاصيتن کان ئي پر ان جو آخري حصو عقيدائي، تصوراتي رهيو فطرت جي نقالي ڪندي ان جي خاص لقائن کي مرڻ کان پوءِ روح جي جاءِ سڏيو.
(Now known as the Milky Way galaxy was the heavenly Nile River in the land of the dead)-3
انسان پنهنجي حسي سوجهن تي ڀاڙيندي واضع ڪيو ته جيڪي لقاءُ، اولڙا ۽ عڪس اسان حاصل ڪريون ٿا اهي حسي سوجهن معرفت اچن ٿا ۽ خارجي دنيا داخلي دنيا تي اثر ڇڏي ٿي. اهي وجود جيڪي خارجي آهن. ڇا آهن؟ هن سوال جي موٽ ۾ انسان جن خيالن جو اظهار ڪيو تاريخ ۾ (ان دور ۾) مروج خيالن کان الڳ ۽ ان دور جا تجريدي خيال هئا چارواڪ (Charvakas-16h.B.c) دنيا جي مادي هئڻ جا دليل ڏيندي انسان کي (دنيا کي) مٽي، پاڻي، باهه ۽ هوا مان جوڙيل ڏيکاريو ديمو ڪريٽس (Democritus-460-370B.C) (ايٽم لڳاتار داخلي حرڪت ۾ رهن ٿا ۽ وڌيڪ ورهائي نٿا سگهجن ) ۽ Kanada (جتي ايٽم الستيءَ ۽ زوال آهي داخلي حرڪت کان خالي آهي، ايٽم جي حرڪت لڳاءُ وڇوڙ وغيره خارجي سببن جي ڪري آهي) جي ايٽم متعلق خيالن انساني غور فڪر کي ارتقائي عمل ۾ شروعاتي حقيقي دڳ وٺرايو هنن جي فڪر اهو واضع ڪيو ته دنيا جو ادراڪ حاصل ڪري سگهجي ٿو. ايپي قيورس (Epicurus) ارتقائي اصول جي ڳالهه ڪئي. (درياءُ ۾ هڪ وقت ساڳي پاڻيءَ ۾ پير نٿو رهي پر اها حقيت آهي ته پير مسلسل پاڻي ۾ آهي) پر ڪپيلا (Kapila6th-5thB.C) سڀ کان وڌيڪ برجستي ۽ سگهاري سوچ ڏني ته ’’دنيا نه تخليق ڪئي وئي آهي ۽ نه وري ان جو خالق آهي پر ڪائنات خود ڪائنات جي سرجڻ جو سبب آهي جيڪا ارتقا آهستي آهستي ٿئي آهي.‘‘ (4) ڪپيلا جي سوچ ڊيموڪريٽس کان ڪافي سگهاري آهي پر هتي غور طلب ڳالهه هيءَ آهي ته مادي جي خاصيتن کي حسي سوجهڻ معرفت داخليت ۾ محسوس ڪندي جن به مفڪرن فڪر ڏنو انهن مادي جون خاصيتون بيان ڪيون پر مادو ڇا آهي؟ جو سوال انهن جي فڪر کي عقيدائي ظاهر ڪري ٿو(جڙواد عقيدو) افلاطون (Plato) جو جمهوريائي خاڪو (جيڪو تصوراتي دنيا جو سگهارو بنياد آهي) مادي سوچ کان مڪمل فراريت تي ٻڌل آهي هن وٽ غور فڪر جي اهميت گهٽ ۽ ادراڪ ناممڪن آهي ڇاڪاڻ ته هو نقاليءَ جي نقالي جو تصور (خيال) ڏئي ٿو. سقراط جي اظهار جي آزادي ۽ ارسطو (Aristole) جي معقوليت پنهنجي جاءِ تي پر ويراڳي فڪر سابقه فڪر تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. پوري دنيا ۾ عالمي مذهب تخليق ٿيا سماجي جاڳرتا ننڍن ننڍن ديوتائن جي نفي ڪندي، ڏاتار جي وجود (خيال) جي هيڪڙائي کي وسيع انداز ۾ بيان ڪيو ساڳي وقت مٿئين طبقي پنهنجي ملڪيت جي حفاظت ڪئي. غور فڪر ڇا آهي؟ (عملي سرگرمي ڇا آهي؟) ان جو وجود سان ڪهڙو تعلق آهي؟ جو سوال مقدس سونهن (Divine beauty) جي ور چڙهي ويو پوري دنيا ۾ عقيدائي ادب جا پوڄاري اکيون بند ڪري هلندا رهيا، ساڳي وحشت واري دور جي صورتحال اڀري سامهون آئي ڪير به عقيدي جي خلاف، تقدير جي خلاف سوچي به نه پيو سگهي، بلڪ اهڙي قسم جي تعليم (ماحول) ڏني وئي تثليث ۾ اهو واضع ڪيو ويو ته ’’اڇي کي ڪارو‘‘ جي پادري چوي ٿو ته ان کي قبول ڪريو ڇاڪاڻ ته ان ۾ توهان جي چڱائي آهي.‘‘ ساڳي ڳالهه ايران جو صوفي چوي ٿو ته جي مرشد توهان کي چوي ته مسلو شراب ۾ ٻوڙي نماز پڙهه ته ايئن ڪر ڇاڪاڻ ته تنهنجو مرشد وڌيڪ سٺو سمجهي ٿو، اها تقدير پرستي اسان وٽ ايئن رهي جيئن لطيف چيو ته:
قلم وهي ويو ڪانهه، ، سرتيون ڪنهن سڀاڳ لئي،
انگ اڳ ئي لکيو، ات نه پهچي ٻانهه
ڪنهن کي ڏيان دانهه، ته پرين مون سين هيئن ڪيو.
هن سڄي اونداهي دور ۾ انسان پنهنجو وجود وساري صرف ڏاتار جي وجود کي ڳوليو پوري ادب ۽ فڪر ۾ مٿيون وجود نظر ايندو، غور فڪر (عملي سرگرمي) جو انساني وجود سان ڪهڙو تعلق آهي؟ وارو سوال بي معنى سمجهي هڪ پاسي ڪيو ويو بلڪ غور فڪر ان وجود طرفان ڏات سمجهي وئي، وهي، الهام ۽ ڇهين حس معرفت اهو غور فڪر ڪن خاص ٻانهن کي نصيب ٿئي ٿو، واري سوچ حاوي رهي.
غلاميءُ کان پوءِ جاگيرداري راڄ آيو. جتي رياستي استحصال شهنشاهه جي صورت ۾ جاءِ والاري قصيدا گو تخليقڪار اڇن پنن تي شهنشاهه جون تاريخون لکندا رهيا. انسان ۽ انساني وجود جي اهميت رئسن ۽ نوابن جي گهوڙن جي سنبن کي رت سان ڳاڙهو ڪندي رهي، انسان جو وجود وڏن ڪوٽن ۽ قلعن جي ڀتين کي پنهنجي رت سان راڳو ڏيندو رهيو حرڪت ۽ ٺاپر (سڪون) مادي جون ٻه خاصيتون آهن هن دور ۾ اسان کي بظاهر پوري سماج مٿان ٺاپر نظر اچي ٿي پر پورهيت پرتون پنهنجي پئداواري عمل ۾، معاشرتي حرڪت ۾ رهندي، معاشي گهرجن پٽاندر، ضرورت مطابق نئين سنجٽ تخليق ڪندي مختلف فطري ڌاتوئن کي پنهنجي عملي سرگرمي مان گذاريو ضرورت آهر، وقت ۽ حالتن تحت انهن ۾ جدت پئدا ڪنديون رهيون، آخر هڪ ڏينهن اهو آيو ته شاعر دانتي (Dante1265-1321) جي روپ ۾، ان دور جي حالتن، ايندڙ نئين حالتن جو اظهار ڪيو ڇاڪاڻ ته شهنشاهه جي ڪميءَ ڪاسبيءَ پنهنجي پئداواري عمل ۾ اهڙن معاشرتي رشتن کي جنم ڏنو جن ۾ شهنشاهه جي ضرورت نه رهي بلڪه هئين چئجي ته هو خود استحصالي شڪل اختيار ڪري رهيا هئا نتيجي طور پراڻي ۽ نئين سماج جو، معاشي رشتن جو ٽڪراءُ ٿيو، شهنشاهه کي هٽائڻ ۽ پنهنجي ملڪيت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ رياستي اجاري داريءَ جي تصور کي قومي آزاديءَ جي تصور ۾ ويڙهي لاٿو ويو پوري دنيا ۾ (خاص ڪري يورپ ۾) هڪ ئي وقت هڪ جهڙو مذهب رکندي به الڳ ملڪ جوڙياويا هن دور ۾ غور فڪر ڏاڍو سست رفتار سان ارتقا ڪئي ان ارتقا مٿان ارسطو جي معقوليت وارو فڪر ڇانيو رهيو جيڪڏهن ڪو ٻيو شخص هو ته اهو اقليدس (Euclid’s 3rd 4th B.C) يوناني هو جنهن جي جاميٽريءَ جي ليڪن ۾ هن ڪائنات جي وجود کي ڳولهيو ويو جيڪو انهن ليڪن جو محتاج نه هو، ڌاتوئن سان انساني ناتو وري وري عمل مان ٿيندي، فطري شين جي مظهر کان جوهر طرف سفر شروع ڪيو انسان پنهنجي ٽئين دور جي شروعات ڪئي جنهن کي فولادي دور سڏجي ٿو. علم سائنس جي شروعات ٿي جيڪو شروع ۾ مقدس ادب جي تضاد کان متاثر ٿي ان دور جي اثر هيٺ رهيو پر سچائي هڪ ڏينهن پنهنجي حقيقي شڪل ۾ ايندي تثليثي ادب خلاف، ۽ الڳ دڳ اختيار ڪيو ته تثليثي پيروڪارن ان سچائيءَ کي روڪڻ لاءِ ان تخليقڪار کي ئي مارائي ڇڏيو گليلو (Galileo) کي سزا ڏني وئي، سروينٽس (Servants) جنهن رت جي خلين تي تحقيق ٿي ڪئي، کيس جرمنيءَ ۾ تيل هاري باهه ڏني وئي وغيره. اڀرندڙ سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي سگهه نه رکندڙ ادب اهو واضع ڪيو ته زر ۽ جنس (شهوت) انساني وجود لاءِ غلامي جو ڪارڻ آهن جن کي ترڪ ڪرڻ کان سواءِ حقيقي آزادي ملڻ ڏکي آهي ان دور جو ادب، ان ڳالهه جو شاهد آهي ته مايه ۽ جنس (انسان جي فطري گهرج کي) کي ننديو ويو انهن نندڻ واري عمل دوران تثليثي صوفيت ۾ اهڙا به خيال ڏنا ويا جيڪي بظاهر اشتراڪي (مساوات) هئا پر انهن جو جوهر تثليثي عقيدائي هو. سنٽ آگسٽائين (Saint Augustine 354,430) ذاتي ملڪيت جي خلاف آواز اٿاريو پر جڏهن آفريڪا ۾ غريبن بغاوت ڪئي ته هن، انهن جي مخالفت ڪئي حقيقت ۾، مذهب ۾ جڏهن اشتراڪيت جهڙو ڪوتصور آهي ته اتي شخصيت جي هادي، مهدي ۽ مسيحا جي تصور جنم ورتو آهي اهو تصور اسان کي رفارميشن (Reformation) تحريڪ جي اڳواڻ مارٽن لوٿر (Martin Luther) ڪالوين (Calvin) چارلس فوريئر (Charles Fourier) ۽ شاهه عنايت لانگاهه وغيره ۾ ملي ٿو. مذهبي اشتراڪيت کان ٿورو مختلف اشتراڪي تصور تيرهين صديءَ ۾ هاري بغاوت جي شڪل ۾ برطانيه ۾ اڀريو جتي جان وائيڪليف (وفات 1384ع) اعتدال پسند ڪميونسٽ جي روپ ۾ سامهون آيو سندس شاگرد جان پال کي اشتراڪي خيالن جي پرچار ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 1381ع ۾ ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، چيڪوسلواڪيا ۾ اشتراڪيت جو بنياد وجهندڙ جان هس (John Hass) کي 1445ع ۾ باهه ۾ ساڙيو ويو، جرمنيءَ ۾، 1525ع ۾ هاري بغاوت جي اڳواڻ ٿامس مئونيزر (Thomas Muenzer) جا عضوا وڍي چڪيءَ ۾ پيٺا ويا هي اهو دور آهي جڏهن پئداواري طريقي ۾ پورهيت پرتن گهرج آهر نون اوزارن کي ڪتب آندو (ميڪانڪ حرڪت) جن اهڙن معاشي رشتن کي جنم ڏنو جيڪي پراڻن جي نفي ڪري رهيا ها، هتي هڪ ماحول تيار ٿيو جتي انسان ان سوال کي ٻيهر اٿياريو ته روح ۽ مادي جو پاڻ ۾ ڪهڙو سٻنڌ آهي؟ فرانسزبيڪن (Francis Bacon-1561-1626) ماديت ۽ تجرباتي سائنس جي بيڪن روگر (Bacon Roger – 1214-1292)واري نظريئي کي نئين طريقي سان پيش ڪندي مادي فڪر واري سوچ کي فلسفي ۾ واپس وٺي آيو يوناني ماديت جي تعريف ۽ عينيت جي مخالفت ڪندي هن واضع ڪيو ته انسان فطرت تي سوڀ حاصل ڪري ورتي آهي. هابس ٿامس (Hobbes Thomas- 1588,1679)پنهنجي هڪ طرفي نظريئي جو بنياد حس (Sense)تي رکندي اهو واضع ڪيو ته دنيا مڪمل طور ميڪانيڪي حرڪت جي قانون مطابق هلي رهي آهي. ڊيڪارٽ (Descartes-Rena-1596-1650) روح ۽ مادي کي ٻه الڳ لقاءُ (Dualism) ۽ خودمختيار ڪري پيش ڪيو پر انهن جو پاڻ ۾ ڪهڙو سٻنڌ آهي ان جو صحيح جواب نه ڏيندي وجود ۽ چت کي پڻ الڳ ڪري بيهاريو فڪر ڇا آهي؟ وارو سوال سندس شڪ جي ور چڙهي ويو، ڏاتار جي وجود کان انڪار ڪندي خود ڏاتار جي وجود کي ڪائناتي وجود ۾ ويڙهي پيش ڪيو ڊيڪارٽ کان وڌيڪ مادي (مابعد الطبعيات) خيال جي سوچ اسپائنوزا (Spinoza-Baruech-1632-1677) ڏني، هن پنهنجي نجاتي تعليم جو سڄو بار فطرت تي رکيو انساني ڪماليت، ادراڪ ۽ ڄاڻ جا سبب پڻ فطرت جي ڳجهه ۾ موجود آهن واريءَ سوچ کيس ڪافي فضيلت بخشي، اسپائنوزا، ڊيڪارٽ جي ٻٽي پڻ (Dualism) کي رد ڪندي نئين سوچ ڏني ته بقا فقط فطرت کي آهي جيڪا پنهنجي بقا جا سبب پنهنجي اندر رکي ٿي. مادي حرڪتن جي لاڳاپن کي نه سمجهڻ ڪري اسپائنوزا جي فڪر ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿيو هڪ طرف هن واضع ڪيو ته انسان پنهنجي وسعتن ۽ ارتقا ۾ تخليقڪار آهي ته ٻئي طرف اهو پڻ چيائين ته نجات جو حقيقي تصور ارادي/سبب تي دارو مدار رکي ٿو ساڳي طرح هي به خيال ظاهر ڪيو ته نجات ضرورت جي ڄاڻ کانسواءِ ناممڪن آهي وغيره، اهو ٻٽو معيار سندس فڪر جي وڏي ڪمزوري ثابت ٿيو اسپائنوزا عقليت (Rationalism)کي مٿانهون رکندي رياست ۽ سماج متعلق جيڪا تعليم ڏني ان کي پڻ وڌيڪ مڃتا ملي. هاس اوورلاڪ (Hass Over Locke-1588-1679)جنگ ڇو ڪئي هئي؟ جو ته ڪو سٺو جواب نه ڏئي سگهيو پر سندس فڪر جو تت هن ڳالهه تي آهي ته شروعاتي سماج فطري حالت ۾ هو ۽ جنگ جي حالت ڪري ڊانوان ڊول ٿي ويو. جان لاڪ، هاس اوورلاڪ جي متضاد فڪر ڏيندي چيو ته انسان گهڻو اڳ امن واري حالت ۾ رهندو هو (جان لاڪ کي ماضيءَ ۾ انسان پرامن ان ڪري نظر نه ٿو اچي ته ڪو هو واقعي انسان هو پر ان ڪري پرامن نظر اچي ٿو جو جان لاڪ طبقاتي بغاوت جو منڪر هو) جان لاڪ جي تجرباتي فڪر (تجرباتي فڪر جو مقصد انسان جيڪا ماضيءَ ۾ ارتقا ڪئي آهي ان کان انڪار ڪرڻو آهي) ۾ پرامن سماج کان وڌيڪ سٺي ڳالهه سندس خلقي قانون (Innate quality) جي وجود کان انڪاري هو، هن جي ان خيال فرانس جي معديت پسند مفڪرن کي مدد ڏني جن، ڊيڪارٽ ۽ ان جي پوءِ لڳ مفڪرن کي رد ڏيندي (سندس پئدائشي تصور واري خيال کي هٿيار طور استعمال ڪيو. جان لاڪ جي خيال کي، ماديت پسند مفڪر ايترو ته وسيع کڻي آيا جو خود جان لاڪ ان لاءِ ايترو نه سوچيو هو. روسو (Rousseau-1712-1778)ذاتي ملڪيت واري فڪري تسلسل کي اڳتي آڻيندي طبقن جي اڻ برابريءَ (Inequality) جي ڳالهه ڪئي هن جي طبقاتي فڪر ۾ طبقاتي جدو جهد وارو عنصر نه اڀري سگهيو، مسئلن جي حل لاءِ جاگيرداري قدرن جي وڪالت ڪندو رهيو. ڊڊرٽ (diderot-1713-1784)جي فڪر کان متاثر ٿيڻ کان پوءِ روسو جو سماج طرف رخُ مٽيو ۽ هن چيو
”Man is by nature good and that his social environment is the source of all corruption’’ (5)
هن جي فڪر مابلي (Mably-1709-1785)۽ سندس پيروڪار بابيو (Babeauf-1760-1797 تي ڪافي اثر ڇڏيا بابيو عملي طور فرانس جي انقلاب ۾ اڳتي آيو، مزدورن جي اڳواڻي ڪندي هن پنهنجي فڪر ۾ واضع ڪيو ته اشتراڪي معاشرو ڪتابي ڳالهين سان نه پر مزدور جي عملي سرگرميءَ جي ڪري ظهور ۾ ايندو (بابيو، پهريو ڪميونسٽ پڌرنامو پڻ پيش ڪيو) فرانس جي پورهيت پرتن بابيو کي سٺي موٽ ڏني، رياستي ادارن آخر ڪار هن کي مارائي ڇڏيو. ڊي هولباخ (D.Holbach-1723-1789) جيڪو خالص ماديت جي سوچ رکندي به صحيح مادي خيال سمجهائي نه سگهيو پر اها حقيقت آهي ته هولباخ جو مادي تصور ارتقائي عمل جو حصو ضرور هو فرانس جي ماديت پسند ڊي هولباخ ۽ هيليئوتس (Helvetius-1715-1771) وغيره، مادو ڇا آهي؟ شعور جو، غور فڪر جو انساني وجود سان ڪهڙو رشتو آهي؟ هو، اهو ڳولهي سگهيا يا نه ان ڳالهه کان وڌيڪ ڳالهه هيءَ آهي ته هنن ايندڙ نسل لاءِ راهه تيار ڪري ورتي هنن جي فڪر جو تت هي آهي ته احساس ۽ نظريئي جي حوالي سان انسان اهو ڪجهه آهي جيڪو ان جو ماحول آهي هيليئوتس اهو به واضع ڪيو ته انسان مڪمل طور پنهنجي تربيت تي دارومدار رکي ٿو. ڏٺو وڃي ته مٿين مفڪرن جو فڪر سترهين صديءَ جي فڪر جو مڪمل فڪري جواب هو پر هنن جيڪا وڏي غلطي ڪئي سا اها ته تصور جي اهميت کي وساري ويٺا هنن وٽ سڀ ڪجهه ماحول آهي ان جي باوجود به هيليئوتس پنهنجي فڪر ۾ اهو پڻ واضع ڪيو ته ڏاهپ جي ارتقاءُ ڪجهه قانونن جي محتاج آهي. ڪانٽ (Immanuel Kant-1724-1804) ۽ هيوم (Hume David-1711-1776) اگنان واد (Agnosticism) جو نظريو ڏنو (ڪانٽ جو سائنس متعلق ڪم هيوم کان وڌيڪ سگهارو آهي) جنهن ۾ هنن ڊيڪاٽ واري سوچ ٻٽي پڻ (Dualism) کان مختلف مفڪر ڏنو جنهن ۾ سائنس کي مڃيندي روح ۽ مادي جي مرڪزي خيال کي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هنن جو هن ڳالهه تي زور رهيو ته شيون اسان جي نظر ۾ ۽ بذات خود شيون ٻه الڳ لقاءُ آهن انهن لقائن کي سمجهڻ جو /ادراڪ جو ذريعو اسان جون حسي سوجهون آهن جيڪي اسان کي حقيقي سچائي نٿيون ڏين ان ڪري دنيا جو وجود آهي يا نه اهو چئي نٿو سگهجي اسان، مادي جو، فطرت جو، شين جو ظاهر ته ڄاڻي سگهون ٿا پر ان داخلي حقيقي سچائي کي نٿا ڄاڻي سگهئون جيڪا انهن شين ۾ موجود آهي ڪانٽ وڏي غلطي اها نه ڪئي ته مادي کي تحرڪ کان خالي ڪري انساني ادراڪ تي ڀاڙڻ ڇڏي ڏنو، پر هن مادي جي بنيادي خاصيتن کان انڪار ڪيو مادي کي زمان ۽ مڪان کان الڳ ڪري، زمان ۽ مڪان کي دماغي پيداوار ڪري سمجهايو. هيگل (Hegel-1770-1831) ۽ فائرباخ (Feurboch-1804-1872) جي فڪر تي اچڻ کان پهرين مٿي ڏنل خيالن کي ٿورن لفظن ۾ وري سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته جيئن اسين پنهنجي سوال جي حل کي سمجهي سگهئون، قديم دور ۾ ماديت جو فڪر حسي سوجهن جي معرفت معلوم ڪيل مادي جي خاصيتن تي ٻڌل هيو جيڪو پنهنجي جوهر ۾ سادو ۽ عقيدائي هو ان کان پوءِ انساني فڪر غير مادي تصورن تي هلندي لڳ ڀڳ ٻه هزار سال خالص عقيدائي رهيو ڇاڪاڻ ته ان دور جي سائنس ان جي قابل نه هئي ته ان خول ۾ ڦاٿل سوچن کي نئون دڳ ڏئي ان دوران محنت، انسان جي تخليقي عملي سرگرمين معرفت سچائيءَ کي ڳوليندي نئين شعور کي جنم ڏنو جنهن سائنس جي هيٺين شڪل مان مٿي وڃڻ جا دڳ ڳولي ورتا، پورهيت پرتن پيداواري عمل مان گذرندي سماجي ۽ معاشرتي گهرجن تحت ڌاتوئن مان اهڙن اوزارن کي تخليق ڪيو جن ميڪانيڪي حرڪت کي واضع ٿي ڪيو جتي ٻيهر مادو ڇا آهي؟ جي سوال کي اٿاريو ويو پر هتي اها ئي غلطي ڪئي وئي ته مادي جي خارجي خاصيتن تي ڀاڙيو ويو ’’هر مستقل مزاج خيال پرست ايترو ئي وحدت تي آهي جيترو ماديت پسند ان اعتبار سان برڪلي (Berkeley) ۽ هولباخ ۾ ڪوبه فرق نه آهي، هڪ مستقل مزاج خيال پرست هو جڏهن ته ٻيو پڪو ماديت پسند هو‘‘ (6) هولباخ ۽ هيليئوتس مادي کي ميڪانيڪي حرڪت (مابعدالطبيعات) مطابق سمجهايو هنن ايئين ڇو ڪيو ؟ ڇاڪاڻ ته سائنس وٽ ٻئي واٽ ئي ڪانه هئي ڪيميائي ۽ حياتياتي حرڪت بابت اڃان خيال جي تخليق نه ٿئي هئي ۽ نه وري فطري سائنس ان جو برجستو جواب ڏئي سگهي نتيجي طور هنن وٽ اهي خيال ۽ تصورات سرجيا جن لاءِ ماحول تيار هيو آگسٽائين کان روسو تائين نجي ملڪيت ۽ ڪلاس جي ڳالهه ڪئي وئي پر ان جو حل تثليث جي صوفي رنگ ۾ ماضي پرستيءَ جو مظاهرو ڪيو ويو هو هن دور جا مفڪر آخر تائين اهو واضع نه ڪري سگهيا ته ڪير ڪنهن کي تخليق ڪري ٿو يعني سماجي گهرج انسان کي يا انساني گهرج سماج کي، راءِ، اصول، طور طريقا ۽ قانون دنيا تي حڪومت ڪن ٿا يا معاشرو، راءِ، اصول، طورطريقن ۽ عادتن تي- مٿئين سوال جو جواب هيگل (1770-1831)ڏنو هن واضع ڪيو ته مٿيون سوال منڍکان ئي غلط اٿاريو ويو آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ ٽئين قوت پڻ موجود آهي تصور جي(خيال جي) قوت، هيگل، ڪائنات ۾ مادي جي حرڪت سان گڏ تحرڪ/ چرپر/تبديليءَ کي محسوس ڪندي پنهنجي فڪر جو بنياد تغير، تبديلي ۽ ارتقا تي رکندي وائکو ڪيو ته ڪائنات جي هر شيءِ ۾ مٿيون عمل جاري آهي هيگل، دماغ ۾ خيالن جي تحرڪ کي سمجهندي ظاهر ڪيو ته مٿيون عمل (تغير، تبديلي ۽ ارتقاءُ) خيالن جي ڏي وٺ / دليل بازي جي ٽڪراءُ مان اڀري ٿو جنهن کي هن جدليات ڪوٺيو (ڏسو نوٽ نمبر 2) هيگل مکيه حيثيت ذهن کي ڏني آهي بقول لينن(Vladimir Ilyich Lenin) ته ’’ذهن جي تبديليءَ مان ان جو مطلب هو ته فطرت ۾، انسان ۾، انساني ۽ سماجي تعلقات ۾ تبديلي پيداٿي‘‘ (7) هيگل جي فڪر کي مختصر هيئن به سمجهائي سگهجي ٿو ته ڊکڻ وٽ هڪ خيال آهي ۽ هي ان کي عمل ۾ آڻيندي مادي ۾ تبديلي پيدا ڪري ٿو- خيال ڪٿان ٿو اچي؟ هيگل ان جو جواب ڏنو ته روح مطلق وٽان ڏنو ڏٺو وڃي ته هيگل ڏاهپ کي دينوي خيالن جو محتاج ڪندي هر تبديليءَ کي ذهن جي ڪري سمجهائي ٿو جتي خيال مٿانهون آهي ۽ فطري وجود ثانوي آهي- ڇا اسان جو وجود سچائي جو ادراڪ ڪري سگهي ٿو؟ هي اهو سوال آهي جيڪو هيگل جي فڪر مٿان چڙهيل مذهبي تهه کي وڌيڪ وائکو ڪري ٿو ’’اسان جنهن شيءِ جو ادراڪ ڪيون ٿا اهو ان جو فڪري مواد آهي جيڪو مطلق خيال جي وجود جيان دنيا کان آزاد ۽ پهرين آهي‘‘ (هن لاءِ وڌيڪ ڏسو مارڪس، اينگلس منتخب تصانيف حصه چهارم ماسڪو-مضمون فائر باخ اور جرمن ڪلاسڪ فلسفي ڪا خاتمه) ساڳي طرح هيگل وٽ مطلق خيال (روح، مطلق) اها سچائي آهي جيڪا تغير، تبديلي ۽ ارتقا کان پاڪ آهي اهو سندس عقيدو آهي- هيگل وٽ مادي جي ثانوي ۽ روح مطلق جي مٿانهي حيثيت آهي هن جي فڪري غلطي فائرباخ پڪڙيندي پنهنجي فڪر ۾ واضع ڪيو ته مادو ذهن جي نه پر خود دماغ مادي جي پيداوار آهي فطري وجود مفڪرن کان آزاد آهي فائرباخ پنهجي فڪر ۾، غور فڪر واري سوال تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي وائکو ڪيو ته غور فڪر، شعور ڪيترو ئي وڏو احساس ڇو نه هجي پر اهو مادي ۽ انساني دماغ جي پيداوار آهي فائرباخ جتي خالص تاريخي ماديت جو اظهار ڪيو اتي جدليات کي هڪ طرفو ڪيو ساڳي طرح هن ان دور جي سائنسي ارتقا خاص ڪري چارلس ڊارون (Charles Darvoin-1809-1882) جي ارتقائي نظريئي مان ڪوبه لاڀ حاصل نه ڪيو ۽ ماديت جي اڳئين قدم کان انڪار ڪيو پر پوءِ به اها حقيقت آهي ته هن انساني ارتقا لاءِ تمام مٿانهو خيال ڏيندي چيو ته ’’جڏهن ابتدا ۾ انسان فطرت مان پيدا ٿيو ته اهو صرف فطرتي مخلوق هو، انسان نه، انسان، هي ته انسان جي تهذيب ۽ تاريخ جي پيداوار آهي‘‘ (هن لاءِ ڏسو ڪتاب مارڪس، اينگلس-منتخب تصانيف حصه چهارم ماسڪو 1974 مضمون فائرباخ اور جرمن ڪلاسيڪ فلسفي ڪاخاتمه) فائر باخ جو اڳيون قدم مذهب ’’عالمي مذهب‘‘ هو جنهن ڪري هن کي انساني ارتقا ۾ خاصيتون مذهب جي ڪري نظر اچن ٿيون هي هڪ اهڙو نظام کڻي آهيو جنهن جي اندر سوين مونجهارا هئا مذهب کان فراريت جو حل خود نئين مذهب ۾ ڏنو! فائر باخ، دوستي، جنسي محبت، قرباني، خوشي جي خواهش جو احترام وغيره جهڙن جذبن تي نئين مذهب جو بنياد رکيو ويو- پيداواري طور طريقا، اوزار، معاشرتي رشتا تبديل ٿيڻ سان سماجي رشتن ۾ پڻ تبديلي اچي ٿي ملڪيت جي پراڻي تصور جي جاءِ تي نئون تصور اڀري ٿو نتيجي طور ملڪيت جي بنيادي تصور جي ارتقاءُ سان گڏ جنسي محبت جي تصور پڻ ارتقاءُ ڪندي شڪليون مٽايون آهن جن ۾ هڪ ڳالهه اٽل ۽ بنيادي آهي سا اها ته جنسي محبت جي تصور کي بقاءُ نه آهي پر انساني فطري گهرج کي بقاءُ آهي جنسي محبت لاءِ ڪهڙي دڳ کي اختيار ڪجي (قبائلي، جاگيراري يا بورجوازي) ان سوال جي جواب ۾ فائر باخ بورجوازي تصور ڏئي ٿو هو اهو وساري وهي ٿو ته خوشيءَ جي خواهش جو ڇا ٿيندو؟ ايثار جو ڇا ٿيندو؟ مثلن الف جي خواهش آهي ته ت سان جنسي محبت ڪري پر ت، الف ک نٿي چاهي – فائر باخ وٽ ان جو ڪهڙو جواب آهي- فائر باخ پنهجي اخلاقيات ۾ ان سوال جي جواب کي ڳولڻ شروع ڪري ٿو، هتي خوشيءُ جي خواهش جي حوالي سان مادي زندگي جي حقيقي عڪاسي ڪندڙ هڪ ٻيو سوا ل فائر باخ لاءِ مسئلو پيدا ڪري ٿو- جابر طبقي جي خواهش ۽ مظلوم طبقي جي خواهشن جي وچ ۾ واضع طبقاتي تضاد (ٽڪراءُ)- جتي جديد رياست قانوني طور مٿئين طبقي جي ملڪيت کي تحفظ ڏئي ٿي بلڪ قانوني طور استحصال کي جائز قرار ڏئي ٿي فائر باخ انقلابي طريقي سان ان سوال طرف نٿو اچي پر هو فطرت ۽ تجريدي انسان جي ڳولا ڪندي تجريدي فڪر جي ڦيري ۾ ڦرندو رهي ٿو پر محبت جو ڇا ٿيندو؟- اينگلس چيو ’’فائرباخ لاءِ محبت هر جڳهه ۽ هر وقت معجزي جوڳو ڏاتار آهي‘‘ (وڌيڪ ڏسو مضمون فائرباخ اور جرمن ڪلاسڪ فلسفي ڪا خاتمه- ڪتاب منتخب تصانيف حصه چهارم ماسڪو 1974- مارڪس ۽ اينگلس) حاصل مطلب ته فائر باخ دڳ ڳولڻ گهريو ٿي پر حاصل نه ڪري سگهيو ۽ خاموشي اختيار ڪري ويهي رهيو فائر باخ، هيگل ۽ انهن کان پهرين تاريخ ۾ آيل خيالن کي تنقيد جو نشانو بڻائي هڪ نئين فڪر جو بنياد وجهندڙ ڪارل مارڪس (Karl Marx-1818-1883) بنيادي طور تي مادي فڪر جي دنيا ۾ مقدار کان معياري تبديلي ثابت ٿيو مارڪس جو فڪر ٻين مفڪرن کان ٽن ڳالهين جي ڪري مختلف آهي پهريون طبقاتي سٽاءُ جي ڪري ٻيو عملي سرگرميءَ جي ڪري ٽيون سائنسي ارتقاءُ (جدت پسنديءَ) جي ڪري مارڪس ڪلاسيڪي معاشيات، جرمن ڪلاسيڪي فلسفي ۽ فرانس جي تصوراتي اشتراڪيت ۽ مابعدالطبعياتي مادي فڪر کي ڪچي مال طور ڪتب آڻيندي جيڪو خيال ڏنو ان کي مختصر ۽ ٿورن لفظن ۾ هيئن سمجهائي سگهجي ٿو ته 1- جدلياتي ۽ تاريخي ماديت 2- واڌو قدر (Surplus Value) 3- طبقاتي جدوجهد 4- پرولتاري ڊڪٽيٽر شپ (5)-سائنسي سوشلزم / ڪميونزم. مارڪس تي اها تنقيد رهي ته هي تاريخ جي سڀني خيالن (ماضي ۾ ڏنل نظرين) کي نٿو مڃي جيڪا قطعي غلط آهي ڇاڪاڻ ته مارڪس پنهنجي تجريدي سائنسي فڪر معرفت مٿي ڄاڻايل فڪر کي سائنسي انداز ۾ سمجهائيندي نه صرف انهن جي اوڻاين تي تنقيد ڪئي بلڪه سائنسي رُخ ۾ انهن جي اصلاح ڪندي عملي طور خيالن کي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مارڪس اهو محسوس ڪري ورتو ته اڄ ڏينهن تائين فلسفو، فلسفين جي ذهني تسڪين طور رهيو آهي پر عملي طور انهن ان کي لاڳو نه ڪيوآهي (ماحول کي تيار نه ڪيو آهي) جنهن لاءِ مارڪس چيو ته ’’فلسفين پنهنجي پنهنجي طريقي سان دنيا جو صرف تعبيرون ڏنيون آهن پر ڳالهه هي آهي ته ان کي تبديل ڪرڻو آهي‘‘ (8) اهڙي طرح ڪارل مارڪس اهو پڻ واضع ڪيو ته غور فڪر قطعي طور نظرياتي سوال نه آهي پر اهو عملي سوال آهي هيگل وٽ جدليات سائنسي علم جو روح هوندي به مادي کي ثانوي حيثيت ڏني جڏهن ته مارڪس ان جي متضاد سوچ ڏني ته مادي ارتقا خيالن جي ڪري نه آهي پر خود خيال جي ارتقا مادي ارتقا جي ڪري آهي اينگلس چيو ’’جدليات ذهن جي اندر خاص عمل جي ارتقا (عڪس) کان علاوه ڪجهه به نه آهي مطلب ته جدليات انساني علم جي واڌ مادي جي دائمي ارتقا جي عڪاسي ڪري ٿي‘‘ (ڏسو فائرباخ اور جرمن ڪلاسيڪل فلسفي ڪا خاتمه – اينگلس – منتخب تصانيف حصه چهارم ماسڪو 1974) فائر باخ وٽ تاريخي ماديت منجهيل هئي جڏهن ته ڪارل مارڪس، تاريخي ماديت کي حقيقي رخُ ڏيندي تاريخي ماديت جي ارتقائي اصولن کي واضع ڪيو يعني تاريخي ماديت جي ارتقا پئداواري ذريعن ۽ پئداواري طريقن (طرزِ پئداوار) جي ارتقا تي دارو مدار رکي ٿي مارڪس، فطرت جي ادراڪ سان گڏ سماجي ادراڪ کي شامل ڪندي ثابت ڪيو ته پئداواري قوتن جي واڌ جي ڪري معاشرتي زندگيءَ جي پراڻي نظام جي جاءِ نئون نظام والاري ٿو دؤر مٽجن ٿا (جاگيرداري مان سرمائيداري) پر سماجي وجود کي بقا رهي ٿي ان ڪري سرمائيداري دور جو خاتمو ضرور ٿيندو ۽ نئون سماج (اشتراڪيت وارو) ان جي جاءِ والاريندو ڇاڪاڻ ته هر سماجي دور پنهنجي مرڻ ۽ نئين سماج جي اڀرڻ جا سبب پنهنجي اندر رکي ٿو مارڪس اهو مفڪر آهي جنهن جي فڪر کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن آفاقي قوت کي سمجهڻ جي ضرورت نه آهي پر ان جا سبب خود سماج اندر مادي زندگي جي وهنوار مان واضع ٿين ٿا. طبقاتي فڪر، مارڪسي فڪر جو اهو ’’جز‘‘ آهي جيڪو مارڪس جي ’’ڪل‘‘ کي سمجهائڻ جي خوبي رکي ٿو مارڪس کان پهرين طبقي (طبقن) جي معاشي جوڙ جڪ بيان ڪئي ويئي ساڳي طرح مڊل ڪلاس ڊڪٽيٽرشپ جو خيال پڻ ڏنو ويو پر مارڪس جيڪو نئون خيال تخليق ڪيو سو اهو هو ته ’’1- طبقن جو وجود پئداوار جي ارتقا ۾ صرف مخصوص تاريخي منزلن ۾ مربوط آهي. 2- (ڇاڪاڻ ته) طبقاتي جدوجهد لازمي طور تي پرولتاريا جي ڊڪٽيٽرشپ طرف وٺي وڃي ٿي. 3- هي ڊڪٽيٽرشپ خود صرف تمام طبقن جي خاتمي ۽ غير طبقاتي سماج تائين عبوري طور تي ٻڌل هوندي آهي.‘‘ (9) مارڪس سياسي معاشيات جي سڄي عمارت مٿئين فڪر (طبقاتي فڪر) ۽ واڌو قدر تي بيهاري جنهن ۾ سائنسي طريقي سان ثابت ڪيو ته مٿيون طبقو مزدور جو استحصال ڪيئن ڪري ٿو ۽ مزدور کي ان پر ماريت مان ڪيئن نجات نصيب ٿيندي مارڪس پئداواري وسيلن، پئداواري طور طريقن، ڏيتي ليتي، مادي زندگيءَ جي خواهش ۽ ايندڙ سماج جي منزل سان گڏ تاريخ جي تصوراتي خيال کي رد ڏيندي چيو ته ’’ماڻهن جو شعور وجود جو تعين نٿو ڪري پر ان جي برخلاف ماڻهن جو سماجي وجود انهن جي شعور جو تعين ڪندو آهي‘‘ (10)- اينگلس تاريخي ماديت کي تخليقي انداز ۾ سمجهائيندي چٽو ڪيو ته سماجي ارتقا جي تاريخ فطرت جي ارتقا جي تاريخ کان بلڪل مختلف آهي ٻيو ته سماجي ارتقا کي معاشرتي حرڪت معرفت سمجهي سگهي ٿو اينگلس وسيع نظر رکندي مارڪس جي طبقاتي جدوجهد کي نه صرف وائکو ڪيو بلڪ عملي طور لاڳو ڪرڻ جي لاءِ وسيع فڪري ميدان جوڙي ڏنو جنهن جي پوءِ واري ڪندي لينن (Vladimir Iliyich lenin-1870-1924) عملي طور لاڳو ڪري ڏيکاريو لينن وقت ۽ حالتن جي ضرورت مطابق مٿئين فڪر کي مضبوط ڪندي سامراجيت کي وائکو ڪيو جيڪو پهرين نه ڪيو ويو هو جنهن جو مختصر تت هي ڏئي ٿو ته سامراجيت ناڻي جي اجاريداري ۽ دهشت گردي کان علاوه ڪجهه به نه آهي جنهن جو حل صرف طبقاتي جدوجهد ۾ آهي (هن لاءِ ڏسو لينن جو مضمون سامراج – سرمائيداري ڪي آخري منزل-منتخب تصانيف حصه دوئم- لينن- ماسڪو 1974) جديد طبقاتي فڪر بنيادي طور مارڪسي فڪر جو اهو حصو آهي جيڪو سماج اندر مادي زندگيءَ جي اڪثريتي قوت جي خواهشن جي ۽ پرمار قوت جي خواهشن جي وچ ۾ جيڪو تضاد (ٽڪراءُ) آهي نه صرف ان کي واضع ڪري ٿو پر عملي سرگرميءَ معرفت (طبقاتي جدوجهد) ان تضاد (طبقاتي ٽڪراءُ) کي هٽائڻ گهري ٿو ٻين لفظن ۾ ته هي فڪر ملڪيت جي نجي حق کي هٽائي ان جي جاءِ تي گڏيل ملڪيت جي حق کي آڻڻ گهري ٿو.