لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• سومرن جو دور

اسان کي سنڌي شاعري، شاعري جي صنف “ڳاهه ’’ جي صورت ۾ ملي ٿي، جيڪا ڳاءِ يا ڳائڻ مان نڪتي آهي. (5) هن صنف تي غور ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته سنڌي بيت جيڪو سمن جي دور کان ڪلهوڙن جي دور تائين ڪافي ترقي ڪئي اهو ڳاهه مان ترقي ڪري اڳتي آيو آهي.
اڙ اڏي هئي ابڙي، نَوَ ڇليون ڏهه لک
گھوڙي ڪنڌ نه ڦيريو، ماريو او خلق
( ڏسو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جلد پهريون_ 1980)صفحو 136
ساڳئي وقت ٽن سٽن وارو بيت پڻ ڳاهه جي صورت ۾ هن دور ۾ تخليق ڪيو ويو .
ٻل ٻاٻل ٻانهو مئو، هو سوان مڙسان روپن
هيري رتاس ڏندڙا، هوس ڪاتيءَ سونو ڳن
هوليو موتين ڇانئيو، هوس پرپر موتين پوت
( ڏسو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جلد پهريون_1980 ) صفحو 137.
هت جيڪا خاص ڳالهه اسان کي محسوس ٿئي آهي سا ته هي اهو دور آهي جتي هيٺيون طبقو مٿئين طبقي جي لاءِ پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي جيڪو شعر چيو آهي ان ۾ مٿئين ڪلاس جي ثنا ٿيل آهي ۽ ان تعريف جي ڪري مٿيون ڪلاس ان ڀٽ ڀان يا چارڻ کي دان ڏيندو هو، هن مان هيءَ ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته هو ادب جو اهو دور آهي جنهن ۾ تخليق ڪار پورهيت طبقي سان تعلق رکي ٿو، تخليق سندن خانداني ڪرت آهي جنهن جو بنياد موهن جي دڙي ۾ رکيو ويو هو. جيئن ڳاهه جي معنى ئي ڳاءِ آهي يا اها ڳاءِ مان نڪتي آهي ۽ ڳائڻ ڪم هيٺين جو هو حاڪم جو نه _ هن دور ۾ جيڪي عشقيه داستان جوڙيا ويا آهن انهن ۾ به شعر جو واسطو ڳائڻ سان آهي جيئن ته ان دو ر ۾ جڏهن راڳ جي محفل ٿيندي هئي ته اها سڄي رات هلندي هئي . جنهن ڪري رات کي سامهون رکندي وقت ۽ حالتن تحت ان دور جي تخليق ڪار قصن ۽ داستانن جو سهارو ورتو جيڪي خود تخليق ڪيا ويا هئا .