لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• محمد ابراهيم جويو

محترم ابراهيم جويي صاحب جي ادبي ڪم کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرين حصي ۾ اهي مضمون ۽ مهاڳ آهن، جيڪي هن جي پنهنجي تخليق آهن. جويو صاحب جي شروعاتي لکڻين جو رخ سنڌ سان همدردي تي ٻڌل آهي ۽ دٻيل لفظن ۾، جويو صاحب پنهنجو هڪ مخصوص سنڌي فڪر ڏئي ٿو.هندو ۽ مسلم واري ورهاست کي نه قبوليندي پورهيت عوام واري سياست ۽ پارٽي جي راءِ ڏئي ٿو بقول سندس ته ’’ان لاءِ آءُ اهڙي راءِ جي هڪ عوام جي سياست جي وڪالت ڪريان ٿو جيڪا عوام جي ئي هڪ پارٽيءَ جي هٿن ۾ هلندڙ هجي. فقط ۽ فقط اهڙي ئي هڪ عوام دوست پارٽي سنڌ ۽ عوام جي آزاد ۽ خودمختيار رياست يا اقتدار قائم ڪري سگهي ٿي ۽ ان جو بچاءُ ڪري سگهي ٿي.‘‘ (1)
مٿين خيال مان ظاهر آهي ته جويو صاحب پاڪ ۽ هنڌ جي ورهاست کي قبول نه ڪندي سنڌ کي هڪ الڳ رياست جي صورت ۾ ڏسڻ گهري ٿو ۽ اهو ڪم هڪ عوامي پارٽي ڪري سگهي ٿي. جويو صاحب مذهبي ڪٽر پڻي کي ننديندي آزاد سنڌ لاءِ هڪ لبرل پارٽي جو خاڪو پيش ڪري ٿو۽ سنڌ تي صرف سنڌين جي حق کي قبول ڪندي چوي ٿو ته ’’دولت جا جيڪي به قدرتي ذريعا اسان جي ديس کي قدرت طرفان عطا ٿيل آهن تن تي فقط اسان جو ئي مخصوص حق آهي ۽ پنهنجي ديس جي اندروني حڪومت جي چرخي کي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين هلائڻ يعني قانون سازي قانون پردازيءَ جي سمورن شعبن کي سنڀالڻ جا اختيار ۽ جوابداريون فقط اسان جي هٿن ۾ مخصوص هئڻ گهرجن.‘‘ (2)
مٿي جويو صاحب تحريري طور هڪ قوم پرست نظر اچي ٿو پر عملي طور ان ڪوبه اهڙو قدم نه کيون هو. ساڳئي وقت ساڳئي مضمون ۾ برصغير لاءِ هڪ خاص لچڪ رکي ٿو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته جويو اهو طئي نه ڪري سگهيو آهي ته هو خالص سنڌي رهڻ چاهي ٿو يا ڪو ٻيو؟ سندس اهڙا گاڏڙ خيال 1961ع ۾ صاف ٿي وڃن ٿا ۽ جويو صاحب پاڪستان جي وحدت جي ڳالهه ڪري ٿو ڇا اهو سرڪاري نوڪري ماڻڻ جي ڪري ٿو يا ڪي ٻيون حالتون هيون جن جويو صاحب کي ان ڳالهه لاءِ مجبور ڪيو ته هو اڌوري قوم پرستي واري خيال تان به هٿ کڻي وڃي ۽ ان جي وضاحت جويو صاحب خود ڪري سگهي ٿو جو حال حيات آهي پر اها حقيقيت پنهنجي جاءِ تي قائم آهي ته سرڪاري نوڪري ۾ اچڻ کان پوءِ جيئن شيخ اياز قومي رستو وٺي هلڻ کان لنوايو هو اهو ڪم ابراهيم پهرين ڪري چڪو هو. جويو صاحب ون يونٽ لاءِ نرم رويو اختيار ڪندي ان جو اظهار پنهنجي لکڻيءَ ۾ ڪري چڪو آهي مختصر ته ابراهيم جويي صاحب وٽ آزاد سنڌ وارو خيال آخري نه رهيو آهي بس وقت ۽ حالتن تحت پنهنجي خواهش جو ٿورو ٿڪو اظهار ڪندو رهيو آهي ۽ ان خواهش جو پڻ اظهار ڪندو رهيو آهي ته پاڪستان جا سياستدان، پاڪستان لاءِ سٺو ڪم ڪندا رهندا. هي ٻئي خيال هڪ ٻئي جو ضد آهن.
ابراهيم جويي صاحب جو ٻيو ڪم ترجمه نگاري آهي هن جا ترجمو ڪيل ڪتاب سنڌي ادب ۾ سٺو واڌارو ڪرڻ سان گڏ سنڌي ادب کي پڙهندڙ لاءِ هڪ سٺي سوکڙي پڻ ثابت ٿيا ۽ پڙهندڙن هن جي ترجمي ڪيل ڪتابن کي ساراهيو ساڳئي وقت مذهبي سوچ رکندڙ ليکڪن طرفان ابراهيم جويو تي تنقيد پڻ ڪئي وئي ۽ ان نقادن جو رخ اهو رهيو ته ابراهيم سماج واد فڪر جو پيروڪار آهي. ابراهيم جويو صاحب جيڪو مارڪسي فڪر سان وابسطا ڪتاب ترجمو ڪيو اهو جارجيو پوليز جو ڪتاب ’’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘‘ آهي ساڳي طرح ڪجهه ٻيا مضمون آهن جيڪي مارڪس فڪر سان لاڳاپيل آهن. جارجيوپولير مارڪسي فڪر کي / فلسفي کي ڪافي مختصر ۽ وسيع نظر سان سمجهايو آهي ۽ ابراهيم جويو بحيثيت ترجمي نگار سٺي ٻوليءَ جي چونڊ ڪئي آهي. پر اهو عمل، اهو ڪڏهن به ظاهر نٿو ڪري ته ڪو ابراهيم مارڪسي فڪر جو پيروڪار آهي. ڇاڪاڻ ته جويو صاحب عملي طور ڪڏهن به اهڙو عمل نه ڪيو آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ته هو ترقي پسند آهي پر هن جيڪو تخليقي پورهيو ڪيو آهي ان ۾ پاڻ کي اڻ لکو قوم پرست ظاهر ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجو رستو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ دعاگو رهيو آهي، مختصر عرض ته ابراهيم جويي صاحب جو طبقاتي فڪر سان واسطو نه رهيو پر ان فڪر سان لاڳاپيل ڪجهه لکڻيون هن سنڌي ۾ ترجمو ڪيون آهن.

حوالو

س.ن مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو ادارو سن صفحو

1 محمد ابراهيم جويو هوءَ جا ٽمڪي باهڙي نئين سنڌي اڪيڊمي ڪراچي 1995 50
2 محمد ابراهيم جويو هوءَ جا ٽمڪي باهڙي نئين سنڌي اڪيڊمي ڪراچي 1995 54