• ڊاڪٽر فهميده ميمڻ
ان سماجي بيگانگي جي موٽ ۾ جيڪو ادبي ماحول جڙيل آهي ان ۾ اڄ به عورت کي ڪافي ڏکاين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ڇاڪاڻ ته مجموعي طور سنڌي سماج جاگيرداريت مان جان آجي نه ڪري سگهيو آهي نتيجي طور اڄ به عورت کي ذاتي ملڪيت سمجهي ماريو ۽ دٻايو وڃي ٿو. ان ماحول کي سامهون رکي ڪري جي اسين 50 سال پوئتي وڃي سنڌي سماج جو جائزو وٺون ته عورت جو تعليم جي ميدان ۾ اچڻ اٽي ۾ لوڻ برابر نظر اچي ٿو ميڊم فهميده ان ماحول مان اڀري مٿي اچي ٿي. محترمه فهميده صاحبه يا ٻيون عورتون جيڪي ان دور ۾ تعليم ۽ ادب ۾ اڳتي آيون انهن جو اچڻ سماجي ارتقاجي ضرورت تحت آهي جيڪو اهو واضع ڪري ٿو ته سماج سندس ارتقا کي مصنوعي طرح رنڊائي ته سگهجي ٿو پر هميشه لاءِ روڪي نٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته سماجي وجود مادي ضرورتن تحت وقت ۽ گهرج مطابق ارتقا ۾ رهي ٿو. ان جدلي ارتقا کي روڪي نه ٿو سگهجي.
ميڊم فهميده جو ادب ڪهاڻين، مضمونن، ڪالمن ۽ مقالن تي ٻڌل آهي. مجموعي طور ميڊم حساس ليکڪه آهي هن پنهنجي ڪتاب ”ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ“ ۾ طبقاتي فڪر جي باني مفڪرن جو، ۽ نظريئي جو مختصر ذڪر ڪيو آهي جيڪو اسان جي موضوع سان واسطو رکي ٿو اسين ان جو مختصر جائزو هتي پيش ڪيون ٿا – بقول ميڊم جي ته ”ماڪسزم جي نظر ۾ سٺو آرٽ اهو آهي جيڪو صداقت سان حقيقت جي عڪاسي ڪري جنهن ۾ هاڪاري نموني جمالياتي عنصر موجود هجي. خارجي حقيقتون ۽ انسان جي سماجي زندگي ڇاڪاڻ ته بدلجندڙ وٿون آهن ان ڪري ادب به انهن سان گڏ بدلجندو رهي ٿو ان کي تبديليءَ مان ضرور گذرڻ کپي“. (1) هتي محترمه فهميده صاحبه، مارڪسي نظرياتي تنقيد جي ادب واري رخ کي مخصوص لفظن ۾ پيش ڪري ٿي ۽ مارڪسي فڪر جو ادب لاءِ جيڪو مخصوص انداز آهي، جيڪو ٻين نظرين کان بلڪل الڳ آهي ان کي سمجهائڻ جي هڪ سٺي ڪوشش ڪري ٿي ساڳئي وقت مارڪسي فڪر مطابق هڪ تخليقار کي پنهنجي نظريئي سان فن ۽ فڪر سان ڪميٽيڊ هئڻ گهرجي ان سوچ کي ميڊم پنهنجي لفظن ۾ هيئن بيان ڪري ٿي ته ”طبقاتي سماجن ۾ فن جو ڪردار مختلف هوندو آهي فن ۾ جيڪا اثر وجهڻ جي سگهه ان کي طبقاتي جدوجهد جو هٿيار بنائي سگهي ٿي ان سان سماجي آدرشن حاصل مدد وٺي سگهجي ٿي اهڙو ادب ڏيندڙ اديب ڪميٽيڊ هوندا آهن“. (2) درسي تعليم ۾ مارڪسزم کي شامل ڪرڻ ۾ جتي محترم الهداد ٻوهيو جو نالو ايندو اتي ميڊم فهميده جو پڻ نالو ورتو ويندو ميڊم فهميده هڪ استاد جي حيثيت ۾ مارڪسزم کي شاگردن اڳيان پيش ڪري ۽ مارڪس جي فڪر جو تنقيد متعلق جيڪو رخ آهي جنهن کي عام طور نظرياتي تنقيد پڻ چيو ويندو آهي ان نظريئي کي عام لفظن ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ساڳي وقت هو مارڪسزم فڪر جي مفڪر/فلسفي لينن جي ادبي نظريئي تي نظر وجهي ٿي لينن جي ادبي خيالن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي سندس اهو قدم ساراهه جوڳو آهي پر لينن جي فڪر کي سمجهائيندي ميڊم فهميده هڪ غلطي ڪري ٿي سا اها ته لينن جي نظريئي جو اثر، اسٽالن جي سماج واد حقيقت پسنديءَ جي نظريئي تي هيو جڏهن ته ميڊم جي لکيل جملن مان ظاهر پيو ٿئي ته لينن جو سمورو نظريئو اسٽالن جي ترقي پسندي (سماج واد حقيقت پسندي) واري خيالن تي بيٺل هو. بقول سندس ته ”لينن ادب کي سماجي ارتقا جو ذريعو سمجهو هو ۽ سماجي جدوجهد ۾ هڪ ڪارائتو هٿيار پڻ، ان ڪري هن ان ڳالهه تي هميشه زور ڏنو ته ادب کي عام انساني زندگي ۽ حقيقت جو عڪاس هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي دور ۾ ترقي پسند رجحانن جو ترجمان به هئڻ گهرجي سندس سموري ٿيوري اسٽالن جي سوشلسٽ ريئلزم (Socialist Realism) يا سماجوادي حقيقت پسنديءَ جي نظريئي تي ٻڌل هئي“. (3) اسان مٿي جيڪي لائنون لڪير هيٺ آنديون آهن انهن تي غور ڪيو وڃي ته ميڊم جي اها غلطي سامهون ايندي جنهن جي اسين ڳالهه ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ اها ڪا ايتري وڏي غلطي نه آهي پر ان کي حل ڪرڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته هي درسي ڪتاب آهي جيڪو شاگردن جي اصلاح ڪرڻ بجاءِ مونجهاري جو شڪار ڪندو.
نچوڙ:
ميڊم فهميده مجموعي طور هڪ سيڪيولر ذهن جي مالڪ آهي پر هو نظرياتي طور تي مارڪسي فڪر جي پيروڪار نه آهي سندس مجموعي ادب جيڪو مختلف صنفن ۾ لکيل آهي ان ۾ سماج جي واڌو قدرن جو ذڪر ڪري ٿي ۽ معلم جي حيثيت سان مارڪسزم کي پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪري ٿي. ان کان علاوهه هن جو مارڪسزم /طبقاتي فڪر سان ڪوبه واسطو نه رهيو آهي.
حوالا:
نمبر مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو ادارو جنهن ڇپرايو سن صفحو
1 فهميدهه حسين ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ سنڌادبي اڪيڊمي ڪراچي 1997 79
2 فهميدهه حسين ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ سنڌادبي اڪيڊمي ڪراچي 1997 179
3 فهميدهه حسين ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ سنڌادبي اڪيڊمي ڪراچي 1997 181