لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• سوڀوگيانچنداڻي

محترم سوڀو صاحب جي شخصيت هڪ ئي وقت ادبي ۽ سياسي آهي هن جي شخصيت جي مشهوري ۽ مقبوليت ادبي گهٽ سياسي وڌيڪ آهي ۽ سياست ۾ هو نظرياتي طور ڪميونسٽ فڪر جو رهيو آهي هن عملي طور سياست ۾ حصو ان وقت ورتو جڏهن برصغير ۾ انگريز استحصالي قوتن خلاف تحريڪ هلي رهي هئي. سياست ۾ جنهن شخص کان هي وڌيڪ متاثر هو اهو هو حشوڪيولراماڻي- جنهن جو ذڪر سوڀو صاحب هن ريت ڪري ٿو ته ’’شاگردن جي تحريڪ ۾ حشوڪيولراماڻيءَ جي ڪردار ۽ پيش رفت کان متاثر آهيان.‘‘(1)
حشوڪيولراماڻيءَ جو ذڪر سنڌ ۾ ان دور جي ٻين ڪارڪنن پڻ ڪيو آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته حشو جو سنڌ ۾ هڪ الڳ گروپ هو جيڪو سنڌ کي پنهنجو بنياد ٺاهي رهيو هو. ڇا حشو ۽ سندس ساٿي سنڌ ۾ الڳ پارٽي ٺاهي رهيا هئا؟ يا ٺاهي هئن؟ ان سوال جا جواب سوڀو اڻ سڌي طرح ڏئي ٿو ته ’’مون کي خيال آيو ته هي شايد زيرزمين ڪميونسٽ پارٽي آف سنڌ‘‘ جا اڳواڻ آهن.‘‘(2)
جڏهن ته سوڀو صاحب چوي ٿو ته مان ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر نه آهيان ته ڳالهه ڪجهه شڪ ۾ اچي ٿي ته سوڀو يا حشو ڪهڙي ڪميونسٽ پارٽي جا ميمبر هئا يعني ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا يا سنڌ؟ اهو اڄ به سوڀو ٻڌائي سگهي ٿو. سوڀي صاحب لاءِ سنڌ هاري ڪميٽي جي دعوي آهي ته هو اسان جو ڪارڪن آهي. ’’سنڌ هاري ڪميٽي جو ٻيو دور 1944ع ۾ شروع ٿيو جڏهن حيدر بخش جتوئي پنهنجي سرڪاري عهدي کي ڇڏي سنڌي هارين، مظلوم سنڌي ماڻهن جي حقن بچائڻ لاءِ ميدان ۾ آيو ان وقت مرحوم حيدر بخش جتوئي سان مرحوم قاضي فيض محمد، عبدالخالق آزاد، برڪت آزاد، سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ٻانهن ٻيلي رهيا. هنن ساٿين سنڌ هاري ڪميٽيءَ کي منظم ڪري اڳتي وڌايو.‘‘(3)
سوڀي صاحب جو ڪهڙي پارٽي سان واسطو آهي، اهو اسان جو موضوع نه آهي اسان صرف اهو ثابت ڪرڻ چاهيون ٿا ته هن شخص جو واسطو مارڪس فڪر سان گهرو رهيو آهي- سوڀي جي ڪهاڻين تي غور ڪبو ته سوڀي صاحب جو نه صرف ڪردار پورهيت آهي پر هن جون سڀ همدرديون پورهيت سان آهن، نتيجي طور سندس ڪهاڻين جو جوهر نظرياتي آهي، جنهن ۾ سوڀو ان احساس کي وڌيڪ اُڀاري ٿو ته سماج جي اندر اهو ڦر لٽ وارو نظام ڇو اڃا تائين لاڳو آهي- هن سماج ۾ ائين ڇو آهي سوڀو صاحب پنهنجي ڪهاڻين جي ڪردار معرفت سنڌ جي پورهيت عوام کي اهو واضع پيغام ڏئي ٿو ته هي سماج ڦورو، جاگيردار جو آهي ۽ توهان نئين سماج لاءِ وک ڇو نٿا وڌايو؟
سوويت يونين ٽٽڻ کان پوءِ جتي پوري دنيا نظرياتي بحران جو شڪار ٿي آهي ۽ سوشلٽ فڪر مان وڏ ڪڍي رهي آهي جتي سنڌ جو ڪامريڊ سوشلسٽ فڪر لاءِ اهڙن خيالن جو اظهار ڪري ٿو جو اهو احساس ٿو ٿئي ته هي ڪميونسٽ به هئا يا منهن ۾ ملان اندر ۾ ابليس وارو چڪر هو. اتي سوڀو صاحب ’’سوشلزم جو مستقبل ‘‘ (4) مضمون لکي هن فڪر کان نفرت ڪرڻ بجاءِ سوويت يونين جي خامين کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جتي سوڀي صاحب کي اهو احساس ٿئي ٿو ته انقلاب جي ناڪامي جو سبب سوويت بيروڪريسي ۽ سياستدان آهن سوڀو صاحب اڄ به پنهنجي نظرئي تي قائم آهي اهو ان ڪري آهي جو سوڀو صاحب طبقاتي فڪر کي چڱي طرح سمجهي ٿو.

حوالا

نمبر مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو اداري جو نالو جنهن ڇپرايو سن صفحو
1 گيانچنداڻي سوڀو وڏي وٿ هئام سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي 1997 92
2 گيانچنداڻي سوڀو وڏي وٿ هئام سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي 1997 92
3 حضوربخش صوفي هاري ڪائونسل ۾ پڙهيل رپورٽ سنڌ هاري پبليڪيشن ميرپورخاص 1986 04
4 گيانچنداڻي سوڀو ماهوار ساڃاهه حيدرآباد پبلشر عظيم سنڌي 1997 شمارو 7-8 88