لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• رئوف نظاماڻي

سنڌي ادب ۾ اهو ڪٿي به طئي ٿيل نه آهي ته ڪهڙي فڪر سان وابسته ليکڪ کي ترقي پسند ڪوٺيو وڃي يا لکيو وڃي نتيجي طور اسان وٽ رشيد احمد ڀٽي ۽ حيدربخش جتوئي به ترقي پسند آهن ته ٻئي طرف اياز قادري به ترقي پسند آهي جڏهن ته اياز قادري وغيره جي نظرين ۽ رشيد احمد ڀٽي وغيره جي نظرين ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. اسان جي خيال ۾ ته اسان وٽ ترقي پسند ان کي ڪوٺيو ويو آهي جيڪو وڏيرن جي خلاف لکي يا وري جيڪي تحريڪون هليون مثلا- ون يونٽ، خلاف، ضياءَ جي مارشل لا خلاف ان ۾ جن ليکڪن واڌو سوچ ڏني انهن کي ترقي پسند ڪوٺيو ويو آهي ۽ نظريئي کي اهميت نه ڏني وئي آهي. جڏهن ته اسان جو خيال آهي ترقي پسند اهو ليکڪ آهي جيڪو نظريي طور ارتقا پسند آهي.اسان جي محترم دوست رئوف نظاماڻي کي پڻ ترقي پسند ليکڪن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. کيس ترقي پسند ظاهر ڪرڻ لاءِ انور ابڙو، سندس دوستن جو حوالو ڏئي ٿو پر رئوف جي پنهنجي نظرياتي بيهڪ ڇا آهي ان تي نظر نٿو وجهي بقول انور ابڙي جي ته ’’رئوف نظاماڻي جو سنڌي ادب جي ترقي پسند تحريڪ ۾ پڻ هڪ نمايا ۽ سرگرم ڪردار رهيو آهي. ڪراچي سنگت جي حوالي سان ته هو هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو محترم انور پيرزادي، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمن نقاش، بدرابڙي، هدايت منگي، شاهه محمد پيرزادي ۽ جان خاصخيلي واري ٽيم جي هڪ اهم ميمبر جي حيثيت ۾ رئوف نظاماڻيءَ ڪراچي جهڙي گهڻ نسلي ۽ گهڻ ٻولي شهر ۾ سنڌي ادب جي ترقي ان جي نون رجحانن ان جي ماضي توڙي حال ۽ سنڌي معاشري ۾ ان جي ادا ڪيل ترقي پسند ڪردار کي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ اديب، دانشورن ۽ صحافين تائين جنهن انداز ۾ پهچايو اهو سنڌي ادب جي ويجهي ماضيءَ واري تاريخ جو هڪ اڻ وسرندڙ حصو آهي‘‘ (1) پر اسان جو موضوع ۽ ان جي گهرج مارڪسي فڪر/ طبقاتي فڪر جي اثرن کي ڳولڻ سان وابسطه آهي نتيجي طور رئوف جي لکڻين ۾ اهڙي ادب ۽ فڪر جي کوٽ آهي رئوف صاحب سوشلسٽ ادب لاءِ ضرور لکيو هوندو ۽ ان جو ذڪر هن مون سان نجي ڪچهريءَ ۾ (06-07-11) پڻ ڪيو آهي. پر اهو ادب منهنجي نظر مان نه گذريو آهي جيڪو ڪتاب (جديد سنڌي ڪهاڻي) هن مونکي پڙهڻ لاءِ ڏنو ان ۾ پڻ مخصوص ليکڪن کي پيش ڪيو ويو ان جيڪو دڳ اختيار ڪيو آهي اهو پورهيت فڪر واري ادب وارو نه آهي رئوف صاحب ڳالهه ٻولهه ۾ (06-07-11) هي ڳالهه قبول ڪري ٿو ’’آءُ ڪارل مارڪس کي هڪ سماجي مفڪر جي حيثيت سان قبول ڪيان ٿو ته هو (مارڪس) سماج لاءِ سٺو سوچي ٿو ‘‘ (2) پر پوءِ به مارڪسي فڪر جو اثر سندس لکڻين ۾ ظاهر نه آهي. ممڪن آهي ته اهو ادب جيڪو هن عوامي تحريڪ جي ڪارڪن جي حيثيت ۾ لکيو هو ان ۾ اِن فڪر جو اظهار ڪيو ويو هجي جيڪو منهنجي نظر مان نه گذري سگهيوآهي. مان رئوف جي گفتگو ۽ مخصوص مواد مان صرف ايترو سمجهي سگهيو آهيان ته رئوف صاحب مارڪسي فڪر جو پيروڪار نه آهي.

حوالو

س.ن مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو ادارو سن صفحو

1 ابڙو انور جديد سنڌي ڪهاڻي انڊس پبليڪشن ڪراچي 2003 20
2 نجي ڪچهري جيڪا رئوف صاحب جي گهر تي 06-07-11 تي شام جو ٿي.