لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• پنهنجي پاران: ڪُو پَههُ پَيو جُوڳئين

ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جڏهن مان پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي هئي، اُنَ وقت ان خوشفهميءَ ۾ هيس ته هن اداري مان ڊگري وٺي ڪنهن سٺي اداري ۾ نوڪري ڪندس، پر جڏهن عملي زندگيءَ ۾ داخل ٿيس ته معلوم ٿيو ته هتي نوڪريون ذات ۽ سفارش تي ملنديون آهن. لڳاتار مايوسي نصيب ٿيڻ کان پوءِ جڏهن مان ٻيهر هن اداري ۾ Ph.D لاءِ داخلا ورتي ته مان صرف پڙهڻ ۽ پرائڻ لاءِ آيس ته ڪجهه اکر علم جا سِکي وٺان. ان سِکڻ جي تياري 1993ع کان مارڪس ۽ لينن کي پڙهڻ کان شروع ڪئي. ان ادراڪ جي عمل مان گذرندي، شعوري طور مون نه صرف ترقي پسند فڪر سمجهيو، بلڪ هڪ نئين شڪل يا نئون خيال منهنجي دماغ ۾ آيو، سو اهو ته 1955ع کان دنيا جي حالتن ۾ جيڪا تبديلي سرد جنگ جي ڪري آئي آهي، ان ماحول هن استحصالي معاشري ۾ هڪ نئين شڪل اختيار ڪئي آهي، جنهن جو مقابلو نه ڪندي، مارڪسي فڪر هار کاڌي، اهو آهي “جديد سامراجيت”. هي استحصالي بينڪاري نظام پاڻ سان گڏ غلاميءَ ۽ استحصال جا نوان طور طريقا کڻي آيو آهي. مارڪسي فڪر جي مقابلي نه ڪرڻ جو سبب هڪ اهو به هو ته مارڪس جي پيروڪارن مارڪسي نظريي کي، مارڪسزم چئي، ان کي سائنسي طريقي سان وڌڻ کان روڪي ڇڏيو.
تاريخ جي اڀياس مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته نظريو (Theory) لڳاتار ارتقا ۾ رهي ٿو، ۽ سماج ان کي لڳاتار تجربن مان گذاريندو رهي ٿو، پر جڏهن حدبنديون ڪندي، ڪنهن خيال کي مخصوص قانونن جو پابند ڪري ڇڏجي ۽ ان مان واڌاري جي سگهه ختم ٿي وڃي ته اهو (Ism) آهي، جيڪو ڪاٿي نه ڪاٿي مڪمل طور يا جزوي طور عقيدي جو شڪار ٿئي ٿو يا عقيدي جي ماتحت هلي ٿو. مارڪسزم جا پوئلڳ جڏهن چوندا آهن ته، “هڪ ڏينهن پوري ڌرتيءَ تان طبقا ختم ٿي ويندا – ڪامريڊ!” ته اهو عقيدو آهي، پر عملي طور هو شرابي آهن، جنهن کان عام معاشرو خائف آهي. ٻيو ۽ وڏو سبب هي هو ته “سامراجيت” کي “جديد سامراجيت” جي منزل تي آڻڻ ۾ رضاڪار مذهبي سپاهين مکيه ڪردار ادا ڪيو. سڀني مذهبن جا پوئلڳ سرد جنگ ۾ هڪ هئا، جڏهن ته مارڪسي فڪر تي عمل ڪندڙ داخلي ۽ خارجي طور الڳ الڳ هئا.
مارڪسزم ۾ جيڪو مکيه نقص رهجي ويو هو، سو اهو ته مارڪس محنت جو صرف آفاقي پاسو سمجهايو هو، پر محنت جو ننڍڙو ايڪو يا اِڪائي، جتي محنت جي موٽ ۾ جنم وٺندڙ ملڪيت سماجي حيثيت اختيار ڪندي، اجتماعي شڪل ۾ ظاهر ٿئي، اهو واضع نه ڪري سگهيو. نتيجي طور سوويت يونين جي شڪل ۾ اجتماعي ملڪيت جي جاءِ تي “رياستي ملڪيت” (State Property Ownership) جنم ورتو، جڏهن ته چائنا ۾ ان ملڪيت Militant State Property Ownership ظاهر ٿي،جيڪا خود سوويت يونين رياستي ملڪيت جي مخالف رهي. سامراجيت سڄي دنيا ۾ مارڪسي فڪر تي هلندڙ ٻن گروپن جو فائدو وٺندي، هٿ ٺوڪيا سوشلسٽ سياستدان اڳيان آندا، جن سوشلسٽ سوچ کي/ سوشلزم کي عوام جي اڳيان رکي، عوام کي دولابو ڏنو. هي اُها جڳهه آهي، جتان جديد سامراجيت سياسي طور اُڀرڻ شروع ڪيو. ڪرنل قذافي هجي، ڀُٽو هجي يا ڪو ٻيو، اهي سڀ ان مقصد لاءِ تيار ڪيا ويا هئا، جڏهن ته ٻئي طرف مولوي اڳواڻن معرفت رضاڪار فوج جوڙي ويئي. لينن جي سياسي بصيرت ڪمال جي هئي، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سوشل سائنس جي روشنيءَ ۾ ملڪيت جو گهٽ ۾ گهٽ ايڪو يا اِڪائي / ماپو يا ماڻ ڪهڙو هئڻ گهرجي، جيڪو گڏيل ملڪيت جي شڪل کي ظاهر ڪندي، سماجي / مشترڪه يا سوشلسٽ ملڪيت جي حقيقي بنياد واضح ڪري، اهو واضع نه ڪري سگهيو، پر اها سچائي آهي ته لينن مارڪسي فڪر کي مارڪسزم جي ڄار ۾ قيد نه ڪيو، بلڪ ان کي نظريي جي صورت ۾ اڳتي وڌايو ۽ سرمائيداريءَ جي اڳين منزل “سامراجيت” سمجهايو. جڏهن ته مارڪس، اينگلس ۽ لينن سماجي سائنس جي روشنيءَ ۾ گڏيل قيادت جو تصور نه ڏيئي سگهيا. نتيجي طور پارٽي فرد جي تسلط هيٺ رهي، جتي پرولتاريه ڊڪٽيٽرشپ جي شڪل ۾ هڪ فرد سماج / پارٽيءَ تي مسلط رهيو.
مارڪسي فڪر جي مٿين ادراڪ مون کي ذهني طور تيار ڪيو ته آءٌ مارڪسي فڪر جي روشنيءَ ۾ تحقيق ڪريان. ظاهر آهي ته سنڌيءَ ۾ ماسٽرس ڊگري هجڻ ڪري ساڳئي اداري ڏي منهن ڪرڻو پيو، جنهن جا عملدار مون کي انسان بدران شودر ڪاسٽ سمجهندا هئا. وقت کي سمجهندي پنهنجي ڪم تي نظر رکي، اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، نتيجي طور 9 سيپٽمبر 2009ع تي منهنجي Ph.D منظور ٿي ويئي.
مون پنهنجي تحقيق کي صرف ٽن بابن ۾ ورهايو. پهريون باب: طبقاتي فڪر ڇا آهي ۽ ان جي اوسر، ٻيو باب: ادب ڇا کي ٿو چئجي ان تي بحث ڪيو ويو آهي ۽ ٽيون باب: سنڌي ادب ۽ سنڌي ادب ۾ جن ليکڪن مارڪسي فڪر جي مخالفت يا حمايت ۾ لکيو آهي، ان تي ٻڌل آهي. هن ڏس ۾ مون ڪيترو صحيح لکيو آهي، ان جو فيصلو توهان کي ڪرڻو آهي.
مان مٿي جيڪا مارڪسي فڪر تي پنهنجي راءِ ڏني آهي، ان کي مڪمل نظريي جي صورت ۾ هن ڪتاب ۾ نه ڏيئي سگهيو آهيان. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته مان جيڪا تحقيق ڪئي آهي، اها ادب متعلق هئي، ان ڪري جي مان مڪمل طور نظرياتي سوچ کڻي اچان ها ته اهو فلسفو ٿي پوي ها، پر مون کي ڊگري نه ملي ها. اهو ضرور ٿيو ته مان جنهن نظر سان سنڌي ادب کي ڏٺو آهي، اهو ممڪن آهي ته مستقبل ۾ اسين ادب جو اصل دڳ حاصل ڪري وٺئون.
مان سمجهان ٿو ته جيڪو مون لکيو آهي، اهو هڪ ڀيرو توهان جي ان رومانس کي ضرور ٽوڙي ڇڏيندو، جيڪو توهان جو سنڌي ادب جي قداور شخصيتن لاءِ جوڙيل آهي، پوءِ اهو لطيف هجي يا قاضي قادن، جي.ايم سيد هجي يا شيخ اياز!
مارڪسي فڪر جو جيڪو مان مٿي مختصر ذڪر ڪري آيو آهيان، ان لاءِ مون وٽ هڪ وسيع سوچ ۽ خيال موجود آهي، جنهن جو اظهار مون پنهنجي مضمونن ۾ مختلف وقتن تي ڪيو آهي. جڏهن مان چوان ٿو ته 1955ع کان پوءِ سامراج “جديد سامراجيت” جي شڪل اختيار ڪئي، ته ظاهر آهي ته ان جي سڀني پاسن تي روشني وڌي وڃي، ته جيئن هڪ نظريي جي صورت ۾ سامهون اچي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته صرف جديد سامراجيت تي الڳ ڪتاب پيش ڪجي. منهنجي ڪوشش آهي ته ان کي به ترت اوهان جي اڳيان آڻيان. هتي صرف جديد سامراجيت تي مختصر وضاحت ڏيڻ بهتر ٿو سمجهان، سا اها ته جديد سامراجيت تعصب، تشدد ۽ تسلط چاهي ٿي، آزادي نه!
هن ڪتاب کي ڇپائڻ ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، جاويد احمد جوڻيجي، صوبدار علي چانڊيي، حبيب الله جاکري، اويس قريشي، عدنان مهيسر، عباس ڪوريجي، رياض سهتي، خاص ڪري ڄام محب علي سهتو، رابطه سيڪريٽري س – ا – س ضلع خيرپور ۽ فرمان علي سهتي جو ٿورائتو آهيان، جن اخلاقي ۽ مالي مدد ڪئي. ساڳئي وقت توهان دوستن جو به ٿورو مڃان ٿو، جيڪي هن ڪتاب کي خريد ڪري پڙهندا.


مهرباني
ڊاڪٽر فيض جوڻيجو
ڪراچي، سنڌ