• ادب جو جاگيرداري وارو دور
Among the idols there was fire of red gold each five yard high, with eyes formed of Priceless jewels. But after Mahmood's visit very little remained. The temples had been by his order burned with naphtha and fire and their smoking ruins leveled the ground (24)
ساڳئي مصنف اڳتي لکي ٿو.
Mahmood whose passage through life was marked by distraction and blood shed no doubt the fought the battles of the crescent but the order of faith was strangely marred by his incredible greed (25).
اسلامي فڪر ۾ مصوري ۽ سنگ تراشي، موسيقي ۽ شاعري کي غير اسلامي قرار ڏيڻ جي باوجود ان دور جي خالق قوتن ان فن کي ترڪ نه ڪيو بلڪه ٻيو دڳ اختيار ڪندي مسجدن ۽ مقبرن اندر چٽسالي ۽ پٿر جي لازوال هنر جو مظاهرو ڪيو ۽ انهن درگاهن تي موسيقي کي مذهبي موسيقي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو . ساڳئي وقت شاعري ان دور جي لوڪ ادب، نسل درنسل هلندڙ زباني ادب جو خاص مشغلو هئي . تاريخ جي خالق قوت اهو مغلن يا محمود جي حڪومت جي ڪري نه ڪيو پر وقت ۽ حالتن تحت پنهنجي فن جو اظهار ڪندي پنهنجي داخلي جذبن جو اظهار ڪيو . اسان شروع ۾ عرض ڪيو ته يورپ وارن جي جاگيرداري دور کي عيسائيت جو اونداهون دور ڪري لکيو ته هتي به ان غلطيءَ تي عمل ڪندي صرف يورپ کي اوندهه ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ ايشيا کي خاص ڪري عربن کي علم جو مرڪزڪري پيش ڪيو ويو آهي. جيڪو غلط آهي تاريخ ماديت تي لکڻ ۽ ان کي سمجھڻ ٻه الڳ واٽون آهن سبط حسن تاريخ ماديت ۽ جدلياتي ماديت کي سمجھائڻ جو حقيقي ڏانءُ حاصل نه ڪري سگھيو آهي. جاگيرداري دور کي سمجھڻ لاءِ ضروري آهي ته ان دور جي معاشي ۽ سماجي حالتن جو جائزو ورتو وڃي ۽ استحصالي طور طريقن جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي تاريخ ۾ اها ڳالهه اينگلس محسوس ڪئي جنهن چيو ’’ هراها شيءَ جيڪا ماڻهوءَ کي حرڪت ۾ آڻي ٿي ان کي، ان جي دماغ مان ضروري گذرڻ گھرجي پر اها دماغ ۾ ڇا صورت اختيار ڪندي ان جو دارومدار گھڻي ڀاڱي حالتن تي هوندو آهي ’’(26) . ان لحاظ کان جي ايشيا ۾، جيڪي جاگيرداري دور ۾ شاعر ۽ مفڪر گذريا آهن انهن جي فڪر جو جائزو ورتو وڃي ته اهي مفڪر به داخلي طور يا خارجي طور ان فڪر جا پيروڪار رهيا آهن جيڪو ان دور جو فڪر هو خاص ڪري شاعرن جن جي هڪ روحاني حاڪم واري حيثيت رهي آهي. يورپ جي مذهبي اڳواڻ ڦر لٽ ۾ حصو ورتو آهي ته اسان وٽ به ڪافي مثال ملن ٿا ته انهن روحاني حاڪم شاعرن کي، ان وقت جي حاڪم جاگير جي صورت ۾ ڦرلٽ مان حصو ڏنو ويو آهي اسان جنهن سوچ جو اظهار هتي ڪرڻ گھرون ٿا بدر ابڙو اڻ سڌيءَ طرح ان کي قبول ڪري ٿو بقول سندس ته ’’ادب ۾ عيسائي دور اونداهو دور (Dark age) سمجھيو ۽ سڏيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته انساني ذهن جي حڪمراني ۽ استعمال پوري طرح ختم ٿي ويو عيسائيت جي مطابق دنيا جو سمورو علم انجيل مقدس ۾ هو ۽ باقي ٻيو علم شيطاني هو . اسان جي اپکنڊ ۾ گھٽ سمجھه مولوي ۽ پنڊت مذهبي ڪتابن ۽ مهاڀارت جي حوالي سان اهڙيون ئي دعوائون ڪندا آهن’’(27) اسين بدر جي ان خيال سان متفق نه آهيون ته ڪو انسان جي ذهني ارتقا جو عمل ختم ٿي ويو ڇاڪاڻ ته ادب جي، فڪر جي ان جاگيرداري دور ۾، جنهن کي اونداهو دور ڪوٺيو ٿو وڃي انسان عملي طور ميڪانڪ حرڪت جا مضبوط بنياد وڌا جن تاريخ کي هڪ نئون موڙ ڏنو اسين مسئلي جي ٻي رخ طرف اچون ٿا جيڪو اينگلس بخوبي سمجھائي ٿو ’’ اسين ڏسون ٿا ته مذهب هڪ ڀيرو ظهور ۾ اچڻ کان پوءِ هميشه پوئين زماني کان ورهاست ۾ مليل تصورن جي زخيري کي محفوظ رکندو آهي. ڇاڪاڻ ته سڀني نظرياتي شعبن ۾ روايت هڪ وڏي قدامت پرست سگھه هوندي آهي پر ان تصورن جي زخيرن ۾ جيڪي تبديليون ٿينديون آهن اهي طبقاتي تعلقات جي ڪري ٿينديون آهن يعني ماڻهن جي معاشي تعلقات سان، جيڪي هي تبديليون ڪندا آهن ’’ (28). ساڳئي وقت مذهب جي آڙ ۾ جيڪي جنگيون وڙهيون ويون آهن انهن ۾ به معاشي ۽ طبقاتي مفادن کي بنيادي اهميت حاصل آهي پوءِ اها جنگ صليبي هجي يا وري سومنات جي مندر جي هجي اهو ان دور جي طبقاتي ڦرلٽ جو ماحول هو. ان ماحول ۾ انسان جي فڪري جاڳرتا جو سفر انسان جي مادي گھرجن ۽ ماي خيالن جي ارتقا جو نتيجو آهي. ان ڪري بدر ابڙو جو اهو چوڻ ته انسان جي ذهن جي حڪمراني ۽ استعمال مڪمل ختم ٿي ويو هو – حقيقت کان ڪٽيل ۽ ڀراءُ تي ٻڌل آهي هن دور ۾ جيڪو ادب تخليق ٿيو اهو ٻن حصن ۾ ورهايل رهيو هڪ عوامي ادب جيڪو نسل در نسل زباني ياد رهيو ٻيو خالص مذهبي خيالن تي ٻڌل هو جنهن تي رياستي هٿ پڻ هو جنهن لاءِ ڪارل مارڪس چيو ’’ هيءَ دين جي تاريخ، انسان جي تاريخ نه آهي بلڪ مقدس تاريخ، خيالن جي تاريخ آهي ’’ (29) هن دور جي ادب جو ٽيون رخ عوامي ادب ۽ مذهبي ادب جي ميلاپ جي پئداوار هو جنهن جي مٿان يونان جي ان مفڪرن جو اثر وڌيڪ رهيو جيڪي تهذيب جا منڪر هئا . اينٽيس ٿينر((AntisThense چيو ’’ مان ڪنهن خاص شهر جو رهواسي نه آهيان پر منهنجو ڏيهه ته پوري دنيا آهي‘‘ (30) هي شخص هر ان شيءَ کان انڪاري آهي جنهن کانسواءِ زندگي هلي سگھي . هن جو شاگرد ديوجانس ڪلبيه لقب سان مشهور ٿيو . ان به جيڪا تعليم ڏني ان ۾ تهذيب جي ارتقا کان انڪاريت موجود هئي . جنهن کي صوفي عام طور دنياوي لڳ لڳاپا ترڪ ڪرڻ ڪوٺيندا آهن جڏهن ته حقيقت پسند ايپي قيورس. جو خيال هو ته اها زندگي سٺي آهي جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ڏک هجي .ايپي قيورس جو مخالف زينو هو جيڪو رواقيه فڪر جو باني هو هن فرقي جو خيال هو ته زندگي فطرت جي مطابق گھارڻ گھرجي پر ان۾ ملاوٽ نه هجي هي پڻ تهذيب جي ارتقا جا منڪر هئا ان کان علاوهه ٽيون گروپ سرينه پڻ هو جنهن جو باني ارسٽي پس ((Aristippus هو .هن جو خيال هو ته جو پل جھڙي به لزت آڻي ان مان مزو وٺڻ گھرجي ( هن جي تفصيل لاءِ ڏسو ڪيلمنٽ جو ڪتاب تاريخ فلسفه صفحو 51) مٿي ڏنل مختصر خاڪي جو مقصد صرف اهو آهي ته ايپي قيورس کان علاوه ٻين سڀني مفڪرن جي فڪر جو اثر جاگيرداري ادب، خاص ڪري صوفي مت تي موجود آهي. صوفيمت ادب کي خانقاهي ادب ڪوٺجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.خانقاهه نه صرف آفاقي محبوب جي ڳولها لاءِ تعليم جو ذريعو رهي بلڪ صوفين جي ادب مشغلي جو پڻ مرڪز رهي. ( اسان دنيا جي مجموعي صوفين جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون) شروعات م ادب جو هي رخ مذهب ۽ مايوس خيالن جي آڌار تي ٻڌل هو پر جيئن ته مذهبي خيال ۾ ارتقا نٿي ٿئي جنهن ڪري خيال جي ارتقا عوامي ادب ۾ ٿي جنهن کان هي ادب متاثر ٿيو ۽ وجود الاهيءَ سان گڏ مزاجي عشق جا گڏيل خيال ڏنا ويا .لوڪ شاعري هجي يا صوفيمت مجازي عشق جي آڙ ۾ انسان جي ان جذبن جو ذڪر ڪيو ويو جنهن جو وجود الاهيءَ سان ڪوبه واسطو نه هيو بقول ڊاڪٽر عبدالسلام"محبت کے وہ تجربات جو مذھبی یا اخلاقی نقطہ و نظر سے مخموم سمجھے جاتے ہیں شعراء انہیں اس رنگ میں پیش کرنے سے گبراتے ہیں مثلاً ہمارے یہاں بعض پاک باز شاعر جب اس قسم کے تجربات سے دوچار ہوءے تو ان کے پاک بازانہ اور زاہدانہ زندگی نے اجازت نہ دی کہ وہ اس دنیاوی محبت کے جذبات کا اظھار صداقت کے ساتھ کرسکیں لہٰذا انہوں نے حقیقت اور مجاز کا چکر چلایا دراصل جو حقیقی محبت تھی اسے مجاز کا نام دے دیا گیا اس حقیقی محبت کے رنگ میں پیش کیا اور اس مجازی عشق کو عشق حقیقی کا نام دیا" (31)
سنڌي ادب جي ڪلاسڪ شاعري اهڙي ادب جو خوبصورت مثال آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هن بيت تي نظر وجھو . جنهن ۾ اک جي خاص اشاري کي ترار سان تشبيهه ڏيندي مجازي عشق جو اظهار ڪيو ويو آهي.
گجر کي گجميل جيون، تارن ۾ تبرون
هڻي حاڪمين کي، زور ڀريون زبرون
ڪاڪ ڪنڌيءَ ڪبرون، پسو پرڏيهن جيون (32)
ساڳئي طرح حمل فقير جو هي بيت پڙهي ڏسو
تو ريءَ ميان مينڌرا ماڙيون ٿيون مارين
تول، وهاڻا، تڪيا ڳچ اندر ڳارين
هڪ جيڏيون، حمل چئي هنجون ٿيون هارين
سوڍ! ٿيون سارين، توکي ڪنواريون ڪاڪ جون (33)
صوفيمت جي ابتدا جيڪا تهذيب کان نا اميدي ۽ مذهب ڪري ٿي ان ۾ اها تبديلي ان ڪري آئي جو عوامي ادب ۾، لوڪ ادب ۾ مجازي عشق لاءِ سوچ اڀري چڪي هئي ۽ پورهيت عوام پنهنجي احساسن جو اظهار ان ۾ ڪري رهيو هو جنهن کان خانقاهي ادب به متاثر ٿيو شاهه لطيف يا حمل فقير وغيره جي ڪلام ۾ اسان کي جيڪو مجازي نينهن وارو رستو ملي ٿو اهو پنهنجي جوهر ۾ خانقاهي ادب ۾ هڪ قدم اڳتي معلوم ٿئي ٿو.بقول مجتبى حسين جي ته "اس نے (مذھب نے) انسانوں کو ایک عقیدہ دیا تھا ادب نے مذھب کی گود میں پرورش پانے کے باوجود اس کے بہت سے اصولوں کو قبول کرنے اور پھیلانے کے باوجود عقیدہ کے معاملے میں جد عقیدگی دکھائی" (34)
هن لاءِ جرمن هاري بغاوت جي اڳواڻ ٿامس مئونزر ۽ سنڌ ۾ هاري بغاوت جي اڳواڻ شاهه عنايت لانگاهه جھوڪ واري کي مثال طور کڻي سگھجي ٿو هي اهي صوفي اديب هئا جن نه صرف پنهنجي دور ۾ باغي ادب تخليق ڪيو پر عملي طور ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ساڳئي وقت هنن جي فڪر تي عقيدي جي ڇاپ لاڳو رهي . پر پوءِ به هو تغير، تبديلي ۽ ارتقا جو بنيادي اشارو ضرور هئا . بقول مجتبى حسين "مذھب نے زندگی کو سمجھنے اور برتنے کے لیے جو نقطہ نظر دیا تھا ادب اس سے برابر متاثر ہوتا رہا اس لیے مذھب دراصل پورے معاشرے کی آڈیولاجی تھا" (35)
اسين وري محترم بدر ابڙي جي خيال طرف اچون ٿا جتي سوال ٿو اڀري ته عيسائيت ڪري يورپ ۾ اوندهه رهي ۽ ادب نه سرجيو ته ٻين مذهبن جي اثر هيٺ خطن ۾ ڪهڙو ادب سرجيو ! يورپ ۾ جي ڊرامي تي پابندي هئي ته اسان وٽ به فن ۽ فڪر تي پابندي هئي مصوري ۽ سنگ تراشيءَ جي فن کي بديت ۾ شمار ڪيو ويو موسيقي ۽ شاعري کي حقارت جي نظر سان ڏٺو ويو جي يورپ ۾ ڊرامو به مذهبي پرچارلاءِ ڪيو ٿي ويو ته اسان وٽ به ان دور جي خالق قوتن فن جو نئون دڳ ڳولهي لڌو اهو هو مذهبي فڪر جي آڙ ۾ خطاطي، چترڪاري ۽ موسيقيءَ لاءَ قوالي – جيڪا خود مذهب جي ثنا لاءِ آهي پر پنهنجي جاءِ تي مذهب جي فڪر کان بغاوت پڻ – ساڳئي وقت سنڌ ۾ ڀڳت جيڪا ڊرامي ۽ موسيقيِءِجو ميلاپ هئي وغيره محترم سبطه حسن کي جي جرمن ڦورو نظر ٿا اچن ته گھٽ هت به ڪونه هئا جن نه صرف تهذيب ۽ تمدن کي نابوت ڪيو، نه صرف لٽيو ۽ ڦريو بلڪه انسانيت جي تذليل ڪئي پيءُ کي جيل ۾ وجھي، نيرن ۾ ڀاءُ جي منڊي لڻي پيءُ کي موڪلي وئي .
دنيا جو ڪلاسڪ ادب ۽ فن جنهن کي اسين قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا هن دور جي وچ ۽ آخر جي پئداوار آهي. خود بدر ابڙو صاحب پنهنجي ڪتاب جي آخر ۾ لطيف جي فن ۽ فڪر جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو هن دور جي پئداوار آهي ساڳئي وقت يورپ جي ادب ۾ شاعردانتي ( Dante ) جي تعريف ڪئي ٿي وڃي جيڪو هن دور جي پئداوار آهي وڏي ڳالهه ته موجوده فڪري ادب ۽ سائنس جو بنياد هن دور جي آخر ۾ رکيو ويو . هن دور جي خاص ڳالهه اها آهي ته پورهيت پرتن جيڪو ادب تخليق ڪيو جنهن مذهب فڪر کي متاثر ڪيو اهو تاريخ ۾ لکت ۾ نه آيو .پر زباني رهيو جنهنکي عام طور لوڪ ادب ڪوٺيو ٿو وڃي.جنهن ۾ انسان پنهنجي داخلي جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو. هن دور جو ادبي ماحول، پنهنجي دور جي سماجي، معاشي، سياسي ۽ فڪري جاڳرتا جا عڪس پيش ڪري ٿو . جھڙو فڪري ماحول هو ادب اهڙو هو . هن دور جي فڪر۾ انساني وجود جو سوال ثانوي هو . جڏهن ته بنيادي سوال وجودي الاهي رهيو آهي. هي ادب جو جاگيرداري دور آهي ان کي جاگيردار ادب ڪوٺيو وڃي جيڪو اصولن صحيح آهي. هن دور کي اونداهو دور چوڻ هڪ رومانس آهي هڪ غلطي آهي جنهنکي سڌو ڪرڻ گھرجي
نچوڙ
1. جھڙي ريت پئداواري قدرن، طور طريقن کي سامهون رکي ڪري غلامداري سماج جي ادب جو اڀياس ڪيو ٿو وڃي تهڙيءَ ريت جاگيرداري دور جي سماج ۽ ادب جو مطالعو ڇو نه ٿو ڪيو وڃي.
2. صنعتي ترقيءَ جي ڪري جڏهن سرمائيداري سماج اڪثريتي سماج جي شڪل اختيار ڪئي ته اڳئين فڪر ۽ ادب تي تنقيد ڪندي جاگيرداري دور کي ادب جو اونداهو دور ڪوٺيو ويو ته انکي جيئن جو تيئن هتي قبول ڪيو ويو ۽ اهو خيال عام ڪيو ويو ته اسلامي ملڪن ۾ ادب ۽ فن وڌيڪ ترقي ڪئي جيڪو غلط آهي
3. يورپ ۾ جي جرمن ڦورو ۽ لٽيرا هئا ته به گھٽ ڪونه هئا عرب، مغل، ارغون، ترخان، تاتاري ۽ ايراني سڀ ڦورو ۽ لٽيرا هئا.
4. يورپ ۾ جي مذهبي آڙ ۾ جيئري انسان کي اٽي جي چڪيءَ ۾ پيٺو ويوته اسان وٽ به مخدوم بلاول کي گھاڻي ۾ پيڙيو ويو هو ساڳئي وقت مذهب جو سهارو وٺي سرمد، دارا، ۽ شاهه عنايت لانگاهه کي شهيد ڪيو ويو هو .
5. يورپ ۾ جي تهذيب ۽ تمندن کان آري ۽ ان جي تباهيءَ جو سامان ساڻ کڻي ڦر لٽ ڪندا رهيا آهن ته اسان وٽ به اهو ٿيو آهي. محمود نه صرف سنڌ هند جي دولت کي لٽيو بلڪه تهذيب جي حسن کي کنڊرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو .
6. يورپ جي مذهبي ڌرين جي رياستي مشينريءَ کان لاڀ حاصل ڪيو آهي ايشيا ۾ پڻ شاعرن کي، مذهبي رهبرن کي جاگيرون ڏنيون ويون آهن ۽ انهن اهي جاگيرون قبول ڪري ڦرلٽ ۾ شريڪ ٿيا آهن .
7. ادب ۾ جنهن يورپي دور کي اونداهون دور چئي انساني ذهن جي حاڪميت جي ارتقا کان انڪار ڪيو ٿو وڃي انسان انهيءَ دور ۾ ميڪانڪ حرڪت جو بنياد وجھي تاريخ کي نئون موڙ ڏنو- ڇاڪاڻ ته مذهب جي خيالن ۾ ارتقا نه ٿيندي آهي.پر فڪري ارتقا جاري رهندي آهي جيڪا معاشي تعلقات جي ڪري ظهور ۾ ايندي آهي اها يورپ ۾ جاري رهي آهي ۽ پورهيت پرتن پنهنجي فڪري جاڳرتا جاري رکي آهي.
8. مٿي ڏنل دليلن مان ثابت ٿيو آهي ته جھڙيون حالتون يورپ ۾ هيون ان جھڙيون هتي به هيون .ان ڪري ان خوش فهميءَ ۾ نه رهڻ گھرجي ته اسين مشرقي مهذب هئا سين ڇاڪاڻ ته سچ اهو آهي ته هن خطي ۾ به انسان جو رت پياڪ ٿي گذريا آهن .
9. مذهب جي آڙ ۾ جيڪي جنگيون وڙهيون ويون آهن انهن ۾ به طبقاتي مفادن کي اهميت حاصل رهي آهي.
10. هن دور ۾ ادبي جاڳرتا انسان جي مادي گھرجن ۽ مادي خيالن جي ارتقا جو نتيجو آهي.
11. هن دور جو عوامي ادب، لوڪ ادب زباني رهيو آهي ٻيو ادب مذهبي ادب آهي جڏهن ته ٽيون ادب مذهب ۽ مايوسي مان ڦٽي نڪرندڙ ادب، خانقاهي ادب آهي جنهن کي صوفيمت ادب ڪوٺيو وڃي ٿو .
12. فنڪارن مذهبي پابندين باوجو مصوري، سنگتراشي، موسيقي يا شاعري کي ترڪ نه ڪيو بلڪ انهن کي مذهب ۾ ملائي ڪري نئون دڳ اختيار ڪيو .
13. عوامي ادب ۾ مجازي عشق جي اوسر صوفيمت کي متاثر ڪيو جنهن حقيقي ۽ مجازي عشق جو دڳ اختيار ڪيو.
14. دنيا جو ڪلاسڪ ادب ۽ فن جنهنکي اسين قدر جي نظر سان ڏسون ٿا هن دور جي وچ ۽ آخر جي پئداوار آهي.
15. هن دور جي پورهيت پرتن جيڪو ادب تخليق ڪيو اهو زباني رهيو ۽ جن فن تخليق ڪيو. اهي سڀ تخليقار تاريخ ۾ گمنام رهيا ۽ تاريخ / لکت ۾ نه آيا . هن ادب کي اسين لوڪ ادب ڪوٺيون ٿا . هي اهو ادب آهي. جنهن ۾ ان دور جي انسان پنهنجي حساس جذبن جو اظهار ڪيو .
16. هن دور جو ادبي ماحول پنهنجي دور جي سماجي، معاشي، سياسي ۽ فڪري جاڳرتا جا عڪس پيش ڪري ٿو . جھڙو فڪري ماحول هو ادب اهڙو هو هن دور جي فڪر ۾ انساني وجود جو سوال ثانوي هو جڏهن ته بنيادي سوال وجود الاهيءَ جو رهيو آهي.
17. هي ادب جو جاگيرداري دور آهي انکي جاگيرداري ادب ڪوٺيو وڃي جيڪو اصولن صحيح آهي هن دور کي اونداهو دور چوڻ هڪ رومانس آهي هڪ غلطي آهي جنهنکي سڌارڻ گھرجي.