لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• ڊاڪٽر غفور ميمڻ

غفور ميمڻ صاحب جو سنڌي ادب ۾ مکيه ڪم سندس ڊاڪٽريٽ لاءِ لکيل مقالو ”سنڌي ادب جو فڪري پس منظر“ آهي هن مقالي ۾ موهن جي دڙي کان وٺي موجوده دور تائين سنڌي ادب تي پوندڙ مختلف فڪرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي هن مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب هڪ ئي وقت، هڪ ئي ڳالهه لاءِ مختلف خيال ڏئي ٿو جيڪي هڪ ٻئي جو تضاد آهن خاص ڪري مارڪسي فڪر جي حوالي سان وڌيڪ غلطيون ڪري ٿو بقول سندس ته ”سماجي تاريخ ۾ وقت گذرڻ سان تبديلي آئي ۽ طبقاتي سماج وجود ۾ آيو“ (1) ساڳئي وقت ڊاڪٽر صاحب ان راءِ جو پڻ اظهار ڪيو آهي ته ”اڳتي هلي جڏهن ڌارين جون ڪاهون شروع ٿيون سماج طبقن ۾ ورهائجي ويو“ (2) مٿين خيالن مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته طبقاتي سماج جو ظهور ۾ اچڻ ٻن سببن جي ڪري ٿيو آهي هڪ ته سماجي تاريخ ۾ وقت گذرڻ ڪري سماج ۾ طبقا پئدا ٿيا ٻيو اهو ته سماج اندر ان وقت طبقاپئدا ٿيا جڏهن ڌارين حملا ڪيا ڊاڪٽر صاحب پنهنجي خيال ۾ ڪيترو به سوڀر ڇو نه هجي پر طبقاتي سماج جي ارتقا جو دارو مدار پئداواري قوتن جي ان تاريخ ۽ عمل سان وابسطه آهي جيڪو هنن پئداواري ذريعن کي ڪتب آڻيندي نون اوزارن کي جنم ڏنو ته معاشي رشتن ۾ ملڪيت جي تصور مادي گهرجن مطابق ارتقا ڪئي ۽ ”اسان جي ملڪيت“ بجاءِ ”منهنجي ملڪيت“ جي تصور غير طبقاتي سماج اندر طبقاتي سماج جو بنياد رکيو. جڏهن ته جنگ طبقاتي مفادن جي ٽڪراءُ جو نتيجو آهي. جڏهن ڊاڪٽر صاحب اهو چوي ٿو ته حملن جي ڪري طبقن جنم ورتو ته هو خالص غير سائنسي خيال ڏئي ٿو. هن پنهنجي لکڻين ۾ مارڪسي جدليات جو ذڪر ضرور ڪيو آهي ۽ تضادن جي قانونن کي پڻ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر تضادن کي، جدليات کي پئداواري قوتن کان الڳ ڪري پيش ڪيو آهي.بقول سندس ته ”قديم سنڌ ۾ تضاد سماجي، معاشي ۽ ذهني طور نه هئا، بلڪ صرف فطرت سان هئا“ (3) هتي غور طلب ڳالهه هيءَ آهي ته ڇا؟ انسان جو فطرت سان ٽڪراءُ معاشي نه آهي جي ان سوال کي قبول ڪيون ٿا (۽اها ئي حقيقت آهي) ته پوءِ اهو به قبول ڪرڻو پوندو ته فطري ڏاڍ جي مقابلي ۾ پنهنجي وجود جي بقا لاءِ (سماجي بقا لاءِ) انسان نه صرف فطرت سان ٽڪراءُ ۾ آيو بلڪه شعوري طور پنهنجي وَسَ ۽ وِتَ آهر وقت ۽ حالتن تحت مقابلو ڪندي ان ۾ جدت پئدا ڪئي آهي اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سنڌ جو قديم سماج، معاشي سماجي ۽ ذهني تضاد کان آجو هجي؟ ان لاءِ ڊاڪٽر صاحب لکيو ته ”تڪڙيون تبديليون سماجي ۽ معاشي تضادن جي ڪري ٿينديون آهن پر هي امن پسند معاشرو هو“ (4) ڊاڪٽر صاحب قديم سنڌ جي سماج کي تضادن جي روشني ۾ نه پر امن جي روشني ۾ ڏسي ٿو سندس خيال آهي ته سنڌي معاشرو ان ڪري امن پسند آهي جو اهو سماجي ۽ معاشي تفاد کان آزاد هو نه ته سنڌ واسين وٽ جنگ جا اوزار هئا ۽ نه وري ويڙهه جو تصور هو هن مان ته اهو پيو ظاهر ٿئي ته سنڌي سماج خالص آفاقي سماج هو هر طرف سڪون هو ڪو ٽڪراءُ، ڪا ارتقا نه هئي. پر اسان ڏسون ٿا ته هتان جو قديم سماج، قديم اشتراڪي دور مان غلام داري سماج ۾ اچي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب حيران ٿي چوي ٿو ”اهڙي تهذيب ۾ فڪري طور تبديلي ڪيئن آئي“ (5) ڏٺو وڃي ته ڊاڪٽر صاحب جڏهن سماج مان سڀ تضاد ڪڍي ڇڏيا پرپوءِ به سماج اندر تبديلي آئي ڇو؟ ڇاڪاڻ جو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي خيالن جي جيڪا عمارت تضادن کي نه سمجهڻ واري خيال تي جوڙي سا هوا ۾ بيٺل هئي ۽ سچائي سماج اندر حالتن جي گهرج مطابق عمل ڪندي رهي هتي جيڪو تهذيب جو لفظ ڪتب آندو ويو آهي، جيڪو ان دور جي فڪري ۽ عملي ڪردار کي واضع ڪري ٿو ۽ فن، فڪر ۽ عمارت سازي جي جن اهڃاڻن کي اسين تهذيب لفظ ۾ سمائي پيش ڪريون ٿا اها تهذيب غلام داري سماج جي بدولت ئي ممڪن ٿي آهي. ڊاڪٽر صاحب جنهن سماج کي تضادن کان آجو ڪري ڏسي ٿو، ان ئي سماج اندر اجتماعي شادي کان جوڙي واري شادي تائين جنسي رشتن ۾ جنم وٺندڙ ملڪيت جي تصور جي بدولت آهي، مائيتي نظام جي جاءِ تي پيءُ وارو نظام جو اچڻ معاشي، سماجي ۽ ذهني ٽڪرائن جي ڪري آيو آهي ان ڪري قديم سنڌي تهذيب جتي غلام داري سماج جو عروج آهي اتي ذاتي ملڪيت جو پڻ وڏو مثال آهي. ڊاڪٽر صاحب هن معاشري کي امن پسند ثابت ڪرڻ لاءِ ان دور کي جنگي اوزارن کان پاڪ ڪري پيش ڪري ٿو ۽ ان دور جي ماڻهن کي ساڌو ڏيکاري ٿو جيڪي ويڙهه کان پري آهن ٻئي پاسي خود چوي ٿو ”پهرين ڪاهه هوشنگ پشتاديا جي زماني ۾ ٿي جا سنڌين ناڪام بڻائي ڇڏي“ (6) حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ڊاڪٽر صاحب نه ته معاشي ۽ سماجي تضادن کي سمجهيو آهي ۽ نه وري سماجي تاريخ جي مادي پهلو کان واقف آهي نتيجي طور هو ڌڪاهڻندو رهي ٿو هن کي موئن جي دڙي واري سماج ۾ روشن خيالي نظر اچي ٿي سا اها ته اُتي مدري نظام هو بقول سندس ته ”موهن جي دڙي جو سماج روشن خياليءَ جو صحيح تصور هو جتي مدري نظام جو ڪو به اهڙو قدر نه هو جيڪو انسانيت جي خلاف هجي“ (7) اسين هي ڳالهه ڪافي چڪر ورجائي چڪا آهيون ۽ وري ورجائڻ تي مجبور آهيون ته موهن جي دڙي ۾ مدري نظام نه پر پدري نظام هو جتي زال ٻار ۽ گهر مڙد جي ملڪيت هئا ۽ اهو سماج خالص طبقاتي سماج هو ڊاڪٽر صاحب جيڪو موهن جي دڙي جي سماج کي امن پسند، ترقي پسند، روشن خيال، مدري نظام ۽ تضادن کان الڳ ڪري پيش ڪيو آهي هن لاءِ هن وٽ فڪري طور ٻه خيال آهن هڪ مثبت وجوديت ۽ ٻيو شهوت پرستي- انهن ٻن خيالن مان وري وڌيڪ جنهن خيال تي زور ڏئي ٿو اهو آهي شهوت پرستي، ان جنس پرستي ۾ مارڪسي جدليات سمجهائي ٿو. ”قديم سنڌي سماج جو جنس متعلق تصور فرائيڊ جي لبيڊوفارم وارو يعني تبديلي (Change) ۽ فطري سطح تي جدلياتي انداز ۾ هو.“ (8)
فرائيڊ اهو مفڪر آهي جنهن جي تعليم کي عالمي سامراج مارڪس جي خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو آهي فرائيڊ جي جنسي تسڪين واري خيال سان گڏ سندس ان خيال تي به علم حيات ۾ تحقيق ٿي آهي ته انسان جي رت ۾ ڪهڙيون شيون ٻئي نسل ۾ منتقل ٿين ٿيون ان بيمارين ۾ ڪجهه اهي آهن جيڪي سماج ۾ موجود آهن پر انهن جو رت سان ڪو تعلق نه آهي. موجوده جينيٽڪ سائنس جتي انساني تخم مان سڀني بيمارين کي خارج ڪري ڏيکاريو آهي اتي انسان جي عمر پڻ وڌي ويندي. هن تحقيق جي اڳيان فرائيڊ جو نظريو هڪ رام ڪهاڻي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. پر پوءِ به ڊاڪٽر صاحب فرائيڊ جي روشني ۾ اهو ظاهر ڪري ٿو ته قديم سنڌي سماج جنس پرستي تي بيٺل آهي. ٻئي طرف اها دعوى پڻ ڪري ٿو ته سنڌي بنيادي طور تي صوفي آهي ۽ صوفين جو فڪر مثبت فڪر آهي. جيڪو ٻين فڪرن کان الڳ آهي ۽ سنڌ ۾ هر ڌاريئي فڪر کي پنهنجي گهرج مطابق تبديل ڪري پوءِ قبول ڪري ٿو. جنهن ۾ برهمڻ ازم کان وٺي مارڪسزم تائين سنڌين جي بنيادي مثبت فڪر تبديلي آڻي پوءِ قبول ڪيو. اڳتي وڌڻ کان پهرين هڪ ڀيرو وري موهن جي دڙي طرف اچون ٿا. ڊاڪٽر صاحب جتي موهن جي دڙي کي فرائيڊ جي عين فڪر مطابق بيهاري ٿو. اُتي اهو خيال ظاهر ڪري ٿو ته موهن جي دڙي وارو سماج چارواڪ جي سوچ مطابق هو. هتي پهرين اسين اها عبارت ڏئون ٿا جنهن ۾ هو چارواڪ جي فڪر کي پنهنجي لفظن ۾ واضع ڪري ٿو. ”چارواڪ جي اخلاقيات مڪمل طور لذت (Hedoism)جي تصور تي بيٺل هئي جنهن ۾ زندگي متعلق هڪ مثبت ۽ ڀرپور رويو هو“ (9) ڇا چارواڪ جو فڪر صرف لذت تي ٻڌل هو جيڪو ڊاڪٽر صاحب سمجهائي ٿو اهو سوال هتي ڪرڻ مناسب نه ٿيندو، سڀ کان پهرين اسين ان خيال طرف اچئون ٿا جيڪو هو، موهن جي دڙي لاءِ ظاهر ڪري ٿو. ”موهن جو دڙو وارو سماج سکيو ستابو امن پيار ۽ شانتي وارو سماج هو زندگي ڏانهن ايترو ڀرپور ۽ عملي، تخليقي ۽ پئداواري رويو جو چارواڪ فلسفو انهيءَ سماج جو پڙاڏو لڳي ٿو.“ (10)
پهرين ڳالهه ته موهن جي دڙي متعلق اسان جي ڄاڻ اڄ به ناڪس آهي. نه ته ان جي ٻولي پڙهي ويئي آهي ۽ نه وري ڪا مستند تاريخ آهي ساڳي طرح چارواڪ جو ذڪر هندومت ۾ نندڻ جي صورت ۾ ملي ٿو پر اهو واضع نه آهي ته ڪو اهو فڪر موهن جي دڙي جو آهي چارواڪ لاءِ اسين پهرين راءِ ڏئي چڪا آهيون ته ممڪن آهي ته اها غلامن جي بغاوت جي تحريڪ هجي ڇاڪاڻ جو جتي چارواڪ جا مادي خيال ملن ٿا اُتي هو هيٺين طبقي لاءِ سٺي راءِ رکي ٿو ۽ مٿئين طبقي کي ڦورو سڏي ٿو. مٿئين ڪلاس جو فڪر جيڪو ان وقت هاوي فڪر هو اهو فڪر نه صرف چارواڪ جي فڪر کي نندي ٿو بلڪه سماج اندر طبقن کي، سماجي ورهاست کي ڌَڻيءَ جي رضا سمجهائيندي ان کي جائز ڪرار ڏئي ٿو طبقاتي سماج جي مٿئين ورهاست اڄ به هندو مت فڪر جو جوهر آهي جڏهن ته خود موهن جي دڙي جا آثار اڄ به اهو واضع ڪن ٿا ته پورهيتن جو پاڙو الڳ هو مختصر ته ڊاڪٽر صاحب جيڪا موهن جي دڙي لاءِ راءِ ڏني آهي ان ۾ ڪو ايترو وزن نه آهي ان دور جي ادب تي مڪمل طور چارواڪ فڪر جي ڇاپ هئي ۽ سماج ۾ جنسي تعلقات فرائيڊ جي فڪر لبيڊو فارم جي عين مطابق هئا هڪ جڙتو عبارت کان علاوه ٻيو ڪو به مقصد نٿي رکي ۽ نه وري ڪو ان طريقي ڪار کي مارڪسي طريقيو ڪوٺيو ويندو- سماجي بيهڪ کي بيان ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب ان دور جي مذهبي فڪر طرف اچي ٿو. جنهن ۾ هو ٻه رايا ڏئي ٿو هڪ ته اهو فڪر موهن جي دڙي جي پئداوار آهي ٻيو هتان جي مثبت فڪر ان ۾ تبديلي آندي تاريخ ۾ هن وقت تائين جيڪا ڳالهه عام آهي سا اهيا ته برهمڻ ازم ۽ ٻڌازم ٻاهريان فڪر آهن پر ان جا اثر سنڌ تي تمام گهڻا پيا آهن جڏهن ته جين مت جي لاءِ جيڪي پراڻو پارڪر ۾ دعائون ڏنيون ويون آهن انهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هن فڪر جي خالق جو سنڌ سان تعلق رهيو آهي پر اهو فڪر ڪو چارواڪ جي فڪر جي پئداوار نه آهي ۽ نه وري چارڪ واڪ لاءِ ڪا سٺي سوچ ڏئي ٿو هتي ڊاڪٽر صاحب اهو واضع نٿو ڪري ته سنڌ جي مثبت فڪر برهمڻ ازم جي اندر ڪهڙي ڦير ڦار ڪئي جڏهن ته برهمڻ ازم ۾ انسان ۽ انسانيت کي چئن درجن ۾ ورهايو ويوهو. ۽ اها ورهاست اڄ به قائم آهي- سماج کي چئن درجن ۾ ورهائڻ جي اهڙي سوچ خود يونان ۾ پڻ آهي پر ڊاڪٽر صاحب پنهنجي سوچ جي مهور کي وري چارواڪ طرف موڙي ٿو ۽ چارواڪ فڪر جي جهلڪ هن کي يونان جي ايپي ڪيورس ۽ فائرباخ ۾ نظر اچي ٿي هتي ڊاڪٽر صاحب مادي فڪر جي اسڪول آف فلاسفي کي هڪ طرفو ڦٽو ڪري ٿو ۽ انهن تي نظر نٿو وجهي نه ته حقيقت ۾ ايپي ڪيورس کان وڌيڪ برجستو خيال موناد ۽ ڪپل جو آهي، ڪپل لاءِ مولائي شيدائيءَ لکيو. ”ڪپل جو سانک شاستر مادي ۽ روح کي ازلي تسليم ڪري ٿو ۽ ماده جي تبدلي (تناسخ) کي دنيا تسليم ڪري ٿو“ (11) ساڳي وقت ذرڙن ( ايٽم گهرڙا) جو خيال موناد ڏنو ۽ اهو خيال ايپي ڪيورس سان وڌيڪ ملي ٿو پر ڊاڪٽر صاحب لذت جي فڪر کي مٿانهون رکيو آهي ان ڪري ايپي ڪيورس تي چارڪ واڪ جي اخلاقيات جو اثر ڏيکاري ٿو هتي ان خيال کي بلڪل هڪ طرفو ڪيو ويو آهي ته ڪو خانقاهه جو بنياد وجهندڙ اپيڪيورس هو جڏهن ته چارواڪ اهڙو تصور نه ڏنو آهي هن پوري بحث ۾ ڊاڪٽر صاحب جدلياتي ماديت هڪ طرف ڪري صرف لذت پرستي تي نظر وجهي ٿو ۽ ان ۾ ايترو ته ٻڏي وڃي ٿو جو کيس فائرباخ(جنهن تاريخي ماديت جو نظريو ڏنو هو) ۾ پڻ لذت پرستي نظر اچي ٿي نه فائرباخ جو لذت جي فڪر سان ڪهڙو واسطو!- کن پل لاءِ مڃيوسين ته موهن جي دڙي جو مثبت فڪر لذت پرستي هو پر ساڳي وقت اهو به چئي پيو ته سنڌي صوفي آهن صوفي مت ۾ لذت پرستيءَ کي ننديو ويو آهي مثلا: خواجه محمد زمان چوي ٿو –
سڪ روحاني سامئين، جسمي جا حلن
ٻگهن مڇي من، پارس پسن ڪين ڪي (12)
صوفين جي اهڙي ماحول ۾ مثبت فڪر ڪهڙو هوندو ان جي وضاحت ڪرڻ بجاءِ عربن جي اچڻ کان وٺي انگريزن جي آخري دور تائين هر صوفي جي پيغام لاءِ هي جملو هر هر ورجايو ويو آهي ته ”انسان دوستي ۽ محبت جو درس ڏنو“ هي صاحب هر صوفي کي هڪ نظر سان ڏسي ٿو جڏهن ته هر صوفي جو فڪر پنهنجي جوهر ۾ الڳ آهي پر انهن جو هڪ نقطو هڪ آهي سو آهي مذهبي فڪر، سواءِ عنايت لانگاهه جهوڪ واري جي ٻيا سڀ طبقن جي خلاف نٿا ڪڇن. صوفي مت جي دور ۾ جتي وجود الاهي جو اظهار ملي ٿو اتي جنس پڻ ڌرم جو حصو آهي پر پوءِ به صوفي جنسي لاڳاپن کان فراريت اختيار ڪري ٿو ساڳي وقت مجازي عشق جي آڙ ۾ پنهنجي خواهش جو اظهار ڪري ٿو جيئن وقت ۽ حالتن ۾ تبديلي اچي ٿي ان جي اظهار ۾ فرق اچي ٿو.

سڪندي ٿيڙم سال، تو سڪ نه لاٿي سپرين
اٺئي پهراندر ۾ آتنهنجي سڪ سنڀال
اچين هوند حمل جئي ڪري ڀلائيون ڀال
ته ملڪ مڏيون سڀ مال آءُ سِرَ سڌو ترقي ٿيان (13)
صوفي مت ۾ خيالن جي اها ارتقا انسان جي احسان جي سڌ ڏئي ٿي پر ان ارتقا ۾ طبقاتي فڪر جي ارتقا موجود نه آهي بلڪه رومانوي انداز ۾ ڏاتار جي ساراهه ڪئي وئي آهي هتي سوال ٿو اڀري ته صوفي مت ۾ مثبت فڪر ڪهڙو آهي جيڪو روحاني ڳالهه ڪري ٿو يا انسان جي احساس جي ڳالهه ڪري ٿو ان لاءِ ڊاڪٽرصاحب ڪابه وضاحت نٿو ڪري پر هن جي نظر ۾ صوفي مت مثبت فڪر آهي!
ڊاڪٽر صاحب هڪ طرف سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ظلم جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف انهن ڪردارن کي به هيرو ڪري پيش ڪري ٿو جيڪي سنڌ جي غلاميءَ جو ڪارڻ هئا.
”---- پيرپاڳاري، جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي، شيخ اياز، جيٺمل پرسرام، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيٺ هري چندر ۽ وشنداس، جمشيد مهتا، خان بهادر کهڙو، حاجي عبدالله هارون وغيرهه اهڙا ڪردار آهن جن وقت به وقت انگريز سامراج خلاف عملي توڙي قلمي مزاحمت ڪئي“ (14) مٿي ڏنل نالن جي پويان سنڌ جي تاريخ لڪل آهي. جڏهن سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ، حقيقي معنى ۾ لکي ويندي ته مٿين ڪردارن مان ڪافي اهي آهن جيڪي انگريز سامراج جي چوڻ تي سنڌ دشمني ڪندارهيا آهن ۽ تاريخ انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي پر ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ فرق واضع نه ڪندي جانبداري وارو دڳ اختيار ڪري ٿو ۽ سڀني تي هٿ ڦيري هڪ ڪري ڇڏي ٿو. ”مارڪسزم کي سنڌ ۾ مقبوليت يا مڃتا ملڻ جا ٻه سبب بيان ڪري ٿو جيئن ته مذهب کي سياسي مقصدن لاءِ ٿي استعمال ڪيو ويو انهيءَ ڪري نوجوان طبقي ۾ مذهب کان دوري پئدا ٿيڻ لڳي ۽ گهڻا نوجوان مارڪسزم کي صرف مذهبي ڪٽر پڻي خلاف هڪ نظريئي ۽ تحريڪ طور قبول ڪرڻ لڳا. مارڪسي نظريئي کي سنڌ ۾ فڪري طور قبول ڪرڻ جو جواز اڳ ۾ ئي موجود هو جيڪو هو سنڌ جو اصلي فڪر! سنڌي ماڻهو مذهبي طور ڪڏهن به جنوني نه رهيا آهن“ (15)
ڊاڪٽر صاحب جي مٿئين خيال کي مختصر ڪجي ته هي بيهندو پهريون مذهب کي سياسي مقصدن لاءِ ڪتب آندوٿي ويو. ٻيو سنڌي ماڻهو پنهنجي اصلي فڪر تحت مذهبي جنوني نه رهيا آهن جنهن ڪري مارڪسزم سنڌ ۾ مقبول ٿيو هتي ٻن صوفين کي مثال طور پيش ڪري ٿو هڪ شاهه عنايت جهوڪ وارو، ٻيو شاهه عبداللطيف ڀٽائي. عنايت کيڙيو ۽ کائو جو نظريو ڏنو ۽ لطيف مهاڻن کي هيرو ڪري پيش ڪيو. هن مان ڊاڪٽر صاحب جو اهو مقصد آهي ته تاريخي طور سنڌ ۾ مارڪسزم کي قبول ڪرڻ جو ميدان موجود هو. پر اسين ڏسون ٿا ته عنايت جتي طبقاتي سوچ ڏني اتي سندس سوچ جو جوهر مذهبي هو ۽ ڀٽائيءَ ڪٿي به طبقاتي ٽڪراءَ جي فڪر کي پيش نه ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب اها ڳالهه ڀلجي ٿو وڃي ته ڀٽائي جتي مهاڻن جي ڪرت جو ذڪر ڪيو آهي اتي ڦورو ماڻهو کي پڻ هيرو ڪري پيش ڪيو آهي. مثلا: لاکو ۽ جکري جو ڪردار جنهن لاءِ ڀٽائي چيو-
جکرو جس کرو ٻيا مڙوئي مل
مٽي ان امل هئي ازلئون ايتري (16)
سنڌ ۾ مارڪسي فڪر جي واڌ لاءِ مٿئين ڪسوٽي عجيب نه صحيح پر غريب ضرور آهي! صوفي پنهنجي جوهر ۾ پختو مذهبي آهي ۽ هو هڪ تِرَ جيترو نه ٿو هٽي پر پوءِ به جي ان ڪسوٽي کي قبول ڪجي ته ڊاڪٽر حق تي آهي ۽ مارڪس جي مقبوليت مذهبي ڪٽرپڻي جي ڪري ٿي آهي ته پوءِ اها مارڪسي فڪر سان ناانصافي ٿيندي- حقيقت ۾ سنڌي ماڻهو طالبان جي شڪل ۾ ڊاڪٽر نجيب سان وڙهيا وڏي ڳالهه ته هن وقت سنڌ ۾ مذهبي ڪٽرپڻو عروج تي پر سنڌي مارڪسزم طرف راغب ناهي ڇو؟ اصل ۾ مارڪسزم ٻن طبقن جي معاشي ٽڪراءُ جي موٽ ۾ پورهيت پرتن جي ان معاشي گهرجن جو اظهار آهي جيڪو مٿيون طبقو حاڪم هئڻ جي صورت ۾ رياستي ڏاڍ جي بدولت لُٽي ٿو. نتيجي طور سنڌ ۾ مارڪسزم جي مقبوليت طبقاتي استحصال جي موٽ ۾ رياستي جبر جي ڪري ٿي. جن ۾ سياسي حالتن ۽ تحريڪ وڏو ڪردار اداڪيو آهي. جڏهن کان سوويت يونين جي پروگرام کي روڪيو ويو آهي ته هن وقت معاشي طور حالتون ڳنڀير ٿينديون پيون وڃن ۽ طبقاتي ۽ قومي استحصال عروج تي آهي پر پوءِ به سنڌ ۾ مارڪسزم جي فڪر کي هٿي نه ٿي ملي ڇاڪاڻ جو هتي مارڪسي فڪر جي جٽادار تحريڪ موجود نه آهي مختصر ته ڊاڪٽر صاحب جو مٿيون منطق مارڪس جي فڪر جي خلاف آهي. ٻيو ته ڊاڪٽر صاحب مارڪسزم کي سنڌ ۾ اهڙ ي نموني پيش ڪري ٿو جو جهڙوڪ مارڪسزم مذهب جو ضد آهي جڏهن ته مارڪسزم هڪ سوشل سائنس آهي ۽ مذهب عقيدو آهي وڏي ڳالهه ته مارڪسزم دهريت نه پر جدليات آهي.
ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادب ۾ روشن خيالي ترقي پسند ۽ وجوديت ۽ مارڪسي فڪر جي اثر هيٺ لکندڙ مفڪرن لاءِ هڪ ئي راءِ رکي ٿو ۽ هر هڪ فڪر لاءِ ساڳيو جملو ڪتب آڻي ٿو. ”انسانيت ۽ محبت جو پيغام ڏنو آهي“/وغيره ڏنو وڃي ٻين فڪرن جي ڀيٽ ۾ مارڪسزم جتي انسانيت ۽ محبت جي ڳالهه ڪري ٿو اتي سڀ کان پهرين طبقاتي سماج جي جاءِ تي غير طبقاتي سماج لاءِ عملي طور طبقاتي جدوجهد لاءِ ڪردار ادا ڪري ٿو مارڪسزم جي اها خوبي ٻين فڪرن جي ٽڪراءُ ۾ اچي ٿي- جتي ٻيا فڪر انسانيت جي ڳالهه ڪن ٿا اتي طبقاتي ٽڪراءُ کي حل ڪرڻ بجاءِ انسانيت جي نعري ۾ طبقاتي استحصال کي برقرار رکن ٿا ۽ پورهيت پرتن تي رحم کائيندي انهن جي معاشي حالتن کي سڌارڻ لاءِ تجويزون ۽ رايا ڏين ٿا جڏهن ته مارڪسي فڪر ۾ پورهيت جوهر آهي سماج ۽ معاشي سرشتي جو، ۽ طبقاتي جدوجهد روح آهي پورهيت انقلاب جو، مارڪسزم سماج ۽ معاشي نظام کي دائمي سمجهڻ بجاءِ ان ۾ ارتقا چاهي ٿو. نتيجي طور مارڪسزم سوشل سائنس جو اهو جوهر آهي جيڪو پراڻي ۽ وجودي فڪر سان ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو. جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب جي نظر۾ سڀ برابر آهن پر سچائي ائين نه آهي.
ڊاڪٽرصاحب جيڪي ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا آهن انهن ۾ خالص وجوديت جي فڪر جي روشني ۾ پنهنجي من جو اظهار ڪيو آهي جتي لکڻين جا بنياد سارتر۽فرائيڊ جي فڪر تي رکيا ويا آهن ۽ انهن ۾ لذت پرستي جو نفسياتي طور ڀرپور اظهار ڪيو ويو آهي. اتي مارڪسي فڪر تي پڻ تنقيد ڪئي وئي آهي ”ڪارل مارڪس جي سياسي معاشيات کي ۽ جدلياتي ماديت کي صرف سياسي حد تائين جڳهه ڏني وئي، عام انفرادي زندگي ۾ سماجي وهنوار ۾ سائنسي ترقي سان گڏ، تهذيب کي جدلياتي ماديت مطابق نه سمجهيو ويو خود ڪارل مارڪس به انفرادي، داخلي (Subjective) ۽ سماجي مسئلن ۾ جدلياتي ماديت جا اثر واضع نه ڪري سگهيو“ (17) هتي ڊاڪٽر صاحب ٻن ڳالهين جو اظهار ڪري ٿو هڪ ته تهذيب ۽ سماج کي جدلياتي رخ ۾ نه سمجهيو ويو آهي ٻيو ته خود مارڪس سماجي مسئلن ۾ انفرادي طور جدلياتي ماديت نه سمجهائي سگهيو آهي. پهرين ته سوويت يونين جي شڪل ۾ ماسڪو وارن پوري دنيا جي قديم ۽ جديد ادب، فن ۽ فڪر کي جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جي رخ ۾ ايترو ته گهرائي ۾ جاچيو آهي جو ادب ۾ ڪڏهن به ان کان پهرين اهڙو ڪم نه ٿيو آهي خود سنڌ ۽ هنڌ جي پراڻي ادب ۾ چارواڪ، ڪپيلا، موناد وغيره کي جدلياتي مادي رخُ ۾ سڀ کان پهرين ماسڪو وارن ظاهر ڪيو جن کي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي Ph.Dجي مقالي ۾ شامل ڪيو ۽ انهن ڪتابن مان حوالا حاصل ڪيا آهن ٻئي طرف ڪارل مارڪس سماجي ۽ معاشي مسئلن جي دائمي نجات لاءِ جيڪو فڪر ڏنو آهي. اهو پنهنجي جوهر ۾ ايترو سادو ۽ ڪريل نه آهي جنهن ۾ فرد جي بقا ۽ گهرج جو احترام نه ڪيو ويو هجي. مارڪسي فڪر ۾ جدليات هڪ پئمانو آهي جيڪو سماج جي هر دور ۾ جنم وٺندڙ فڪر کي مادي رخ ۾ جاچيندي 80% پورهيت عوام جي فطري گهرجن جي احترام ۽ بقا کي سامهون رکي ڪري ان فڪر جو ڇيد ڪري ٿو. جڏهن مارڪس سماج کي طبقن کان آجو ڪرڻ جي راءِ کي ظاهر ڪندي طبقاتي جدوجهد جي ڳالهه ڪري ٿو ته هو ڄاڻي ٿو سماجي مسئلن جو حل معاشي انقلاب ۾ آهي. مارڪس پهريون شخص آهي جنهن اهو واضع ڪيو ته انسان معاشي رشتن ۾ آزاد آهي پر سماجي رشتن ۾ آزاد نه آهي اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ مفڪر پنهنجو فڪر ڏئي ۽ هو ان کان خود واقف نه هجي پر اسين ڏسون ٿا ته خود ڊاڪٽر صاحب کي پنهنجي جنسي لذت واري فڪر لاءِ مارڪس جي فڪر جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ۽ چوي ٿو ”هاڻي توهان غور ڪندا مارڪس کان وڌيڪ فرائيڊ جي نفسيات ۾ سماجي انقلاب جي ڳالهه آهي فرائيڊ جي لبيڊوجي تڪميل لاءِ مارڪس جي معاشي انقلاب جي ضرورت آهي.“ (18) هتي سوال ٿو اڀري ته ڊاڪٽر صاحب کي هڪ معاشي انقلاب جي ضرورت ڇو ٿي محسوس ٿئي؟ڇاڪاڻ ته مارڪسي فڪر اهو واضع ڪري چڪو آهي ته انسان جي خواهش جو احترام اجتماعي سماج ۾ آهي جنهن لاءِ طبقاتي جدوجهد ڪري معاشي انقلاب برپا ڪيو وڃي ۽ سماج اندر استحصالي قوتن کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏجي. ڊاڪٽر صاحب جيڪا مارڪس تي تنقيد ڪري ٿو پهرين ڊاڪٽر صاحب جي مثبت وجود طرف اچون ٿا. ”سنڌ جي اصل ماڻهن جو فڪر صوفياڻي روايت ۾ ئي رهيو آهي. جنهن کي اسين مثبت وجوديت چئي سگهون ٿا ۽ ساڳي وقت وجوديت کي فطري فڪر به چئي سگهجي ٿو.“ (19) مٿئين مثبت وجوديت جيڪا فطري فڪر پڻ آهي! سندس ڪهاڻين ۽ مضمونن ۾ لذت پرستي ۽ داخلي ڪيفيتن جو شڪار ٿي وڃي ٿي ۽ ڪافي منجهائيندڙ سوال پڻ اڀاري ٿي ته مثبت وجوديت آهي ته پوءِ منفي وجوديت پڻ هوندي؟ جي وجوديت فطري فڪر آهي ته پوءِ غير فطري فڪر ڪهڙو آهي؟ وغيره- سنڌ ۾ جانڻ چن، صوفي مت ۾ نئون فرقو متعارف ڪرايو هو ڳچيءَ ۾ موچڙا، چڙا ۽ تنئو وغيره وجهي نفس کي سزا ڏين ٿا اها مثبت صافياڻي وجوديت سماج کي ڇاٿي ڏئي ساڳي وقت اهيو سوال اڀري ٿو ته صوفي جانڻ چن واري مثبت وجوديت فطري فڪر آهي يا غير فطري فڪر آهي؟ سنڌ جي صوفي مت ۾ جانڻ چن وارو روپ مثبت فڪر جو ڪيڏو نه بي لغام واحيات روپ آهي جيڪو خود ڊاڪٽر صاحب جي جديد مثبت وجوديت جي ٽڪراءُ ۾ آهي. هاڻي اسين پنهنجي اصل سوال طرف اچون ٿا ڊاڪٽر صاحب جي صوفي مت واري مثبت وجوديت ۽ جديد دور واري مثبت جديد وجوديت طبقاتي سوال ۽ طبقاتي فڪر کي گول ڪري ڇوٿي پيش ڪري ؟ ڇو ته وجودي ليکڪ جا فڪري مفاد خود سندس ذات جي مفادن جي چؤطرف گهمن ٿا نتجي طور هو اجتماعي مفادن ڏي نٿو وڃي، ادب، فن ۽ فڪر ۾ پورهيت قوتن تي ترس کائڻ کي طبقاتي فڪر نٿو چئي سهگجي ۽ نه وري ڪو امير کي غريب ڇوڪريءَ سان محبت ڪندي ڏيکارڻ سان ادب طبقاتي جدوجهد جو حصو ٿي سگهي ٿو. ۽ نه وري مارڪس ۽ لينن جي نالن ڏيڻ سان ليکڪ مارڪس وادي ٿي سگهي ٿو. اسان شروع کان اهو عرض ڪيو آهي ته ڊاڪٽر صاحب طبقاتي فڪر کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪري ٿو هو هن فڪر جي ماهيت ۽ مفهوم کي نٿو سمجهي نتجي طور غلطيون ڪندو رهي ٿو. مارڪس سرمائيدار جي هڪ خاص منزل کي سمجهايو جڏهن ته لينن، سرمائيار جي اڳئين منزل سامراجيت سمجهائي جنهن ۾ لينن واضع ڪيو ته ”سامراجيت صنعتي ناڻي جو نه پر مالياتي ادارن جي ناڻي جو تسلط آهي“ (20) لفظ سامراج هڪ مخصوص سماجي منزل کي سمجهائي ٿو هي ڪو عام لفظ نه آهي جيڪو سماج جي هر دور تي لاڳو ڪري سگهجي پر هي لفظ سرمائيداري سماج جي هڪ خاص منزل کي واضع ڪري ٿو. پر ڊاڪٽر صاحب بغير ڪنهن غور ۽ ويچار جي قديم سنڌ جي سماج تي لاڳو ڪندي چيو ”سنڌ تي ايراني ڪياني سامراج جو تسلط ڪي صديون رهيو“ (21)

نچوڙ:
ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر هئڻ اهو ظاهر نٿو ڪري ته پارٽيءَ جي هر ميمبر کي مارڪسي فڪر سمجهه ۾ اچي ويو آهي. مارڪس جي جدلياتي ۽ تايخي ماديت هڪ سائنس آهي. ۽ ان کي صرف سائنسي رخ ۾ وڃي ڪري سمجهي سگهجي ٿو. وڏي ڳالهه ته هي علم ان وقت تائين توهان کي سمجهه ۾ نه ايندو جيستائين توهان عملي طور ان کي سمجهڻ لاءِ تيار نه آهيو. ڊاڪٽر صاحب ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ رهيو هوندو پر سندس ادب جيڪو اسان جي نظر مان گذريو آهي ان مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته ڊاڪٽر صاحب نه ته مارڪسيزم کي سمجهي سگهيو آهي ۽ نه وري ان فڪرجو پيروڪار آهي سندس لکڻين مان ظاهر آهي ته هو فرائيڊ ۽ سارتر جو پيروڪار آهي ۽ جديد وجوديت کي قبول ڪري ٿو. فرائيڊ ۽ سارتر جي سوچ ڊاڪٽر جي هر لکڻي تي اثر انداز ٿيندي رهي آهي. ۽ سندس فڪر جو جوهر شهوت پرستي جي چؤطرف ڦرندو رهي ٿو. سندس اها سوچ جتي کيس مارڪسي فڪر کان پري ڪري ٿي اتي سنڌي سماج کي پڻ سمجهڻ ۾ اثر انداز ٿي آهي جنهن ڪري ڊاڪٽر صاحب سنڌي سماج کي جنس پرستي جي دائري ۾ رکي ڪري سچائي کي بي تڪي ڏان سان ڳولڻ لڳي ٿو. سندس مثبت وجوديت/مثبت فڪر وارو خيال هر دور ۾ تبديل ٿيندو رهي ٿو پر پوءِ به جنس پرستي سندس هر خيال تي حاوي رهي آهي نتيجي طور ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادب ۾ فرائيڊ، سارتري وغيره جو پيروڪار ٿي سگهيو آهي پر مارڪسي نه رهيو آهي.