• سنڌي ادب تي اثر
1947ع واري غير فطري ورهاست جتي سنڌ کي سماجي ۽ معاشي طور ڪمزور ڪيو اتي جيڪو ادبي ماحول هو اهو ٽٽي ويو . ۽ تمام ٿورا ليکڪ رهجي ويا ڪجھه سالن جي خال کان پوءِ وري هڪ سلسلو اڀري ٿو جنهن ۾ تصوراتي فڪر وڌيڪ رهيو جڏهن ته طبقاتي فڪر جي پڻ اوتر ٿيندي رهي آهي _ 1947ع کان اڄ تائين اسان جي سنڌي سماج جي ماهيت جاگيرداريت واري رهي آهي ان ڪري سنڌي ادب جا اڪثر موضوع ان سماج سان لاڳاپيل رهيا آهن سنڌي فڪشن ۾، خاص ڪري افسانوي ادب ۾ جن اديبن کي سٺي مڃتا ملي آهي انهن هاري ۽ وڏيري جي پسمنظر ۾ ادب تخليق ڪيو آهي . هڪ قلم ڪار جو سماج م ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کان متاثر ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي پر سماج جي مکيه قوت (پورهيت ) تي ترس کائي ڪري لکڻ ۽ ان جو حق سمجھي ڪري لکڻ به الڳ بحث ۽ واٽون آهن سنڌ ۾ پورهيت عوام تي ترس کائي ڪري لکڻ جو رواج تصوراتي ليکڪن ۾ موجود آهي. هي سماج کي طبقاتي نظر سان ڏسڻ بجاءِ همدردي واري رخ ۾ ڏسن ٿا اهڙن ليکڪن مان ڪجھه ليکڪ اهڙا به اڀريا جن ضياءُالحق جي دور ۾ سنڌي ڊرامي ۾ سنڌ جي وڏيري کي سنڌ جي ثقافت ڪري پيش ڪيو .جڏهن ته اهي اديب جن طبقاتي فڪر جي روشنيءَ م ادب تخليق ڪيو اهي طبقاتي ٽڪراءُ جي صورت ۾ پورهيت عوام تي جيڪي ان جا اثر پون ٿا بلڪ هو ادب کي هڪ انقلاب جي ذريعو سمجھن ٿا . اهڙا ليکڪ نظرياتي ليکڪ ٿين ٿا ۽ تخليق ٿيندڙ ادب نظرياتي ادب سان واسطو رکي ٿو . پنهنجي منزل طرف وڃڻ لاءِ اسان وٽ ٻه واٽون هيون هڪ اها ته سنڌي ادب جي روايتي تحقيق مطابق سڀني اديبن کي شامل ڪيون پر اسان ان طريقي کي پنهنجي تحقيق لاءِ سٺو نه سمجھو ڇاڪاڻ ته ان طريقي سان اسين ڪن خاص ليکڪن جي خوشنودي ته حاصل ڪري سگهئون ها پر اصل ليکڪن ۽ موضوع سان نا انصافي ڪري وڃئون ها. ٻيو طريقو اهو هو ته صرف انهن ليکڪن کي شامل ڪجي جن طبقاتي فڪر لاءِ لکيو _ اسان مناسب اهو سمجھيو ته ٻيو طريقو اختيار ڪجي پر ان ۾ انهن ليکڪن کي پڻ شامل ڪيو وڃي جن مخالفت ۾ لکيو آهي يا ترجما پڻ ڪيا آهن. ساڳي وقت ڪجھه ليکڪ اهڙا به آهن، جن جي مشهور ٿيڻ جو سبب ترقي پسند(طبقاتي فڪر جي روشني ) ۽ روشني خيالي هو پراهي پنهنجي جوهر ۾ طبقاتي فڪر جا پيروڪار نه رهيا آهن. اسان انهن کي پڻ شامل ڪري سندن فڪر جو تنقيدي جائزو ورتو آهي. اڪثر ليکڪ اهڙا آهن جن ادب جي مختلف صنفن تي لکيو آهي هتي جي هر ليکڪ کي صنفن مطابق ورهاست ڪري بحث ڪريون ته اهو پڻ ورجاءُ جو شڪار ٿي وڃي پيو نتيجي طور اسان شخصيتن جي مجموعي خيالن جو مختصر تنقيدي سرسري جائزو ورتو آهي اسان هيٺ جن ليکڪن جو ذڪر ڪيو آهي انهن سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح مخالفت ۾ يا حمايت ۾ هن فڪر متعلق لکيو آهي