• ڪشنچند تيرٿ داس کتري بيوس
بيوس صاحب 1885ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ ڄائو . هن شخص 16 سالن ۾ شعر لکڻ شروع ڪيو. هن شرو ع ۾ ڊراما پڻ لکيا. بيوس ڪرت جي حوالي سان ماستر هو علم سان لاڳاپو هئڻ ڪري علم عروض جو ڄاڻو هو. هن ڇندوديا وارو شعر گھٽ _علم عروض وارو وڌيڪ لکيو ساڳئي وقت شعر ۾ هندي فارسي ۽ عربي لفظ پڻ ڪتب آندا. بيوس پنهنجي گھر جو نالو “جشن خانو ’’ رکي جيڪا علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي اها پنهنجي جاءِ تي هڪ اهميت رکي ٿي پر بيوس هڪ شاعر جي حيثيت سان جيڪا ٻارن لاءِ شاعري ڪئي ۽ نظم لکيا ( جيڪي اڄ به سنڌي ٻالڪ کي ياد آهن) سنڌي پورهيت پرتن لاءِ پنهنجي جذبن جو اظهار شعر ۾ ڪيو _ بيوس جو اهو ڪم مهان هو. بيوس جي ان جرئت ۽ خيالن کي سمجھندي سوويت يونين جي محقق _ وي _ ايف آگائيف لکيو ’’ شاعر انسان دوست هو فرقي وار تعصب جي مذمت ڪندو هو. سنڌي قوم پرستي جي موقف سان آواز اٿاريندي نه صرف آزاديءَ جي تحريڪ سان همدردي رکندو هو پر هن وطن جي حب جا ڪافي گيت لکندي ان تحريڪ ۾ حصو ورتو. بيوس جي فن جو عروج عام سنڌي هاري ناري ۽ مزدورن جي فڪر ۽ ضرورتن سان منسوب ڪيل تصنيفون آهن. سنڌي شاعرن ۾ هن پهريون ڀيرو مزدور طبقي جي عام سماجي گهرجن جو ادراڪ ڪندي ان جي مسئلن تي نظر وڌي ’’ ( 1) پورهيتن جي شان ۾ لکندڙ هي شاعر سماج واد ته نه هو پر پنهنجي جوهر۾ انسان دوست ضرور هو منهنجي خيالن مطابق بيوس نه صرف سنڌي پورهيت جي تعريف ڪئي آهي پر هي پهريون شاعر آهي جنهن سنڌي پورهيت عورت جي شان ۾ ’’مزورڻ’’ جي عنوان سان نظم لکيو آهي، بقول سندس ته:
زندگي جي اوچ طبقن ۾ نه ٿيو تنهنجو گذر به اعلى شخصيتن جو ٿيو نه تعليمي اثر پر پرايو خود حياتيءَ مان حيرت جو هنر ٿي، سکيو سنسار ۾ تولاءِ سختين جو سفر آهين بيوس ۽ نماڻي اور مزورڻ استري پر پريکيا وقت جيڪي آهين پورڻ استري (2) .
اهڙي طرح بيوس صاحب سنڌ جي ڪڙمي ءَ ان دور ۾ جيڪا جاڳرائي آهي ان کي سامهون رکندي بيوس ڪڙميءَ لاءِ پنهنجي آس جو اظهار هيئن ڪري ٿو ته،
جا بجا جام ٿيو سوسائٽيون تولاءِ بپا
سوڙهه ناڻي جي مهل توسان سي ساڻي ڪڙمي.(3)
شاعر جي نگاهه سماج جي طبقاتي فرق ۽ ڦرلٽ کي ڏسندي پورهيت لاءِ هڪ همدردي ۽ پرماريت لاءِ نفرت جو اظهار هن ريت ڪري ٿو:
“ڪيئن نه رت چوس کي لوڪ پئي سائين سڏي
خون کنئچي جو ڪري درد دليون خالي ڇڏي
خون جي سرخي سان چن هئين هڏين وارو گڏي.
شيش محلون شهر جو ٿو رشوتي رازو اڏي
آهي پٿر دل جو شاهد فرد پٿر جاءِ جو
سوز ست ۾ سمايل سرد سرجي واءَ جو (4)
بيوس پورهيت لاءِ محنت جي آزادي چاهي ٿو ۽ پورهي کي سٺو سمجھي ٿو. بيوس صاحب پنهنهي دور جي ان خيال جي مخالفت ڪري ٿو. جنهن ۾ معاشري ۾ پورهيت کي ڪاسبي، ڪمي وغيره چئي گھٽ درجي جو انسان سمجھيو ٿي ويو. بيوس پورهيت کي همٿ ڏيندي چوي ٿو .
محبت ساڻ نيازي ڇاجي ؟
هن هن جي در آزي ڇاجي ؟
هت هت هار بازي ڇاجي؟
غمگيني اي غازي ڇاجي ؟
محنت هردم خود مختيار
محنت ڪر محنت هر وار (5)
بيوس پنهنجي شاعري ۾ سنڌي هاري ناري جي زندگي ۽ ان جي معاشي ۽ سماجي حيثيت کي جنهن نظر سان ڏٺو آهي. اها هڪ حساس انسان جي اک آهي. اها اک جنهن ۾ طبقاتي تعصب نه آهي ۽ هڪ با شعور علم دوست جي حيثيت سان هو پورهيت جي ڏک کي محسوس ڪري ٿو پورهيت وڏا محل ته تيار ڪري ٿو ۽ انهن ۾ پنهنجو فن ۽ رت شامل ڪري ٿو پر پاڻ ان ۾ نٿو رهي سگھي. پورهيت جي گھر جو منظر بيوس اهڙي ته خوبصورت اندز سان بيان ڪيو آهي جو سنڌي پورهيت جي سماجي ۽ معاشي زندگيءَ جو مڪمل عڪس سامهون اڀري اچي ٿو بقول سندس ته :
سج چنڊ اجھه ٿو وجھي جنهن جي وٿين منجھان
ڀڻڪا ڪندي ڀڄي هوا جنهن جي ڀتين منجھان
ڇڻڪار مينهن ٿو ڪري ڇٽجي ڇتين منجھان
قدرت سندي ڪمال، صحت لاءِ سوکڙي
الا! جھري م شال غريبن جي جھوپڙي (6)
مختصر ته سنڌي سماج ۾ جن کي هيڻو ۽ ڏٻرو سمجھيو ٿي ويو اهي پورهيت، ڪڙمي ڪاسبي بيوس جي شاعريءَ جا مرڪزي ڪردار آهن. جڏهن ته محترم بيوس جي شاعريءَ جو ڪافي حصو سنڌي لوڪ داستانن ۽ هندي ديو مالائي قصن تي پڻ ٻڌل آهي پر سندس شاعريءَ جو حسين پهلو ٻارن ۽ پورهيتن متعلق سندس شاعري آهي.
حوالا
س.ن مصنف جو نالو ڪتاب جونالو ڇپائيندڙ ادارو سن صفحو
01 وي _ ايف_ آگائيف سندھ تاریخ کے آئینے میں
از 1918 تا 1985 دانيال گھر ڪراچي 1989 450
02 ڪشنچند تيرٿداس کتري ڪليات بيوس ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري 1991 228
03 ڪشنچند تيرٿداس کتري ڪليات بيوس ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري 1991 263
04 ڪشنچند تيرٿداس کتري ڪليات بيوس ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري 1991 234
05 ڪشنچند تيرٿداس کتري ڪليات بيوس ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري 1991 367
06 ڪشنچند تيرٿداس کتري ڪليات بيوس ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري 1991 216