لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• طبقاتي جدوجهد ۽ ترقي جا خارجي قانون

هڪ ئي سماج ۾ هر هڪ طبقو پنهنجي معاشي مفادن کي طبقاتي مفادن جي صورت ۾ تحفظ ڏئي ٿو سرمائيدار پنهنجي نفعي جي پرگهور لهڻ خاطر هر طريقي سان ان جي حفاظت ڪري ٿو ساڳي طرح پورهيت پرتون انسان کي گهربل انساني ماحول، بيماري، معزوري ۽ ڪراڙپ ۾ سماجي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪن ٿيون سرمائيدار جي بنيادي خواهش اها رهي آهي ته هو وڌ کان وڌ نفعو ڪمائي سندس ان خواهش جو پورائو پورهيت جي استحصال کان سواءِ ناممڪن آهي ساڳي طرح پورهيت پنهنجي مادي زندگي جي ضرورتن کي حقيقي رخ ۾ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جتي سرمائيدار ۽ پورهيت جي وچ ۾ معاشي مفادن جو ٽڪراءُ ٿئي ٿو اهو ٽڪراءُ پورهيت پرتن اندر جيڪو احساس اڀاري ٿو اهو پورهيت اتحاد، طبقاتي شعور ۽ عالمي مزدور تحريڪ وغيره جهڙن خيالن کي پختو ڪري ٿو ساڳئي وقت پورهيت خدرو يا بامقصد تحريڪ (جدوجهد) جي معرفت ان رڪاوٽ کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جيڪا سندس معاشي مفادن ۾ پنهنجي شڪل ظاهر ڪري ٿي“The class struggle is the driving force behind the development of class society” (14)ان ٽڪراءُ جي نوعيت خود ان دور جي مروج سماج اندر پئداواري قوتون پئداواري وسيلن کي ڪتب آڻيندي جيڪي معاشرتي رشتا جوڙين ٿيون جتي مٿيون طبقو ۽ هيٺيون طبقو ڪنهن خاص جاءِ ۽ پلهه ۾ ڪن خاص معاشي رشتن کي اڀارين ٿا ان مان ظاهر ٿئي ٿو مزدور شروعات ۾ معاشي جدوجهد ڪري ٿو جيڪا ڪنهن خاص فيڪٽري يا مل ۾ هڙتال جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي پر ان معاشي جدوجهد کي طبقاتي جدوجهد ان وقت تائين نٿو چئي سگهجي جيستائين سڄي ملڪ جا پورهيت ملي ڪري معاشي جدوجهد ۾ حصو نٿا وٺن معاشي جدوجهد لاءِ ٿيل پوري ملڪ ۾ هڙتال کي روڪڻ لاءِ رياستي قوت، فوج ۽ پوليس معرفت تشدد جو دڳ وٺندي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ان وقت طبقاتي جدوجهد سياسي جدوجهد جو رخ اختيار ڪري ٿي جيڪا ٻن قسمن جي آهي هڪ اصلاح پسندي يعني سماج کي اڳئين منزل طرف وٺي وڃڻ بجاءِ مزدورن کي سرمائيدار کان ڪجهه سهولتون وٺي ڏيڻ- جڏهن ته ٻئي انقلابي سياسي جدوجهد جيڪا پئداواري وسيلن کي جيڪي نجي ملڪيت ۾ هوندا آهن گڏيل ملڪيت واري شڪل ۾ آڻڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي مٿئين عمل لاءِ نظرياتي جدوجهد جي ضرورت پوندي آهي نظريو ئي اهو شعوري هٿيار آهي جيڪو سياسي جدوجهد جي منزل، مقصد، حڪمت عملي ۽ طريقي ڪار کي واضع ڪري ٿو نظرياتي جدوجهد ڀرندڙ سماج کي پنهنجو موت ياد ڏياريندي نئين سماج جي اڀرڻ جا سبب واضع ڪري ٿو .
انقلاب سواءِ ويڙهه جي نٿو اچي سگهي انقلاب جو امن پسند طريقو انقلاب لاءِ هڪ عارضي آهي ڪٿي ائين به ممڪن آهي ته حالتون ويڙهه کان سواءِ امن پسند طريقي سان انقلاب لاءِ ماحول تيار ڪري وٺن پر اڄ جي حالتن ۾ اهو ممڪن نه سهي پر ايترو سولو به نه رهيو آهي ساڳي طرح سماجي انقلاب انقلابي حالتن کان سواءِ (قومي گهوٽالو) نٿو اچي سگهي جنهن ۾ ٻه ڳالهيون غور طلب آهن هڪ مزدور طبقي ۾ انقلابي شعور جو هجڻ ٻيو سرمائيدار طبقو پنهنجي حڪومتي ڍانچي کي هلائڻ جي صلاحيت وڃائي ويهي انهن سڀني ڳالهين جي باوجود پارٽي اڳواڻ جي موقع پرستي طبقاتي جدوجهد کي حقيقي منزل طرف وٺي وڃڻ بجاءِ غلط هٿن ۾ پڻ ڏئي سگهي ٿو طبقاتي جدوجهد کي روڪڻ لاءِ عالمي سامراج هٿ ٺوڪيون نظرياتي پارٽيون پڻ جوڙيون آهن مثلاََ قومي سوشلسٽ پارٽي، مزدور دوست انقلابي پارٽي، عوامي تحريڪ، ثقافتي انقلاب (مائوازم) اسلامي سوشلزم (ڀٽوازم) وغيره هن مان ظاهر آهي ته مزدور طبقاتي جدوجهد کي شروع ڪرڻ کان پهرين حقيقي طبقاتي فڪر تي ٻڌل پارٽي (نظريئي)کي چونڊي ۽ انقلاب جو اصلي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ طبقاتي شعور کي پختو ڪندي خارجي ۽ داخلي حالتن جو جائزو وٺندي انقلاب جي حقيقي رخ جو تعين ڪري – اڃ جي حالتن ۾ طبقاتي جدوجهد ان ڪري به ڏکي ٿي پئي آهي جو عالمي سامراج پوري دنيا جي ميڊيا کي پنهنجي حق ۾ آڻيندي طبقاتي تضاد کي مصنوعي طريقن سان گهٽائي مذهبي تضاد کي اڀاريو آهي. ٻئي طرف وچين ڪلاس ۽ پورهيت (مراعات يافته مزدور)کي ڏوڪڙن ذريعي لبي ان جي انقلابي ڪردار کي چٽو هڻي ڇڏيو آهي اهڙي حالتن ۾ طبقاتي جدوجهد هڪ ڪٺن ۽ اڙانگو دڳ آهي هن دڳ کانسواءِ حقيقي آزادي ملڻ ناممڪن آهي.