لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• رشيد احمد ڀٽي

سنڌي ادب ۾ ڪجھه ڪردار اهڙا به آهن جيڪي گھڻ رخا آهن ۽ انهن جو ڪو هڪ نظريو نه رهيو آهي. پر هو وقت ۽ حالتن مطابق پنهنجو رخ تبديل ڪندا رهيا آهن اهڙن گھڻ رخن اديبن جو انگ وڌيڪ آهي جڏهن ته نا شعور ۽ با وقار اديب جيڪي پنهنجي فن ۽ فڪر سان وفادار رهن ٿا يا رهيا آهن اهڙا اديب سنڌي ادب ۾ تمام گھٽ آهن رشيد ڀٽي صاحب انهن انمول انسانن مان هڪ هو جن وٽ پنهنجي آدرش اهميت ٻين خواشن کان مٿاهين رهي آهي. ڀٽي صاحب نه صرف ترقي پسند فڪر جي روشنيءَ ۾ ڪهاڻيون يا ناول لکيا پر فڪري ادب سان گڏ ترجما پڻ ڪيا جن سنڌي ادب ۾ سٺو واڌاروڪيو. ڀٽي صاحب جي ڪهاڻين جو هڪ رخ کل ڀوڳ وارو ضرور آهي پر هن جي ڪهاڻين جو جوهر، پوءِ اهي ڀوڳ واريون آهن يا سنجيده آهن ٻنهي صورتن ۾ پورهيت عوام جي حق ۾ آهن. ڀٽي صاحب جيڪو پورهيت عوام لاءِ سٺو سمجھي ٿو پنهنجي لاءِ پڻ سٺو سمجھي ٿو هو سماج کي وجودي ليکڪ واري نظر سان ڏسڻ بجاءِ وسيع تر سوچ جو اظهار ڪندي سماج کي تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ سماج جي پرماري ۽ ڦورو قوتن کي هٽائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو .
ڀٽي صاحب جي جيڪا ڪهاڻين، ناولن يا ٻين مضمونن وغيره ۾ ٻولي آهي اها جتي عوامي آهي اتي خالص پڻ آهي ساڳئي وقت هن شخص جو ڳالهه کي پيش ڪرڻ جو انداز عام ليکڪ کان الڳ ۽ نرالو آهي. ڀٽي صاحب جا افسانا يا ترجما وغيره پنهنجي جاءِ تي پر هن شخص پنهنجي ڪتاب ’’ سچ جو فلسفو ’’ ۾ جيڪو مارڪسي فڪر کي عام فهم زبان ۾ سمجھايو آهي مان نٿو سمجهان ته ڪو ان کان اڳ يا هن وقت تائين ڪنهن مارڪسي جدلياتي ماديت کي سنڌي ادب ۾ اهڙي طرح سمجھايو هجي. هي نه صرف جدليات جي قانونن کي سمجھائي ٿو پر تخليقي انداز ۾ ڏاڍي سهڻي طريقي سان پنهنجي لفظن کي انهن قانونن کي بيان ڪري ٿو بقول سندس ته ’’ جدلياتي ماديت هن حقيقيت تي بنياد رکي ٿي ته اوسر يا ترقي جي عمل جي ارتقائي ۽ انقلابي پهلن ۾ڳوڙهو لاڳاپو آهي هي لاڳاپو اهڙو گھاٽو آهي جو هڪ عمل ٻئي عمل کان ڌار ٿي نٿو سگھي ارتقائي مقداري تبديلين کان سواءِ انقلابي صفتي تبديلين کان سواءِ ڪي نوان طريقا نيون منزلون نه ماڻي سگھيون، ۽ نتيجي ۾ ڪا به ترقي يا اوسر نه ٿيندي ’’(1)
ڀٽي صاحب، مارڪس جي هن ڳوڙهي فڪر کي سمجهائيندي جڏهن تضاد اچي ٿو ته ان کي آسان طريقي سان وضاحت ڪندي سمجھائي ٿو ته ’’´جڏهين به ضد پاڻ ۾ ملن ٿا، يا جڏهين به انهن ۾ ڪنهن قسم جو ناتو پيدا ٿئي ٿو، ته انهن ۾ تضاد پيدا ٿين ٿا ان ڪري تضادن کي ٻن ضدن جي وچ ۾ لاڳاپي جو ٻيو نالو ڏئي سگھجي ٿو ’’(2) ڀٽي صاحب جتي مارڪسي فڪر کان هر وقت مطمئن نظر اچي ٿو هو آزاديءَ جي متعلق سندس خيال عين پورهيت پرتن جي گھرج مطابق آهن هو تعصب نٿو ڪري پر طبقاتي ٽڪراءُ جي انت، نظرئي ۽ عمل جي روشنيءَ ۾ اهڙي قسم جي نتيجي تي پڄي ٿو بقول سندس ته ’’ جنهن سماج ۾ سڄي عمارت پئسي جي قوت تي کڙي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ محنتي عوام غربت ۾ گھاري رهيو آهي، ۽ مٺ جيترا ڄورن جيان پلي رهيا آهن، ان ۾ حقيقي صحيح آزادي ٿي نٿي سگھي. پورهيت عوام تڏهين سياسي ۽ سماجي آزادي ماڻي سگهندو، جڏهين هو اقتدار پنهجي هٿ ۾ کڻندو ۽ اهڙي نئين سماج جي جوڙ ڪندو، جنهن ۾ نه پر ماري هوندا نه پيڙيندڙ ’’،(3)
ڀٽي صاحب جي خيالن جو اڀياس ڪندي اهو معلوم ٿئي ٿو ته هو نه صرف هن طبقاتي فڪر کان مطمئن آهي پر ساڳي وقت هو ان سائنسي فڪر تي عبور رکندي ان کي آسان کان آسان تر ٻوليءَ ۾ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اسانجو خيال آهي ته ڀٽي صاحب پهريون سنڌي اديب ۽ دانشور آهي جنهن مارڪسي فڪر جي صحيح معنى ۾ وضاحت ڪندي پورهيت عوام جو حق ادا ڪيو آهي.

حوالا.
س.ن مصنف جو نالو ڪتاب جونالو ڇپائيندڙ ادارو سن صفحو
01 رشيد ڀٽي سچ جو فلسفو عظمت ادبي اڪيڊمي 1985 77
02 رشيد ڀٽي سچ جو فلسفو عظمت ادبي اڪيڊمي 1985 81
03 رشيد ڀٽي سچ جو فلسفو عظمت ادبي اڪيڊمي 1985 148