لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• ادب ۽ طبقاتي جدوجهد

خارجيت کان متاثر ٿيندي / ڏسندي انسان جي اندر جيڪي احساس، خيال اڀرن ٿا يا خارجيت کي جھڙي ريت انسان محسوس ڪري ٿو، سمجھي ٿو شعوري طور ان جو اظهار ٻوليءَ ۾ ڪري ٿو . ٻولي ( لفظ) ۽ ٻوليءَ جي تنظيم انسان وٽ اهو هٿيار آهي جيڪو سندس خيالن کي ٻين تائين پڄائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو. ڪو به خيال جڏهن پيش ڪيو وڃي ٿو ان جو ڪو نه ڪو مقصد ضرور هجي ٿو . ڪنهن به ادبي تخليق ۾ صرف جماليات جو اظهار ڪافي نه هوندو آهي. پر ان ۾ زندگيءَ جي ڪن خاص مفادن جو پڻ اظهار ڪيو وڃي ٿو. زندگيءَ جي انهن مفادن جي بنياد تي ان تخليق جو ڪاٿو لڳائي سگھجي ٿو . ته هي ادب، ڌڙابنديءَ ( طبقاتي ) واري سماج ۾ ڪهڙي ڌڙي جي حق ۾ آهي. انسان جيڪو معاشرتي متحرڪ هستي آهي ۽ ان جا معاشي مفاد آهن ان جا سماجي رشتا ۽ انهن جي ارتقا خود معاشي مفاد ۾ ڳتيل ملن ٿا . اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا اهو برابريءَ وارو سماج نه پر طبقاتي
(اڻ برابري) وارو سماج آهي جيڪو ادب تخليق ٿئي پيو اهو به ان طبقاتي اثر هيٺ وڌي پيو هيٺيون طبقو جيڪو پورهيت آهي، ان جي خواهشن جي ترجماني ڪندڙ ادب ۽ ڦورو طبقي / پرماريت طبقي جي امنگن جي ترجماني ڪندڙ جي وچ ۾ هڪ نظرياتي ٽڪراءُ آهي اهو ٽڪراءُ ان وقت تائين سمجهه ۾ نٿو اچي سگھي جيستائين طبقن جي وچ ۾ معاشي تضاد سمجهه ۾ نٿو اچي پورهيت انقلاب لاءِ ادب فڪري ميدان ميسر ڪري ٿو . خاص طور تي ان وقت جڏهن رياست جو حاڪم طبقو حالتن جي سٽ نه صحيح ڪري رياست کي هلائڻ جي سگهه وڃائي ويهي ۽ ملڪ ۾ معاشي ڏيوالپڻون سياسي بحران جي شڪل اختيار ڪري ۽ عوام استحصالي قوتن خلاف ٻاهر نڪري اچي ان صورت۾ اڀرندڙ ادب ئي اهو واضع ڪري ٿو ته هي انقلاب پورهيت انقلاب آهي يا عام سماجي تبديلي آهي ۽ عوام، پرماريت قوتن جي نئين ڄار ۾ وڃي رهيو آهي ادب ۽ طبقاتي جدوجهد مان مراد آهي. ته اهو ادب جيڪو انقلاب کان اڳ، انقلاب دوران ۽ پوءِ پورهيت عوام کي، جيڪا پنهنجي جوهر ۾ اڪثريتي قوت آهي پر سياسي طور ڇڙوڇڙ آهي- کي هڪ فڪر تنظيم ۽ تحريڪ ڏئي ٿو سماج جي اندر ان ڇڙ وڇڙ پرتن کي نه صرف انقلاب طرف راغب ڪري ٿو پر پهرين انهن جي ذهن ۾ انقلاب آڻي ٿو ۽ طبقاتي تضاد کي واضع ڪندي سندن طبقاتي مفادن جي وضاحت ڪري ٿو ساڳئي وقت پرماريت ادب استحصالي طبقي جي مفادن کي هٿي ڏئي ٿو . بقول رسول بخش پليجو ته ’’ دنيا جي پراڻي توڙي اڄوڪي ادب ۾ هڪ سٽ ته ڪو ڏيکاري جنهن ۾ توڙي کڻي ستن پردن ۾ ويڙهيل پر ڪنهن نه فرد، گروهه يا طبقي جي مفادن ۽ قدرن جي تبليغ نه ڪئي وئي هجي ! ڏسڻ واريون اکيون هجن ته ڏسي سگھبو ته سامراجي دنيا جا سائنسي ۽ خلائي افسانا ۽ خود ٻاراڻو ادب عوام دشمن پروپئگنڊا جي جيوڙن سان ڀريا پيا آهن !چوڻين، پهاڪن، نقلن، ٽوٽڪن تي ويچاريو ته گھڻا غريب عوام جي ساراهه ۾ آهن، گھڻا مٿن ٽوڪ ۽ چٿر جا ’’ (45) . هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن طبقاتي سماج اندر خود ادب به طبقاتي جي پوئواري ڪري ٿو مٿيون طبقو ادب ۽ طبقاتي جدوجهد واري سوال کي ڪڏهن به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي نه وري ڪو تاريخ ۾ ان طبقي قبول ڪيو آهي جڏهن تخليق ڪار لفظ طبقاتي جدوجهد تي زور ڏئي ٿو ته اتي اها ڳالهه واضع ٿي اچي ته تخليق ڪار هن مدي خارج سماج اندر پيڙجندڙ پورهيت پرتن ۾ نه صرف تحرڪ پيدا ڪرڻ گھري ٿو بلڪ فڪري طور پنهنجي عقل ۽ فهم جي مطابق اجتمائي طور عوام ۾ سمجهه، پروڙ کي اجاڳر ڪندي وقت ۽ حالتن جي نزاڪت مطابق کين پورهيت انقلاب جي راهه تي وٺي وڃڻ گھري ٿو غور ۽ فڪر جيڪو لڳاتار عمل مان گذري ٿو جتي ادب، فن فڪر ۽ ڏاهپ ان جدوجھد کي نه صرف هٿي ڏئي ٿو پر انقلابي راهه جو پڻ تعين ڪري ٿو انسان جي عملي تاريخ ۾ ادب ئي اهو واضع ڪندو ته طبقاتي جدوجهد ۾ ڪهڙو طبقو سوڀارو ٿي رهيو آهي ان ڪري پورهيت ادب وقت ۽ حالتن مطابق جدوجهد جا گر ڏسي ٿو . ان ڪري ادب ۽ طبقاتي جدوجهد بنيادي طور عملي ادب ۽ سرگرميءَ جو سوال آهي. جيڪو پورهيت قوتن جي انقلابي ڪردار جي ترجماني ڪري ٿو .

نچوڙ:

1. پورهيت ادب ۽ ڦورو ادب جي وچ ۾ هڪ ٽڪراءُ آهي جيڪو بنيادي طور نظرياتي تضاد آهي هن تضاد کي سمجھڻ لاءِ پهرين طبقن جي سياسي ۽ معاشي تضاد کي سمجھڻو پوندو .
2. ادب، پورهيت انقلاب لاءِ فڪري ميدان ميسر ڪري ٿو.
3. ادب ۽ طبقاتي جدوجھد مان مراد اهو ادب آهي جيڪو پورهيت انقلاب کان اڳ، دوران ۽ پوءِ پورهيت عوام جيڪو پنهنجي جوهر ۾ اڪثريتي قوت آهي پر سياسي طور ڇڙوڇڙ آهي _ کي هڪ فڪر، تنظيم ۽ تحريڪ ڏئي ٿو.
4. ادب، سماج جي اندر ان ڇڙوڇڙ پرتن کي نه صرف انقلاب طرف راغب ڪري ٿو بلڪه پهرين انهن جي ذهنن ۾ انقلاب برپا ڪري ٿو ۽ طبقاتي تضاد کي واضع ڪندي سندن طبقاتي مفادن جي وڪالت ڪري ٿو .
5. طبقاتي سماج اندر خود ادب به طبقاتي مفادن جي ور چڙهيل آهي ۽ مٿئين طبقي جو ادب، طبقاتي جدوجھد واري سوال کي ڪڏهن به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
6. انسان جي عملي تاريخ ۾ ادب ئي اهو سمجھائي ٿو ته طبقاتي جدوجهد ۾ ڪهڙو طبقو ساڀارو ٿي رهيوآهي ان ڪري پورهيت ادب، وقت ۽ حالتن مطابق جدوجهد جا گر سمجھائي ٿو.
7. ادب ۽ طبقاتي جدوجهد بنيادي طور عملي ادب ۽ سرگرميءَ جو سوال آهي. جيڪو پورهيت قوتن جي انقلابي ڪردار جي ترجماني ڪري ٿو.