لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• سنڌي ادب جو تعارف

موهن جو دڙو، سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ تمندن جو هڪ اڻ مٽ ڀنڊار آهي. هن تهذيب جي اڏاوت ۽ جوڙ جڪ ۾ طبقاتي فرق کي واضع رکيو ويو آهي. جتي پورهيت پرتن لاءِ الڳ پاڙو آهي. جيڪو وڏي ماڙيءَ کان گھڻو پرڀرو آهي. هن جي سڃاڻپ ان پاڙي مان لڌل ان سنجٽ مان ٿئي ٿي جيڪا آتڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪتب آئي آهي موهن جي دڙي جي اها بيهڪ اهو واضع ڪري ٿي سنڌو ماٿري جي هيءَ تهذيب غلام داري سماج جي پئداوار آهي موهن جي دڙي مان جيڪي مهرون مليون آهن اهي اڄ به ڳجھارت بڻيل آهن ته انهن تي ڪهڙي ٻولي اڪريل آهي.يا لکيل آهي. هن لاءِ سراج الحق جو خيال آهي ته ’’ ماهر اهو ثابت ڪن ٿا ته ويدڪ لکيتن جو اولين رڪارڊ جنهن رسم الخطه ’’ برهمي’’ ۽ ’’ ديوناگري’’ آهي. سا ’’ برهمي’’ ۽ ’’ ديوناگري’’ موهن جي دڙي جي مورتي ٻوليءَ مان ٺهي آهي. هاڻي جڏهن ٻوليءُ جي لکيل صورت کي ان وقت جي ويدڪ ماڻهن موهن جي دڙي جي لکيل صورت مان ٺاهيو، ته اهو اڻ پڇو چئي سگھجي ٿو ته نه رڳو رسم الخط ويدڪ ماڻهن کي سنڌو تهذيب جو بنياد به اتي ئي هو منهنجي نظريئي موجب جيئن ته اهي ماڻهو سنڌين جا پونئير هئا، ان ڪري اها ٻولي سندن اباڻي ۽ مائٽاڻي ٻولي هئي، ۽ ان ئي ٻوليءَ هڪ نئين ماحول ۾ نئين صورت اختيار ڪئي (1) سراج صاحب هن ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته برهمي ۽ ديوناگري رسم الخط، موهن جي دڙي جي مورتي ٻوليءَ مان ٺهي آهي. هتي اسين پنهنجي مقصد طرف اچئون ٿا ته محنت جي سماجي ورهاست تهذيب ۽ تمدن جي ارتقا ۾ مکيه ڪردار ادا ڪندي خود خاندانن جي ورهاست ۽ سڃاڻپ کي ڪرت جي صورت ۾ واضع ڪيو مثلاَََ ڊکڻ، ڪنڀر، چاڪي، ڪوري وغيره ڪرت جي اها ورهاست خود علم ۽ فن ۾ اڀري ۽ موهن جي دڙي جي مورتي ٻوليءَ جو بنياد رکندڙ خود پورهيت هئا مهرون، مورتيون موسيقيءَ جو ساز ( بوڙينڊو بانسري) وغيره پورهيت جي محنت جي پئداوار آهن . موهن جي دڙي جو اصلوڪو ادب ته اسان کي نه ملي سگھيو آهي پر اسين کن پل لاءِ اهو قبول ڪريون ته برهمڻ ازم ۽ جين ازم موهن جي دڙي جي فڪر جو تسلسل آهن يا ان کان متاثر ٿيل آهن ته پوءِ اها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي ته موهن جي دڙي ۾ جيڪو ادب تخليق ٿيو ان ۾ پورهيت پرتن کي هيٺاهون ۽ هڪارت وارو ڏيکاريو ويو آهي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو خيال آهي ته “موهن جي دڙي جو سماج سکيو ستابو، امن پيار ۽ شانتي واري سماج هو زندگي ڏانهن ايترو ڀرپور۽ عملي تخليقي ۽ پئداواري رويو جو چارواڪ فلسفو انهيءَ سماج جو پڙاڏو لڳي ٿو يا گھٽ ۾ گھٽ ايترو ضرور چئي سگھجي ٿو ته هندستان جي مادي فلسفي جو بنياد موهن جي دڙي واري سماج ۾ پيو يا ائين به چئي سگھجي ٿو ته چارواڪ قديم سنڌ جي فڪر جو مادي پهلو آهي اڳتي هلي جڏهن ڌارين جون ڪاهون شروع ٿيون سماج طبقن ۾ ورهائجي ويو تڏهن رجعتي فڪر ذات پات، ڇو ت ڇات، ڌرم ڪرم، برهمڻ ازم جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا’’ .(2) پر اسان جي خيال مطابق سماج جو طبقن ۾ ورهائجڻ ڪو هن جي ڪري نه پر سماج اندر ملڪيت جي ارتقا واري تصور ’’ اسان جي ملڪيت’’ جي جاءِ تي ’’ منهنجي ملڪيت ’’ واري مادي شڪل اختيار ڪئي ( ذاتي ملڪيت کي هٿي ڏني ) ته هڪ ئي سماج ۾ هڪ جھڙا مادي مفاد رکندڙ ٻين کان الڳ ٿي بيٺا . موهن جي دڙي وارو سماج سکيو ۽ ستابو پهنجي جاءِ تي پر اها حقيقت آهي ته اهو غلام داري سماج جو اهو شاهڪار مثال آهي جتي غلام جا سڀ حق مالڪ وٽ گروي ها برهمڻ ازم يا ٻيا ازم _ جن ۾ هيٺئين طبقن کي گھٽ درجي جو سمجھو ويو آهي. اهو فڪر ان دور جي غلامن جي بغاوت جي موٽ ۾ پئدا ٿيو آهي ۽ اهو سڀ عقيدائي ادب آهي ۽ ان جي سمجھائڻ جو طريقو تبليغ آهي. خود چارواڪ جي مادي فڪر يا لذت جي فڪر جو غور سان اڀياس ڪيو وڃي ته اهو پڻ مادي عقيدي تي بيٺل آهي. موهن جي دڙي جو مجموعي طرح فڪر اجتمائي لذت وارو نه هو ڇاڪاڻ ته ذاتي ملڪيت جي تصور، موهن جي دڙي ۾ ساڀيان جي شڪل اختيار ڪري چڪو هو . ۽ پدري نظام لاڳو ٿيڻ جي صورت ۾ مٿئين ڪلاس ۾ هڪ زالو نظام لاڳو هو نتيجي طور ملڪيت جا سڀ حق ( جنهن ۾ زال ۽ ٻار به شامل هئا ) مڙد وٽ ها هن دور ۾ مذهب ۽ ان جي تعليم اهو هٿيار رهيو جنهن مٿئين طبقي جي مفادن جو تحفظ ڪيو . هندو ڌرم ۾ چارواڪ جي فڪر جو ّ ذڪر، چارواڪ کي نندڻ جي صورت ۾ ملي ٿو بلڪل اهڙي طرح جھڙي ريت ايران جي فڪر ۾ مزدڪ جي تحريڪ جو ذڪر ملي ٿو ( هن لاءِ ڏسو سبطه حسن جو ڪتاب ’’ موسٰی سے مارکس تک 1988ع صفحو 109 باب ڇهون مزدڪ تحريڪ ) ڇا؟ چارواڪ ڪنهن اهڙي تحريڪ جو نالو آهي جيڪا پورهيت پرتن ۾ تحرڪ پئدا ڪندي هجي جنهن کي مٿئين ڪلاس جي ادب ننديو آهي. واقعي غور طلب ڳالهه آهي جي اسين ان کي کن پل لاءِ قبول ڪريون ته پوءِ اسان کي اهو پڻ قبول ڪرڻو پوندو ته غلامن جي ان تحريڪ جو اڀرڻ قديم اشتراڪي سماج جي خيالن جي بدولت هوندو ۽ غلامن ۾ اجتماعي سماج جو عنصر پڻ موجود هوندو. چارواڪ، مزدڪ تحرڪ جي اشتراڪيت، افلاطون واري اشتراڪيت کان الڳ آهن، ڇاڪاڻ ته افلاطون جي اشتراڪيت مٿئين ڪلاس جي اشتراڪيت آهي. جڏهن ته مزدڪ ۽ چارواڪ جي اشتراڪيت پورهيت اشتراڪيت آهي ۽ اها اشتراڪيت خود هڪ مذهبي آهي ۽ مستقبل جي مذهب ۾ مساوات يا برابري (هڪ جھڙائي) وارا خيال هن اشتراڪيت کان حاصل ڪيا ويا. موهن جي دڙي جو فڪر چارواڪ جي خيالن تي ٻڌل هو . چوڻ سولو آهي پر ان کي ثابت ڪرڻ ڪافي ڏکيو ڪم آهي ڇاڪاڻ جو اسين هتي هڪ غلطي ڪريون ٿا، اها ته موهن جي دڙي کي غلامداري سماج کان الڳ ڪري ڏسون ٿا ۽ پورهيت جي ڪردار کي ڀلجي وڃئون ٿا . ٻيو ته موهن جي دڙي کي ۽ ان دور جي فڪر کي سنڌونديءَ جي تهذيب کان الڳ ڪري کيس خالص سنڌي ٺاهڻ جي خواهش ۾ اسان اصليت کان پري هٽي ٿا وڃئون، اتي اسان کي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ٻولين ۾ لفظن جي نواڻ ۽ ڦيرڦار جو اهو سبب خود پورهيت پرتو ن آهن ان ڪري موهن جي دڙي جي فڪر کي ان دور جي پورهيت جي هلايل هلچل ۽ بغاوت جي موٽ ۾ سڃاڻي سگھجي ٿو اهو ادب ڪو ٻيو ادب نه آهي پر هن علائقي جي قديم مذهبي ادب ۾ موجود آهي هڪ فڪر اهو آهي جيڪو مٿئين ڪلاس جي بالادستي قائم رکڻ لاءِ ڀڳوان جو سهارو وٺي ٿو ۽ ٻيو فڪر اهو آهي جنهن کي ڀڳوان جو سهارو وٺندڙ ادب نندي ٿو. هي ادب ڪاڏي ويو ۽ ڪٿي آهي ان لاءِ سراج الحق صاحب جو خيال آهي ته ’’ عربن سنڌ سان تقريباََََََََََََََ اهو ساڳيو ڪم ڪيو هو، جھڙو تاتارين پوءِ بغداد سان ڪيو ويو ان طرح عربن جي انهن ڪار گزارين جي ڪري سنڌ جو سمورو علم ادب انهن ٽڪاڻن ۽ مندرن سان گڏ زمين دوز ٿي ويو (3) سراج صاحب جي هن خيال جي اهميت پنهنجي جاءِ تي پر عرب فڪر کان اڳ جيڪي ٻيا فڪر آيا انهن جي پيروڪارن هن ڌرتيءَ جي فڪر سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ جڏهن برهمڻ ازم ڌرتيءَ واسين پورهيتن کي گھٽ ذات ( شودر ڪاسٽ) ۾ شمار ڪيو ته اهي شودرن جي ادب سان ڪهڙي ريت سٺا هليا هوندا ؟ عربن جو فڪر هجي يا هندومت جو فڪر، اهو مٿئين ڪلاس جو فڪر آهي.۽ ان فڪر ۾ پورهيت پرتن جو اهو مقام نه آهي، جيڪو مٿئين ڪلاس جي فرد جو مقام آهي. اسين جڏهن قديم تهذيب جي ڪنهن شاهڪار تخليق کي ڏسون ٿا ته ان کي جوڙيندڙ پورهيت جا هٿ ڪيڏو نه مهان نظر اچن ٿا جن ان پٿرن ۾ تخليق جو حسن پئدا ڪيو. احرام مصر ۾ ڪتب آيل پٿرن کي ترتيب ڏيندڙ غلامن ڪيتري نه جستجو ۽ محنت کان پوءِ انهن کي اصل منزل تي رسايو . موهن جي دڙي کي اڏڻ ۾ ڪيترو وقت پورهيتن کي محنت ڪرڻ ۾ لڳو هوندو پر پوءِ به تاريخ جي ورقن ۾ مليل عقيدائي ادب طبقاتي تعصب جاري رکندي غلامن کي ننديو آهي يا وري جنت ۽ حورن جي لالچ ڏئي خاموش ڪرايو ويو آهي. يونان جي غلامن احساس محرومي جي ڪري جن خيالن جو اظهار ٻوليءَ ۾ ترنم ۾ ڪيو اها شاعريءَ جي شروعات هئي ( ڏسو خاندان، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جو آغاز ¬¬_از_اينگلس) ڇا اهڙي شروعات سنڌونديءَ جي ڪناري تي نه ٿي هوندي؟ جڏهن ته خود لفظ رگ ويد مان ظاهر آهي ته هتان جا ماڻهن راڳ ۽ ويراڳ جا ڪوڏيا ها ۽ سندن فڪر جون پاڙون ان راڳ ۽ ويراڳ مان اڀرن ٿيون. اسان ادب ۽ فن جي خالق قوت کي تاريخ ۽ ادب کان الڳ ڪري مٿئين ڪلاس جي گھرج مطابق ادب کي ڏٺو آهي يا وري عقيدي جي عينڪ پائي قديم ادب کي پڙهيو آهي نتيجي طور اسان پنهنجي ادب جي اصل تاريخ نه جوڙي سگھيا آهيون ۽ نه وري موهن جي دڙي واري ادب جو تسلسل جوڙي سگھيا آهيون اسان صرف گمان ظاهر ڪيا آهن. جيئن عبدالجبار جوڻيجو صاحب چيو ته گمان آهي ته عيسوي سن جي ابتدا يا ان کان به اڳ سنڌي زبان يا سنڌي جي ڪا زبان موجود هئي جنهن موجودهه زبان جي صورت اختيار ڪئي.’’ (4) پر ساڳيو صاحب سنڌي ادب جي شروعات عربن جي دور کان ان جملي سان ڪري ٿو جنهن جملي تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب “سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ’’ جو بنياد رکيو هو اهو جملو هي آهي. ’ ارهه برهه ڪنڪرهه، ڪراڪري مندرهه’’ يا وري اره ڪڪرا، ڪي ڪره مندره، جوڻيجو صاحب هن جملي ۾ هي واڌارو ڪيو ته منڌرهه (منڌرو ذات) ڪري لکيو جيڪو لاڙ ۾ هڪ قبيلي جو نالو آهي پر پوءِ به ڪو خاص مقصد نٿو نڪري ان ڪري، ان کي سنڌي ادب جي شروعات نٿو چئي سگھجي اهو صرف هڪ گمان آهي، نتيجي طور موهن جي دڙي کان وٺي عربن جي دور تائين جيڪو دور آهي اهو اڄ به اونداهو دور آهي.