لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• سمن جو دور

سمن جي دور ۾ اسان کي سنڌي بيت پهرين کان وڌيڪ برجستو ملي ٿو. هن دور جي آخر۾ هڪ شاعر قاضي قادن ( 1463_1551ع ملي ٿو جنهن پنهنجي عمر جو وڏو حصو ارغون ۽ ترخان دور ۾ بصر ڪيو هن جا بيت ڪافي مقدار ۾ موجود آهن قاضي صاحب جو ذڪر جتي بطور شاعر جي ٿئي ٿو . اتي اهو پڻ ياد رکڻ گھرجي ته هن شخص جو سنڌ جي سياست ۾ پڻ چڱو خاصو حصو ورتل آهي. اسين تاريخ معصومي مان سندس لاءِ ذڪر ڪيل ڪجھه جملن کي هتي ڏيون ٿا.’’ قاضي قادن جنهن جو ٿورو احوال مٿي ذڪر ٿي آيو آهي تنهن پڻ اتي پنهنجي ڀائرن ۽ ڪن شهر جي ماڻهن کي حاضريءَ جي شرف کان مشرف ڪرايو سلطان محمود خان ڌاريجن جو معاملو شاهه بيگ جي گوش گذارش ڪيو جنهن قاضي قاضن ڏانهن منهن ڦيرايو، قاضيءَ عرض ڪيو ته هي ملڪ سيلابي آهي ۽ هن زمين ۾ ڪنڊا ڄمندا آهن تنهن ڪري چنجور هميشه هٿ ۾ رکڻ گھرجي. شاهه بيگ هن سخن ٻڌڻ شرط انهن ماڻهن جي قتل جو حڪم فرمايو. سلطان محمود خان هڪدم شهر پهتو ۽ راتو رات انهن ماڻهن کي قتل ڪرائي، انهيءَ برج کان هيٺ ڦٽو ڪرايو جو خوني برج جي نالي سان مشهور آهي ’’ (6) هتي سوال ٿو پئدا ٿئي ته جي اسين ارغون شاهه بيگ کي بطور سنڌ جو حاڪم قبول ڪريون ٿا . ته پوءِ قاضيءَ بلڪل سٺو اشارو ڏنو پر جي سنڌ جي تاريخ کي حقيقي معنى ۾ ڏسون ٿا ۽ شاهه بيگ ارغون کي قابض سمجھون ٿا ته پوءِ قاضيءَ جو اهو امر غدار کان گھٽ نه آهي هن جي هڪ اشاري ڌرتي ڄاون کي موت جي منهن ۾ ڏئي ڇڏيو اسان پنهنجي ادبي تاريخ ۾ ان پهلوءَ کي واضع نه ڪيو آهي ان جو هڪ ڪارڻ اهو به ٿي سگھي ٿو ته سنڌ جي مجموعي تاريخ جي ڇنڊ ڇاڻ اسان پورهيت عوام جي رخ ۾ نه ڪئي آهي. قاضي قادن کان شاهه عبد الڪريم تائين _ ان کان سچل تائين جيڪي به ادبي ڪردار اسان جي سامهون اچن ٿا انهن سڀني جو تعلق مٿئين ڪلاس سان آهي يا وري جي ڪنهن ٻئي ڏيهيءَ جو ذڪر آهي ته اهو به ان ڪري جو ان مذهبي علم ۾ پاڻ کي اڳتي آندو آهي هتي هڪ ڪردار شاهه عنايت الله لانگاهه جو ملي ٿو جيڪو فڪري طور طبقاتي طور ٻين کان الڳ آهي. سومرن، سمن ۽ ارغونن جي دور ۾ جيڪا اسان کي نواڻ محسوس ٿئي ٿي سا ته سومرن ۽ سمن جي دور ۾ هيٺيون ڪلاس تخليق ڪار ملي ٿو جيڪو دان حاصل ڪرڻ لاءِ مٿين جي تعريف ڪري ٿو . هتي هي سوال اڀري ٿو ته جيڪي ڪاتب هئا، جن جو تعلق هيٺين طبقي سان هو انهن پنهنجي طبقي جي تخليق ڪارن لاءِ ڇو نه لکيو آهي. ڇا هو صرف اهو ڪلام لکندا رهيا جيڪو سندن مرشد جو هو ؟ بهر حال اهو غور طلب پهلو آهي.پر ارغونن جي دور ۾ مٿيون ڪلاس تخليق ڪار آهي. ۽ اهو فرق انگريز جي دور اچڻ تائين رهي ٿو . انگريز جي اچڻ سان تاريخ ۾ هڪ تبديلي اچي ٿي جنهن جو ذڪر اڳتي ڪيو ويندو ان وچ واري دورن ۾ پورهيت تخليق ڪار جو ڪو به ذڪر نه آهي ؟ توهان تاريخ تي اک ڦيرائي ڏسو توهان کي عنايت لانگاهه جو تفصيل سان ذڪر نه ملندو . اهو ان جو مثال آهي. شاهه عنايت لانگاهه (وفات 1718ع ) جي دور جي سياسي سماجي ۽ معاشي بيهڪ ڪافي منجھيل آهي. هڪ ته جاگيرداريت وڌيڪ طاقتور هئي ٻئي طرف اهي خاندان جيڪي عربن جي حملي وقت آيا هئا يا پوءِ ايران ۽ افغان جي رستي ايندا رهيا آهن انهن خاندانن جو سنڌ جي سماج تي سڌي يا اڻ سڌي طرح اثر رسوخ رهيو آهي. هي اهي خاندان رهيا آهن جن کي هر حاڪم جاگيرون ڏئي نوازيو آهي ساڳئي وقت پير پرستي پڻ انهن خاندانن سان وابسطه رهي آهي. رياست پنهنجو ڏن انهن جاگيردارن ۽ پيرن معرفت حاصل ڪندي هئي ساڳئي وقت پير پڻ پنهنجي لاءِ ڏن حاصل ڪندا رهندا هئا هي ٻٽو استحصال هاريءَ جو مٿئين طريقي سان ٿيندو رهيو هو . اهڙي ماحول ۾ جي ڪو اهيو اعلان ڪري ته ’’ جيڪو کيڙي سو کائي’’ ڪنهن غنيمت کان گھٽ نه هو ساڳئي وقت اهو اعلان مٿئين ڪلاس جي تسلطه ۽ ڦرلٽ جي خلاف هڪ جنگ جو سڏ پڻ هو . هڪ فارسي جو شعر ۽ هڪ اڌ سنڌي بيت لاءِ چيو وڃي ته اهي عنايت جا آهن . عنايت شاعر هو يا نه اهو تحقيق طلب پهلو ضرور آهي. پر اها حقيقت آهي ته هو سياسي بصيرت رکندڙ اهو ڪردارهو جيڪو سنڌ جي معاشي ۽ سماجي حالتن کي سٺي نموني سمجھي پيو جنهن ڪري هن هڪ نئون سماجي ۽ معاشي نظام لاڳو ڪيو آفاق صديقي لکي ٿو ته ''سب مل کر کھیتی باڑی کریں اور اس سے حاصل ہونے والی پیداوار کو آپس میں مساوی طور پر حسب ضرورت تقسیم کرلیں یہ اس ماحول میں ایک انقلابی سوچ تھی کہ جس نے صدیوں سے بند معاشرے کو کسی حد تک متحرک کر دیا تھا اور جب اس منصوبے پر عمل درآمد کیا گیا تو ان نادار کسانوں کی قسمتیں بدل کر رہ گئیں" (۷) هن لاءِ سبطه حسن جو خيال آهي ته صوفی شاھ عنایت کا یہ تاریخی کارنامہ کیا کم ہے کہ انہوں نے اجتماعی کھیتی کا کامیاب تجربہ کر کے ثابت کردیا کہ زمیدار اور جاگیردار حائل نہ ہوں تو کھیتی باڑی زیادہ خوش اصلوبی سے ہو سکتی ہے" (۸)ساڳئي وقت عنايت جي تجربي مان اهو پڻ ظاهر ٿيو ته جھڙي ريت مٿيون طبقو پنهنجي معاشي مفادن تحت هڪ ٿي وڃي ٿو.ساڳئي طرح هيٺيون طبقو هڪ ٿي وڃي ٿو ۽ آسانيءَ سان پنهنجا طبقاتي مفاد ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. بقول پير حسام الدين راشدي جي ته ’’ بلڙي جي سيد، عبد الواسع ولد عبد الغي بن عبد الدليل بن سيد دين محمد بن عبدالڪريم جيڪو پڻ انهيءَ ساڳئي پرڳڻي جو رهاڪو هو ۽ هدايت ۽ معرفت آگاهه، الواصل باالله، مقبول بارگاهه احد گزيده ۽ درگاهه حمد زنده جاويد لطف جي قديم، ميان عبدالڪريم عليه رحمته الملڪ العلم جي خاندا ن مان هو نفسانيت جي چڪر ۾ اچي (شاهه عنايت الله ) سان وير وڌو (سبب اهو ٿيو جو ) اڪثر فقير جيڪي سندس سلسلي جا هئا، تن وڌيڪ فيض حاصل ڪرڻ خاطر صوفي بزرگ جي آستاني ڏانهن ڇڪ کاڌي (انهيءَ سيد) پاڙي جي ٻين اربابن ۽ رئيسن سان ٻڌي ڪري ٺٽي پهچي مير لطف علي خان کي دانهن ڏني، جنهن هم قبيلي هجڻ سبب (يعني سيد هجڻ ڪري) ۽ ساداتن سان تعلقات هئڻ جي بنياد تي کين اجازت ڏئي ڇڏي ته هو انهيءَ معاملي کي جيئن وڻين تيئن پاڻ وڃي طئي ڪن ’’ ( 9) راشدي صاحب جي بيان مطابق ته سيد عبد الواسع جا مريد وڌيڪ فيض حاصل ڪرڻ لاءِ شاهه عنايت طرف راغب ٿيڻ وارو خيال تاريخ سان هٿ چراند آهي ڇا ڪاڻ ته سيد جا مريد هئا اهي وڌيڪ فيض وٺڻ لاءِ فقير ڏانهن ويا پر نور محمد پليجو ۽ حمل جت جا هاري ڇو فقير ڏانهن ويا ؟ جيئن اسان عرض ڪيو ته ٻوسٽ واري ماحول ۾ ’’کيڙيو ۽ کائو ’’واروخيال ڪنهن غنيمت کان گھٽ نه هو ۽ ان خيال سماجي حيثيت اختيار ڪندي پورهيت عوام کي متاثر ڪيو جنهن ڪري هاري عنايت طرف راغب ٿيا . راشدي صاحب جي عبارت مان جتي مٿئين طبقي جي اتحاد جي سڌ ملي ٿي اتي اهو پڻ احساس ٿئي ٿو ته پير حسام صاحب ان سيد کي ( يعني ميان عبدالواسع کي ) يا اربابن ۽ رئيسن کي ( پليجو ۽ جت کي ) غدار چوڻ لاءِ تيار نه آهي جيڪي عنايت جي نالي پٺيان شهيد ٿيندڙ پورهيت پرتن جي خون جا ذميوار آهن عنايت لانگاهه جيڪو فڪري طور مذهبي ماڻهون هو پر نه ته هو مقدر پرست هو ۽ نه وري روايتي صوفي، بلڪ عمل پسند سياسي بصيرت رکندڙ ماڻهون هو . هن شخص جي تحريڪ جي ناڪامي جو ڪارڻ سبطه حسن جي نظر ۾ هي آهي. ته "۱۸ صدی کا محنت کش طبقہ سندھ میں یہ سوچ بھی نہ سکتا تھا کہ نوابوں، جاگیرداروں کے ہاتھوں سے سیاسی طاقت چھین کر خود برسراقتدار آجانا چاھیے" (10) پر اسان جو خيال آهي جتي سنڌ جو هاري سياسي اقتدار سنڀالڻ لاءِ تيار نه هو اتي هن انقلاب ۾ عنايت جي حيثيت هڪ مذهبي امام واري هئي نه ئي عنايت ڪو پاڻ جھڙو ٻيو شخص پئدا ڪري سگھيو ۽ نه وري ان فڪر ۾ ڪا وڌيڪ تبديلي جي گنجائش موجود هئي . پر اها تحريڪ جتي وڏيرڪي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف هڪ اجتماعي احتجاج هئي اتي اهو اتفاق نه هو پر ضرورت هئي ڇاڪاڻ ته اهو ظلم صرف سنڌ ۾ نه هو پر ان وقت پوري دنيا ۾ هو سنڌ ۾ ته اهو سلسلو لڳاتار نه هلي سگھيو ڇا ڪاڻ ته هتي نه پئداوري طور طريقتن ۾ ڪتب ايندڙ اوزار مٽيا ۽ نه پئداواري رشتن ۾ نواڻ آئي ۽ نه ئي فڪر نئين صورت اختيار ڪئي پر يورپ ۾ جاگيرداريت خلاف احتجاج نه صرف ظلم خلاف بغاوت ڪئي پر ان جو فڪري رستو به تلاش ڪيو (ڏسو اسان جو پهريون باب ) عنايت واري تحريڪ سان شاهه عبد اللطيف ڀٽائي کي پڻ ملايو ويوآهي. جنهن لاءِ علامه دائودپوٽي جو خيال آهي ته ’’ شاهه عبد اللطيف جو ان وقت ۾ اٺاويهن ورهين جو هو، ۽ احتمال آهي ته سندن روحاني چاءِ و جلال جو جلوو ڏٺو هئائين تنهن پڻ ڪيترن ئي بيتن ۾ انهيءَ حادثي ڏي اشارو ڪيو آهي. ” (11) ساڳي ڳالهه جي ايم- سيد هيئن ءَ ڪري ٿو. “شاهه عبد اللطيف پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي وقت ۾ صوفي صاحب جي بزرگي ۽ درويشيءِ جي هاڪ ٻڌي، سندس ملاقات ڪئي ٿي ڏسجي، ميرانپور جي ڳوٺ شاهه عبد الڪريم رحمته الله عليه جي مزار واري ڳوٺ بلڙي کان ڏيڍ ميل پنڌ تي هو ان ڪري نه کيس شاهه عنايت سان ملڻ جا موقعا پئي بڻيا جو شاهه صاحب اڪثر پنهنجي ڏاڏي جي درگاهه تي زيارت لاءَ ايندڙ هو ’’ (12) محترم دائود پوٽي صاحب ۽ جي – ايم – سيد صاحب ڪو به تاريخي حوالو نه ڏنو آهي ته ڪو لطيف ۽ عنايت سان ڪڏهن ۽ ڪٿي مليو هو، پر هڪ انومان آهي ته هي پاڻ ۾ مليا هوندا . مٿيان ٻئي صاحب لطيف جي عمر عنايت جي شهادت واري سال يعني 1718ع ۾ اٺاويهه ورهيه ڪن ٿا. پر اهو وساري ويهن ٿا ته لطيف جنهن ڏاڏي جي زيارت لاءِ بلڙي ويندو هو، ان بلڙيءَ جي سجادهه نشين سيد عبد الواسع جي جي عنايت سان دشمني ڪافي سالن کان هلندي هئي ۽ جنهن سال کان دشمني شروع ٿي ان وقت لطيف جي عمر ڇا هئي؟ ساڳئي وقت اهو به سوال اڀري ٿو ته ان وقت خانداني ماحول ايترو ڳتيل ۽ مضبوط هو جو ٺٽي جي حاڪم، سيد عبدالواسع کي سيد جي ناتي سڀ اختيار ڏئي ڇڏيا ته هو وڃي عنايت سان وڙهيو جنهن ۾ 28 فقير شهيد ٿيا . هتي سوال ٿو اڀري ته ڇا لطيف پنهنجي مائٽ ۽ بلڙي جي سجاده نشين سيد عبد الواسع کي ڇڏي عنايت سان دوستي رکي هوندي؟ٻيو ته لطيف خود مٿئين طبقي جو ماڻهون ۽ پير هو ڏٺو وڃي ته لطيف جو عملي طو ر هن انقلاب سان ڪو به واسطو نظر نٿو اچي پر مٿين صاحبن جي ان رويئي جي موٽ ۾ بغير تحقيق جي ٻين مصنفن به ان ڳالهه کي وڌائي پيش ڪيو آهي ٿورو هن لفظن تي نظر وجھو .
’’ چيو وڃي ٿو ته انهيءَ ايام جڏهن صوفي شاهه عنايت ٺٽي ۾ مقيم هو ته ان وقت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سفر ڪري سنڌي عوام جي ڏکائيندڙ حالتن ۽تڪليفن، عذابن کي پنهنجي اکين سان ڏسندو ۽ مشاهدو ڪندو ٿي رهيو ۽ انهن عذابن تڪليفن مان نڪري آزاد ٿيڻ لاءِ سنڌي عوام کي بهادري، اتحاد ڀائچاري جو سڏ پئي ڏنو تڏهن کيس صوفي عنايت جي پروڙ پئي ۽ پاڻ صوفي شاهه عنايت سان ملڻ لاءِ ٺٽي آيو صوفي شاهه عنايت سان ملاقات ۾ شاهه لطيف کي سنڌ جي عوام کي ڌارين کان اصل آزادي ماڻڻ واري راهه ۽ رستو چٽي طرح معلوم ٿيو ۽ شاهه لطيف صوفي شاهه عنايت جي فلسفي ۽ نظريه عوام کي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جي رٿا بندي ڏاڍو متاثر ڪيو ’’ (13) صوفي حضور بخش جي مٿئين عبارت بنا ڪنهن ثبوت ۽ حوالي جي ڪيل آهي ۽ اها ڳالهه عام آهي ته لطيف پوري زندگيءَ ۾ ڪا به عملي تحريڪ ناهي هلائي ۽ نه وري عنايت واري تحريڪ جو ڪو حصو رهيو آهي. اسان جا ليکڪ ۽ محقق بنا ڪنهن پٺڀرائيءَ جي اهڙيون ڳالهيون ڪندا رهيا آهن حضور بخش کي اها به خبر ناهي ته جڏهن عنايت ٺٽي ۾ هو ته ان وقت لطيف جي عمر ڇا هئي ؟، ساڳئي غلطي سليم ڀٽو ڪري ٿو ۽ چوي ٿو . ’’ شاهه عنايت جا فقير ۽ بلاولي فقير جيڪي ڇڙ وڇڙ ٿي ويا تن کي شاهه لطيف پنهنجي زندگيءَ ۾ متحد ۽ منظم ڪندو رهيو جنهن سبب شاهه عنايت واري خانداني دشمني شاهه لطيف جي حصي ۾ آئي ائين به ڏٺو وڃي ته شاهه عنايت کي جڏهن شهيد ڪيو ويو ته لطيف سائين جي عمر اٺاويهه سال کن هئي اهڙي جواني ۾ شاهه سائين جو شاهه عنايت جھڙي ذخص کان ماتر ٿيڻ ۽ هن جي تحريڪ کي درست سمجھڻ ڪا انوکي ڳالهه ڪانهي، جڏهن سچايون دل تي اثر ڪنديون ته پوءِ عزم ۽ همٿ خود به خود همراهي ٿيو وڃن شاهه سائين به جوانيءَ ۾ انهيءَ تحريڪ کي سنڀالڻ جو عزم ڪيو ۽ پنهنجي شاعري جي خداداد صلاحيتن سبب هاري تحريڪ کي هڪ نئون روپ ڏنو ( 14) هن ڳالهه جي پٺڀرائي لاءِ وٽس ڪو به ثبو ت ڪونهي اسان جي خيال مطابق شاهه لطيف جي شاعري ۾ يا سنڌ جي پوري ڪلاسڪ شاعري ۾ پورهيت جو ذڪر ان جي تخليق جي حسن جو آهي پر پورهيت جو نه آهي خود لطيف به پورهيت جي پورهي مان جنم وٺندڙ شين کي تشبيهه يا استعاري طور کڻي ٿو. مثلاََ .
جيئن لوهارن لپيٽيو، ڪڙو منجھه ڪڙَ ي .
منهنجو جيءُ جڙي . ِ سپرين سوگھو ڪيو. (15)
جي –ايم_سيد – پنهنجي ساڳئي ڪتاب يعني پيغام لطيف ۾ اهو پڻ چيو آهي ته شاهه لطيف جي رسالي ۾ ٻين شاعرن جو ڪلام ملي ويو آهي. ان کي ڪڍڻ مشڪل آهي ته پوءِ اهي بيت جن کي عنايت شهيد جي ثنا لاءِ چيو ٿو وڃي اهي لطيف جا آهن يا ڪنهن ٻئي شاعر جا ؟ جڏهن لطيف، عنايت کان ايترو متاثر ٿيو جو هن هاري تحريڪ هلائي ته پوءِ صرف ڪجهه بيت ڇو چيائين ؟سموري شاعريءَ جو محور هاري لاءِ ڇو نه آهي ؟ صرف هڪ سر به هاري ءَ لاءِ لطيف نه لکي سگھيو ڇو ؟ جي – ايم _ سيد اهو پڻ چوي ٿو ته لطيف سوشل ازم جو ڪائل رهيو آهي. پر اسين سمجھون ٿا ته لطيف وحدت الوجود جي فڪر ۾ مقدر پرست فڪر جو پيرو ڪار هو سوشلسٽ ٿي نٿو سگھي .
هرڪو لکيو پنهنجو لوڙي
ڪير لکئي کان منهن موڙي (16)
قلم وهي ويو ڪانهه، سرتيون ڪنهن سڀاڳ لئي
انگ اڳئي لکيو، ات نه پهچي ٻانهه
ڪنهن کي ڏيان دانهه . ته پرين موسين هيئن ڪيو .
ڏسو ڪتاب لنواريءَ جا لال _ از گربخشاڻي.
لطيف جو نه ته هاري انقلاب سان واسطو هو ۽ نه وري عنايت واري تحريڪ سان ڪو ان جو تعلق رهيو ڇاڪاڻ ته لطيف مقدرپرست هو جڏهن ته شاهه عنايت مقدر پرست فڪر جو پيروڪار نه هو اسان جي خيال ۾ لطيف دنيا جو اهو شاعر آهي جنهن جي ڪلام سان اڻ ڳڻيل گم نام شاعرن جو ڪلام سلهاڙجي ويو آهي. اسان جي ادب ۾ اڄ به عقيدي کي اهميت حاصل آهي ان ڪري لطيف جي دورجي ماحول کي وساري ويهون ٿا لطيف جو دور نسل پرستي جي (حسب نسب جي) عروج جو دور آهي ڪلهوڙا به پير پرستي جي بدولت سنڌ جا حاڪم ٿيا هئا . ڪلهوڙن، پليجن، جتن ۽ سيدن جو، عنايت لانگاهه خلاف اتحاد اهو ثابت ڪري ٿو ته پوري سنڌ جا وڏيرا ۽ پير جيڪي مٿين ڪلاس جا ها سڀ متحد ها جڏهن ته عنايت پوري سنڌ ۾ پنهنجو اثر ڇڏي نه سگھيو ۽ نه وري ڪو پوري سنڌ جو هيٺيون ڪلاس متحد هو نتيجي طور ان تحريڪ کي روڪڻو هو ۽ اها رڪجي وئي .جيئن اسان مٿي عرض ڪيو ته عنايت جي حيثيت پڻ امام واري هئي ان جو ثبوت اسان کي عنايت جي ان پيروڪار شاعرن وٽان ملي ٿو جيڪي عنايت جي تعريف ته ڪن ٿا پر ان پورهيت لاءِ اهي به خاموش آهن جنهن پورهيت پنهنجو خون ڏئي عنايت کي هڪ اعلى مقام ڏنو . لطيف کان وٺي ٻڍل فقير (1865 -1939 ) تائين جيڪو به ڪلاسڪ ادب موجود آهي ان ۾ پورهيت جي هنر جو ذڪر آهي يا وري عاجزيءَ لاءِ پورهيت لفظ کي ڪتب آندو ويو آهي جيئن ٻڍل فقير استعمال ڪيو آهي :
پورهيت کڻندم پاڻ سين
گڏيندا ته گولي او يار
ٻاروچي ٻولي او يار .
( هي ڪافي استاد گلزار علي خان مرحوم ڳائي آئي)
پر مجموعي طرح هن ادب تي صوفي مت ۽ ڀڳتي تحريڪ جو اثر رهيو آهي.
انگريز دور ۾ جتي ٻوليءَ جي ترقيءَ جون راهون هموار ٿيون اتي يورپ ۾ جيڪي نظريا رائج هئا اهي سنڌي ادب ۾ آيا ۽ ادب ۾ نيون صنفون پڻ آيون هتي ادب تي وڌيڪ ڪجھه چوڻ کان پهرين انگريز دور جي سياسي حالتن جو مختصر جائزو وٺئون ٿا. 1848 ع ۾ جتي انگريز، سنڌ تي قابض حاڪم ميرن کان حڪومت کسي مڪمل سنڌ تي قبضو ڪيو اتي هن نئين حاڪم کي سنڌ اندر ننڍين ننڍين بغاوتن کي هر وقت منهن ڏيڻو ٿي پيو ’’1893 ۾ حر تحريڪ انگريز سامراج خلاف پنهنجون سرگرميون شروع ڪيون هي تحريڪ 1896ع تائين عوامي بغاوت ۾ تبديل ٿي وئي جيڪا 10 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهي (17) حرن جي قبضي هيٺ جيڪو علائقو رهيو ان کي آزاد رياست ڪوٺيو ويندو هو. پر هن علائقي تي انگريز جو قبضو نه رهيو، بقول آگائيف جي “20 مارچ 1943ع جو پيرپاڳاري اٺين کي ڦاهي ڏني وئي ۽ ان جي لاش کي ساڙيو ويو پير جي ڳوٺ ۾ ان جي گھر کي ڊاٺو ويو ۽ اتي محفوظ خزانو لٽيو ويو، لائبريري لٽي ۽ ساڙي وئي، جنهن ۾ انتهائي ناياب سنڌي قلمي مسودا پڻ ها ’’(18). ان کان پوءِ جتي انگريز انهن علائقن ۾ حقيقي معنى ۾ قابض ٿيو اتي ان وقت حر تحريڪ جون واڳون (اڳواڻي) پورهيت عوام جي هٿ آيون ۽ رحيم هنڱورو ان تحريڪ جو سربراهه ٿيو جنهن کي عام طور “بادشاهه ’’ ڪوٺيو ويندو هو . هن تحريڪ جو اڳواڻ اڪثر پير رهيا ۽ سنڌ ۾ پيرن جي اثر هيٺ سنڌ جو عوام ذ هني طور ورهايل رهيو آهي جنهن ڪري ان وقت جڏهن اها تحريڪ هلي رهي هئي ۽ هن وقت به ان کي حر تحريڪ ئي ڪوٺيو وڃي ٿو يعني پاڳاري ۽ سندن مريدن جي تحريڪ پر ان تحريڪ ڪڏهن به سنڌ ۽ سنڌي عوام جو روپ اختيار نه ڪيو ۽ نه وري سنڌ جي حوالي سان ان کي سنڌ جي تاريخ ڪري لکيو ويو آهي سنڌ ۾ اڄ، به يا ان وقت به هڪ پير جا مريد ٻئي پيري جي مريدن کي ڌاريو ڪري سڏيندا هئا / سڏيندا آهن ۽ پنهنجي پنهنجي پير کي بادشاهه سڏيو ويندو هو / ۽ سڏيو وڃي ٿو _ حر تحريڪ جيڪا داخلي طور پير پرستي ۽ خارجي طور سنڌ پرستي هئي سا ان ماحول جي پئداوار هئي جنهنجو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. حيرت ان ڳالهه جي ناهي ته ڪو رحيم هنڱورو يا سائين رکيو خاصخيلي جي ڪردار کي وساريو ويو آهي جيڪي هن تحريڪ جو روح رهيا پر حيرت ان ڳالهه جي آهي ته هيءَ تحريڪ نه ته سنڌي اديبن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪري سگھي ۽ نه وري سنڌي اديبن جيڪي ان وقت موجود ها ۽ ترقي پسند هئا ڪو هن تحريڪ کي حقيقي عوامي موڙ ڏنو، خاص ڪري اهي جيڪي هاري يا مزدور جي حوالي سان سياست ڪري رهيا هئا يا وري اهي جيڪي سنڌ جي حوالي سان سياست ڪري رهيا هئا نتيجي طور هيءَ تحريڪ به پير پرستيءَ واري ماحول جو شڪار رهي. سنڌي ادبي ماحول ۾ سڀ کان پهرين جنهن شخص پورهيت پرتن لاءِ لکيو اهو ڄيٺمل پرسرام(1948 -1885) هئو بقول آگائف جي ته “ڄيٺمل پرسرام عظيم آڪٽومبر سوشلسٽ انقلاب جو خير مقدم ڪيو هو ۽ دل جي گھراين سان نئين سوويت ملڪ جي ڪاميابين تي نظر رکندو هو، هن پنهنجي تصنيفن ۾ سوويت يونين جي سماجي ۽ معاشي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جي باري ۾ تعريفي راءِ جو اظهار ڪيو ڪافي تصنيفن کي هن والاديمر ايلچ لينن کي ارپيو’’(19) سنڌي ڊرامن ۾ پورهيت جي معاشي مسئلن ۽ ڪردارن تي خان چندرياڻي سٺو لکيو ڊراما “زمينداري ظلم’’ ۾ هن هاري دل مراد جي مصيبتن کي ڏيکاريو جو پنهنجي دشمن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي خلاف طبقاتي نفرت سان ڀريو پيو آهي ڊرامو ’بک جو شڪار ’’ غريبن ۽ اميرن جو ٽڪراءُ، ۽ ڊارمو ’’ مايا جو انڌ’’ مزدور ۽ سرمائيدارن جي ٽڪراءُ تي ٻڌل هو ’’ (20) ڀيرو مل مهرچند(وفات 1950ع صوفي ازم جي روشنيءَ ۾ ميرپور خاص جي لوڻ جي کاڻ تي ڪم ڪندڙ پورهيتن لاءِ لکيو، حيدر بخش جتوئيءَ 1943ع م پنهنجي شاعريءَ جو مجموعو ’’ آزادي قوم ’’ شايع ڪرايو جنهن ۾ هن استحصالي خاتمي ۽ انصاف لاءِ لکيو سنڌ جي اندر کاٻي ڌر جي سياست ۾ ٽريڊ يونين جو اڳواڻ عبد القادر نظاماڻي هو، جيڪو هاري ڪميٽيءُ جو سيڪريٽري پڻ ٿيو ڪشنچند تيرٿداس کتري بيوس ( 1947 – 1885) ’’ سنڌي شاعرن ۾ هن پهريون ڀيرو مزدور طبقي جي روزمرهه جي سماجي اهميت جو ادراڪ ڪندي ان جي مسئلن تي ڌيان ڏيندي نظم ’“پورهيت ’’ (مزدور ) تخليق ڪيو جو سنڌي پرولتاريا جي شان ۾ پنهنجي نوعيت جو ترانو آهي (21) هي سنڌي ادب جي اهو دور آهي، جتي انگريز حڪومت جيڪو غير فطري هندو مسلم ورهاست جو ٻج ڇٽيو هو اهو ڦل ڏيڻ طرف وڃي رهيو هو. انهن حالتن ۾ سنڌي پورهيت، سنڌي عوام لاءِ حقيقي راهه اختيار ڪرڻ ڪافي ڏکيو ڪم هو پر اها حقيقيت آهي ته مٿين خيالن جي پيرو ڪارن جي معرفت سنڌي ادب ۾ اها چڙنگ دکندي رهي آهي ان جا اثر ڪيترا گھرا پيا آهن ان جو ذڪر ايندڙ صفحن تي ڪيو ويندو .

نچوڙ / نتيجا:

1. موهن جي دڙي جي بيهڪ مان ظاهر ٿو ٿئي ته هي محنت ڪش سماج جي پئداوار آهي.
2. موهن جي دڙي جي مورتي ٻوليءَ جو بنياد رکندڙ خود پورهيت هئا .مهرون، مورتيون، موسقيءَ جا ساز پورهيتن جي محنت جي پئداوار آهن .
3. موهن جي دڙي جو اصولوڪو ادب اسان کي نه مليو آهي پر برهمڻ ازم، چين ازم جيڪو هن خطي جو مذهبي فڪر آهي اهو فڪر جي موهن جي دڙي جو تسلسل آهي ته پوءِ ان فڪر ۾ ڪيئن اڳتي هلي پورهيت قوتن کي هيٺاهون ۽ حقارت وارو ڪري ڏيکاريو ويو آهي.
4. سماج ۾ طبقا ڪاهن جي ڪري نه پئدا ٿيا پر جڏهن ’’´اسان جي ملڪيت جي جاءِ تي ’’ منهنجي ملڪيت’’ واري تصور مادي شڪل اختيار ڪئي ته هڪ ئي سماج ۾ هڪ جھڙا معاشي،سياسي مفاد رکندڙ ٻين کان الڳ ٿي بيٺا ۽ طبقاتي سماج ظهور ۾ آيو .
5. غلام داري سماج ۾ غلامن جي بغاوت کي روڪڻ لاءِ ڏاتار وار ي ادب جو سهارو ورتو ويو جنهن ڪري برهمڻ ازم يا ٻيا ازم جيڪي پئدا ٿيا جن ۾ پورهيت کي گھٽ ڪري پيش ڪيو ويو آهي. اها ان دور جي مٿئين ڪلاس جي طرفان هيٺئين ڪلاس جي بغاوت کي روڪڻ جي هڪ چال هئي جيڪا هن وقت ڌرم آهي
6. چارواڪ جو فڪر پڻ مادي عقيدي تي بيٺل آهي_ ڇا؟ چارواڪ ڪنهن اهڙي تحريڪ جو نالو آهي جيڪا پورهتين ۾ ( غلامن ۾) تحرڪ پئدا ڪندي هجي جنهن کي مٿئين ڪلاس جي ادب ننديو آهي ۽ اسان کي چارواڪ جو فڪر ڪو الڳ نه مليو آهي پر مذهبي ادب جي ان تعصبي ٽڪرن مان مليو آهي جيڪي هن جي خلاف لکيا ويا آهن .
7. چارواڪ جي فڪر جو اڀرڻ قديم اشتراڪي خيالن جي بدولت هوندو جيڪي عوام وٽ ( غلامن وٽ) سيني به سيني موجود هئا .
8. چارواڪ ۽ مزدڪ تحريڪ جي اشتراڪيت، افلاطون جي اشتراڪيت کان الڳ آهي ڇاڪاڻ ته افلاطون جي اشتراڪيت مٿئين ڪلاس جي اشتراڪيت آهي جڏهن ته چارواڪ ۽ مزدڪ جي اشتراڪيت عوامي اشتراڪيت آهي.
9. مذهبن ۾ اشتراڪيت واري سوچ عوامي اشتراڪيت خيالن جي تسلسل جي پئداوار آهي.
10. ڇا موهن جي دڙي جي ادب کي ان دور جي غلامن جي هلايل هلچل ۽ بغاوت جي موٽ ۾ سڃاڻي سگھجي ٿو جنهن جا آثار مذهبي ادب ۾ موجود آهن .
11. جڏهن برهمڻ ڌرتيءَ واسين کي (غلامن کي ) شودر ڪاسٽ ڪري شمار ڪيو ته انهن غلامن جي ادب کي ڪهڙو سٺو ڪري ڏٺو هوندو؟
12. 1943ع ۾ انگريزن پير جي ڳوٺ ۾ سنڌي قلمي نسخن کي ساڙيو، ان کان اڳ عربن ساڙيو ارغونن ساڙيو، ترخانن ساڙيو مطلب ته برهمڻ کان وٺي اچ تائين سڀني نام نهاد اچي ذات وارن يا مٿين طبقن پنهنجي وت ۽ وزن آهر هن ادب کي نقصان پڄايو آهي.
13. هندومت هجي يا عربن جو فڪر اهو مٿئين ڪلاس جوفڪر اهي ان فڪر ۾ پورهيت جو اهو مقام نه آهي جيڪو مٿئين ڪلاس جي فردن جو آهي.
14. غلام (پورهيت ) جي مٿن مورتين کان تهذيب جي پيدا ٿيڻ تائين تخليق جي حسن سان انهن کي نوازيو آهي پر عقيدا ئي ادب يا ته انهن کي ننديو آهي يا وري جنت جي حورن جي لالچ ڏئي خاموش ڪرايو آهي.
15. غلامن جتي فن فڪر (شاعري) جو بنياد وڌو آهي مٿئين ڪلاس ان خالق قوت کي تاريخ ۽ ادب ۾ ميساري ڇڏيو آهي
16. عقيدي جي عينڪ پائي قديم ادب کي پڙهيو ٿو وڃي ۽ ادب جي اصل قوت کي هميشه وساريو ٿو وڃي .
17. سنڌي ادب جي تاريخ ان جملي سان شروع ڪئي ٿي وڃي جنهن جو حقيقت سان ڪوبه واسطو نه آهي.
18. موهن جي دڙي کان وٺي عربن تائين جيڪو سنڌي ادب جو دور آهي اهو اڄ به اونداهو دور آهي.
19. سومرن جي دور ۾ جتي ڳاهه جي صورت ۾ سنڌي ادب جي شروعات ملي ٿي اتي اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته ادب ڀٽن ڀانن جو خانداني پيشو هو اهو ادب مٿئين طبقي جي ثناع تي ٻڌل آهي پر ان جا جوڙيندڙ هيٺئين طبقي جا آهن .
20. جيئن ته ڳاهه، ڳاءِ مان نڪتل آهي ۽ ڳائڻ گھٽ ذات جو پيشو سمجھو ويندو هو ۽ حاڪم جو نه، ته ڇا ؟ اها خانداني ڪرت موهن جي دڙي کان شروع ٿي هوندي جتي ڪرت جي بنياد تي سماج جي ورهاست ٿي هئي .
21. سومرن جي دور ۾ جيڪي قصا ۽ ڪهاڻيون شروع ٿيو ن آهن اهي ان جي ادبي فڪر جي ارتقا جو نتيجو آهن جن کي گھرج مطابق راڳ ۾ شامل ڪيو ويو پر انهن قصن ۽ ڪهاڻين کي اڳتي هلي ادب سمجھڻ بجاءِ حقيقي قصا سمجھو ويو آهي.
22. سمن جي دور ۾ پهرين کان وڌيڪ برجستو بيت ملي ٿو . سمن جي آخري دور ۽ ارغونن جي شروعاتي دور ۾ سنڌي بيت جو وڏو شاعر قاضي قادن ملي ٿو قاضي جتي سٺو شاعر آهي اتي سندس سياسي ڪردار غدار وارو آهي.
ارغونن ۽ سمن، سومرن واري دور م جيڪو خاص فرق معلوم ٿئي ٿو سو اهو ته سومرن ۽ سمن جي دور ۾ هيٺيون طبقو تخليق ڪار آهي جيڪو مٿئين طبقي جي ثنا ڪري ٿو پر ارغونن جي دور جيڪي شاعر مليا آهن انهن جو مٿئين طبقي سان واسطو رهيو آهي ۽ اڪثر ڪري اهي خاندان آهن جيڪي ٻاهران سنڌ ۾ آيا آهن .
هي اهي خاندان رهيا آهن جن کي حاڪم جاگيرون ڏنيون آهن يا ان حاڪم جي اثر هيٺ رهيا آهن ۽ انهن حاڪمن هنن خاندانن جي معرفت ڏن ورتو آهي. ساڳئي وقت انهن پيرن پنهنجو ڏن پڻ پورهيتن کان حاصل ڪيو آهي. هن دور ۾ هيٺئين طبقي پڻ ادب تخليق ڪيو هوندو پر ان ادب کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هنن وٽ وڏا ذريعا نه هئا، جنهن ڪري اهو ادب لوڪ ادب جي شڪل اختيار ڪندو رهيو ۽ اهڙي ادب کي عوامي ادب پڻ ڪوٺيو ويو ۽ ان جي خالق کي سگھڙ سڏيو ويو .
اهڙي ٻوسٽ واري خانداني ماحول ۾ شاهه عنايت جو نعرو ته “جيڪو کيڙي سو کائي ’’ ڪنهن غنيمت کان گھٽ نه هو .
عنايت جي هن تحريڪ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته جتي مٿيون طبقو پنهنجي مفادن لاءِ هڪ ٿي سگھي ٿو اتي هيٺيون طبقو به مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجا حق ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي.
هيءَ تحريڪ پورهيتن جي تحريڪ هئي، بلڙيءَ جو سجاده نشين سيد عبدالواسع ۽ ٻيا وڏيرا ان تحريڪ جا مخالف هئا .
هن تحريڪ ۾ عنايت جي حيثيت هڪ امام واري هئي ۽ هو مذهبي هو. هو ان فڪر ۾ وڌيڪ تبديلي آڻي نه سگھيو ۽ نه وري پاڻ جھڙو ڪو ٻيو پئدا ڪري سگھيو.
هيءَ تحريڪ جتي وڏيرڪي ظلم خلاف هڪ اجتماعي احتجاج هئي اتي اها اتفاق نه پر تاريخ جي ضرورت هي ڇاڪاڻ ته اهو ظلم صرف سنڌ ۾ نه هو بلڪ پوري دنيا ۾ هو نتيجي طور سنڌ ۾ ته اهو تحريڪ وري نه اڀري سگھي پر يورپ ۾ ان نئون رخ اختيار ڪيو جنهن کي سوشلسٽ تحريڪ سڏيو ٿو وڃي.
عنايت واري تحريڪ جا اثر سنڌي ادب تي پيا آهن پر انهن شاعرن تي جيڪي سندس طريقي جا آهن پر انهن شاعرن ۾ شاهه عبد اللطيف ڀٽائي کي شامل ڪرڻ هن تحريڪ سان ناانصافي ٿيندي .
تاريخ ۾ ڪوبه اهڙو ثبوت موجود نه آهي ته ڪو شاهه عبد اللطيف، عنايت سان مليو ۽ ان جي فڪر کي قبول ڪيائين پر ان جا ثبوت موجود آهن ته ڀٽائي جو مائٽ ۽ بلڙي جو سجاده نشين سيد عبدالواسع هن پورهيت انقلاب جو غدار هو.
ڀٽائيءَ جيڪي سر رام ڪليءَ ۾ بيت چيا آهن انهن کي بغير ثبوت جي عنايت لاءِ چيل بيت نٿو چئي سگھجي پر اهي بيت جوڳين، سامين ۽ سناسين جي لاءِ چيل آهن.
فڪري طور ڀٽائي تقدير پرست رهيو آهي. جڏهن ته عنايت تقدير پرست نه رهيو آهي.
ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ پورهيت جي تعريف نه ڪئي آهي پر ان جي جوڙيل شين کي تشبيهه ۽ استعاري طور ڪم آندو آهي.
ڀٽائي کان ٻڍل فقير تائين جيڪي به ڪلاسڪ شاعر گذريا آهن انهن جي ڪلام ۾ پورهيت جي هنر جو ذڪر آهي يا وري عاجزيءَ لاءِ پورهيت لفظ ڪتب آندو ويو آهي خود شاهه عنايت شهيد جا طالب شاعر عنايت جي تعريف ڪندارهيا آهن پر ان پورهيت لاءِ خاموش آهن جن پنهنجو رت ست ڏئي عنايت کي ان مقام تي پڄايو.
انگريز جي دور ۾ جتي ادب ۾ نيون صنفون شامل ٿيون اتي تعليم ۽ ڪاغذ عام ٿيو ۽ عام ماڻهن جو تخليق ڪيل ادب پڻ عوام جي سامهون آيو.
انگريز جي دور ۾ مختلف فڪرن جا اثر سنڌي ادب تي پيا جن ۾ طبقاتي فڪر به هڪ هو .
جڏهن ته انگريز سنڌ تي 1843ع ۾ قبضو ڪيو پر پوءِ به پير پاڳاري جي اثر هيٺ علائقو هنن جي ڪنٽرو ل هيٺ نه رهيو ۽ ان علائقي کي ’’ آزاد رياست ’’ پڻ ڪوٺيو ويندو هو ان آزاد علائقي تي انگريز 1943ع ۾ پير صبغت الله کي شهيد ڪري پنهنجي قبضي هيٺ آندو.
سنڌي نثري ادب ۾ سڀ کان پهرين جنهن شخص طبقاتي فڪر تي لکيو اهو ڄيٺمل پرسرام هو ۽ ڊرامي ۾ پورهيت فڪر جي پرچار ڪندڙ خان چند درياڻي هو ۽ شاعريءِ ۾ پهريون شخص ڪشن چند تيرٿ داس کتري بيوس هو جنهن ’’ پورهيت ’’ نظم لکيو ۽ سياست ۾ عبد القادر نظاماڻي ۽ حيدر بخش جتوئي کي ڳڻي سگھجي ٿو .



حوالا

س.ن مصنف جو نالو ڪتاب جونالو ڇپائيندڙ ادارو سن صفحو
01 سراج الحق سنڌي ٻولي عظيم پبليڪشن حيدرآباد 1964 28
02 غفور ميمڻ ڊاڪٽر سنڌي ادب جو فڪري پس منظر شاهه لطيف ڀٽائي چيئر 2002 72
03 سراج الحق سنڌي ٻولي عظيم پبليڪشن حيدرآباد 1964 43
04 عبدالجبار جوڻيجو ڊاڪٽر سنڌي ادب جي مختصر تاريخ( جلد پهريون) سنڌي لينگئج اٿارٽي 2004 21
05 لغاري اڪبر سنڌي ادب جو مختصر جائزو نيو فيلڊس پبليڪيشن 1999 14
06 مير معصوم
ترجمو امير احمد تاريخ معصومي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 163
07 آفاق صديقي جديد سنڌي ادب 398
08 سبطه حسن نويد فڪر دانيال ڪتاب گھر 1985 219
09 راشدي حسام الدين شاهه شهيد نئين زندگي ( رسالو) فيبروري 1957 10
10 سبطه حسن نويد فڪر دانيال ڪتاب گھر 1985 218
11 علامه دائود پوٽو شمس العلماءُ شاهه شهيد عنايت الله نئين زندگي ( رسالو) فيبروري 1957 03
12 جي _ ايم _ سيد پيغام لطيف جي _ ايم _ سيد اڪيڊمي سنڌ سن لکيل نه آ 45_46
13 حضور بخش صوفي شاهه عنايت شهيد سنڌ نيشنل پبليڪيشن 1981 29-30
14 ڀٽو سليم لطيفي لات جا ڏات ڌڻي ڀٽائي لٽرري –اي-س-و-س 1991 126
15 ڀٽائي شاهه عبد اللطيف( علامه آ آ قاضي ) شاهه جو رسالو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1967 638
16 ڀٽائي شاهه عبد اللطيف( علامه آ آ قاضي ) شاهه جو رسالو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1967 638
17 وي_ ايف_ آگائيف سنڌ تاريخ ڪي آئيني ۾ از 1918 ¬_1985 دانيال گھر ڪراچي 1989 53-54
18 وي_ ايف_ آگائيف سنڌ تاريخ ڪي آئيني ۾ از 1918 ¬_1985 دانيال گھر ڪراچي 1989 109
19 وي_ ايف_ آگائيف سنڌ تاريخ ڪي آئيني ۾ از 1918 ¬_1985 دانيال گھر ڪراچي 1989 442
20 وي_ ايف_ آگائيف سنڌ تاريخ ڪي آئيني ۾ از 1918 ¬_1985 دانيال گھر ڪراچي 1989 447
21 وي_ ايف_ آگائيف سنڌ تاريخ ڪي آئيني ۾ از 1918 ¬_1985 دانيال گھر ڪراچي 1989 450