لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• رسول بخش پليجو

محترم پليجو صاحب جي شخصيت ادب بجاءِ سياست جي ڪري مشهور آهي سندس فن جا ٻه رخ آهن هڪڙو ادبي ۽ ٻيو سياسي _ادبي حوالي سان جيڪو پليجو صاحب ڪم ڪيو آهي اهو ترجمن، ڪهاڻين ۽ تنقيد تي ٻڌل آهي سندس اڪثر ڪهاڻين جو بنياد رومانس تي آهي (ڏسو سندس ڪتاب ’’پسي ڳاڙها گل‘‘) جيڪو سنڌي سماج سان ٺهڪي نٿو اچي جڏهن ته پليجو صاحب جي جيڪا تنقيد ٿيل آهي اها جواب آهي ان تنقيد جو جيڪا سنڌ جي اديبن تي ٿيل هئي جنهن ۾ خاص ڪري شيخ اياز جو دفاع ڪيو ويو پليجو صاحب، شيخ اياز جي جن خيالن کي (شاعري کي) سٺو ٿي سمجهيو، شيخ صاحب عمر جي آخري حصي ۾ پنهنجي انهن سڀني ترقي پسند خيالن کي ردُ ڏيندي ٻئي جنم جي ڳالهه ڪئي- جڏهن ته پليجو صاحب جيڪو موقف اختيار ڪيو اهو پنهنجي وقت ۽ حالتن جي گهرج مطابق ضرور هيو پر پليجي صاحب جي تنقيد جو رخ انقلابي گهٽ Reactionary وڌيڪ هيو.
پليجي صاحب جيڪو سياسي ادب لکيو آهي اهو سندس نظرياتي وضاحت ڪري ٿو خاص ڪري سندس ڪتاب ’’صبح ٿيندو‘‘ جيڪو سندس پارٽيءَ- عوامي تحريڪ جي نظرياتي جدوجهد جو اڻ سڌي طرح پڌرنامو آهي ان ڪتاب ۾ سوشلزم ۽ مائوزم جو ذڪر ڪيو ويو آهي پر ان ۾ ڪابه واضع نظرياتي لائين اختيار نه ڪئي وئي آهي هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون شامل ڪيا ويا آهن اهي پهرين ’’تحريڪ‘‘ رسالي ۾ ڇپيا آهن- هن ڪتاب ۾ محترم پليجو صاحب جيڪو پنجابي ۽ مهاجر لاءِ رخ اختيار ڪيو آهي سو اهو ته اُهي ٻئي ڦورو قومون آهن ان مان ظاهر پيو ٿئي ته پليجو صاحب مهاجرن کي قوم قبول ڪري ٿو، جڏهن ته سچائي اها آهي ته مهاجر هڪ لساني گروهه آهي – پر اڄ پليجو صاحب خود چئي پيو ته مهاجر قوم نه آهن بقول سندس ته ’’ڪي سنڌ دشمن اردو باز ٽولي جا نام نهاد ترقي پسند هڪڙي ئي ڌڪ سان سنڌين تي اردو بازن هٿان ٿيندڙ ظلمن جي ائڊريس غائب ڪرڻ چاهين ٿا. هو چون ٿا بابا اوهين چئو ٿا پنجابي ۽ مهاجر قومون اسان تي ظلم ٿيون ڪن پنجابي ته غيرقوم آهي ۽ برابر ظالم آهي اسان جي همدردي اوهان سان آهي باقي رهيا اردو باز چڱو هاڻي جي اسين اوهان کي ثابت ڪري ڏيکاريون ته اهي قوم ئي ڪونه آهن، ته پوءِ اوهان جو مٿن ڪيس خارج ٿيو ڪي نه ؟ اسين اردو بازن جي ڪا قوم ئي ڪونه آهيون ته ظالم قوم ڪٿان ٿيندا سين ائين چئي، هو وڏن عالمانه، فاضلانه دليلن سان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ڏين ته اردو باز ڪا قوم نه آهن‘‘ (1) مٿين خيال کي 1973ع کان 1976ع واري دؤر کي نظر ۾ رکي پرکيو وڃي ته ان وقت اردو وارا چون پيا ته اسين قوم نه آهيون پر پليجو صاحب انهن کي ڦورو ۽ ظالم قو م ثابت ڪندو رهيو آهي ۽ اڄ جڏهن مهاجر چون ٿا ته اسين قوم آهيون ته پليجو صاحب انهن کي ڦورو ٽولو سڏي ٿو! حقيقت ۾ پليجو صاحب مسئلي جو حل نٿو ڳولي پر مسئلي کي منجهائي ۽ وڌائي ٿو نه ته سچائي اها آهي ته مهاجر هڪ لساني گروهه آهن جن هن وقت سياسي حيثيت اختيار ڪئي آهي – اهڙي طرح پليجو صاحب پنهنجي فڪري مضمونن ۾ سنڌ جي وڏيرن جي مخالفت ڪندي سنڌي سماج جي تبديلي ۽ انقلاب لاءِ قومي انقلاب ۽ سوشلزم جي وڪالت ڪري ٿو جڏهن ته ساڳي ڪتاب جي آخر ۾ پنهنجي خيال جي مخالفت ڪندي سٺن وڏيرن کي برقرار رکڻ جي ڳالهه ڪري ٿو هن جو خيال آهي ته اهي وڏيرا جيڪي هاريءَ جو حق نه ٿا کائين اسين انهن جي خلاف نه آهيون پر ظالم، ڦورو ۽ لٽيرن جي خلاف آهيون!- پليجو صاحب جو مٿيون منطق، مارڪس جي فڪر ۾ نٿو اچي ڇاڪاڻ ته طبقاتي فڪر سماج کي بدلائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ طبقاتي جدوجهد ذريعي پنهنجي منزل ماڻڻ گهري ٿو پر پليجي صاحب وارو طريقو مٿئين طبقي کان خير گهري ٿو! – پليجو صاحب سنڌ جي سماج کي قومي ۽ طبقاتي آزادي واري واٽ ڏئي نٿو وٺي وڃڻ چاهي پر هو عوام کي ان لاءِ تيار ڪري ٿو ته جاگيرداري کان پوءِ سوشلزم نه ايندو پر پهرين سرمائيداري ايندي ۽ پوءِ سوشلزم لاءِ سوچبو بقول سندس ته ’’پر ڇا اسين هن ڏاڪي تي خالص سوشلسٽ نظام قائم ڪري سگهون ٿا؟ نه- هن وقت اسان اڃان وڏيراشاهي جي چنبي ۾ ورتل آهيون سوشلسٽ نظام تڏهن قائم ٿي سگهي ٿو جڏهن وڏيرا شاهي ۽ زمينداري نظام جي پاڙ مڪمل طرح پٽي وڃي ۽ ڌرتيءَ تان پراڻن، مدي خارج نظامن جو گند صاف ڪيو وڃي ان ڪري اسان سوشلزم لاءِ جدوجهد شروع ڪري سگهئون ٿا، پر في الحال سئون سڌو سوشلسٽ انقلاب آڻي نٿا سگهون ان لاءِ اسان کي اتان شروعات ڪرڻي پوندي جتي اسين آهيون اسان کي اول سوشلسٽ انقلاب کان هيٺئين ڏاڪي جي سماجي انقلاب لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي اها منزل سر ڪري پوءِ اسين سوشلسٽ انقلاب آڻي سگهندا سين – اڳ ۾ اسان کي جمهوري زرعي انقلاب آڻڻو پوندو‘‘ (2) – هتي هيءَ ڳالهه ته واضع ٿي اچي ٿي ته پهرين سوشلسٽ انقلاب نه آڻجي پر عوامي جمهوري ذرعي انقلاب آڻجي ۽ ان ذرعي انقلاب ۾ ايماندار وڏيري، ذميندار کي هٿ نه لاهجي پر ظالم جي زمين تي قبضو ڪجي- ظاهر آهي ته اهڙو انقلاب طبقاتي انقلاب ته نه هوندو- پليجو صاحب پنهنجي ڪتاب جي شروعات ۾ جيڪو پنجابي ۽ مهاجر کي ظالم ڦورو ۽ قابض قومون ڪري لکيو آهي انهن خلاف ڪهڙو انقلاب آڻجي؟ ظاهر آهي ته ذرعي انقلاب !!- پر اتي پليجو صاحب نئو رخ اختيار ڪري ٿو ته پنجابي ۽ مهاجر سڀ خراب به نه آهن ان ڪري پليجو به انهن جي خلاف نه آهي سندس ان خيال جي وضاحت ڪتاب ’’صبح ٿيندو‘‘ جا آخري مضمون ڪن ٿا جتي مصنف نه صرف سوشلسٽ انقلاب کان انڪار ڪري ٿو بلڪ قومي انقلاب کان به ٽارو ڪري وڃي ٿو .
محترم پليجي صاحب لاءِ، سنڌ ۾ مشهور آهي ته هو چائنا جي مائوزي تنگ جو پيروڪار آهي پر وقت ۽ حالتن اهو ثابت ڪيو آهي ته مائوازم جي ثقافتي انقلاب جو واسطو عالمي ڪميونزم سان نه هو ۽ نه آهي مائوازم خالص طبقاتي فڪر جي ٽوڙ لاءِ اٿاريل هڪ فڪر آهي جنهن جون پاڙون عالمي استحصالي قوتن جي مفاد ۾ کُتل آهن مائو جي قول ۽ فعل ۾ تضاد رهيو اها ٻئي ڳالهه آهي ته مائو، مارڪس ۽ لينن جا نالا استعمال ڪندو رهيو – اهڙي طرح پليجي صاحب، لينن ۽ مارڪس جا نه صرف نالا ورتا آهن پر انهن جي ڪتابن ۽خيالن جا حوالا پڻ ڏنا آهن پر هو پنهنجي فڪر ي لائين ۾ ۽ عمل ۾ نه ڪميونسٽ رهيو آهي ۽ نه وري سندس لکيل ادب کي ڪو مستند مارڪسي فڪر ڪوٺي سگهجي ٿو پليجي صاحب جو جتي انقلاب لاءِ مبهم رويو آهي اتي جيڪا ٻولي استعمال ڪري ٿو اها چڙ واري آهي هو پنهنجن خيالن کي چٽو ڪرڻ بجاءِ وچڙائي ٿو .

حوالا

نمبر مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو ادارو جنهن ڇپرايو سن صفحو
1 پليجو رسول بخش صبح ٿيندو (ڇاپو ٻيو) لياقت يوسفاڻي ڄامشورو 1978 78-77
2 پليجو رسول بخش صبح ٿيندو (ڇاپو ٻيو) لياقت يوسفاڻي ڄامشورو 1978 159