لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• ادب براءِ ادب ۽ ادب براءِ زندگي

ادبي کيٿر ۾ مٿيون موضوع ڪافي منجھيل ۽ ڳتيل آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ڌر جنهن کي ادب براءِ ادب ڪوٺي ٿي ٻئي ڌر ان کي ادب براءِ زندگي چئي ٿي . اهڙي صورت ۾ هي سوال مونجھاري جو شڪار ٿئي ٿو ته آخر ادب براءِ ادب ۽ ادب براءِ زندگيءَ جو ڪاٿو ڪيئن لڳايو وڃي . جيڪو ادب پنهنجي دور ۾ مقبول رهيوآهي اهو ئي ادب ايندڙ دور ۾ نئين اسرندڙ ادب ۽ ادبي ماحول لاءِ رنڊڪ رهيو آهي هن لاءِ ڊاڪٽر فهميده حسين جو خيال آهي ته ’’ ادب زندگيءَ لاءِ آهي زندگي ادب لاءِ ڪانهي، ان ڪري ادب کي زندگيءَ جي ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻي آهي ’’ 40’’ هن مان ته اهو ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪو ادب زندگي انسانيت جي خدمت ڪري ٿو ان کي ادب براءِ زندگي چيو ويندو. بدر ابڙو هن سوال کي پنهنجي ڪتاب تنقيد نگاريءَ ۾ ادب براءِ بندگي جي عنوان سان پيش ڪيو آهي بقول سندس ته ’’ يونان جا اولمپيائي ديوتا هجن يا عيسائين جو خدا، هندن جو برهما هجي يا مسلمانن جو رب، سڀني جون هڪجھڙيون صفتون سامهون اچن ٿيون- ۽ اهي ئي ڪائنات جي هر علم ۽ صفت جا مرڪز آهن بهر حال اهڙين حالتن ۾ جيڪو ادب پئدا ٿيندو سو مذهب تي ٻڌل هوندو ۽ مذهب جا مسئلا ۽ رنگ ڏيندو هڪ طرح سان اهو مذهب جي ئي پرچار جو هڪ طريقو هوندو اهو ئي ادب، ادب براءِ بندگي آهي‘‘ ( 41) . ابڙو صاحب اڳتي هلي اهو پڻ واضع ڪري ٿو . مذهب کان فراريت جي صورت ۾ هڪ لوڪ ادب پئداٿيو پر جيسيتائين اسان کي سڌ آهي ته لوڪ ادب مذهب کان پهرين موجود هو ۽ آهي مذهب جيڪو معاشرتي شعور جي هڪ شڪل آهي. ( ڏسو جدلياتي ماديت اور تاريخي ماديت ڪا ابجد- ترقي ماسڪو) ان پڻ سماجي اوسر ۾ وقت ۽ حالتن تحت ڪردار ادا ڪيو مثلن اسلام جتي گھڻن بتن جي نفي ڪندي هڪ جو رستو اختيار ڪيو اتي غلامن ۽ عورتن ڏي نرم ريو رکندي قبائلي سماج جي مقابلي جاگيرداري سماج کي ڦوڪيت ڏني . اهو پنهنجي دور خاص ڪري عربن ۾ اڳتي قدم هو جڏهن اسين ڄاڻون ٿا . مذهب، مذهبي ادب آفاقي نه پر حالتن جي پئدوار آهي ته پوءِ انهن کي ( ادب کي ) ان دور جي مادي گھرجن مطابق ڏسڻ ۽ پرکڻ گھرجي . جنهن دور ۾ تخليق ڪيا ويا آهن چارلس ڦورئيرصوفيمت جي پيروڪار هوندي به اشتراڪي ڳوٺ اڏايا ( ڏسو ڪميونسٽ پڌرنامو-از-ڪارل مارڪس۽ اينگلس – ترقي ماسڪو – 1974) ٿامس مائينز ڪليسائي پيشوا هوندي به اشتراڪيت جو دعويدار رهيو . ۽ جرمن هاري بغاوت جي سرواڻي ڪندي چڪي ۾ پيٺو ويو. ڏسو جرمنيءَ ۾ هاري بغاوت – از اينگلس - موسا سي مارڪس تڪ از سبط حسن ) شاه عنايت لانگاهه واري کيڙيو ۽ کائو واري فڪر لاءِ عملي ثبوت ڏيندي ويڙهه ۾ ماريو ويو. ( ڏسو نويدِ فڪر –از سبط حسن ) پر اها حقيقت آهي ته مٿين سڀني جي فڪر جو جوهر مذهبي هو . شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مذهبي شاعري ڏني اتي مجازي عشق واري پڻ ڏني آهي. حمل فقير لّغاري وحدت الشهود، نقشبندي طريقو اختيار ڪيو پر پوءِ راڳ نه ڇڏيو سندس شاعري ۾ نينهن وارو رنگ وڌيڪ آهي.
ياراڻي يارن مان ويئي جا ويئي .
گڏيل هئي جا گمان ۾ پڌري ٿي پيئي .
(ڏسو ) ڪليات حمل فقير لغاري – ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) .
ڇا هن بيت ۾ خدا يا رسول صلعم جي ڳا لهه آهي، پر ان جو اهو به مطلب نه آهي ته ڪو حمل، لطيف، عنايت، ٿامس مائينز ۽ چارلس ڦورئير مذهبي نه ها . ڇا انهن جي ادب کي ادب براءِ ادب يا ادب براءِ بندگي ڪوٺجي . خاص ڪري عنايت ۽ چارلس ڦورئر جي فڪر کي ڇا سڏيون ؟ ڇا ڪاڻ ته هو مذهبي هوندي به مروج مذهبي خيال کان باغي ها . اصل ۾ اها فڪري ارتقا آهي. مارڪس جي فڪر کي ۽ چارلس ڦوريئرجي فڪر کي هڪ نٿو چئي سگھجي پر ڇا اها حقيقت نه آهي ته ڪارلس مارڪس، ٿامس مور کان وٺي فائر باخ تائين جي فڪر جو عروج هو. ڏٺو وڃي ته بدر صاحب بندگيءَ جي لفظ سان ان ارتقاجو دربند ڪري ڇڏي ٿو جيڪا تاريخ ۾ ظهور ۾ آئي آهي. جڏهن ته مجتبى حسين جو خيال آهي) ته "اس نے (مذھب نے) انسانوں کو ایک عقیدہ دیا تھا ادب نے مذھب کی گود میں پرورش پانے کے باوجود اس کے بہت سے اصولوں کو قبول کرنے اور پھیلانے کے باوجود عقیدہ کے معاملے میں جد عقیدگی دکھائی" (42) هن لاءِ سنڌ مان شاهه عنايت لانگاهه جھوڪ واري کي ڳڻي سگھجي ٿو جيڪو مذهبي عقيدي کي قبول ڪري ٿو ِ۽ ان کان نجات جي پڻ ڳالهه ڪري ٿو . مرحوم اياز علي قادري جيڪا سنڌي غزل تي تحقيق ڪئي آهي ان کي پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڪيترا تڪ گو شاعر ٿي گذريا آهن _ وحدت الشهود فڪر جي باني مجدد الف ثاني جو اڀياس ڪندي معلوم ٿو ٿئي ته هو نه صرف هندو مت بلڪ هندن کان به نفرت ڪري ٿو پر ساڳئي فلسفي جو پيرو ڪار خواجا محمد زمان لنواري وارو هندن کي پنهنجو طالب ٿو ڪري ۽ انهن کي شهود فڪر جو درس ڏئي ٿو ( ڏسو لنواريءَ جا لال _ از_گربخشاڻي.) هتي سوال ٿو اڀري ته جي عنايت لانگاهه ۽ ان خيال جا ٻيا، دنيا جا مفڪر، انهن جو ادب، ادب براءِ بندگي آهي ۽ تڪ گو شاعرن جو ڪلام ادب براءِ ادب آهي ته ادب براءِ زندگي ڪاٿي آهي ؟ ان کان پهرين جو اسين پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريون ادب براءِ ادب لاءِ ڊاڪٽر انور سديد جو خيال آهي ته “جس ادب میں فکر کا عنصر کم اور سکعت زیادہ ہوگی وہ ادب نہ تو زیادہ دیر تک زندہ رہ سکے گا اور نہ عوام کو بھی بلاواسطہ طور پر متاثر کرسکے گا، ادب پر جمود اس وقت تاری نہیں ہوتا جب چند سالوں کے لیے تخلیق کی رفتار مدھم پڑجاتی ہے بلکہ اس وقت جب فکر کی راہیں مسدود ہو جاتی ہیں اور سوچ کا کارواں ایک گسی پٹی شاہراہ پر گام زند ہوجاتا ہے" (43) ساڳيو مصنف ادب براءِ زندگي جي تعريف هئين ٿو ڪري ته فکر کی لہریں، خیال، معنٰی اور اصلوب کے کس نئی صورت کو پیدا کرتی ہیں اور یوں ادب کو بھی صرف تازگی مل جاتی ہے بلکہ اس کا ناتہ زندگی سے یوں ہی قائم رہتا ہے اور یہ مستقبل پر بھی اثر انداز ہوتا ہے دنیا کے ہر خطی کا زندہ ادب فکر کے مختلف لہروں سے متصدم ہوتا ہے۔" (44) حالتن تحت اڀرندڙ فڪر پراڻي فڪر جي / ادب جي نفي ڪندي پنهنجي جاءِ / مقام والاري ٿو جاءِ والاريندڙ فڪر جي اندر ڪمزور حصو وقت ۽ حالتن تحت مستقبل ۾ وري نئين فڪر جي اچڻ کان پهرين پنهنجي حيثيت مڪمل ظاهرڪري ٿو جنهن ۾ وڌيڪ اصلاح ڪرڻ جي جاءِ نه ٿي رهي . هر نئون فڪر هڪ ئي وقت ( اک ڇنڀ ۾) اڀري سامهون نه ايندو آهي پر حالتن تحت خاص وقت ۽ مقام ۾ هوريان هوريان مقداري تبديليءَ کان معياري تبديلي طرف ويندي پورهيت عوام اندر پنهنجا اثر ڇڏيندي پهرين ماحول کي تيار ڪري ٿو ۽ پوءِ اڀري سامهون اچي ٿو جتي پراڻي ۽ نئين ادب جو ( فڪر جو) پاڻ ۾ ٽڪراءُ ٿئي ٿو اهو ٽڪراءُ اهو واضع ڪري ٿو ته هي ادب جيڪو بيٺل پاڻيءَ جيان پنهنجي اندر ڌپ ڪري ويو آهي اهو ادب، ادب براءِ ادب آهي هتي هي ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته پراڻي فڪر جي نفي مختلف رخن کان ٿي سگھي ٿي پر ان جو صحيح رخ ارتقا صرف اها ٿي سگھي ٿي جيڪا سماجي ۽ معاشي حرڪت جي عين مطابق هجي . ادب براءِ زندگي جيڪو پنهنجي دور جي حالتن جي عڪاسي ڪندي پراڻي ادب جي نفي ڪري ٿو . هي ادب 80 سيڪڙو عوام جي فڪري آبياري ڪندي سماجي تبديليءَ لاءِ راهه جو تعين ڪري ٿو، اها نفي/ اهو فڪر/ اهو ادب جيڪو پنهنجي جوهر ۽ ماهيت ۾ نه صرف مادي آهي بلڪ پورهيت پرتن لاءِ آهي اهو ادب براءِ زندگي آهي. هي ادب ارتقا ۾ رهي ٿو .

نچوڙ:

1. جيڪو ادب وقت ۽ حالتن تحت پراڻو ٿي چڪو آهي ۽ اڳتي ارتقا جي سگھه وڃائي ويٺو آهي. پورهيت عوام ۾ پنهنجي اثر ڇڏڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي اهو ادب، ادب براءِ ادب آهي.
2. جيڪو ادب پنهنجي دور جي حالتن جي صحيح عڪاسي ڪندي پراڻي ادب جي نفي ڪري ٿو اهو ادب 80 سيڪڙو پورهيت عوام جي فڪري آبياري ڪندي سماجي تبديلي لاءِ راهه جو تعين ڪري ٿو اهو ادب براءِ زندگي آهي.
3. اها نفي/ اهو فڪر / اهو ادب جيڪو پنهنجي جوهر ۽ ماهيت ۾ نه صرف مادي آهي بلڪه پورهيت پرتن لاءِ آهي اهو ادب ارتقا پسند ادب آهي.
4. ادب براءِ بندگي وارو خيال سواءِ ادبي مو نجهاري جي ٻيو ڪجهه به نه آهي.
5. هر نئون فڪر جيڪو اسان کي نئون محسوس ٿئي ٿو ۽ نئون به آهي. پرحقيقت ۾ اهو پراڻي فڪر جي نفي آهي.
6. ڪو به نئون فڪر هڪ ئي وقت اڀري سامهون نٿو اچي پر آهستي آهستي ارتقا ڪري ٿو . ۽ سندس ارتقا جو دور مدار حالتن تي آهي.
7. زمان ۽ مڪان پراڻي ۽ نئين فڪر جي فرق کي واضع ڪن ٿا، ادب براءِ ادب ۽ ادب براءِ زندگيءَ کي واضع ڪن ٿا.