لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ

ارباب صاحب شاعري ۽ ڪهاڻيون تمام گهٽ لکيون آهن جڏهن ته سندس سياسي ادب وڌيڪ لکيل آهي. ارباب صاحب سياسي اڳواڻ پڻ رهيو آهي ۽ هن سياست جي شروعات ’’پروگريسو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘‘ سان ڪئي ۽ 1977ڌاري ٻين سياسي ڌرين سان ملي ڪري ’’سنڌ وطن دوست انقلابي پارٽي‘‘ جوڙي هن پارٽي جو ترجمان رسالو ’’آڳڙائي‘‘ جاري ڪيو ويو جنهن ۾ قومي آزاديءَ جي پروگرام کي طبقاتي فڪر جي نظر سان لکيو ۽ پيش ڪيو ويو 1985ع ۾ هن پارٽيءَ جي نه صرف پروگرام ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي بلڪ انقلابي پارٽي مان اصلاحات واري پارٽي جوڙي ان جو نالو ’’وطن دوست انقلابي پارٽي‘‘ رکيو جتي نه صرف سنڌ لفظ کي پارٽي جي نالي مان حدف ڪيو ويو بلڪ مزدور جي انقلابي ڪردار کان پڻ انڪار ڪيو ويو ساڳي وقت ارباب صاحب پنهنجي ڪتابچي ’’عوامي جمهوري انقلاب‘‘ ۾ طبقاتي فڪر جا حوالا ڏئي اهو ثابت ڪيو ته سنڌ ۾ انقلاب نه ايندو پر پاڪستان ۾ ايندو ! ارباب صاحب جي نئين پارٽيءَ ملڪ (پاڪستان) گير سياست ۾ حصو وٺڻ لاِ سرگرم ٿيندي پنهنجي سياسي ترجمان رسالي جو نالو ’’سرواڻ‘‘ رکيو ارباب صاحب جڏهن قومي انقلاب جي ڳالهه ڪئي يا جڏهن عوامي جمهوري انقلاب جي ڳالهه ڪئي ٻنهين صورتن ۾ هو طبقاتي فڪر کي هٿيار طور استعمال ڪري ٿو ۽ جڏهن پاڪستان جي عوام لاءِ سندس دل ۾ احساس اڀري ٿو ته شعوري طور يا لا شعوري طور پنجاب جي پورهيت ۽ سرمائيدار جو احساس سندس جيءَ کي جهوري وجهي ٿو ۽ ان جو اظهار ’’عوامي جمهوري انقلاب‘‘ ڪتابچي ۾ ڪري ٿو. اسين نٿا سمجهون ته ڪو مارڪسي فڪر جا /طبقاتي فڪر جا ٻه روپ آهن ڇاڪاڻ ته اها سوشل سائنس آهي ۽ جواب هڪ ئي ٿيندو – ته پوءِ يا ته ارباب ۾ اها اهليت نه هئي جو طبقاتي فڪر کي سمجهائي يا اهو به ممڪن آهي ته سنڌ ۾ 1983ع ۾ جيڪو ترقي پسند /انقلابي ماحول جڙيو هو ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪن ڳجهن ادارن ارباب کان اهو لکايو هجي يا خود ارباب صاحب جي پيداوار ڳجهن ادارن جي هئي جو ارباب پورهيت جي انقلابي ڪردار کي هڪ طرف ڪري فوجي ۽ بيروڪريسي کي انقلابي سمجهي ٿو /سمجهائي ٿو.
1983ع ۾ بظاهر ارباب جو ادب ۽ ڪردار ترقي پسند نظر اچي ٿو پر جي ايم سيد ۽ ارباب ان دور جي حالتن ۾ جيڪو سنڌ جي عوام سان دوکو ڪيو اهو تاريخي آهي. جي ايم سيد، ضياء الحق کي شريف النفس ڪوٺي عوام جو رخ سنڌ بجاءِ ٻئي طرف موڙيو، ارباب عوام جي انقلابي اڀار کي مايوسي جي ڌٻڻ ۾ لاهي ڇڏيو، جڏهن ته دلشاد ڀٽو ’’سنڌ دوست انقلابي تنظيم‘‘ جي پليٽ فارم تان خود سٺي نوڪري حاصل ڪندي عوام کي غلامي جو طوق ڏنو. سنڌ جي قومي اڳواڻن جي ايڏي بي رخي ڇا مطلب رکي ٿي؟ ڇا سنڌي تخليق ڪار خودغرض اناپرست ۽ بي حس نه آهن؟ ذهن ۾ اٿندڙ اهڙن سوالن تي ارباب صاحب جا هي لفظ پئٽرول جو ڪم ڪن ٿا ته ’’فوجي آپريشن جيڪو اسان کي گندو لڳي ٿو پر اهو عمل ۾ تاريخي رول ادا ڪندو‘‘ (1) هتي ارباب جو اشارو 1983 ۽ 1986 ۾ ٿيل سنڌ ۾ فوجي آپريشن ڏي آهي ۽ سندس خيال آهي ته ان عمل سان ڳوٺاڻا لڏي شهرن ۾ ايندا ۽ پورهيت پيدا ٿيندا ارباب صاحب جي ان فلسفي تي سنڌ جو ڌاڙيل پڻ عمل ڪري رهيو آهي صرف نوعيت جو فرق آهي!
ارباب صاحب جو مارڪسزم بنيادي طور تي اربابزم آهي جنهن ۾ سنڌ سان نه ٺهڪندڙ حالتن جا مثال ڏئي عالمي ڪميونسٽ فڪر کي ڪوڙو ڪري ٿو / ان کي داغدار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ’’اسين مسڪين مارو ماڻهو قومي سرمائيدار جي شان ۾ گستاخي نه ٿا ڪري سگهون اها سڄي دنيا جي ڪميونسٽ پارٽي جي شرارت آهي‘‘ (2) ارباب صاحب جو فڪر هن وقت نه سنڌ ۾ رهيو آهي ۽ نه وري پاڪستان ۾ - جنهن ٽريڊ يونينزم کي هن ’’اربابزم‘‘ ۾ مٿانهون رکيو اڄ اهو ادب مدي خارج ٿي چڪو آهي. ارباب جو مجموعي ادب، هڪ غدار ادب آهي، جيڪو نه ئي سنڌ سان سچو آهي ۽ نه وري طبقاتي فڪر سان سچو آهي.

حوالا

نمبر مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو ادارو جنهن ڇپرايو سن صفحو

1 ارباب کهاوڙ ڊاڪٽر هفتي وار برسات جلد نمبر 14 يوسف شاهين 14-08-1987 انٽرويو
2 ارباب کهاوڙ ڊاڪٽر عوامي جمهوري انقلاب پنهل ساريو 1987 34