لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• مجتبى راشدي

جڏهن به ڪو انسان تاريخ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿوته تاريخ سندس ان عمل کي محفوظ ڪري ڇڏي ٿي جيڪڏهن توهان پنهنجي زندگيءَ جو ڪجهه وقت سماجي ارتقا/ فن ۽ فڪر کي ڏيو ٿا ته اهو تاريخ ۾ توهان جي فڪري جاڳرتا جو ثبوت پيش ڪري ٿو ان جو مثال رشيد احمد ڀٽي صاحب جو آهي جنهن مجتبى راشديءَ کي علم ۽ ادب جي راهه ڏيکاري جڏهن ته راشدي صاحب اڻ پڙهيل هو. راشدي صاحب جتي پنهنجي فن۽ فڪر ۾ جتي سنجيدو آهي اتي هو تسلسل کي ڇڏي وڃي ٿو جيئن اسان عرض ڪيو ته راشدي صاحب جي شعوري ارتقاء ۾ رشيد ڀٽي جو حصو هو نتيجي طور راشدي صاحب جتي پنهنجي فڪري مضمونن ۾ مارڪس فڪر جو ذڪر ڪري ٿو اُتي ان کي تنقيد جو نشانو پڻ بڻائي ٿو وڏي ڳالهه اها نه آهي ته راشدي مارڪس تي تنقيد ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته مارڪس تي پوري دنيا ۾ تنقيد ٿيندي رهي ٿي پر راشدي صاحب مارڪس جي جنهن خيال کان انڪار ڪندي تنقيد جو نشانو بڻائي ٿو ان ئي خيال کي سٺو پڻ سمجهي ٿو. ٻيو ته مارڪس جي خيال کي پيش ڪرڻ جو انداز جيڪو راشدي صاحب جو آهي اهو بيان آهي. بقول راشدي صاحب جي ته ـ‎ ’’مان سوشلسٽ سوچ رکندي به مارڪسي نظريئي کان غيرمطمئن آهيان مارڪس جي هن خيال کان ته علم کان انسان جي حستي وجود ۾ نه ايندي آهي. بلڪ هي هن جو سماجي وجود هوندو آهي جنهن کان هن جي حستي وجود ۾ ايندي آهي. منهنجي خيال ۾ ته هر سماجي زندگي گذارڻ وارو جاندار پنهنجي علم ۾ وسعت پئدانه ڪري سگهيو آهي جنهن جو هڪ مطلب هي به ٿيو ته صرف سماجي وجود علم جو ذريعو نه آهي‘‘ (1) مٿي ڏنل مارڪس جو قول اصل ۾ هي آهي ’’ماڻهن جو شعور وجود جو تعين نٿو ڪري پر ان جي برخلاف ماڻهن جو سماجي وجود انهن جي شعور جو تعين ڪندو آهي‘‘ (2) اسان جيڪو دليل طور مارڪس جو خيال ڏنو آهي راشدي صاحب شايد ان کي پنهنجن لفظن ۾ پيش ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو ان جو تفصيل نه ڏنو ويو آهي. هتي راشدي صاحب کي جيڪو مارڪس کان اختلاف آهي. اهو مارڪس کي نه سمجهڻ جي ڪري آهي. راشدي صاحب مارڪس کي تسلسل ۾ سمجهڻ بجاءِ ان کي ٽڪرن ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو وڏي ڳالهه ته بي صبري جو مظاهرو وڌيڪ ڪري ٿو. جنهن خيال کان انڪاري آهي ان جو خود اقرار هن ريت ڪري ٿو ’’انسان ۾ شعوري صلاحيتون فطرت جي عام رويي کان نه بلڪ انسان جي سماجي حالتن کان وجود وٺن ٿيون مطلب ته جيڪڏهن انسان جو سماجي وجود نه جڙي ها ته ان ۾ شعوري صلاحيتون به پئدانه ٿي سگهن ها‘‘ (3)
مارڪسي فڪر جيڪو هڪ ارتقا پسند علم آهي جتي سماج کي صرف هڪ رخ سان نه پر گهڻ رخي تجريدي طريقي سان ڏٺو وڃي ٿو، جڏهن ته راشدي صاحب جو تنقيدي معيار تمام هيٺائون آهي. جڏهن هو پاڻ اهو قبول ڪري ٿو ته سماجي وجود جي بدولت شعوري صلاحيتون جڙن ٿيون، ته مارڪس جي چيل لفظن (خيال)کي ته سماجي وجود شعور جو تعين ڪري ٿو. قبول ڪرڻ انڪار کان وڌيڪ اهميت رکي ها. راشدي صاحب لاءِ جيئن اسان عرض ڪيو ته هو ٽڪرن ۾ مارڪس کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر جنهن خيال کان راشدي صاحب انڪاري آهي ان سلسلي ۾ مارڪس جو وڌيڪ خيال آهي ته ’’انسانن جي سماجي تاريخ انهن جي انفرادي ارتقا جي تاريخ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. چاهي اهي هن جو شعور رکندا هجن يا نه. انهن جا مادي تعلقات انهن جي سموري تعلقات جي بنياد تي آهن. هي مادي تعلقات اهي ضروري شڪليون آهن جن جي اندر انسانن جون مادي ۽ انفرادي سرگرمي ٿيندي آهي.‘‘ (4)
ڏٺو وڃي ته مارڪس پنهنجي تعليم / فڪر ۾ وسيع نظر رکندي مبهم انداز اختيار نٿو ڪري ۽ شعور جي سرجڻ جا بنياد مادي سبب واضع ڪري ٿو. هونءَ به مقرر کي پنهنجو فڪر ڏيڻ وقت پنهنجو موقف واضع رکڻ گهرجي ۽ مبهم رويو اختيار ڪرڻ نه گهرجي راشدي صاحب، مارڪس تي تنقيد ڪندي پنهنجو هڪ نئون فڪر ڏيئي ٿو پر ان ۾ مبهم رويو اختيار ڪري ٿو ٻيو ته شين کي هڪ سادي نظر سان ڏسي ٿو بقول سندس ته ’’شڪاري دؤر جڏهن غلامي جي دؤر ۾ تبديل ٿئي ٿو تڏهن اهڙي تبديلي جو محرڪ لوهه جو اوزار آهي پر جڏهن غلامي دؤر جاگيرداراڻي سماج يا دؤر ۾ تبديل ٿئي ٿو ته اهڙي تبديلي ۾ ڪنهن به نوعيت جي تخليقي قوت يعني اوزار جهڙي شيءِ جو عمل دخل نظر نٿو اچي اهڙي طرح جاگيرداراڻي دؤر جو صنعتي شڪل ۾ تبديليءَ جو سبب ٻاڦ جي انجڻ ٻڌايو ٿو وڃي پر صنعتي دؤر جو سوشلزم دؤر ۾ تبديل ٿيڻ لاءِ ڪنهن تخليقي عمل جو ذڪرٿيل نه آهي تنهن ڪري ٿيو ائين ته هڪ نوعيت جي پئداواري اوزارن کان ٻن دؤرن جو تصور جنهن کان هي ثابت نٿو ٿئي ته سڀ دؤر پئداواري تبديلين يا پئداواري اوزارن جي تبديلين جو لازمي نتيجو آهن.‘‘ (5)
هتي راشدي صاحب اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته سماج اندر/معاشي رشتن ۾ جيڪا ارتقاٿي آهي اها ارتقا پئداواري طور طريقن ۾ نواڻ جو يا اوزارن جو نتيجو نه آهي. راشدي صاحب مٿين تنقيد شروع ڪندي پنهنجي روايت مطابق ڪنهن ڏاهي جي چواڻيءَ جا لفظ ابتدا ڪري ٿو پر اهو مارڪس جي خيال کي تنقيد جو نشانو بڻائي ٿو مارڪس چيو هو ته هر دؤر کي پنهنجي اوزارن سان سڃاتو وڃي ٿو‘‘. پر مارڪس وڌيڪ چيو هو ته ’’انسان جي پيداواري قوتن جي ارتقا ۾ ڪنهن به مرحلي کي وٺو توهان کي ڏيتي ليتي (Commerce) ۽ کپت جي مخصوص شڪل ملي ويندي. پئداوار، ڏيتي ليتي ۽ کپت جي ارتقا ۾ ڪنهن خاص مرحلي کي وٺو. توهان کي خاص سماجي ساخت، طبقن، حلقن ۽ خاندانن جي خاص تنظيم يعني هڪ مخصوص انساني سماج ضرور ملي ويندو‘‘. (6) مارڪس جي مٿئين خيال کي ڏيڻ جو واحد سبب هي آهي ته راشدي صاحب جو خيال توهان با آساني سمجهي سگهو. اسان جو خيال آهي ته راشدي صاحب پئداواري قوتن جي عملي سرگرميءَ کي سمجهڻ بجاءِ اهيو سوال اٿاريو آهي. پئداواري قوتون، پئداواري عمل مان گذرندي گهرج مطابق تخليقي عمل ذريعي اوزارن ۾ جدت آندي آهي ان جدت /نواڻ جتي ڪرت ۾ سهولت پئدا ڪئي آهي اُتي پئداواري ذريعن کي ڪتب آڻڻ واري عمل ۾ پڻ نون معاشي رشتن کي جنم ڏنو آهي شڪاري دؤر ۾ جيڪو رشتو انسان جو لوهه سان جڙيو آهي اهو اڄ به قائم آهي. پر جڏهن گهوٻي، چنجور، ڪهاڙي، هر، گاڏي (ڦيڦو) ڏاند وغيره جو ذڪر ٿيندو ته اسان جي ذهن ۾ جيڪو دؤر اڀرندو اهو جاگيرداري وارو هوندو ڇو؟ ڇاڪاڻ جو اهي ان دؤر جي علامت آهن ٻيو ته اهي اوزار ڪنهن هڪ ڏينهن ۾ تخليق نه ڪيا پر وقت ۽ حالتن تحت گهرج مطابق پئداواري قوتون تخليق ڪنديون رهيون آهن وڏي ڳالهه ته اهي اوزار نسل در نسل استعمال ٿيندا رهياپوين نسل جيڪي اوزار نوان تخليق ڪيا ايندڙ نسل انهن کي استعمال ڪرڻ لاءِ مجبور رهيو آهي جڏهن اسان اهو چئون ٿا ته ٻاڦ جي انجڻ سرمائيداري جي علامت آهي ته اسان اهو وساري وڃون ٿا ته ٻاڦ جي انجڻ خود جاگيرداري دؤر ۾ جيڪا تخليقي ارتقا ٿئي آهي ان جي پئداوار آهي اهڙي طرح کپت ۽ مٽا سٽا جا قانون آهن. جڏهن ته جنس – در – جنس جي نظام جي ڳالهه ايندي ته جاگيرداري دؤر ڏي خيال ويندو پر زرِ – جنس – زرِ جو خيال ايندي ئي سرمائيداري دؤر جو تصور اڀري ٿو ۽ اهي تصور خود پئداواري اوزارن جي ارتقا مان جنم وٺندڙ نون معاشي رشتن جي ڪري اڀريا آهن. اهڙي طرح جڏهن پئداواري قوتون نون اوزارن جي تخليق ڪندي نون معاشي رشتن کي جنم ڏيڻ ٿيون ته استحصالي طريقا پڻ تبديل ٿي وڃن ٿا. هاري وٽ ڪرت ۾ ڪتب ايندڙ سنجٽ سندس ذاتي ملڪيت آهي جڏهن ته جيڪا پئداوار اچي ٿي ان سان جيڪي هن جا رشتا جڙن ٿا سي اهي ته هو پهرين ان پاڻ ڪتب آڻي ٿو ۽ واڌو ان کي منڊيءَ ۾ کپائي ٿو جڏهن ته مزدور وٽ نه سنجٽ ذاتي ملڪيت ۾ آهي ۽ نه وري شي پهرين خود استعمال ڪري ٿو پر هو پنهنجي محنت جو ڪجهه حصو وصول ڪري ٿو ۽ باقي استحصالي قوتون ڦٻائي وڃن ٿيون ٻاڦ جي انجڻ جو نالو ٿا وٺئون ته اصل ۾ اسين ميڪانڪ حرڪت جي ڳالهه ڪيون ٿا ۽ اها حقيقت آهي ته ڪهاڙي ۽ ٻاڦ جي انجڻ جي ايجاد ڪنهن ايئٽم بم کان گهٽ نه آهي راشدي صاحب دورن کي اوزارن سان سڃائڻ واري خيال کان انڪاري آهي پر اسان جو خيال آهي ته خود تهذيب، ادب، فن ۽ فڪر پڻ ان اوزان معرفت سڃاتو وڃي ٿو. شڪاري دؤر ۾ انسان بُتَ ڇو نه ٺاهيا؟ موهن جي دڙي ۾ اڄ واريون جايون ڇو نه تخليق ڪيون ويون؟ ڇاڪاڻ جو اهي اوزار نه ها جيڪي ان فن لاءِ گهربل هئا ۽ نه ئي اهو ماحول هو.
راشدي صاحب کي مارڪس جي جدلياتي فڪر تي پڻ اعتراض آهي ۽ چوي ٿو ’’مان مٿي چئي آهيو آهيان ته جدلي اصول ۽ مارڪس جا جدلي اصول بنيادي طور هڪ شئي نه آهن‘‘. (7) مارڪس جي جدليات، راشدي صاحب کي ان ڪري پسند نه آهي جو ان ۾ مسرت بک ۽ جنسيات جو ذڪر نه آهي، جتي مارڪس جدليات جو رَدُ پيش ڪيو ٿو وڃي اُتي ٻٽن معيارن واري جدليات جو اصطلاح ڏيئي ٿو جيڪو خالص سندن تخليق آهي. جدلي فڪر جو رَدُ هن ريت ڏئي ٿو ته. ’’البته مارڪسي سوشلزم کي مارڪس جدليات جي سائنس قبول ڪندي جيڪڏهن اسان هي فرض به ڪيون ته اسان جا هي سڀ آفاقي تصور جا اعلى سماجي روايتون ڪنهن نه ڪنهن پهلوءَ کان مارڪس جدليات جو نتيجو آهن ان ڪري جو انهن جون محرڪ قوتون، خوف، مسرت، بک ۽ جنسيات واضع طور جدلي ماديت جو نتيجو آهن، تڏهن به مارڪسي نظريو جدلي ثابت نٿو ٿئي ان ڪري جو مارڪسي سوشلزم مسرت ۽ خوف جي جبلتن کان بيگانو سماجي عمل آهي، جنهن کان ارتقا ڪرڻ جا چانس سائنسي يا جدلياتي اصولن کان پنهنجو پاڻ محدود ٿيل آهن‘‘. (8) جهڙي طرح مٿي راشدي صاحب، مارڪس جي جدليات کي غير سائنسي سمجهي ٿو اهڙي طرح مارڪس جي اتفاق واري خيال تي پڻ اعتراض ڪري ٿو جڏهن ته خود سنڌ جي آزادي لاءِ چوي ٿو ته اها حادثاتي طور آزاد ٿيندي يعني مارڪس اتقاق جي ڳالهه ڪري ٿو ته اها غلط آهي پر پنهنجي لاءِ اها پابندي نٿو رکي راشدي صاحب جو اهو پڻ خيال آهي ته ’’انسان جو مڪمل فطري نظام (شڪاري دؤر) ته غيرطبقاتي رهي سگهي ٿو. جيئن جانورن جو سماج آهي، پر فطرت جي مهذب شڪل يعني فطرت جو شعوري ڪردار غيرطبقاتي نٿو رهي سگهي. جيڪڏهن جبرن غيرطبقاتي نظام مڙهيو ويندو ته معاشرو ارتقا ڪرڻ ڇڏي ويندو جيئن رشين معاشري جي ان نسلي ارتقا ڪرڻ محدود ڪري ڇڏي جنهن ان جنت نما غير طبقاتي معاشري ۾ اک کولي‘‘ (9) هتي مصنف اها وضاحت نه ڪئي آهي ته فطرت جي ارتقا ۽ انسان جي فطرت ۾ ڇا فرق آهي ڇاڪاڻ ته فطرت جي ارتقا ۽ انسان جي ارتقا جيڪي هڪ ٻئي جي مخالف رخ ۾ ارتقا ڪن ٿيون جن کي مارڪس ۽ اينگلس ڪافي چٽو ڪري پيش ڪيو پر راشدي صاحب صرف اهو سمجهائي ٿو ته شڪاري دؤر جي اشتراڪيت فطري ۽ سٺي هئي پر شعوري طرح غير طبقاتي نظام غلط آهي ڇاڪاڻ جو ان معاشري مان تخليق جو عنصر ختم ٿي وڃي ٿو هن لاءِ رشين معاشري جو مثال پيش ڪري ٿو اسان جو خيال آهي ته شڪاري دؤر جي اشتراڪيت ان دؤر جي حالتن ۽ ماحول جو جبر هئي جڏهن ته سوشلزم، قديم اشتراڪي دؤر کان اڄ تائين جي فڪر جي ارتقا جو نتيجو آهي ان مان تخليق جو عنصر ختم نٿو ٿي سگهي. پر جي اسين راشدي صاحب کان معلوم ڪيون ته تخليق جو عنصر ڇو ختم ٿي ويندو ته هن جو خيال آهي ته ڪنهن شخص کي اهو يقين ٿي وڃي ته نه سندس گهر آهي ۽ نه گهاٽ ته پوءِ اهو تخليق ڇاجي لاءِ ڪري ٻين لفظن ۾ تخليق جو ڪارڻ ذاتي ملڪيت آهي جڏهن ته اسان جو خيال آهي ته خود ذاتي ملڪيت جي تصور فڪري ارتقا ۽ معاشي حالتن مان جنم ورتو آهي. غير طبقاتي سماج ۾ تخليق جي رڪجڻ جو ٻيو سبب راشدي صاحب وٽ اهو آهي ته جي معاشري مان تشدد ۽ تسلط نڪري ويو ته تخليق نه ٿيندي ۽ انسان ارتقا ڪرڻ ڇڏي ڏيندو ڇاڪاڻ جو خواهشن جي وچ ۾ جيڪو ٽڪراءُ آهي اهو ختم ٿي ويندو ۽ تخليقي عمل رڪجي ويندو راشدي صاحب جو فڪر پنهنجي جاءِ تي پر جديد سامراجيت جي وصف ڪجهه هن ريت آهي ته جديد سامراجيت تعصب، تشدد ۽ تسلط چاهي ٿي آزادي نه. تشدد ۽ تسلط تخليق جو ڪارڻ نه آهن پر اهي خود خواهشن جي استحصال جو ڪارڻ آهن جيستائين ٽڪراءُ
( تفاد) جو خيال آهي ته اهي غير طبقاتي سماج ۾ نه رهن ٿا ته پر انهن جي نوعيت مٽ آهي اهو سٺي کان سٺي جو نقاد آهي پر جيئن ته راشدي صاحب ذاتي ملڪيت ۽ تشدد، تسلط تي پنهنجي فڪر جو بنياد رکيو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته مجموعي اجتماعي تخليقي عمل کان انڪار ڪيو وڃي. مصنف جن ٻن معيارن واري تفادن تي راشدي سوشلزم جو بنياد وڌو آهي ان کي هن ريت بيان ڪري ٿو. ’’حقيقت هي آهي ته انقلاب جي شعوري عمل کان معاشرو اهڙي غلطي ڪري سگهي ٿو جنهن کان هو فطرت جي بنيادي نقادن تي پنهنجي جذبن کي ترجيح ڏني وڃي، جيئن سوشلزم انقلاب ۾ ٿيو، پر ارتقا جو عمل غير سائنسي نٿو ٿي سگهي هو مستقل ۽ مثبت ٿئي ٿو جيئن شڪاري دؤر کان غلامانه سماج جا جاگيرداراڻي دؤر کان صنعتي سماج جو تفاد مثبت ۽ واپس نه ٿيڻ وارو ثابت ٿيو اهڙي طرح بتدريج شڪل ۾ انقلابي عمل کان سواءِ جيڪو سوشلزم نافذ ٿيندو اهو تاريخي ماديت جو حقيقي ۽ مثبت ڪردار هوندو اهو ڪهڙي شڪل ۾ هوندو جنهن جو تصور پهرين کان نٿو ڪري سگهجي‘‘. (10)
راشدي صاحب سماجي ارتقا کي ٻاراڻي راند سمجهندي سماج معاشي جدوجهد (انقلاب کان) انڪارڪري ٿو هو غلامن جي بغاوت کان منهن موڙي ڇڏي ٿو ۽ هارين جي جاگيردارن جي خلاف بغاوت ۽ جدوجهد کي وساري ڇڏي ٿو نتيجي طور هن کي فطرت ته نظر اچي ٿي پر بغاوت نه! جڏهن ته پوري تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته سماج جي هڪ منزل ايترو آسانيءَ سان نه آئي آهي جتي نئون تفاد پراڻي تفاد تي ان وقت تائين سوڀارو نه ٿيو آهي جيستائين سياسي جدوجهد (معاشي جدوجهد) پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو هجي. جڏهن راشدي صاحب طبقاتي فڪر تي تنقيد ڪندي ان خيال جو اظهار ڪري ٿو ته مارڪسزم ۾ خواهش، حسرتن، مسرتن، بک ۽ جنس جو عنصر نه آهي ته اتي اهو وساري وڃي ٿو ته خود طبقاتي ٽڪراءُ خواهشن جو ٽڪراءُ آهي. راشدي صاحب ذاتي ملڪيت جي وڪالت ڪندي/ لبيڊوفارم جي وڪالت ڪندي ان خوش فهمي جو شڪار ٿي ويو آهي ته مان سوشلزم کي نئون موڙ ڏيئي رهيو آهيان. اهڙي طرح کيس وهم آهي ته جي انقلاب ذريعي سوشلزم نه ايندو ڇو جو سماج مان تضاد ختم ٿي ويندا. پر اسان جو خيال آهي ته سماج مان تضاد ختم نه ٿيندا پر انهن جي نوعيت مٽجي ويندي جتي ذاتي ملڪيت وارو تصور ختم ٿي ويندو ۽ ’’اسان جي ملڪيت‘‘ جو خيال، سماج ۽ تخليقي عنصر ۾ جاءِ والاريندو. راشدي صاحب جتي مارڪسي فڪر کي تنقيد جو نشانو بڻائي ٿو اتي پيداواري قوتن جي عملي سرگرمي ۽ سياسي جدوجهد کان انڪار ڪري ٿو. هن کي مسرت، بک ۽ جنس نظر اچي ٿي پر سماج جي متحرڪ قوت جي معاشي جاڳرتا نظر نٿي اچي. هو لوئس مارگن. خاص ڪري اينگلس جي جنس متعلق ڏنل خيال (ڪتاب، خاندان ذاتي ملڪيت ۽ رياست جو آغاز) کان پڻ منهن موڙي ڇڏي ٿوجڏهن سوويت انقلاب تي نظر وجهي ٿو ته هو زميني حقيقت کان پاسو ڪندي سوويت يونين ۾ جيڪا سائنسي ارتقا ٿي آهي ان کي تخليقي عمل نٿو سمجهي ۽ انقلاب جي ناڪامي جو سبب صرف فطري جدليات کان منهرافي سمجهائي ٿو. جڏهن ته سوويت يونين جي جيڪا سامراجي قوتن ناڪابندي ڪئي ۽ داخلي طور مذهبي قوتن جيڪا غداري ڪئي ان کي وساري ڇڏي ٿو. هو پيداواري قوتن ۽ انهن جي تخليق ڪيل تاريخي قوت کي بي معنى سمجهي هڪ طرفو ڪري ڇڏي ٿو. راشدي- فرد ۽ تحريڪ جي ڪردار کي ڪابه اهميت نٿو ڏئي. نتيجي طور سوويت عوام جي تحريڪ کي هڪ نفسياتي عمل سمجهي ٿو.
نچوڙ
‎1- راشدي صاحب جيڪي مارڪس فڪر ۾ خاميون بيان ڪيون آهن هو انهن کي وسيع نظر سان سمجهائڻ ۾ ناڪام ويو آهي. ساڳئي وقت جنهن خيال کان انڪار ڪري ٿو ان کي سٺو پڻ سمجهي ٿو.
2- ٻن معيارن واري جدليات جو نه صرف اصطلاح ڏئي ٿو پر ان جي روشني ۾ پنهنجو هڪ مخصوص فڪر پڻ ڏئي ٿو.
3- راشدي صاحب مارڪس جي فڪر تي هڪ تسلسل ۾ بحث نٿو ڪري پر ٽڪرن ۾ ڪري ٿو.
4- پئداواري قوتن جي تخليقي ۽ انقلابي عمل کان انڪار ڪري ٿو.
5- هو قديم اشتراڪي نظام کي قبول ڪري ٿو پر شعوري غير طبقاتي انقلابي اشتراڪيت جو مخالف آهي.
6- راشدي صاحب سوويت انقلاب کي هڪ نفسياتي عمل سمجهي ٿو.
7- سوويت انقلاب جي ناڪاميءَ جا سبب سمجهائڻ بجاءِ هو صرف اهو چئي ٿو ته اهيو انقلاب غير فطري هو.
8- راشدي صاحب تاريخ ۾ پورهيت پرتن جي ڪردار کي معنى سمجهي ٿو.

حوالا

ن.م مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو اداري جو نالو جنهن ڇپرايو سن صفحو

1 راشدي مجتبى خدا، انسان ۽ جبلت ماجد پبلشر 1998 16
2 مارڪس تاريخي ماديت (سياسي معاشيات) ترقي ماسکو 1979 49
3 راشدي مجتبى خدا، انسان ۽ جبلت ماجد پبلشر 1998 99
4 اينگلس اور مارڪس منتخب تصانيف حصه چهارم دارالاشاعت ترقي ماسڪو 1974 123
5 راشدي مجتبى خدا، انسان ۽ جبلت ماجد پبلشر 1998 23-24
6 اينگلس اور مارڪس منتخب تصانيف حصه چهارم دارالاشاعت ترقي ماسڪو 1974 122-123
7 راشدي مجتبى خدا، انسان ۽ جبلت ماجد پبلشر 1998 23
8 راشدي مجتبى خدا، انسان ۽ جبلت ماجد پبلشر 1998 30
9 راشدي مجتبى خدا، انسان ۽ جبلت ماجد پبلشر 1998 19-20
10 راشدي مجتبى خدا، انسان ۽ جبلت ماجد پبلشر 1998 35-36