لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• حشمت ڪيولراماڻي

حشو ڪيولراماڻي جو سنڌي ادب ۽ سياست ۾ هڪ سٺو حصو آهي پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته هن شخص جي زندگي ۽ ادب متعلق تفصيل نه اچي سگھيو آهي، جڏهن ته هن جا سن ۽ نظرياتي دوست مارڪسي فڪر جا مشهور ڪردار رهيا آهن، پر انهن به هن استاد صفت مارڪسي ليکڪ جو تفصيلي احوال نه لکيو آهي. بقول ليکو تلسياڻي جي ته ’’1939 _ 1940ع’’ ڌاري حشو ڪيولراماڻي انگلينڊ مان موٽيو هو، اچڻ سان شاگردن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ وديارتي هلچل تي ڄڻ ته ڇائنجي ويو. ( Group Talks) ۾ نهايت اثرائتو ڳالهائيندو هو”(1) هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته حشو صاحب انگلينڊ مان واپس اچڻ کان پوءِ عملي طور طبقاتي جدوجهد ۾ حصو ورتو ۽ عوام ۾ خاص ڪري شاگردن ۾ ڪامياب ٿيو . بقول ليکو تلسماڻي جي ته ’’ سن 1940ع ۾ لڙائي جي دوران حشو ڪيولراماڻي، پريتم ٽهلراماڻي، سنتوش ڌرماڻي جو پڻ هلچل ۾ سرگرم هو گرفتار ٿيا هئا. حشوءَ کي ارڙهن مهينن لاءِ نظر بند رکيو ويو’’ (2) ان وقت جي حڪومت، حشوءَ کي قيد ڪيو هو جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هن جي سياسي هلچل حڪومت تي اثر انداز ٿي رهي. هن شخص جي نظرياتي بيهڪ ۽ سوچ ويچار تي محترم شيخ اياز، جي _ ايم _ سيد ۽ سوڀي گيانچنداڻي لکيو آهي. پر اهو هن جي زندگيءَ جو مڪمل تفصيل نه آهي. صرف اهو معلوم ٿئي ٿو ته هو سنڌ ۾ سياسي طور مشهور ۽ مقبول رهيو پاڪ ۽ هنڌ جي ورهاست کان پوءِ هو هندستان هليو ويو. حشو اتي سياسي طور مقبول ويو يا نه اهو ته معلوم نه ٿي سگھيو آهي پر اهو اشارو ملي ٿو ته هو ڪهاڻيون لکندو هو بقول نام ديوتارا چنداڻيءَ جي ته ’’ ٻين ٻولين اڳيان سنڌي ڪهاڻيءَ جو چهرو اڪثر ميڪ اپ ڪري پئي رکيو ويو آهي ( حشمت ڪيولراماڻي، موتي لعل جو تواڻي ۽ جنت ريلواڻي جيان، اهو اڪثر وڌيڪ ميرانجھڙو ٿي ويندو آهي ’’3) حشمت جو موت ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيو ۽ هن ڪيترا افسانا لکيا وغيرهه اهو احوال اسان کي معلوم نه ٿيو آهي ان لاءِ اسان کي افسوس آهي پر ڳالهه جيڪا اسان جي ذهن ۾ اچي ٿي سا اها ته حشمت ۽ ان جا دوست جيڪي طبقاتي جدوجهد سان لاڳاپيل ها انهن سنڌ جي 1943ع وارن حالتن جو فائدو نه ورتو خاص ڪري صبغت الله راشدي شهيد جي شهادت کان پوءِ جيڪا سياسي صورت حال اڀري ان ۾ هنن دوستن جو ڪو خاص ڪردار نه رهيو آهي، جنهن مان اهو انومان ڪڍي سگھجي ٿو ته حشمت سندس پارٽيءَ جا ڪارڪن صرف مڊل ڪلاس طبقن تائين محدود هئا ۽ پورهيت عوام ۾ انهن جو اثر گھٽ هو يا اهو پڻ ممڪن آهي ته حشمت صاحب وارن وٽ مڪمل هنڌ جي پورهيت عوام جي آزاديءَ وارو خيال وڌيڪ حاوي هجي جنهن ڪري انهن سنڌ جي حالتن مان فائدو حاصل نه ڪيو اهو سڀ تحقيق طلب آهي پر اها حقيقت آهي ته حشمت صاحب 1943ع واري سنڌ جي حالتن مان فائدو حاصل نه ڪندي هڪ تصوراتي سوشلسٽ جو ثبوت ڏنو آهي. بهرحال حشمت صاحب هڪ ئي وقت سياستدان ۽ اديب هو ۽ هن مارڪسي فڪر جي روشنيءَ ۾ سماجي ۽ معاشي حالتن کي ڏٺو.