• شمشيرالحيدري
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو،
تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو،
وقت جي سينڌ ڄڻ سنواري ويو،
پيار جي گهرج ناهي دنيا کي،
وقت اڄ واڳ پنهنجي واري ويو،
اهڙو مفلس نه ڪنهن ڏٺو هوندو،
هڪ دل سا به ڪٿي وساري ويو،
هڪڙو شمشير هو زماني ۾،
سوبه دنيا مان اڄ گذاري ويو.
شمشير صاحب پنهنجي دور جي ادبي ماحول کي قبول ڪندي جاگيرداري قدرن جي مخالفت واري خيال مطابق پڻ شاعري ڪئي آهي جتي هو پورهيت عوام، خاص ڪري مزدور جي محنت کي ساراهي ٿو بقول سندس ته:
مزدور جي محنت نظرانداز نه آهي
جهمورجوآهنگ بي آواز نه آهي
شب و روز نئين دور جي تعمير ڪريون ٿا
ڄاڻي ٿو زمانو به اهو راز نه آهي.
ڊاڪٽر غفورميمڻ جي چواڻي مطابق ته:
’’شمشيرالحيدري به انهن شاعرن مان آهي جن انقلابي فڪر ۽ نعري کي رومانوي انداز سان پيش ڪيو‘‘(1) پر اسان جو خيال آهي شمشيرصاحب فڪري طور پورهيت عوام کي طبقاتي فڪر جي روشني ۾ نٿو ڏسي پر هو سنڌي ادب ۾ جيڪا روايت رهي آهي ته شاعر پورهيت عوام لاءِ شاعري ڪندا رهيا آهن جيئن مرحوم گدائي صاحب بردو سنڌي وغيره. شمشير ان روايت ۽ حالتن جي گهرج مطابق ضرور لکيو آهي پر نظرياتي طور هن جو طبقاتي فڪر سان واسطو نه رهيو آهي.
حوالو
1 مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو ادارو جنهن ڇپرايو سن صفحو
2 غفور ميمڻ ڊاڪٽر سنڌي ادب جو فڪري پس منظر شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي 2002 488