• سياسي ۽ معاشي حالتون
( جاگيردارن ۽ بنياد پرستن ) ۽ ان کي ٽوريندڙ قوت وچ ۾ ٽڪراءُ ؛ جنهن ٻرندڙ جاگيرداري سماج ۾ بي دخل ٿيل پورهيت پنهنجي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ آخرت سنوارڻ لاءِ پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجن آقائن لاءِ وڙهندو رهيو . جڏهن ته خارجي طور قوم جي شڪل ۾ ڦورو قوتن کي اها شيءَ حاصل نه پئي ٿئي، جنهنجي انهن کي ضرورت هئي . جيڪڏهن حاصل ٿئي پئي ته اها ايتري ته گھٽ هئي جو سندن ڪارخانن جي لاءِ گھربل ڪچو مال پورو نه پئي ٿيو . ان لاءِ ضروري هو ته رياست جي صورت ۾ هڪ جديد هٿياربند فوج تيار ڪئي وڃي ۽ رياست جون واڳون روايتي شهنشاهه جي بجاءِ اڀرندڙ سرمائيدار قوت سنڀالي نتيجي ۾ يورپ ۾ خاص ڪري فرانس ۾ مادي مفڪر مابلي جي شاگرد بابيو جنهن فرانس جي انقلاب ۾ اهم رول ادا ڪيو هو .۽ کيس ( بابيو کي ) فرانس انقلاب اچڻ کان پهرين ماريو ويو ؛ جي سوشلسٽ رخ ۾ هلندڙ تحريڪ کي مٿين طبقي پنهنجي مفادن ۾ ڪتب آڻيندي نه صرف سياسي ادارن تي قبضو ڪيو بلڪ هيٺين طبقي کي هٿيار جي زور تي مجبور ڪيو ته اهو طبقو خاموش رهي . ڏٺو وڃي ته يورپ ۾ داخلي بغاوتن، قومي ٽڪراءُ ۽ ٽين دنيا ۾ ڏيهي ماڻهن سان ويڙهه بنيادي طور تي اسرندڙ سماج، سرمائيداري سماج جي اندر اڀرندڙ نون طبقن، مزدور ۽آقا جي سياسي ۽ معاشي مفادن جي جنگ هئي جنهن کي سرمائيدار قومي رنگ ڏنو .داخلي بغاوتن کي ٽن حصن ۾ ورهائي ماٺو ڪيو ويو ورخگا پهرين مڊل ڪلاس مان ايجنٽ خريد ڪيا ويا ٻيو ٽريڊ يونين جي اڳواڻن کي خريد ڪيو ويو ٽيون بهادر نوجوانن کي فوج ۾ ڀرتي ڪري يورپ ۽ ان کان ٻاهر پنهنجي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ جنگ جو ماحول تيار ڪيو ويو ۽ فوج کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ۽ سهولتون ڏنيون ويون ڏتڙيل ملڪن ۾ پهرين ڪمپني کولي اتان جي معاشي منڊيءَ تي قبضو ڪري لوڪل قوم کي نيم بيٺڪيت ۾ آندو نيم بيٺڪيت پٺ تي پيل ملڪن ۾ نوان سماجي ۽ معاشي رشتا جوڙيا ۽ ڏيهي پورهيت تمام سستي اگھه تي پنهنجي قوت وڪڻڻ لڳا ۽ قابض قوتن کي وڌيڪ استحصالي ناڻو حاصل ٿيو . جنهن يورو ۾ خاص ڪري برطانيه ۾ مالياتي ادارن کي جنم ڏنو ۽ سرمائيدار ابتدائي علائقائي سامراج جي شڪل ورتي . مالياتي ادارن کان قرض وٺي صنعت جو ڪاروبار ڪندڙ قوتن کي پهرين کان وڌيڪ استحصال جي ضرورت محسوس ٿي جنهن ۾ وڏي رڪاوٽ نين بيٺڪيت ۾ ڦاٿل ملڪن جو شهنشاهه حاڪم رهيو ان حاڪم کي هٽائڻ لاءِڦورو قوتن ڏيهي ماڻهن کي پنهنجي فوج ۾ شامل ڪري سندن ئي ملڪن تي قبضو ڪري بيٺڪيتي غلاميءَ ۾ آندو هن عمل جتي يورپ جي مالياتي ادارن کي مظبوط ڪيو اتي يورپ ۾ مزدورن جي وڏي انگ کي بي روزگار ڪندي کيس ٿوري ملهه تي ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ طبقاتي ٽڪراءُ هڪ نئون رخ اختيار ڪيو ٻئي طرف يورپ جي علائقائي سامراج کي ڪچي مال لاءِ منڊين جي کوٽ محسوس ٿي ڇاڪاڻ ته پوري دنيا جا ڏتڙيل ملڪ سندن قبضن هيٺ اچي ويا ( هن لاءِ ڏسو لينن جو مضمون سامراجيت – ترقي ماسڪو 1974 ع نتيجي طور سامراج جي اندر ٽڪراءُ پئداٿيو ۽ پهرين ڏيهان ڏيهه وڏي جنگ جنم ورتو جيڪا خاص منڊين جي ورهاست ۽ حالات لاءِ هئي ( ڏسو لينن جو ساڳيو مضمون) هن جنگ ۾ روس جي اندر آيل سوشلسٽ انقلاب علائقائي سامراج جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته هي انقلاب فرانس جي سوشلسٽ انقلاب کان مختلف هو نتيجي طور يورپ، آمريڪا ۽ خاص ڪري بيٺڪيتي ملڪن ۾ سوشلسٽ فڪر جي روشنيءَ ۾ تحريڪن جنم ورتو ۽ جن پنهنجي ملڪن ۾ ڌارين قومن کي نه قبوليندي آزاديءَ جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي معيشيت کي مستقبل ۾ سوشلسٽ رخ وٺائڻ لاءِ راهه تيار ڪئي جتي سوويت يونين عالمي مزدور تحريڪن لاءِ هڪ مرڪز ٿي اڀريو . يورپ ۾ طبقاتي تضاد ايترو ته اڀري آيو جو هٽلر ۽ ميسولوني کي پڻ سوشلزم وارو لفظ پنهنجي پروگرام ۾ شامل ڪري اڀرندڙ طبقاتي سوال کي ماٺو ڪندي مزدور کي پنهنجي مفاد ۽ مقصد لاءِ استعمال ڪيو سامراج دنيا ۾ سڀ کان وڏو زهر نفرت جو وڌو، قومي تعصب جو زهر !! عالمي سامراج ٿيڻ جي خواهش ۽ جديد هٿيارن هڪ ڀيرو ٻيهر ٻي وڏي جنگ لاءِ ميدان تيار ڪيو . برطانوي سامراج کي سڀ کان وڏي ڏکيائي ان وقت سامهون آئي جڏهن جرمن جديد ترين هٿيارن ۽ جھازن سان مٿن حملا شروع ڪيا ٻئي طرف سندس بيٺڪيتي راڄ ۾ حقيقي قومي تحريڪن هٿيار بند جدوجهد شروع ڪئي . ان جو ٽوڙ اهو ڪڍيو ويو ته جرمن جا سڀ رستا بند ڪري ان جو رخ سوويت يونين طرف ڪيو ويو ٽين دنيا ۾ قومي تحريڪن کي ڏيهي فوج معرفت دٻائي پنهنجي مرضيءَ مطابق حقيقي رياستن کي غير فطري رياستن ۾ ورهائي من پسند پارٽين ۽ لوڪل فوج معرفت جديد بيٺڪيت جو بنياد وڌو ويو . آمريڪا جي سائنسدانن اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو جيڪو جرمن سائنسدانن نٿي ڪرڻ چاهيو ۽ جڏهن هٽلر ائٽم بم استعمال ڪرڻ چاهيو ته جرمن سائنسدانن ان جو ساٿ نه ڏنو پوري دنيا ۾ بارود جي بوءِ ۽ انساني خون ڦهلجي ويو ۽ طبقاتي سوال ماٺو ٿي ويو . علائقائي سامراج عالمي سامراج جي شڪل اختيار ڪري ورتي. جديد بيٺڪيت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ دولت مشترڪا يو- اين- او وغيره جوڙيا ويا .۽ ڏتڙيل ملڪن مان فوج واپس گھرائي وئي ۽ غير فطري رياستن جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو ويو ڪجهه سالن جي ٺاپر کان پوءِ وري بغاوتن جو سلسلو جاري ٿيو جنهن کي روڪڻ لاءِ عالمي سامراج سوويت يونين جي خلاف سرد جنگ جا بنياد ان غير فطري رياستن ۾ وڌا. جيڪي رياستون هنن ٻئي وڏي جنگ دوران ۽ پوءِ آزاد ڪيون هيون . سرد جنگ لاءِ هٿيارن جي ڊوڙ، اقتصادي ناڪابندي، مذهبي تعصب، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اين – جي- اوز ۽ ان سان گڏ ٽين دنيا ۾ سماجي اوسر کي مصنوعي طريقي سان روڪي فرض سوشلسٽ پارٽيون جوڙي انهن جي اڳواڻن کي مارائي طبقاتي ٽڪراءَ کي روڪيو ويو ۽ سوويت يونين دنيا ۾ اڪيلو رهجي ويو . سوويت يونين وٽ ٻه رستا هئا هڪ ته هو ٽين وڏي جنگ لاءِ تيار ٿئي يا وري سوشلسٽ پروگرام بند ڪري نتيجي طور سوويت يونين داخلي ۽ خارجي دٻاءِ جو حل سوشلسٽ پروگرام کي معطل ڪندي ڏنو ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بغير جنگ جي رياستن جي عليحدگيءَ جو اعلان ڪيو. هتان سرد جنگ نئون رخ اختيار ڪيوآهي جيڪو آمريڪا ۽ يورپي يونين جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو آهي گلوبلائزيشن جي آڙ ۾ عالمي سامراج – جديد سامراج جي شڪل اختيار ڪئي آهي. جتي قومي غلاميءَ جي نئين شڪل جديد نيم بيٺڪيت اڀري سامهون آئي آهي، غلاميءَ جي هن ڪڙيءَ۾ لوڪل آمريت، عالمي آمريت جي آشيرواد تي ڏيهه واسين سان اهو سلوڪ ڪري ٿي جيڪو پهرين ڪڏهن نه ٿيو آهي. پوري دنيا هڪ فوجي رياست بڻجي وئي آهي. دنيا ۾ طبقاتي دهشتگردي وڌي وئي آهي. غربت چوٽ تي آهي. ورلڊ بئنڪ، آ – ايم-ايف، دولت مشترڪا، يو – اين – او جھڙن ادارن جي آڙ ۾ جديد سامراج وٽ پوري انسان ذات غلام آهي. سرمائيداري دور ۾ فڪري، ادبي اوسر ۾ دانتي (Dante) اهو پهريون شخص آهي جنهن قومي ارتقا لاءِ ٻوليءَ جي اهميت کي ساراهيو جتان يورپ ۾ مقدس ٻوليءَ خلاف ماحول تيار ٿيو جنهن جون ابتدائي حالتون سماج اندر جڙي چڪيون هيون جنهن جو اظهار دانتي ڪيو . انسان جي عملي سرگرمي، غور فڪر سائنسي سوچ کي هٿي ڏني. معاشرتي حرڪت نون پئداواري رشتن جي معرفت سماج ۾ مروج جاگيرداري ماحول تي سرمائيداري سماج جو بنياد وڌو جتي گھرجن پٽاندر ادب ۾ نئون فڪشن وجود ۾ آيو جنهن ۾ مادي زندگيءَ جي جھلڪ اڀرڻ شروع ٿي . عيسائي تعليم ۾ اشتراڪيت جي پيروڪار آگسٽن جي تصوراتي اشتراڪيت ۽ ذاتي ملڪيت خلاف جيڪا سوچ ڏني ان تعليم يورپ ۾، خاص ڪري برطانيه اندر هاري بغاوت نئون رخ اختيار ڪيو.ان دور ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي استاد جان وئڪلف اعتدال پسند ڪميونسٽ جو بنياد وڌو جڏهن ته چيڪو سلواڪيا جا جان حس، بلڪل الڳ ۽ پنهنجي نوعيت جي اشتراڪيت جو بنياد وڌو نتيجي طور ان دور جي بنياد پرست قوتن کيس جيئري باهه ۾ ساڙي ڇڏيو مارٽن لوٿر اصلاحي تحريڪ جو بنياد رکيو جڏهن ته جرمنيءَ جي ٿامس مئونيزر کانئس اختلاف رکندي جرمنيءَ جي هاري بغاوت ۾ عمل طور حصو ورتو نتيجي طور کيس چڪيءَ ۾ پيٺو ويو ( هن لاءِ ڏسو سبط حسن جو ڪتاب( موسٰی سے مارکس تک) ڏٺو وڃي ته مٿين بغاوت ۽ فڪر ۾ ٻه ڳالهيون واضع آهن هڪ ته ان فڪر جو سرو ڪليسائي اشتراڪيت سان مليل هو . ٻيو ۽ خاص نقطو ته پهريون ڀيرو سماج اندر طبقاتي ٽڪراءَ کي
( تضاد کي) محسوس ڪيو ويو پر سائنسي طريقي سان نه- پر انساني همدرديءَ جي بنياد تي ان ٽڪراءَ کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا خالص تصوراتي شڪل هئي جيئن چارلس ڦوريئر هڪ اشتراڪي ڳوٺ جوڙايو جنهن ۾ سڀ رهندڙ گڏجي ڪمائنيدا ۽ رهندا هئا . جنهن ڳوٺ ۾ چارلس ڦوريئر جي حيثيت آفاقي هئي . صوفيمت سوچ رکندڙ مفڪر اسپائينوزا پنهنجي فڪر ۾ مابعد الطبعيات کي پيش ڪندي ان جي سرجڻ جو بنياد فطرت تي رکيو اسپائينوزا جي سموري تعليم مان سوسائٽي متعلق سندس فڪر کي وڌيڪ موٽ ملي ۽ ان کي ساراهيو ويو( ڏسو ڊڪشنري آف فلاسفي – ترقي ماسڪو، 1974ع ) مشهور مفڪر ڊيڪارٽ پنهنجو ثانويت پسند نظريو ڏيندي روح ۽ مادي کي ٻه الڳ شيون ( حقيقتون ) ڪري پيش ڪيو ڊيڪارٽ جو چوڻ هو ته ( ( I think , therefore I am جنهن تي ماديت پسند تنقيد ڪئي وئي ته ( Iam therefore, I think) هن لاءِ ڏسو ڊڪشنري آف فلاسفي- ترقي ماسڪو. پورهيت پرتن جي ادراڪ ۽ تخليقي عمل لڳاتار عمل مان گذرندي مشينريءَ کي جنم ڏنو ته ميڪانڪ حرڪت ظهور ۾ آئي جنهن انساني سفر کي آسان ڪندي ادب کي پڻ متاثر ڪيو، جنهن جي جھلڪ خد ڊيڪارٽ جي لکڻين ۾ ملي ٿي – ڊيڪارٽ غور فڪر جي صلاحيت کي پئدائشي خصوصيت ( (Innate ideaڪري سمجھايو جڏهن ته جان لاڪ، هابس اورلاڪ جي ماجد پسند خيالن، خاص ڪري هابس جي فطري سماج خيال تي تنقيد ڪندي جتي تجربيت جي سوچ ڏني اتي اهو پڻ واضع ڪيو ته خلقي قانون جو ڪو وجود ناهي ( ڏسو فلسفي جو ابتدائي ڪورس از – موسيوپليز- ترجمو ابراهيم جويو ۽ موسٰی سے مارکس تک از سبط حسن ) جان لاڪ فڪر کي فرانس ۾ والٽر وڌيڪ پيش ڪيو – ڊيڪارٽ جي خيال پئدائشي خصوصيت جي مقابلي ۾ جان لاڪ جي خلقي قانونن ( Primary ( idea of sensation) and Secondary ( idea of reflection) Qualities) واري سوچ فرانس جي مابعد الطبيعات ماديت پسند مفڪرن لاءِ وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿي – هن لاءِ ڏسو ڊڪشنري آف فلاسفي –ترقي ماسڪو- بقول جارجيو پليخانوف ’’ ته خلقي قانون جي آڙ ۾ ماديت پسند مفڪرن جيڪو تخليق ڪيو اهو ته جان لاڪ جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ’’ (36) . رياضيدان ۽ صوفيمت جي پيروڪار لبنز (Leibniz-Gottfried-Wilhelm ) موناداس
( Theory of Mona doss) پيش ڪئي جنهن ۾ هن واضع ڪيو ته ڪائنات جو سارو مانڊاڻ ننڍڙن ذرڙن تي ٻڌل آهي جيڪو لامحدود آهن ۽ اهي ڪل ڪائنات جو جوهر آهن هن جي فڪر جو اثر لاپ لاس ( اڳتي ذڪر ايندو) ۽ آمريڪي مفڪر بي باؤن تي پيو جنهن پرسنلزم جو نظريو ڏنو پر پوءِ به لبنز جي فڪر کان وڌيڪ فرانسز بيڪن( Francis Bacon (1561- 1622 جي فڪر جو اثر رهيو فرانسز بيڪن پنهنجي پيشرو بيڪن روگر (Bacon Rograr 1214-1292) جي ماديت ۽ تجرباتي سائنس ( (Materialism and Experimental science کي نئين سري سان لاڳو ڪندي قديم يوناني مادي خيالن کي وسعت ۽ جٽادار رخ ۾ پيش ڪيو – ڏسو ڊڪشنري آف فلاسفي- ترقي ماسڪو- جڏهن ته فرانس جي مشهور مفڪر روسو ( Jacques- 1712-- 1778 Rousscace Jean) جان لاڪ جي فڪر جو سهارو وٺڻ بجاءِ هابس اورلاڪ جي فڪر کي قبول ڪيو ڇاڪاڻ ته جان لاڪ طبقاتي فڪر کان منڪر هو جڏهن ته هابس اورلاڪ قديم انساني سماج کي سمجھائيندي ان سماج کي ( فطر سماج) ڪوٺيو هو روسو جي فڪر جو به مکيه محور سماج ۾ اڻ برابريت هو روسو پنهنجي فڪر ۾ واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ماڻهو فطري طور خراب نه آهن پر سماجي حالتون ان جي خراب ٿيڻ جو سبب آهن پر جڏهن سندس ملاقات فرانس جي مشهور ماديت پسند مفڪر ڊڊرٽ Diderot – Dnis – 1713 – 1784)) سان ٿي ته هن پنهنجي مٿين خيال جي ترديد ڪندي چيو ته’’ مان هاڻي ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ماڻهو فطري طور خراب نه آهن پر اسان جا ادارا هنن کي خراب ڪن ٿا .’’ (37) پر پوءِ به اها حقيقت آهي ته روسو سماج وادي نه هو انڪري اڻ برابريت جا حل مستقبل بجاءِ ماضيءَ ۾ ڳولهيندو رهيو، مان نه ٿو سمجھان ته ڪو روسو حقيقي معنى ۾ ماديت يا يوٽو پيائي سوشلز کي سمجھيو يا ان دور جي ميڪانڪ ماديد پسند ۽ يوٽوپيائي سوشلزم جي پيروڪارن خاص ڪري ڊڊرٽ، هولباخ –ڊي ( Holbach – Paul-Henry Dicrrisch-1723 – 1789
۽ هيليو تس) ( Helvetues claude , Adrien 1715 -- 1771 کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي مختصر ته روسو، هابس اورلاڪ جي فطري سماج کي مخصوص رخ ۾ سمجھندي سماجي اڻ برابريءَ ۾ اٽڪي بيهي رهيو روسو، بابيو جيان عملي انسان نه هو – روسو جي همعصر مابلي ( Mably – - Gabriel 1709 1785- Bonnotde) معاشري جي براين جي پاِڙ ذاتي ملڪيت کي ڪوٺيو . هن لاءِ ڏسو ڪتاب موسٰی سے مارکس تک - مابلي جي فڪري پيروڪار بابيو ) 1760 1797 Babeuf Graaesch us//) جيڪو فڪري طور ۽ عملي طور جدت پسند رهيو. فرانس جي انقلاب لاءِ عملي طور پورهيتن کي اشتراڪي انقلاب لاءِ تيا ر ڪندي واضع ڪيو ته اشتراڪي معاشرو ڪتابي منصوبن نه پر مزدور جي عملي سرگرمي ءَ جي ڪري برپا ٿيندو بابيو کي فرانس جي انقلاب کان پهرين ماريو ويو هو.
( هن لاءِ ڏسو ڪتاب ’’ ڪلاس اينڊ ڪلاس سٽرگل- ترقي ماسڪو.” بابيو جي خيال کي ڊڪشنري آف فلاسفي جو ليکڪ هيئن بيان ڪري ٿو.
History is struggle between the rich and the poor patricians and plebeians, between masters and servants; between the sated and the hungry ideologically and organizationally, Babeuf and his companion's contribution to the development of socialism form a utopia into a science (38)
بابيو پهريون شخص آهي جنهن پڌرنامو پيش ڪيو . ڪارل مارڪس سندس پوءِ واري ڪندي ڪميونسٽ پڌر نامو پيش ڪيوجنهن ۾ ڪارل مارڪس، بابيو کي تصوراتي سوشلسٽ ۾ شامل نه ڪيو . ڏسو ڪميونسٽ پڌرنامو- از- ڪارل مارڪس – اينگلس ترقي ماسڪو، هن ئي دور ۾ روم وارن سياسي ۽ فڪري بصيرت جو مظاهرو ڪندي برتري حاصل ڪئي .جڏهن ته برطانيه ۾ چارٽرڊ تحريڪ کان وڌيڪ سگھاري سوچ معاشيات ۾ اڀري جنهن ۾ آدم سمٿ ۽ ڊيوڊ رڪارڊو جو نظريو برجستجو رهيو. جرمن ڪلاسيڪي فلسفي ۾ ڪانٽ (Kante. Immanual-1724 - 1804 ) جي ذهني پورهئي کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو . پهريون ڪانٽ جو سائنس جي متعلق ڪم آهي جيڪو پنهنجي دور جو لازوال فڪر آهي خاص ڪري اهو ته موجوده نظام شمسي ماضيءَ ۾ ائين نه هو . وغيره (ڏسو ڊڪشنري آف فلاسفي ترقي ماسڪو ۽ فلسفي جو ابتدائي ڪورس –از- موسيوپوليزر- ترجمو ابراهيم جويو) ڪانٽ جي مٿئين خيال جي مڃتا ان وقت ٿي جڏهن لاپلاس سندس ( ڪانٽ جي ) سائنسي خيالن کي اهميت ڏيندي.ميڪانڪ ماديت جو نظريو ڏنو. لاپلاس جيئن ته پڻ خود رياضيدان هو . هن لبنز جي فڪر کي اهميت ڏيندي لا محدوديت کي هڪ خاص ميڪانڪ رخ ۾ سمجھايو . خير اسين ڪانٽ جي فڪر جي ٻئي حصي تي اچئون ٿا . جنهن ۾ ڊيوڊ هيوم پڻ شامل رهيو . جنهن ۾ ڪانٽ شيون اسان جي نظر۾کي مڃي ٿو . پر بقول سندس ته بذات خود شيون ڇا آهن. ان جي حقيقي سڌ اسان کي نٿي ملي سگھي . ڪانٽ مادي کي قبول ڪندي به مادي درجات زمان ۽ مڪان کان انڪار ڪيو.هن جي ان انڪاريت واري فڪر کي
( (Agnosticism ڪوٺيو ويو . ( ڏسو فلسفي جو ابتدائي ڪورس-از- موسيوپوليز – ترجمو ابراهيم جويو) ان دور ۾ انگريزي فڪر اندر تجرباتي ( (Experimentalism فڪر جو وڌيڪ اثر رهيوجنهن کي ڪانٽ قبول ڪري ٿو تجرباتي فڪر
((Experimentalism thought کي ٿورن لفظن ۾ هيئن سمجھائي سگھجي ٿو ته هي فڪر ماضيءَ ۾ جيڪو انسان سکي آيو آهي ان تي اعتبار ڪرڻ بجاءِ بذاتي خود تجربو ڪري ڏسجي کي قبول ڪري ٿو هتي سوال ٿو اڀري ته زهر تي تحقيق ڪندڙ سائنسدان پنهنجي جان جو نذرانو ڏيندي اهو واضع ڪيو ته زهر مٺو آهي. ڇا اسان ان ڳالهه تي اعتبار ڪريون ته زهر مٺو آهي يا نه ڪريون ؟ وڏي ڳالهه ته تجرباتي فڪر ( Experimentalism ) تاريخي ارتقا کان انڪاري آهي. جنهن ڪري ارتقا پسند فڪر ڪانٽ جي مٿئين خيال ۽ تجرباتي فڪر کي غير سائنسي ۽ مدي خارج قرار ڏنو . پر پوءِ نه اهو، ڪانٽ جو مادي شين ڏي جيڪو مخصوص واڌو انداز ئي هو جو اينگلس کين ( ڪانٽ ۽ هيوم کي ) لڄاڙو ماديت پسند ڪوٺيو( ڏسو فائر باخ اور جرمن ڪلاسڪ فلسفي ڪا خاتما- منتخب تثانيف جلد چارم- ترقي ماسڪو) چوڙي جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت ايوسيف ديتسگين جدلياتي طريقي ڪار ڳولي ورتو ۽ ان تي پنهنجو مضمون لکيو. جيڪو ان وقت جي رسالي جي زينت بڻيو. هيگل ( Hegel – 1770 – 1831) هيگل هن طريقي ڪار کي ڪتب آڻيندي روح ۽ مادي کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي هيگل جي خيال مطابق خيال مادي ۾ تبديلي پيدا ڪري ٿو. ساڳئي طرح هيگل وٽ جت ۽ روح مطلق جي اهميت وڌيڪ رهي جڏهن ته فائر باخ(Feuer Bach-lubwig- 1804- 1872) هيگل جي فلسفي کي رد ڏيندي تاريخي ماديت جي اهميت ۽ افاديت کي چٽو ڪيو فائر باخ جتي مذهب کان آجپي وارو فڪر ڏنو اتي وري عالمي مذهب کان سهارو ورتو.- هن لاءِ ڏسو ڪتاب منتخب تثانيف حصا چارم- ترقي ماسڪو- ڪارل مارڪس مٿي ڄاڻايل اڪثر خيالن تي، خاص ڪري هيگل ۽ فائر باخ تي تنقيد ڪندي نئون فڪر ڏنو بقول ڪارل مارڪس ته ’’ شعور هستيءَ جو تعين نٿو ڪري پر سماجي هستي شعور جو تعين ڪري ٿي’’ ( ڏسو ڪتاب تاريخي ماديت –از-ڪارل مارڪس – ترقي ماسڪو) مارڪس وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته خيال مادي کي تبديل نٿو ڪري پر مادو خيال کي تبديل ڪري ٿو.اهڙي طرح مارڪس قديم اشتراڪي سماج کان ڪميونزم تائين سمجھائيندي پنهنجي فڪر جو بنياد خالص طبقاتي تضاد ۽ طبقاتي جدوجهد تي رکيو ( ڏسو ڪمونسٽ پڌرنامو –از – ڪارل مارڪس – ايگنلس-ترقي ماسڪوڪارل مارڪس اهو پهريون فلسفي آهي جنهن کي جئيري ۽ موئي پڄاڻا ايترو مان مليو ۽ سندس خيالن ( فڪر) پوري دنيا جي ادب کي هڪ ئي وقت متاثر ڪيو. جڏهن چارلس ڊارون ( Charles Darwin 1809 -1882) پنهنجي ڪتاب(( Origin of Species 1859 ڇپرايو ته مارڪس جي فڪر کي وڌيڪ هٿي ملي.چارلس ڊارون جو اصول قدرتي انتخاب – جاگرافي تبديلي- ٻوٽن ۽ جانورن ۾ جنس جي هڪجھڙائيءَ کان وڌيڪ طاقتور خيال اهو ته انسان کي خلقيو نه ويو آهي پر اهو مسلسل مادي ارتقا جو نتيجو آهي. چارلس ڊارون اهو پڻ واضع ڪيو ته اوائل ۾ انسان جو گڏيل سماج، اشتراڪي سماج هو ۽ اهو ساڳيو خيال ڪارل مارڪس، چارلس ڊارون کان ٻارنهن سال پهرين ڏئي چڪو هو جڏهن ته ان خيال سان ويجھڙائپ رکندڙ خيال هابس اوور لاڪ پڻ ڏنو هو جنهن کي هو فطري سماج ڪوٺي رهيو هو. بهرحال علم حياتيات اندر اشتراڪي سماج جي ڳالهه چارلس ڊارون ڪئي هي اهو دور آهي جنهن ۾ انسان ميڪانڪ حرڪت، حياتياتي حرڪت، معاشرتي حرڪت ۽ ڪيميائي حرڪت کي ڳولهي لڌو ۽ توانائيءَ جي سٽاءَ کي سمجھيو- ڏسو ڪتاب جدلياتي ماديت اور تاريخي ماديت ڪا ابجد- ترقي ماسڪو- ساڳئي دور ۾ آمريڪا جي رهواسي لوئس مارگن (Margan Lewis-Henry 1881-1818) پنهنجي تحقيق ۾ ان نتيجي تي پڳو ته قديم سماج ۾ جنس گڏيل عمل ۾ شامل هئي. ۽ ان وقت مادري يا پدري نظام نه هو- سندس ڪتاب هو قديم سماج ۾ جنسي ناتن جو اڀياس – 1871-اهو ٻيو ثبوت هو ته مارڪسي فڪر ۾ قديم اشتراڪي دور انساني تصور نه پر حقيقت رهيو آهي. مارڪس ۽ لوئس مارگن جي روشنيءَ ۾ اينگلس جيڪا هن موضوع تي تحقيق ڪئي اها تاريخ جو، فڪر جو اڻ وسرندڙ باب آهي.
( Book-Origin of the Family, Private Property and the state – Masco - 1969 ) جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جو فڪر نه صرف پنهنجي دور ۾ پر اڄ به الڳ مقام رکي ٿو.بيٺڪيتي يا جديد بيٺڪيتي غلاميءَ خلاف حقيقي معني ۾ جنهن به قوم محاڏو اٽڪايو ان جي مفڪر مارڪسي فڪر جو سهارو ورتو آهي مارڪس کان پوءِ ٻيو فلسفي هو ته اهو مارڪسي پيروڪار لينن ( ( Lenin Vladir Mir – Ilyich1870 - 1924 هو جنهن نه صرف سوويت انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيو پر سرمائيداري سماج جي اڳئين منزل سامراجيت ۽ ان جي خلاف انقلابي طبقاتي جدوجهد کي واضع ڪيو هو – ڏسو ڪتاب – سامراجیت ۔ سرمائیداری سماج کی آخری منزل۔طبقاتی جدوجہد۔ازلینن۔1974۔ مظلوم قومن ۾ ترقي پسند ادب جي لڳاتار مقبوليت کي روڪڻ لاءِ عالمي سامراج جن مفڪرن جي فڪر جو سهارو ورتو انهن ۾ پهريون جان ايسٽوارٽ مل هو جنهن انفراديت جو نظريو ڏنو جان ايسٽوارٽ دعوى ڪئي ته هر فرد پنهنجي جسم، ذات، دماغ تي ڪلي اختيار رکي ٿو . انڪري هر فرد کي آزاد ڇڏي ڏيڻ گھرجي – ڏسو موسا سي مارڪس تڪ از سبط حسن- ٻيو شخص سگمڊ فرائيڊ
( (S.Frued-1856 – 1939 هو. جنهن ادب ۾ نفسياتي مسئلن جا حل ڳولهيندي شهوت پرستيءَ جو بنياد وڌو، شعور جي بجاءِ تحت الشعور کي نه صرف اهميت ڏني بلڪي سماجي اوڻائين کي به داخليت ذريعي يعني هڪ نسل کان ٻئي نسل ۾ منتقل ڪري پيش ڪيو: مثلا ََ منهنجي ابي جي خواهش هئي ته مان سٺو چور ٿيان سندس اها خواهش هو خود ته پوري نه ڪري سگھيو پر اها خواهش مون ۾ اچي منزل تي رسي ۽ مان چور ٿي پيس. يا مان ڇو پريشان آهيان ان جي مون کي خبر نه آهي. ڇاڪاڻ ته منهنجي تحت الشعور ۾ اهي پريشانيون وڏن کان آيون آهن فرائيڊ جي ان ڳالهه کي جي قبول ڪجي ته پوءِ چور پٽ کي سزا ڏيڻ بجاءِ سندس پيءُ کي سزا ملڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته ڌاڙيل ٿيڻ جي خواهش پٽ جي نه پر سندس پيءُ جي هئي مختصر ته فرائيڊ جو لپيڊو فارم ۾ سواءِ مايوسيءَ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي – ٽيون شخص فرانس جو زان پال سارتر يا سارتري ( ( Sartre Jean Paul 1905 - 1980 هو ساتر جديد وجوديت جو بنياد رکندي معاشرتي حرڪت جي ارتقا کان انڪار ڪيو .ساتر چوي ٿو ته هر ٻيو وجود غلاميءَ جو احساس ڏياري ٿو – ڏسو سندس ڪتاب
(( Being and Nothingness انڪري ساتر شاديءَ کان پڻ انڪار ڪري ٿو پر ساڳئي وقت سندس ناول جو هيرو جڏهن ڇوڪريءَ کي اٽڪل سان پنهنجي ڪمري م وٺي اچي ٿو ته سندس هيرو کي ٻئي وجود مان خوشي ۽ مسرت ملي ٿي ته پوءِ ساتر جي هن فڪر جو ڇا ٿيندو ته هر ٻيو وجود غلاميءَ جو احساس ڏياري ٿو ! – ساتر جو دليل آهي ته جڏهن مان وهنجڻ واري جاءِ ۾ وهنجي رهيو آهيان ۽ ڪو ٻيو اچي ٿو ته مون کي پنهنجي آزادي وڃائڻ جو احساس ٿئي ٿو ۽ مان پاڻ کي ڍڪيان ٿو پر اهو ساڳيو عمل سندس هيرو سان ڇو نٿو ٿئي. جيڪو ڪمري ۾ خوشي يا مسرت ماڻي ٿو ساڳئي وقت اهو پڻ سوال اڀري ٿو ته جڏهن ساتر چوي ٿو ته زندگيءَ ۾ ٻيو وجود قرب ۽ عذاب آهي ته پوءِ سندس هيرو کي ڇو خوشي نصيب ٿي؟ ساتر جو فڪر بنيادي طور مادي فڪر کان فراريت آهي ساڳئي وقت هو اها پڻ ڪوشش ڪري ٿو ته ماديت پسند ۽ خيال پسند فڪر کي هڪ ڪجي وغيره. جڏهن ته کاٻي ڌر مان برنشٽائين جيڪو جرمن ڪميونسٽ هو ۽ مارڪسزم ترميم پرستيءَ جو حامي هو . برنشٽائين جي فڪر تي لينن نه صرف تنقيد ڪئي بلڪ وائکو ڪندي ان کي رد ڪري ڇڏيو – ڏسو مارڪسزم ۽ ترميم پرستي- از –لينن – ترقي ماسڪو. ساڳئي طرح ٽراٽسڪي، مائوزي تنگ ۽ خاص ڪري چو اين لائي جو فڪر اڻ سڌيءَ طرح عالمي سامراج جي مفاد ۾ رهيو.- ڏسو جدلياتي ماديت اور تاريخي ماديت ڪا ابجد ترقي ماسڪو. -علائقائي عصبيت، عالمي عصبيت جي شڪل اختيار ڪندي انسانيت کي ٻئي جنگ عظيم ڏي ڌڪي ڇڏيو ۽ استحصالي قوت جون فوجون قوس ڪنديون رهيون ۽ انسان جي تاريخ هو وحشت واري موڙ تي اچي بيٺي ان وقت ادب ۾ ٻيو لاڙو اڀريو جيڪو عملي طور ان استحصالي مڪينزم جي خلاف آيو ۽ اڳتي هلي انقلابي ايڊوينچرزم جو شڪار ٿيو . چي گويرا جو موت ان جو مثال آهي چي گويرا جي اها غلطي نه هئي ته هن هٿيار ڇو کنيا پر هن جي غلطي اها هئي ته طبقاتي جدوجهد لاءِ هن پهرين ماحول تيار نه ڪيو نتيجي طور سندس طريقي ڪار غلط هئڻ ڪري ماريو ويو . ادب ۾ ٽيون لاڙو هي آيو ته مارڪسزم سماجي نظريو نه آهي پر هڪ مذهب آهي جيڪو دنيا ۾ دهشتگرديءَ جو سبب آهي اهڙو ادب برطانيه ۾ ڪارل پوپر ۽ امريڪا ۾ ميٿيو تخليق ڪيو . خاص ڪري ميٿيو پنهنجي ڪتاب ( Arise of Radicalism ) ۾ اهو واضع ڪيو ته روسو ڏاتار آهي جڏهن ته مارڪس، اينگلس ۽ لينن ان جا نبي آهن دنيا ۾ دهشگرديءَ جو ابو ڪارل مارڪس آهي جڏهن ته هٽلر ۽ ميسوليني وغيره ان جا پوئلڳ آهن. هي اهو ادب آهي جنهنکي رياستي پٺ ڀرائي حاصل رهي ۽ هن جو مقصد صرف طبقاتي فڪر کي، سوچ کي روڪڻ هو هي مدي خارج ادب افغان ۽ سوويت جنگ ۾ هٿيار طور استعمال ڪيو ويو هو ۽ ٽئين دنيا جو مذهبي اڳواڻ هنن جا مثال ڏيندو هو ڪارل پوپر ۽ ميٿيو کي پڙهندي اهو احساس ٿئي ٿو ته هي ان لائق ئي نه آهن ته ڪو انهن کي پڙهيو وڃي .
فرانس جي خلاف الجزائري عوام جي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ فرانز فينين يورپ جي اهڙي فڪر کي هيئي پيش ڪيو ته ( هي 1962 ع جو زمانو آهي دنيا کي سڃن دعائن جي ضرورت نه آهي پر عملي سرگرميءَ جي ضرورت آهي توهان يورپ وارن کي ڇڏي ڏيو جيڪي انسانيت تي ليڪچر ڏيندي نٿا ڊاپن پر جتي کين انسان نظر اچي ٿو ته کيس گولي هڻي ٿا ڇڏن’’(39) فينين جتي قومي تشدد، عالمي تشدد، قومي تهذيب ۽ ڪلچر جو ذڪر ڪري ٿو عالمي استحصال قوت تي تنقيد ڪري ٿو هو پورهيت ڪلچر، تهذيب جي نمائندگي ڪري ٿو پر پوءِ به سندس فڪر ۾ قومي ويڳاڻپ جو جھول رهي ٿو . سوويت يونين ۾ سرجندڙ ادب عالمي سامراج جي پابندين سبب روس ۾ ئي رهجي ويو ۽ پوري دنيا ۾ هن جو عام وڪرو نه رهيو پر خفيه طريقي سان رهيو.ان جي باوجود آزاد ٿيندڙ رياستن جي ادب ۾ قومي ۽ عالمي سامراج کان نفرت جو اظهار واضع نظر اچي ٿو جنهن جي پويان سوويت ادب جا پڻ اثر ملن ٿا . هن ادب جو ٽوڙ مذهبي عصبيت تي رکيو ويو . فلم ۽ ڊرامي ۾ اگھاڙپ بلڪ خالص شهوت پرستيءَ کي شامل ڪري سيٽلائيٽ معرفت سوويت رياستن طرف منتقل ڪيو ويو . ٻئي طرف ساڳيا فلم ٽئين دنيا ۾ موڪليا ويا ڏتڙيل ملڪن ۾ جنسي گھٽ ۾ رهندڙ نوجوان ان فلمي ڪاروبار کي سٺو وڌايو جڏهن ته چو اين لائي گڏيل قومن جي اجلاس ۾ روسي رٿ کي رد ڏيندي جديد سامراجيت کي هٿي ڏني ۽ مذهب جا، ادب جا گٺل نظريا ٻيهر ميدان ۾ ان وقت آيا جڏهن افغان جنگ ۾ آمريڪا، يورپ ۽ چائنا ملي ڪري حصو ورتو، جنهن ڪري سوشلزم جي طبقاتي ٽڪراءُ واري حيثيت کي گھٽائي مذهبي ٽڪراءَ کي اڀاريو ويو، نتيجي طور ادب ۾ صحتمند مقابلو گھٽجي ويو ۽ هن وقت ادب ۾ مايوسي، تعصب ۽ شهوت پرستي عام آهي. نشرياتي ادب کي اگھاڙپ جو ڪينسر ٿي پيو آهي. سرمائيداري دور ۾ ادب جي اندر فني لحاظ کان ڪافي واڌارو آيو جنهن ۾ ناول، افسانو، مختصر افسانو – ساڳئي وقت ڪلاسڪ شاعريءَ کان هٽي ڪري آزاد نظم ۽ نثري نظم اچي وڃن ٿا . اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪري ڇڙواڳ موسيقي ۽ ڊگھن ڊرامن جو رواج عام ٿيو آهي ساڳئي وقت ناول ۽ افسانو لکجڻ گھٽجي ويو آهي. پئداواري قوتن پنهنجي پئداواري عمل ۽ عملي سرگرميءَ معرفت جاگيرداري سماج اندر هڪ نئين سماج کي اڀاريو ۽ مادي زندگيءَ جي گھرجن مطابق منڊيءَ جي اڳئين وهنوار واري تصور کي رد ڏيندي نئين تصور کي آندو شين جي مٽا سٽا لاءِ پراڻي فارمولي يعني جنس – در – جنس جي جاءِ جنس – زر- جنس ۽ پوءِ زر – جنس – زر کي آندو جتي جاگيرداري خانداني ماحول پبلڪ ماحول ۾ تبديل ٿي ويو . پبلڪ ماحول جي مقابلي ۾ غير طبقاتي ماحول آيو جيڪو وقت ۽ حالتن جي مطابق اسرندي هڪ خاص نقطي تي اچي بيهي رهيو آهي. جنهن ۾ ارتقا جي ضرورت آهي اسين سمجھون ٿا ته دنياکي انساني سماج / انساني ماحول جي ضرورت آهي. فرانس جو انقلاب ستر ڏينهن، جڏهن ته سوويت انقلاب ستر سال هليو ته ڇا انسان جي اڳئين منزل ستر صديون آهي؟ هن لاءِ طبقاتي سوچ، جدوجهد ۽ پرولتاريا ڊڪٽيٽرشپ واري مڊل ڪلاس سوچ کي نئين سري سان ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي انقلاب جي خوني رستن تي سوچڻ کان پهرين فڪري ۽ عملي طريقن تي ويچارڻو پوندو دنيا کي تبديل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي عملي طور تبديل ڪرڻو پوندو انساني آزاديءَ لاءِ انساني ماحول تيار ڪرڻو پوندو مروج طبقاتي ٽڪراءَ کي حل ڪرڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته ان ميڪينزم خلاف، هن طبقاتي ماحول خلاف طبقن کان صاف عملي انساني ماحول جي تياري جيستائين توهان ماحول کي پنهنجي حق ۾ تيار نٿا ڪريو اوسيتائين هي طبقاتي جنگ به کٽي نٿا سگھو سرمائيداري ادب جيڪو تعصب ۽ تشدد تي ٻڌل آهي ان ادب ۾ انساني ماحول لاءِ ڪو به باب نه آهي.
نچوڙ:
1. پئداواري طور طريقن جي تبديليءَ ڪري جتي سرمائيداري سماج اڀريو اتي ادب ۾ نواڻ آئي ۽ نوان گھاڙيٽا اڀري سامهون آيا ۽ادب فڪر حقيقي زندگيءَ جي ويجھو آيا .
2. عيسائي اشتراڪيت جي فڪر برطانيه، چيڪو سلواڪيا ۽ جرمن هاري بغاوت ۾ نئون رخ اختيار ڪيو. هن اشتراڪي ادب جا ٻه نقطا غور طلب آهن هڪ ته هن اشتراڪيت جو سرو ڪليسا سان مليل هو ٻيو خاص نقطو اهو آهي ته پهريون ڀيرو سماجي ٽڪراءَ کي محسوس ڪيو ويو پر ان کي سائنسي طريقي سان نه بلڪ انساني همدريءَ ۽ مذهب جي بنياد تي ان ٽڪراءَ کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا خالص تصوراتي شڪل هئي.
3. اشتراڪي ڳوٺ جوڙيندڙ چارلس ڦوريئر ۽ شاهه عنايت لانگاهه جي، ان ڳوٺن ۾ حيثيت هڪ آقا واري هئي ۽ سندن فڪر جو جوهر مذهبي هو پر هن جا ادب تي مثبت اثر پيا .
4. انگريزي ادب جو تجرباتي فڪر انسان جي ماضيءَ ۾ ڪيل تجربي کان انڪاري آهي. ساڳئي وقت جان لاڪ طبقاتي فڪر کان لنوائي ٿو .
5. فرانس جي ميڪانڪ ماديت پسند فڪر جي برتري رهي ۽ يوٽاپيائي سوشلزم جو خيال عام رهيو پر روسو بنيادي طور نه ته سوشلسٽ ادب نه وري هو سوشلسٽ هو يا بابيو جيان ڪو عملي انسان هو .
6. هن دور جي ادب جو هڪ پاسو اهو به رهيو آهي ته ذاتي ملڪيت کان نفرت ڪئي وئي ۽ معاشري جي براين جو ڪارڻ پڻ ان کي ڪوٺيو ويو ذاتي ملڪيت واري مسئلي کي حقيقي معنى ۾ مارڪس ۽ اينگلس سمجھايو .
7. جرمنيءَ ۾ سرجندڙ فڪر جو مايوس پاسو مادي خاصيتن يعني زمان ۽ مڪان کان انڪار، ذهن کي مادي تي فوڪيت ۽ مذهب کان انڪار ڪندي ان جو حل عالمي مذهب ۾ ڏنو.
8. هن دور ۾ ميڪانڪ حرڪت، حياتياتي حرڪت، معاشرتي حرڪت ۽ ڪيميائي حرڪت ڳولهي لڌي وئي جنهن جا اثر ادب تي پڻ پيا.
9. سرد جنگ ۾ استحصالي قوتن ادب جي گٺل نظرين کي هٿي ڏني ۽ اهي ٻيهر ميدان ۾ آيا جن طبقاتي ٽڪراءَ واري حيثيت کي گھٽائي مذهبي ٽڪراءَ کي اڀاريو نتيجي طور ادب ۾ صحتمند مقابلو گھٽجي ويو.
10. هن وقت ادب ۾ مايوسي تعصب ۽ شهوت پرستي عام آهي نشرياتي ادب کي اگھاڙپ جو ڪينسر ٿي پيو آهي.
11. نشرياتي ادارن ۾ ڇڙواڳ موسيقي، ڊگھن ۽ بي مقصد ڊرامن جو رواج عام آهي.
12. هن دور جي شروعات ۾ ڊگھا ناول، افسانا، مختصر افسانا لکيا ويا ساڳئي وقت ڪلاسڪ شاعريءَ کان هٽي ڪري آزاد نظم، نثري نظم پڻ لکيا ويا . پر هن وقت ناول ۽ افسانو، خاص ڪري نظرياتي ادب گھٽ لکيو وڃي ٿو.
13. سرمائيداري ادب جيڪو طبقاتي تعصب، تشدد ۽ تسلط تي ٻڌل آهي ان ادب ۾ انساني ماحول لاءِ ڪو به باب نه آهي. هن دور جو ادب سماج کي ڇڙ وڇڙ ( Decentralized ) ڪري ٿو جڏهن ته سماج کي متحد ( Centralized) ڪرڻ جي ضرورت آهي.
14. هن دور جي ادب جو هڪ سرو روشن خياليءَ ته ٻڌل رهيو جنهن انسان دوست ۽ سوشلسٽ ادب کي جنم ڏنو.