• شيخ اياز
شيخ صاحب جي مٿي ڏنل راءِ پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿي پر تاريخ ۾ هڪ ننڍڙي غلطي به معاف نه ٿي ڪري، عظمت جي گهڙي بار بار نه ايندي آهي ان ڪري هڪ تخليق ڪار کي پنهنجي قلم کي سوچي سمجهي پوءِ کولڻ گهرجي. شيخ صاحب کي اهيو حق حاصل آهي ته هو طبقاتي فڪر تي تنقيد ڪري ۽ اها هن ڪئي آهي پر ڪنهن جي ڪردار ڪشي ڪرڻ تنقيد ۾ سٺو سؤڻ نه آهي شيخ صاحب جي مارڪس ۽ ان جي پيروڪارن تي جيڪا تنقيد ٿيل آهي اها ڪا اصلاحي تنقيد نه آهي پر طبقاتي فڪر جي پيروڪارن کي ذليل ڪري پيش ڪري ٿو اهو طريقو /ڏانءُ شيخ صاحب کي زيب نٿو ڏئي بقول شيخ اياز صاحب جي ته (نثري نظم)
مارڪس!
تون پاڻ ڪيڏو نه چڱو هئين!
تنهنجي اولاد
ڪيڏي نه بري
ثابت ٿي آهي
ڇو؟ آخر ڇو؟
تو ۾ ڪائي ته ڪمي هئي مارڪس!
تو ۾ ڪائي ڪمي هئي! (2)
مٿين نظم ۾ جيڪا شڪايت شيخ صاحب مارڪس کي ڪري ٿو ان کي کن پل لاءِ قبول ڪيون ٿا ته مارڪس غلطي ڪئي ۽ ان جا پيروڪار غلط آهن پر شيخ صاحب پنهنجي راءِ جي خلاف پنهنجي ڪتاب ’’راڄ گهاٽ تي چنڊ‘‘ جي صفحي نمبر 209 تي ڪيوبا جي انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ فيڊرل ڪاسترو جي ۽ صفحي نمبر 211 تي چلي جي انقلابي راڳي وڪٽر جارا (Victor Jara) جي تعريف ڪئي آهي اهڙي طرح ڪامريڊ چي گئويرا کي لکيائين-
جنهن آزاد گذاريو آهي
تنهن لاءِ موت ته ڪاشي ناهي
وک وک تي پنچوڙ ڏسي ڇا
شينهن ڪڏهن گجگوڙڇڏي آ (3)
پر اسين پنهنجي ڳالهه کي اتان شروع ڪيون ٿا جتي شيخ صاحب مارڪس کي معيار ڏني هئي- جڏهن ته شيخ صاحب مارڪس کي باڪوتن کان بدتر سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو ’’گورباچوف! مان اڪيلو نه آهيان، ساري تاريخ غلطيءَ جي قيمت ادا ڪري رهي آهي ته ان بڪونن جي جاءِ تي مارڪس کي ليڊر ڇو ڪيو؟‘‘(4) جيتري قدر اسان کي معلومات آهي ته جنهن کي شيخ صاحب بڪونن ڪري لکيو آهي اهو باڪونن ميخائيل اليڪساندرو وچ (1814-1876)آهي. باڪونن جو نظريو انارڪزم تي ٻڌل هو ۽ پهرين انٽرنيشنل ۾ مارڪس جي مخالفت ۾ آيو هو هار کائي ويو هو.
(هن لاءِ وڌيڪ ڏسو ڪتاب ’’ڪارل مارڪس فريڊرڪ اينگلس- مختلف تصانيف حصه دوئم ماسڪو- اردو ۾) شيخ صاحب جي مٿئين خيال مان ظاهر آهي ته شيخ صاحب باڪونن جي انارڪزم کي مارڪسي فڪر کان سٺو سمجهي ٿو ڇاڪاڻ ته طبقاتي فڪر /ڪميونزم، شيخ صاحب جي نظر ۾ براين کان سواءِ ڪجهه به نه آهي بقول سندس ته ’’مون ڪنهن به مذهب جي بنيادي فلسفي ۾ ايتري برائي نه ڏٺي آهي جيتري ڪميونزم ۾ آهي‘‘(5) هن مان توهان اهو انومان ڪڍي سگهو ٿا ته شيخ صاحب ڪميونزم جي مقابلي ۾ مذهب کي سٺو سمجهي ٿو پر اصل ۾ ائين نه آهي شيخ صاحب مذهب مان به ڪيڙا ڪڍي ٿو ۽ چوي ٿو
مذهب ويٺو پاڻ مکي
چوراهي تي آ چڪلو- (6)
ڪنهن جو مندر ڪنهن جو سنک؟
آسارو سنسار صدا!
ڪنهن جي مسجد ڪنهن جي بانگ
ٺاهه ٺڳيءَ جا ها ها ما!(7)
هي ڪفر کان ڪڙي آ اسلام کان بڙي آ
تون پيءُ، جيءُ ڀَر ڀَر اي گهوٽ هي گهاٽي(8)
شيخ صاحب جي مٿئين شاعري ان دور جي آهي جتي سندس ڪتابن تي پابندي وجهي سرڪاري ادارن اهو مشهور ڪيو ته شيخ صاحب ڪميونسٽ آهي. جڏهن ته طبقاتي فڪر ۾ عقيدو فرد جو ذاتي مسئلو آهي. شيخ مذهب کي تنقيد جو نشانو بڻائي غير سنجيدگي ۽ دهريت جو مظاهرو ڪيو هو مارڪسي فڪر جو/طبقاتي فڪر جو ان سان واسطو نه هيو پر پوءِ به ان دور جي اديبن خاص ڪري ابراهيم جويو، غلام محمد گرامي صاحب ۽ رسول بخش پليجو صاحب شيخ صاحب جي تعريف ۽ وٽ وراڻ ڪئي آهي. اها تعريف ممڪن آهي ته ان ڪري به ڪئي وئي هجي جو جتي شيخ صاحب مذهب کان فراريت اختيار ڪئي اُتي ڪجهه قوم پرستيءَ وارا خيال پڻ ڏنائين انهن ۾ هڪ اڌ بيت /گيت/نظم اهڙا هئا جيڪي عالمي واقعن سان لاڳاپيل هئا مثلا-
سڀ ڪجهه ناس ڪندو ناڌان (9)
يا هي نظم ته:
سچ وڏو ڏوهاري آهي
روز ازل کان پڪڙيو ويو آ
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ
ڳولي ڳولي ماريو ويو آ
ڪڏهن زهر پياريو ويو آ
ڪڏهن ڦاهي چاڙهيو ويو آ
تيل ڪڙهائي چاڙهيو ويو آ
گهاڻي ۾ پيڙيو ويو آ
چوٽيءَ کان اڇلايو ويو آ
ها پر پوءِ به انهي جي ساڳي
رهندي آئي ريت اڀاڳي
جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو
تنهنجو سارو چين کڻي ٿو
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ
پر تو هي به ڪڏهن سوچيو آ
ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي (10)
مٿي جيڪي نظم ڏئي آيا آهيون انهن مان اهو ظاهر نٿو ٿئي ته ڪو شيخ صاحب طبقاتي فڪر جو شاعر آهي پر پوءِ به مذهبي شاعري کان هيءَ شآعري برجستي آهي پر جڏهن شيخ صاحب مزدورن جي تعريف ڪندي سوويت انقلاب جو حصو وٺندڙ اديب گورڪي کي مخاطب ٿئي ٿو ته اهو احساس اڀري ٿو ته شيخ صاحب طبقاتي فڪر ۽ سوويت انقلاب لاءِ سٺي ڳالهه ڪرڻ وارو آهي مثلا-
مزدورن مل ٻاهران ڪئي جو هڙتال
لٺيون وٺيون مينهن جيان ڪريا ڌرتي لال
ڪيا ڪجهه سوال مون کي گُهوري گورڪي(11)
اهڙي طرح سوويت يونني جي شاعره اولگابرگا(Olga Bergolts) کي پنهنجي شاعريءَ جي زينت بڻائيندي چوي ٿو ته
اولگا جي شاعري ۾
اڄ به تازي آياد
بم برسن ٿا پيا- (12)
گورڪي، اولگابرگال ۽ پورهيت جي جيڪا تعريف شيخ صاحب ڪئي آهي ان جي موٽ ۾ طبقاتي فڪر کي خاص ڪري ان فڪر جي مفڪرن کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو آهي جتي پورهيت متعلق شآعري بي معنى ۽ اڻ پوري رهجي ٿي وڃي بقول سندس ته ’’لينن کان نرردشت چڱون هو هن جي آڳ ته ماڻهوءَ جي من کي وڪوڙي وئي هئي‘‘(13)
ساڳي طرح لينن تي ٺٺول ڪندي چوي ٿو ’’لينن جا پوئلڳ ايئن ختم ٿي ويا جيئن حسن بن صباح جا پوئلڳ ختم ٿي ويا‘‘(14)
لينن ۽ مائو کي هڪ ئي وقت نشانو بڻائيندي شيخ صاحب جن فرمائين ٿا بلڪ تلقين ڪن ٿا ته ابراهيم ادهم جي پوءِ واري ڪر ته توکي منزل ملي ويندي- ابراهيم ادهم کي رهبر ڪري پيش ڪرڻ سان گڏ لينن ۽ مائو کي هي سچ پڻ ڏيکاري ٿو- نثري نظم ابراهيم ادهم سان ويندين؟
هو توکي ان پل کان
پار وٺي ويندو
جنهن تي لينن ۽ مائو
منجهي پيا هئا- (15)
شيخ صاحب جيڪا تنقيد ڪري ٿو اها نظرياتي گهٽ شخصي ڪردار ڪشي وڌيڪ ڪري ٿو. ۽ ان تنقيد ۾ پنهنجي انا کي مٿانهون رکي ٿو. مائوزي تنگ ۽ هوچي منه پنهنجي پورهيت عوام لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو- انهن جي محنت ۽ ڪردار اتان جي عوام لاءِ نجات ثابت ٿيو ۽ اهيا حقيقت آهي جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي پر شيخ صاحب مٿئين ٻنهين شخصن تي لينن ٿو ڳالهائي جهڙوڪ شيخ صاحب پاڻ پنهنجي سنڌي پورهيت عوام لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو پر مائو ۽ هوچي منه وڏا ذليل هئا. شيخ صاحب مائو ۽ هوچي منه جي ڪردار ڪشي ههڙي نموني ڪري ٿو.
’’مائوزي تنگ ۽ هوچي منه واهيات شاعر ته هيا پر ڇا هو وڏا انقلابي هئا‘‘ (16)
ساڳي طرح بخارن کي مخاطب ٿي چوي ٿو’’مون بخارن کي قبر مان ڪڍي چيو ’’تون ته پهرين جهنم ۾ آهين پر اسٽالن ڪائين جهنم ۾ آهي‘‘(17)
مٿين دليل کان پوءِ اهو سوال اڀري ٿو ته شيخ صاحب جنهن انقلاب جي ڳالهه ڪري ٿو اهو انقلاب ڪو عالمي انقلاب نه آهي ۽ نه وري ڪو پورهيت انقلاب جي ڳالهه ڪري ٿو. اهو صرف قومي انقلاب ٿي سگهي ٿو ممڪن آهي ته شيخ صاحب جي نظر ۾ اڃان ڪو ٻيو انقلاب هجي پر ان جو اظهار هو چٽي طرح نه ڪري سگهيو آهي بس انقلاب جي ڳالهه ڪري ٿو.
پنهنجي جيئري يارو
انقلاب اچڻو آ
چُپ چَپ رهن ڪيسين
خاموش عذاب آهي
موت کان به بدتر آهي
زندگي عذاب آهي
ان عذاب جو هاڻي
ڪو حساب اچڻو آ
پنهنجي جيئري يارو
انقلاب اچڻو آ. (18)
شيخ صاحب جي حياتي ۾، دنيا ۾ جيڪي آزاديءَ جون تحريڪون هليون آهن انهن جو وڏو حصو مارڪسي فڪر جي اثر هيٺ رهيو آهي ساڳئي وقت قومي تحريڪن جو پڻ جهڪاءُ مارڪسي فڪر طرف رهيو آهي مارڪسي فڪر جي روشني ۾ آزادي جو مطلب استحصالي طبقي کان نجات آهي. شيخ صاحب طبقاتي فڪر کان نفرت جو اظهار ڪندو رهي ٿو جنهن مان ظاهر آهي ته شيخ صاحب جي نظر ۾ آزادي صرف قومي ٿي سگهي ٿي پر طبقاتي نه- ان سلسلي ۾ شيخ صاحب قومي ڪارڪنن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته ’’اوهان ۾ هي نفرتون مارڪسزم پئدا ڪيون آهن پهرين انهن مان جان ڇڏايو اڳيان نعرا اوهان لئه ڄُئورون ٿي پيا آهن ۽ اوهان کي رت ٻوٽو ڪري ڇڏيو اٿائون مان ڏسان ٿو ته سنڌ تي سج اڀرڻ وارو آهي.في الحال هيڏان هوڏان اجايون هٿيوراڻيون نه هڻو ‘‘ (19) جتي شيخ صاحب قومي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ان کي سنڌ هڪ آزاد سنڌ نظر اچي ٿي اُتي به طبقاتي فڪر سندس اکِ ۾ ڪنڊي جيان چُڀندو رهي ٿو شيخ صاحب جي قومي رخ ۾ جيڪا شاعري آهي ان ۾ ڪجهه وايون مشهور ٿيون پر بيت ۽ نظم هن صاحب جا ايترا برجستا نه آهن ٻيو ته شيخ صاحب جي قومي شاعريءَ جو تقابلي جائزو نه ورتو ويو آهي. نه وري هن ڏس ۾ حيدربخش جتوئي شيخ صاحب کان پهرين پنهنجي قومي خيالن جو اظهار ڪيو آهي ساڳئي وقت سنڌ ۾ ٻيا به ڪافي شاعر آهن جن قومي شاعري ڪئي آهي بلڪه اهو هڪ قومي شاعريءَ جو دور آهي ۽ ان ۾ به شيخ صاحب جي تعريف وڌيڪ ڪئي وئي آهي ورنه- ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، خاڪي جويو، استاد بخاري، سگهڙ محمد لقمان کوکر وغيره تعريف جي لائق آهن. جتي شيخ صاحب آزادي لاءِ هي نظم لکي ٿو
اڄ چئي ٿو وڃان
سج لالاڻ سان
’’منڌ‘‘ ريٽي جيان
نيٺ سنڌوءَ مٿان
اڀرندو ساٿيو- مان چئي ٿو وڃان . (20)
اتي توهان ٿورو استاد بخاريءَ جي هڪ نظم جي هن بند تي نظر وجهو ته توهان کي معلوم ٿيندو ته قومي شاعري ۾ استاد ڪيترو برجستو خيال ڏئي ٿو.
چيو جن کي تاريخ رولو اناڙي
انهن منهنجي ڌرتي لتاڙي، اجاڙي
خزانو ڪٿي ڪنهن کٽل جو کٽي ٿو
مدد خان بڻجي لکين گهر لٽي ٿو
جو پنهنجي گهر ۾ منهنجي بک مري ٿو
اچي منهنجي تر تي حڪومت ڪري ٿو
جو ڳائي قواليون ۽ تاڙيون وڄائي
سو دودي کي پنهنجي دهن تي دٻائي
ڪٿان کان جي تڙجي ڪو شيطان نڪتو
غضب، سوير جنت جو مهمان نڪتو
جتي جنهن به جهڙ ۾ ڪا بجلي ڦري ٿي
اچي ڪيئن منهنجي اڱڻ تي ڪري ٿي. (21)
هن نظم ۾ جيڪا رواني ۽ خيال جي گهرائپ آهي اها شيخ وٽ گهٽ آهي. شيخ صاحب وٽ هڪ خيال جي رواني آهي سا اها ته قومي جاڳرتا کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ طبقاتي فڪر تي پنهنجي تنقيد عين عبادت سمجهي ٿو ۽ طبقاتي فڪر تي جيڪا هن کي ڪاوڙ آهي ان جو اظهار ڏاڍو دل جي گهرائين سان ڪري ٿو.
هو سڀ لينن وارجي، ڪفن ۾ ڪيڙا،
هو ڇاڄاڻن سنڌُ جا آڌيءَ اوسيڙا،
پيڙهن جي پيڙا، ڪوٽ ڪڙ ۽ مارويون! (22)
ياوري چوي ٿو-
’’ڪُوڙا، ڪرٽا مارڪس جا ڇاڙتا ڪواشتراڪي امام جاڙو ٿو ٺاهين؟ ڪيڏو پٽڪو ڪٽڪو وڌو اٿئي‘‘ (23)
مختصر ته شيخ صاحب پاڻ چوي ٿو ته مان ڪميونسٽ نه آهيان پر پوءِ به سنڌي ادب ۾ شيخ صاحب کي ترقي پسند ڪميونسٽ خيال جو پيرو ڪار ڪري پيش ڪرڻ جو ڇا مطلب ٿي سگهي ٿو؟ ڇا اهو ڪم ڪنهن خاص مقصد لاءِ ڪيو ٿي ويو؟ جنهن ڪري منهن ۾ منڱ پائي شيخ صاحب کي ترقي پسند ڪميونسٽ تحريڪ جي مکيه ليکڪن ۾ شامل ڪيو ويو جڏهن ته اسان جيڪا تحقيق ڪئي آهي ان مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته شيخ صاحب جيترو تنقيد جو نشانو طبقاتي فڪر کي /تحريڪ کي بڻايو آهي اهو ڪم قربان بگٽي به نه ڪري سگهيو آهي- ائين ڇو آهي؟ اسان جي خيال مطابق ته جن شيخ صاحب تي تنقيد ٿي ڪئي انهن جو ۽ جن دفاع ٿي ڪيو انهن جو- پنهنجو معيار سٺو نه هو. مثلا قربان بگٽي تنقيد ڪندي چوي ٿو
’’اسٽالن جو مثال وٺو هيئر دستاويزي طور ثابت ٿيو ته هو هڪ ظالم ۽ جابر انسان هو جنهن روس جي لکين ماڻهن کي موت جو شڪار بڻايو.‘‘
’’هٽلر جي حڪومت ۾ 1933 کان 1945ع تائين فقط يهودي قوم جا چاليهه لک انسان قتل ٿي ويا. حجاج ته هڪ لک ماڻهو مارايا هئا- (24) هتي غور طلب ڳالهه اها آهي ته اسٽالن ۽ هٽلر کي ظالم ظاهر ڪرڻ لاءِ محترم قربان علي بگٽي هڪ لک انسانن جي قاتل حاڪم حجاج بن يوسف کي جنهن رُخ ۾ هتي پيش ڪيو آهي ان مان ظاهر آهي ته قربان وٽ هڪ لک انسان جي ڪابه اهميت نه آهي اهو شخص ڇا؟ تنقيدڪيئن ڪري سهگي ٿو؟جيڪو پنهنجي هيرو حجاج لاءِ سٺو دليل نٿو ڳولهي اهو سٺي تنقيد ڪيئن ڪري سگھي ٿو ؟ بس اسان جو خيال آهي ته اها اسان جي اديبن جي چئوياري آهي ورنه شيخ صاحب جا طبقاتي فڪر لاءِ ان جي پيروڪار لاءِ ڪجهه هن قسم جا خيال آهن ’’ماديت پسند ڪينا پرور سازشي تون انسانيت پرستيءَ جو لبادو پائي هاڻي مون کي ٺڳي نٿو سگهين توکان ڀرواري مسجد ۾ ملان چڱو آهي ان ۾ انسانيت جي رمق آهي تون مردو به آهين ۽ ڳورپٽ به آهين ۽ پنهنجو مردو پاڻ کائي رهيو آهي‘‘ (25)
جيئن ته اسان جو موضوع صرف شيخ صاحب جي ان خيال سان واسطو رکي ٿو جيڪي طبقاتي فڪر جي مخالفت ۾ آهن يا حمايت ۾ پر پوءِ به مختصر سندس ٻوليءَ جي غلطين ۽ سندس غلط مشاهدن تي روشني وجهئون ٿا ته جيئن سندس ٻوليءَ وارو حصو پڻ واضع ٿئي- شيخ صاحب ڏاندن جي قسمن کي ڪجهه هيئن سمجهايو آهي.
ڪڪڙو – اڇو ڪارو ڏاند
تيلو – هلڪي ڦڪي رنگ جو ڏاند(26)
هتي ڪڪڙو ۽ تيلو ڏاندن جي رنگ جي حساب سان ٻه الڳ قسم آهن پر انهن جي وضاحت غلط ڪئي وئي آهي.ساڳئي طرح شيخ صاحب لفظ لُوٺِ کي ڪتب آندو آهي ۽ ان جي پڻ وضاحت ڪئي آهي ’’لوٺ=مٿانهين ڪلراٺي زمين‘‘(27)
هتي غلطي اها آهي ته لوٺ ڪلراٺي زمين کي نه پر ان منظر کي چيو ويندو آهي جڏهن باهه بيٺل جهنگ کي ساڙي وڃي ۽ پوءِ جيڪو اهو ڪارو سڙيل منظر ٿيندو ان کي لوٺ سڏيو ويندو آهي. درياءُ جي ڪناري رهندڙ اصطلاحن پڻ چوندا آهن ته ڪارو لوٺ ٿي ويو آهين اهڙي طرح شيخ صاحب چوي ٿو ته:
’’آڀون- جوئر جا سيڪيل سنگ‘‘(28) حالانڪه عام مشاهدو آهي ته آڀون ڪڻڪ جي سنگن کي ان وقت چئبو آهي جڏهن داڻو ساوڪ ڇڏي ڪَڪُوربو آهي پر پوءِ به ان ۾ ڪچائپ موجود هوندي آهي سنگ جي رنگت پڻ ڪچي واري هوندي آهي نه وري پڪي واري- ڪڻڪ جي اهڙي سنگن کي پٽي باهه تي سيڪي پچايو وڃي ته ان کي پڻ آڀون پچائڻ سڏبو آهي وغيره- بقول شيخ صاحب جي ته ڍانڍيئڙو پکي کي اتر سنڌ (دادو ۽ لاڙڪاڻو) وارا من موسڙو سڏيندا آهن- جنهن پکيءَ جو ذڪر شيخ صاحب ڪري ٿو ان جا ٻه قسم آهن هڪڙو ’’هيئڙو‘‘ جيڪو وزن ۾ ننڍو ٿيندو آهي ٻيو ڍانڍي هيئڙو آهي جيڪو وزن ۾ پهرين کان وڏو آهي پر هن ٻنهن جي رنگت هڪ جهڙي آهي شيخ صاحب هن پکيءَ جي ٻئي قسم جي ڳالهه ڪئي آهي پر ان جو نالو پڻ غلط لکيو آهي جڏهن ته من موسڙو پکي- مٿئين پکين جي مقابلي ۾ تمام ننڍو آهي ۽ ان جو رنگ ۽ علامتون پڻ الڳ آهن- ڪڏهن به ڍانڍي هيئڙي کي من موسڙو نه چيو ويندو آهي شيخ صاحب غلط ٿو چئي.
(هن لاءِ ڏسو شيخ جو ڪتاب ’’اڀر چنڊ پس پرين‘‘ صفحو نمبر 227) ساڳي وقت شيخ صاحب چوي ٿو ’’ڍانڍيئڙو جي آکيري ۾ ڪهڙي ازلي حقيقت لڏي رهي آهي‘‘(29)
جڏهن ته هي اهو پکي آهي جيڪو آکيرو ڪُهڙ ۾، جهپ ۾ يا ٻوڙي وغيره جي هيٺ ۽ اندر ٺاهيندو آهي اهو آکيرو ڪڏهن به هوا ۾ نه لڏندو آهي شيخ صاحب کي هن پکيءَ متعلق غلط مشاهدو آهي. محترم اياز صاحب لکي ٿو ته ’’نورڪا اسپين ائين پئي هلندي ڏاند کي چُچُڪاري هن جي سيني ۾ تلوار کوڙي ويندي‘‘(30) هتي جيڪو شيخ اياز صاحب لفظ ’’چُچُڪار‘‘ ڏاند لاءِ لکيو آهي اهو غلط آهي ڇاڪاڻ ته ڪتي کي چُچُڪار بو آهي. جڏهن ته ڏاند کي ٻُچِڪاربو آهي. مٿي مختصر جن غلطين کي ظاهر ڪيو ويو آهي شيخ صاحب اهڙيون غلطيون تمام گهڻيون ڪندو رهي ٿو جڏهن ته فارسي، اردو يا عربي لفظ پڻ ڪتب آڻي ٿو جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ سنڌي لفظ موجود آهن.
نچوڙ:-
اسان جي هن تحقيق مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته شيخ اياز صاحب جو طبقاتي فڪر سان ڪوبه واسطو نه رهيو آهي پر شيخ صاحب جي اها خوش نصيبي آهي جو هن کي اهڙا تعريف ڪندڙ دوست مليا جيڪي هن جون تعريفون ڪندا رهيا آهن. شيخ صاحب کي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ترقي پسند ۽ روشن خيال ليکڪن ۾ لکيو ۽ پڙهايو ٿو وڃي جڏهن ته شيخ صاحب پنهنجي جوهر ۾ روشن خيال نه هيو ۽ نه وري سندس تعلق ترقي پسند خيالن سان هو خاص ڪري شيخ صاحب جيڪا طبقاتي فڪر تي تنقيد ڪئي آهي اها ڇسي آهي ۽ ان مان شيخ صاحب جي ان خيال جي خبر پوي ٿي جيڪا هو پورهيت فڪر لاءِ رکي ٿو. شيخ طبقاتي فڪر جي روشني ۾ انقلاب آڻيندڙ جي مقابلي ۾ پنهنجي پاڙي واري مسجد جي مُلي کي سٺو سمجهي ٿو سو به ان دور ۾ جڏهن ملان طالبان جي صورت ۾ افغانستان جنگ ۾ حصو وٺي رهيا آهن- نه صرف طبقاتي فڪر جي حوالي سان پر شيخ ٻوليءَ جي حوالي سان رومانوي شاعري جي حوالي سان يا قومي شاعريءَ جي حوالي سان غير سنجيده وارو مظاهرو ڪري ٿو ٻيو ته شيخ صاحب جو ڪوبه هڪ نظريو نه رهيو آهي پر مجموعي طور هو مذهبي رهيو آهي خود غرض ۽ مطلب پرست پڻ رهيو آهي جڏهن بيدل مسرور هن جا گيت ڳايا ته هن بيدل کي عظيم انقلابي راڳي وڪٽرجارا ڪري سڏيو وغيرهه.
ته اي خدا
مون کي دڳ ڏيکار!
مان تنهنجي
ڏس تي
ٻاٻريءَ ڪنڊن تان به
پنڌ ڪري
وڌندو رهندس (31)
شيخ صاحب پنهنجي لاءِ جيڪا دعا گهري آهي اها دعا کيس گهڻو پهرين ياد هئي پر ڪتابي صورت ۾ دير سان آئي ۽ شيخ صاحب ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه آهي.
نمبر مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو اداري جو نالو جنهن ڇپرايو سن صفحو
1 اياز شيخ ڪپرٿوڪن ڪري نيو فليڊس پبليڪيشن
ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 1986 52
2 اياز شيخ سر لوهيڙاڳڀيا نيو فليڊس پبليڪيشن 1993 291
3 اياز شيخ وڄون وسڻ آيون ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 1995 55
4 اياز شيخ سرلوهيڙاڳڀيا نيو فليڊس پبليڪيشن 1993 123
5 اياز شيخ سرلوهيڙاڳڀيا ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 1993 224
6 اياز شيخ ڪلهي پاتم ڪينرو عجاز محمد صديقي 1963 58
7 اياز شيخ ڪلهي پاتم ڪينرو عجاز محمد صديقي 1963 68
8 اياز شيخ ڪلهي پاتم ڪينرو عجاز محمد صديقي 1963 71
9 اياز شيخ ڪلهي پاتم ڪينرو عجاز محمد صديقي 1963 65
10 اياز شيخ ڪلهي پاتم ڪينرو 1963 321
11 اياز شيخ ڪپرٿو ڪن ڪري نيو فيلڊس پبليڪيشن 1986 87
12 اياز شيخ راڄ گهاٽ تي چنڊ نيو فيلڊس پبليڪيشن 1987 45
13 اياز شيخ سرلوهيڙاڳڀيا بيوفيلڊس پبليڪيشن
ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 1993
14 اياز شيخ سرلوهيڙاڳڀيا بيوفيلڊس پبليڪيشن
ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 1993 242
15 اياز شيخ سرلوهيڙاڳڀيا بيوفيلڊس پبليڪيشن
ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 1993 334
16 اياز شيخ سرلوهيڙاڳڀيا بيوفيلڊس پبليڪيشن
ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 1993 237
17 اياز شيخ سرلوهيڙاڳڀيا بيوفيلڊس پبليڪيشن
ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 1993 178
18 اياز شيخ راج گهاٽ تي چنڊ بيوفيلڊس پبليڪيشن
ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 1987 205
19 اياز شيخ سرلوهيڙاڳڀيا بيوفيلڊس پبليڪيشن
ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 1993 239
20 اياز شيخ راج گهاٽ تي چنڊ بيوفيلڊس پبليڪيشن
ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 1987 231
21 بخاري استاد ڌرتي سرتي سنڌ ساهت گهر حيدرآباد 1991 178
22 شيخ اياز ڪپر ٿو ڪن ڪري نيو فيلڊس پبليڪيشن 1986 293
23 شيخ اياز سرلوهيڙاڳڀيان نيو فيلڊس پبليڪيشن 1993 178
24 بگٽي قربان علي ترقي پسند فڪر جو تنقيدي مطالعو سنڌ نيشنل اڪيڊمي ٽرسٽ 2000 143
25 اياز شيخ سرلوهيڙاڳڀيا نيو فيلڊس پبليڪيشن 1993 216
26 اياز شخ اُڀر چنڊ پس پرين 68
27 اياز شيخ اُڀر چنڊ پس پرين 246
28 اياز شيخ اُڀر چنڊ پس پرين 111
29 اياز شيخ گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا 34
30 اياز شيخ گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا 34
31 اياز شيخ سرلوهيڙاڳڀيا نيوفيلڊس پبليڪيشن
ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 1993 290