لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

فيض جوڻيجي جو سال 2009ع جو پيش ڪيل ڊاڪٽوريٽ لاءِ ٿيسس “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” نظر مان ڪڍيو اٿم ۽ حيراني آهي ته ايترو خوبصورت انداز ۾ سنڌ جي اندر مارڪسي نڪتي نگاهه ۽ ترقي پسند نڪتي نگاهه کان ڪتابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هڪ ته اهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڇپيل آهن ۽ ٻيا اُهي ڪتاب آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ جا ڇپيل آهن
Title Cover of book طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر

• غني ڪانڌڙو

محترم غني ڪانڌڙي جو جيڪو ادبي پورهيو آهي ان جو جائزو وٺڻ لاءِ اسين ادبي صنفن جي آڌارتي ٽن حصن ۾ ورهايون ٿا.
(1) شاعري (2) ڪهاڻيون (3) مضمون
1- شاعري:- شاعريءَ ۾ غني صاحب پنهنجو تخلص عابد استعمال ڪري ٿو هن شاعري ۾ بيت، غزل ۽ آزاد نظم لکيو آهي، سندس شروعات واري شاعري تي مذهبي رنگ چڙهيل آهي، جڏهن ته ڪجهه بيت صوفي ازم جي روشنيءَ ۾ لکيل آهن. سندس ڪجهه غزل پنهنجي جوهر ۾ مولود آهن پر غني انهن کي غزل لکي ٿو غني پنهنجي تخليق تي سن ۽ تاريخ لکندو رهي ٿو ان مان اهو اندازو لڳائڻ آسان ٿئي ٿو ته غني ڪانڌڙو 1975ع کان 1980ع تائين مذهبي رهيو آهي.
ٿلهه عمر وئي اجائي دنيا جي فڪر ۾
نه ڪيوسين عمل جو اچي ڪم قبر ۾
بند:- دنيا ڪاڻ دلبر رنجائي ڇڏيو ٿئي
مليو موقعو پر وڃائي ڇڏيو ٿئي
نه گذري گهڙي ڪا خدا جي ذڪر ۾
غني جا بيت جيڪي مٿي ڄاڻايل وقت ۾ لکيل آهن انهن ۾ غني مذهب جي اهميت وحدانيت ۽ هيڪڙائي سمجهائي ٿو پر 1982ع ۾ غني جي سوچ ۾ فرق اچي ٿو ۽ هو پنهنجي شاعري ۾ قوم پرستيءَ جو اظهار ڪري ٿو:
آزاد وطن پنهنجو ڪرائڻ مان گهران ٿو
هن ديس مان دشمن ڀڄائڻ مان گهران ٿو
غني جي مٿي ڏنل شاعري تمام ٿوري مقدار ۾ آهي ان کان پوءِ غني شاعري کي ختم ڪري ڪهاڻي طرف اچي ٿو غني اها مختصر شاعري سندس شعور جي ارتقا جو پيغام ڏيئي ٿي، غني جي شاعريءَ قوم کي ڇا ڏنو يا ڏيندي اهو سوال مون وٽ وڌيڪ اهميت وارو نه آهي پر مان سمجهان ٿو ته غني جي اها شاعري غني جي ان ڪيفيت جو ذڪر ڪري ٿي جيڪي مذهب يا قوم پرستي جي صورت ۾ هن جي اندر پئدا ٿيون هيون. هڪ ته غني جي شاعري تمام ٿوري آهي ٻيو ته بحر ۽ وزن ۾ پڻ کٽل آهي پر اسان ان کي هتي صرف ان ڪري ڏنو آهي جو غني جيڪو اڄ مضمونگار آهي ۽ جدليات تي لکي رهيو آهي، ان جي بنياد عقيدي ۽ وسوسن تي هو. عبدالغني عابد ڪانڌڙو کي غني ڪانڌڙو جي منزل تي رسائڻ ۾ پورهيت فڪر ۽ ان جي پيروڪارن جو ڪيترو هٿ آهي، شايد غني به ان کي وساري ڇڏيو هجي پر اها حقيقت آهي ته جيڪو غني شاعري ۾ آهي اهو غني 1985ع کان پوءِ نه رهيو آهي.
2- ڪهاڻيون:- غني صاحب 1983ع کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون جيڪي اٽڪل 15 کن آهن ۽ سڀئي اڻ ڇپيل آهن، غني جي ڪهاڻين جا اڪثر موضوع سماجي مسئلن ۾ ڦاٿل سنڌ جي نوجوانن تي ٻڌل آهن يا وري ان قديم رسمن تي ٻڌل آهن، جيڪي هن وقت سنڌي سماج جي ارتقا ۾ رڪاوٽ آهن. ”گئونچن کي مهٽ“ هن ڪهاڻي ۾ نوجوانن پنهنجي اندر جيڪي جنسي تبديليون، عمر جي حساب سان محسوس ڪري ٿو انهن جو ذڪر ٿيل آهي هن ڪهاڻي ۾ نه ته منظر نگاري سٺي آهي ۽ نه وري ڪو مقصد يا ڊائلاگ تي ڌيان ڏنو ويو ”من ڀري ٿيو ڀورا“ هن ڪهاڻي ۾ غني صاحب نه ته ڪهاڻي جي پلاٽ تي ڌيان ڏنو آهي ۽ نه وري زمان ۽ مڪان جو خيال رکيو آهي. هن ڪهاڻي ۾ نه ته ڪو ڪردارن ۾ سٺو ڳانڍاپو ڏيکاريو ويو آهي. ساڳي غلطي ڪهاڻي ” سپاهي“ ۾ پڻ ڪئي وئي آهي، غني صاحب ڪٿي به اهو واضع نه ڪيو آهي ته سپاهي ڇاجي لاءِ وڙهي رهيا آهن فڪري طور به هي ڪهاڻي مبهم آهي ڪهاڻي ”ههڙا هاڃان ڇو“ ۾ غني صاحب وڏيرڪي ظلم جو نقشو چٽيو آهي. ساڳي وقت هاري جي محرومي جو ذڪر آکاڻي واري انداز ۾ ڪندو رهي ٿو. غني جي سنجيدهه ڪهاڻين ۾ ”اندر جي آنڌ“ ڪجهه بهتر آهي، هن ڪهاڻي ۾ ان نوجوان ڇوڪريءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي جنهن کان سندس وَرُ عمر ۾ 10 سال ننڍو آهي، ڇوڪري پنهنجي هم عمر ڇوڪري سان محبت ڪري ٿي. ان جي کڙڪ جڏهن ڇوڪريءَ جي مائٽن کي پوي ٿي ته هو ڇوڪري جي ماءُ کان ان جو پلاند وٺن ٿا ۽ ان جي عزت ۾ هٿ وجهن ٿا، جڏهن جو هن ڪهاڻي جو پلاٽ ڪمزور آهي پر ڪهاڻيءَ جو مقصد چٽو آهي- ”ڪالو جا ڪلور“ غني صاحب جي هيءَ ڪهاڻي پنهنجي جوهر ۾ هڪ ڀرپور مزاحيا ڪهاڻي آهي ڪالو جيڪو هڪ ڳهلو نوجوان آهي ان جي سادگي جي ڪري ان کان جيڪي عمل ٿين ٿا اهي ڀوڳ جو ڪارڻ ٿين ٿا غني ان جي عڪاسي ڏاڍو سٺي نموني ڪري ٿو.
”ملان هن کي اڳ ۾ سمجهائي ڇڏيو هو ته جيئن آءُ چوان تيئن چوندو ۽ ڪندو وڃجانءِ، ڪالو قرآن کي هٿ ۾ جهلي جيئين ئي اوڪڙو ٿي ويٺو ته هن جي گوڏ جو پلئه لهي وڃڻ ڪري ٿورڙي اوگهڙ ظاهر ٿي پيس تنهن تي ملان چيس ته ڪالو گوڏ جو پلئه ٺاهه- ڪالوءَ سمجهيو ته شايد قرآن بخشراڻي شروع ٿي سو ساڳيا ملان وارا چيل لفظ ورجهايائين ته ”ڪالو گوڏ جو پلئه ٺاهه“ ملان جي طبيعت کي ٿورڙو جهٽڪو ته لڳو پر برداشت ڪندي ڪالوءَ کي وري چيائين ته گوڏ جو پلئه ٺاهه اگهاڙو ٿو ٿئين! ڪالوءَ وري به اهي لفظ ورجايا. ملان جي سهپ پوري ٿي وئي سو ڪالوءَ کي ڪاوڙ منجهان دڙڪو ڏئي ساڳي نصيحت ڪيائين- ڪالوءَ به دڙڪو ڏيندي اهي لفظ ورجايا ملان تپي باهه ٿي ويو سو رکي قرآن کي پاسي تي جتي لاهي ڪالوءَ تي کپي ويو ڪالوءَ کي جيئن ته جتي ڪانه هئي. سو ٻڪرين کي هڪلڻ واري ٻٻر جي آلي سوٽي نما لڪڙ سان موٽ ۾ ملان تي وسڪارو لائي ڏنائين. ملان جي هٿن مان جتي وسائيندي وسائيندي ڪري پئي جنهن ڪري وڃي ڪالوءَ کي ڀاڪر وجهي دسڻ جي ڪوشش ڪيائين- ڪالوءَ به موٽ ۾ ڀاڪر وجهي ملان کي جانٺو هڻي ڪيرائي مٿان ارهه تي چڙهي ويهي رهيس ۽ مُڪن جو وسڪارو لاهي ڏنائينس، ملان کي جڏهن ٺاهوڪيون مڪون ۽ ٺونشا لڳا تڏهن ڳالهه سمجهه ۾ آيس – رڙ ڪري ڪالوءَ کي چيائين بس بس بس - تڏهن ڪالوءَ به چيو بس بس بس ملان چيس ته ارهه تان هيٺ لهه ڪالو ٽپڪي ڏئي هيٺ لٿو، ملان جي ارهه تان، بيهندي چيائين ته قرآن بخشراڻي پوري ٿي ويئي ڇا؟“ (3)
ڏٺو وڃي ته غني جون اڪثر ڪهاڻيون پختيون نه آهن ان جو ڪارڻ خود غني جو ذهني طور مضبوط نه هئڻ آهي، غني سمورين ڪهاڻين ۾ پورهيت عوام واري واٽ گهٽ اختيار ڪئي آهي پر هو روايتي طور جيئن ڪهاڻيون لکيون وينديون آهن ان رخ ۾ هلندو رهي ٿو.
3- مضمون نگاري:- مطالعي دوران اهو احساس وڌيڪ ٿيندو وڃي ٿو ته غني صاحب جي اندر اهو مادو موجود آهي ته هو وقت ۽ حالتن تحت پنهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ اضافو ڪندو رهي ٿو. سندس مضمون ئي سندس فڪري ۽ نظرياتي وابستگي کي ظاهر ڪن ٿا هي پنهنجي مضمونن ۾ هر هنڌ مارڪسزم جي تعليم جو اظهار ڪندو رهي ٿو غير طبقاتي سماج هن جي منزل آهي هن جا مضمون پنجن قسمن جا آهن.
1- سائنسي مضمون جن ۾ هي فلڪيات تي وڌيڪ لکي ٿو.، بقول سندس ته سنڌ جي سائنسي ادب ۾ محترم عبدالله آريجو کانپوءِ هن جا مضمون فلڪيات تي آيا آهن.
2- ادبي مضمون، هن مضمون ۾غني صاحب سنڌي ادب ۽ موسيقيءَ تي نظر وجهي ٿو.
3- سياسي مضمون، هنن مضمونن ۾ غني قومي ۽ عالمي سياست جو شيد ڪندي ان تي تنقيد ڪري ٿو ۽ ان جي اصلاح ڪري ٿو.
4- سماجي مضمون، هنن مضمونن ۾ غني صاحب سنڌي سماج ۽ عالمي سماج جي براين کي کڻي ٿو ۽ سٺي سماج لاءِ رايا ڏئي ٿو.
5- فڪري مضمون، هنن مضمونن ۾ غني جدلي طريقي سان گڏ تخليق ۽ تخليق ڪار تي نظر وجهي ٿو.
1- سائنسي مضمون: دنيا جون جيڪي ترقي يافته ٻوليون آهن انهن ۾ هر شعبي جي الڳ اکر وينجهه (ڊڪشنري) موجود آهي پر اسان جي ٻوليءَ ۾ اهو ڪم نه ٿيو آهي نتيجي طور ان مخصوص علمن جو اڀياس ڪندي ان کوٽ جو وڌيڪ احساس ٿئي ٿو. پر جڏهن اسين غني ڪانڌڙو جي سائنسي مضمونن تي نظر وجهون ٿا ته ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون، هڪ ته هو اسان کي سائنسي معلومات تخليق واري انداز ۾ ڏيندو رهي ٿو ٻيو ته انگريزيءَ جي جاءِ تي پنهنجي ٻوليءَ جا لفظ چونڊي ان شين کي ڏيندو رهي ٿو مثلا: آسماني ڇپ، آسماني جنب (ايسٽورائيڊ)وغيره- جيئن ٿه غني جا هي مضمون سائنس سان ٿا تعلق رکن نتيجي طور اسان جي هن موضوع کان هٽيل آهن نتيجي طور انهن جو ڳوڙهو اڀياس هتي پيش نٿو ڪجي.
2- ادبي مضمون: ادب متعلق جيڪي مضمون لکيا ويا آهن اهي تعداد ۾ گهٽ آهن پر جتي غني صاحب ادب جي مستقبل تي نظر وجهي ٿو اتي ادب جي وضاحت پڻ ڪري ٿو بقول سندس ته ”ادب بنيادي طور واندڪائيءَ جي هڪ اهڙي وندر آهي جنهن سان پڙهندڙ جي سماجي اصلاح ٿيندي رهي ٿي حساس پڻو وڌي ٿو. انسانيت وڌي ٿي ماڻپو وڌي ٿو“ (4) ادب جي اندر جيڪا لڳاتار هئت بدلجندي رهي خاص ڪري شاعري جي اندر نيون صنفون آيون آهن مثلا: آزاد نظم، نثري نظم وغيره. ان ماحول کي ذهن ۾ رکندي غني راڳ ۾ پڻ آزاد راڳ ڏي ڌيان ڇڪائي ٿو.”اهو ممڪن آهي ته عوام جي عدم دلچسپي جي ڪري ڳائڻو باقي بچيل راڳ به ياد رکڻ ڇڏي ڏي رڳو عوامي مروج ٻولي ۾ نثراڻو نظم يا آزاد نظم آزاد راڳ ۾ ڳائي جنهن جو هڪڙو به الاپ ڪنهن راڳ ۾ نه هجي“ (5) هتي غني جو اشارو جتي راڳ جي نئين طريقي ڪار طرف آهي اتي اهو به احساس جاڳي ٿو ته ڪلاسڪ راڳ(فن) مري ويندو ڇاڪاڻ جو ان جي ضرورت نه رهندي پر اسان جو خيال آهي ته فن نه مرندو ڇاڪاڻ جو انسان لڳاتار سٺائي طرف سفر ڪري رهيو آهي ۽ مستقبل جو سماج نه صرف غير طبقاتي ٿيندو بلڪ انسان جي عمر وڌي ويندي. سائنسي تخليق جي واڌ جي ڪري پورهي ۾ مشين جو استعمال وڌيڪ ٿيندو ۽ انسان وٽ واڌو وقت گهڻو هوندو نتيجي طور هو هر فن جي ڳوڙاهپ طرف ويندو ٻيو ته ضروري نه آهي ته ڪو هر فرد تجريدي خيال جو ڪائل هجي. مختصر ته ادب ۽ فن ڪي بيٺل نه آهن پر انسان جي ارتقا ۽ ترقي سان گڏ انهن ۾ پڻ تبديلي آئي آهي پر اهو چئي ڇڏڻ ته فن ۽ فڪر مان تجريديت ختم ٿي ويندي اهو وهم آهي پر حقيقت نه آهي.
3-سياسي مضمون: سندس سياسي مضمون ٻن رخن جا آهن هڪڙو رخ سنڌ ڌرتي سان تعلق رکي ٿو ۽ ٻيو عالمي سياست سان، جڏهن ته عالمي سياست واري حصي ۾ غني عالمي سامراج ۽ پورهيت کي الڳ ڪري پيش ڪري ٿو پهرين اسين سندس قومي مضمون طرف اچون ٿا هنن مضمونن ۾ غني جتي سنڌ جي غلاميءَ جو ذڪر ڪري ٿو اتي سنڌ جي معاشي ترقيءَ لاءِ رٿون ۽ رايا ڏيندو رهي ٿو. هو ٿر جي ڀٽن کي ڪارونجر کي عام اک سان نٿو ڏسي ۽ نه وري سيوهڻ جي ڏونگرن کي وساري ٿو پر انهن پهاڙن تي پوندڙ مينهن کي ڪٺو ڪرڻ لاءِ ڊيمن جو خيال ظاهر ڪري ٿو سنڌ جي ذرعي ۽ صنعتي ترقي لاءِ مشورا ڏئي ٿو سنڌ جي خود مختياري لاءِ ڪميونسٽ اڳواڻ لينن جي تعليم مان دليل ڏئي واضع ڪري ٿو ته سنڌ کي اهو حق آهي ته هو الڳ ملڪ جي حيثيت ۾ رهي ساڳي وقت غني هن ڌرتي سان غداري ڪندڙ ڏيهي قوتن خلاف پنهنجو اظهار هن ريت ڪري ٿو . ”هر حملي آور جي دور ۾ سنڌ منجهان کيس پنهنجو ساٿاري منفي قوت رکندڙ، کيس ملندو جنهن کيس هتي مستقل رهڻ جي ترغيب ڏني“ (6) هن مان سڌ پوي ٿي غني سنڌ جي غلامي جي ڪارڻ کي صرف خارجي رخ ۾ نه ٿو ڏسي پر داخلي سببن کي پڻ نظر ۾ رکي ٿو سرمائيداري سماج تي نظر وجهندي هو سرمائيدار جي معاشي مفادن کي نظر ۾ رکي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو سرمائيدار سماج ۾ سٺائي کي نظر ۾ نٿو رکي پر هو پنهنجن مفادن کي اوليت ڏئي ٿو. ”سرمائيدارن کي معاشري جي سڌارن يا خراب ٿيڻ سان ڪابه دلچسپي نه هوندي آهي کين هر وقت ڳڻتي رڳو اهيا هوندي ته ڪهڙي اٽڪل ۽ چالبازيءَ سان سندن مصنوعاتون وڪجي سگهن ٿو.“ (7) پورهيت پرتن سان غني جو رشتو فطري آهي ڇاڪاڻ جو هو خود پورهيت انسان آهي ۽ پورهيتن تي لڳل ان الزام جي مزمت ڪري ٿو ته پورهيت ڪم ۾ دلچسپي نٿو وٺي هي ان جي وضاحت ڪري ٿو. سندس خيال اهو آهي ته پورهيت ڪرت ۾ جيڪي سنجٽ استعمال ڪري ٿو اها سندس ملڪيت نه آهي ۽ جيڪا شيءِ ان جي نه آهي هو ان ۾ ڇو دلچسپي وٺي پر اهو پورهيت جڏهن گڏيل ملڪيت واري نظام ۾ ايندو ته اهو به ڪم ڪندو ۽ سماج ۾ پڻ بهتري ايندي ”مزدور منجهه جڏهن مالڪيءَ جو احساس پئدا ٿيندو ته ڪم ۾ به دلچسپي وٺندو نتيجي ۾ پئدوارار جي ڪوالٽي به بهتر ٿيندي اهڙي طرح وڌيڪ ۽ سٺي پئداوار مطابق اجتماعي مالڪن جي معاشي حالت وڌيڪ نفي ڪمائڻ ڪري بهتر ٿيندي رهندي زائد قدرُ هڪ ڍير ٿي ڪنهن وڏي واڳئونءَ کي جنم نه ڏيندو.“ (8) غني صاحب تمام سادي ٻوليءَ ۾ ۽ سولي انداز سان پورهيت فڪر جي واکاڻ ڪري ٿو هو عقلي دليل ڏئي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته پورهيت کي جي ملڪيت جي مالڪي جو حق ملي ويو ته هو صداقت ۽ سچائي سان ڪم ڪندو ۽ استحصالي قوت نه هئڻ ڪري قدر زائد ڪٿي به ڪٺو نه ٿيندو ۽ نه پرماريت قوت پئدا ٿيندي غني جو اهو خيال واضع ڪري ٿو ته هو غير طبقاتي سماج کي پسند ڪري ٿو.
4- سماجي مضمون: غني صاحب سماجي مضمونن کي اڪثر اهڙن مسئلن کي کڻي ٿو جيڪي بظاهر معمولي لڳن ٿا هو انهن معمولي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پورهيت فڪر جو سهارو وٺي ٿو. بلڪ هو عالمي سوشلسٽ سماج جو دڳ به اختيار ڪري ٿو غني اهو نٿو سوچي ته ڪو ان سماج لاءِ حالتون آهن يا نه ۽ نه وري هو اهو سوچي ٿو ته عملي طور ڪردار ادا ڪرڻ سانحالتون نئون رخ اختيار ڪنديون آهن خود انقلاب عملي ڪردار جي پئداوار آهي وغيره. پر غني لکڻ جي حد تائين پنهنجو ڪم سر انجام ڏيندو رهي ٿو اڄ جي حالتن ۾ غني جو اهو ڪم به گهٽ نه آهي. ”اسان جو معاشرو جيئن طبقاتي آهي ان ڪري هر طبقي جي زال جي نفسيات ۾ فرق هجي ٿو. هيٺئين طبقي وارا زال ۽ مڙس جيئن گهڻو ڪري مذهبي هجن ٿا. ان ڪري اهي ٻارن ڄڻڻ واري عمل کي قدرتي سمجهي پاڻ کي هڪ معاشي ڌوڪي ۾ رکن ٿا.“ (9)
غني جي سماجي مضمونن جو ٻيو رخ سوشلزم جي تعليم آهي هو سوشلسٽ سماج مان نا اميد نه آهي پر هو ان کي ارتقا جو اصو ل سمجهي ٿو هي پنهنجي علم جي آڌار تي سوشلسٽ سماج لاءِ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿو ۽ اڪثر سماجي مسئلن جو حل پڻ سوشلسٽ سماج ۾ سمجهي ٿو ۽ هو پراميد آهي ته سوشلسٽ سماج ايندو پر ڪيئن ايندو ۽ فرد جو ڪردار، ان ۾ ڇا هئڻ گهرجي، غني ان پهلو تي نٿو سوچي هو صرف ارتقا جي اصول تي ڀاڙي ٿو. ان حوالي سان صرف غني اڪيلو نه آهي پر دنيا جا ڪافي سوشلسٽ اهڙا آهن جيڪي سوشلسٽ سماج جي انقلابي پهلو تي سوچڻ بجاءِ هو ان عقيدي جو شڪار آهن ته سوشلسٽ سماج اچي ويندو ”ارتقا جي اصول تحت دنيا سوشلسٽ نظام ڏانهن قدم وڌائي رهي آهي جنهن رفتار ۾ وري سائنسي ترقي واڌارو ڪري ڇڏيو آهي اهري طرح طبقاتي سماج تڪڙو تڪڙو ٽٽي رهيو آهي.“ (10) هتي غني اهو وساري وڃي ٿو ته ماحول ڪار طريقي ڪار نظريو ۽ عمل انقلاب لاءِ راهه تيار ڪن ٿا. هن وقت دنيا ۾ انقلاب کي روڪڻ لاءِ هر طريقو اختيار ڪيو ٿو وڃي ۽ جديد سامراج ان ۾ ڪامياب ويو آهي نظرياتي تعليم کي روڪي عقيدي کي عام ڪيو ويو آهي غني اهو وساري ڇڏي ٿو ته انقلابي طريقي ڪار کان سواءِ خود سائنس جا تخليق ڪار وهمي ۽ مذهبي آهن هو پنهنجي تخليق استحصالي قوت وٽ وڪڻي طبقاتي سماج کي وڌيڪ مظبوط ڪن ٿا ساڳي وقت سائنس جي ترقي جديد استحصالي طريقن کي پڻ جنم ڏنو آهي.
5_ فڪري مضمون: غني پنهنجي مضمون ”تخليق ڪار ايبنارمل ڇو هوندا آهن“ ۾ هي ڳالهه چوي ٿو ته تخليق ڪار مروج سماجي اصولن کان بغاوت ڪندي به ڪن سماجي براين جو شڪار ٿي وڃي ٿو. هي اهي برايون آهن جيڪي کيس کي نقصان ڏين ٿيون بقول غني جي ته ”ڪو هم جنس پرست، ڪو زاني، ڪو شرابي، ڪو سگريٽي، ڪو چانهه جو موالي، ڪو ڊاڙي ۽ ٻٽاڪي اڪثر ڪري صحتمند تخليق ڪار جي اندر جنم وٺن ٿيون ان جا مکيه ٽي سبب آهن. هڪ ته هو ڪنهن مڌرآرگنائيزيشن جو حصو نه هوندا آهن جيڪا نئين سماج لاءِ جاڳرتا ڪندي هجي ٻيو ته هو پنهنجي شخصي خول جي انا جو شڪار هوندا آهن جنهن ڪري منجهن احساس برتري وڌيڪ هوندي آهي ٽيون ۽ خاص اهو هوندو آهي ته هو زندگي جي جدلياتي طريقي کي نه سمجهي سگهندا آهن جنهن ڪري اهڙو ماحول به نه جوڙي سگهندا آهن نتيجي طور ماحول ڪار ۽ طريقي ڪار جي کوٽ سبب هو ان براين جو شڪار ٿيندا آهن جيڪي اڳ سماج ۾ موجود هونديون آهن تخليق ڪار جو اهو عمل سماج کي وسعت ڏيڻ بجاءِ پوئتي ڌڪڻ ۾ سڌي طرح نه سهي اڻ سڌي طرح ڪردار ادا ڪري ٿو. ان ڳالهه جو احساس غني کي پنهنجي مضمون ”معاشري ۾ چريائپ جي بيهڪ“ ۾ ٿئي ٿو ۽ چوي ٿو ”معاشرو جدلياتي اصولن تحت پراڻي کان نئين جي طرف سفر ڪندو رهي ٿو ان ڪري ان جدلياتي رفتار کي روڪي نٿو سگهجي جيڪو به ماڻهو انهن قدرن جي تبديليءَ کي هلندڙ عمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان ماڻهوءَ جو منفي ڪردار سمجهيو ويندو“ (12)
پاڪستان ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جي زوال جو سبب بڻجندڙ پاڪستان ڪميونسٽ پارٽيءَ جو نقشو غني هيئن بيان ڪري ٿو ”وڏن شهرن ۾ جيڪي نالي ماتر ڪميونسٽن جون سرگرميون هلندڙ هيون انهن منجهه رڳو سوويت يونين جو سهارو هڪ هوا طور ڀريل هو ۽ جڏهن سوويت يونين جي اها هوااوچتو نڪري ويئي ته اتي ڦوڪڻي جهڙا جڙتو ڪامريڊ سُسي ڇئوڙو ٿي ويا رڳو کل ئي کل اندر ۾ نه ساهه نه ست سندن ۾ ڀريل مفاد پرستي ظاهر ٿئي پئي۽ پوءِ هر هڪ پنهنجي مفادن پٺيان رمندو رهيو جن کي ڪرسيءَ جي خواهش هئي ته انهن اها حاصل ڪئي، ڪن کي پئسن جي بک هئي انهن ان جي پويان ڊوڙڻ شروع ڪيو اهڙي طرح منافقي ۽ لالچ تي ٻڌل اهو سڄو ڍانچو ڊاوانڊول ٿي ويو“ (13)
نچوڙ:- غني صاحب مذهبي سوچ کان سفر شروع ڪندي کن پل لاءِ قوم پرستي ۾ رڪي ٿو ۽ پوءِ مارڪسي فڪر ڏي لاڙو ڪري ٿو ۽ مستقل طور ان فڪر تحت لکندو رهي ٿو. غني ڪانڌڙو جي شاعريءَ ۾ ايتري جان نه آهي ۽ نه وري غني جون ڪهاڻيون فني ۽ فڪري طور مظبوط آهن پر غني جا مضمون جٽادار آهن غني کي مضمون نگار ڪوٺي سگهجي ٿو ساڳي وقت غني هڪ ڪميونسٽ مضمون نگار آهي غني مارڪسي فڪر ۽ عمل واري رخ کي گهٽ کڻي ٿو ساڳي وقت سندس مضمونن ۾ جنسي مسئلن تي وڌيڪ لکيو ويو آهي هن وقت سنڌي ادب ۾ تمام ٿورا ليکڪ آهن جيڪي جدلياتي فڪر کي اڄ به قبول ڪن ٿا. غني به انهن مان هڪ آهي. غني لکڻ جي حد تائين ته ڪردار ادا ڪري ٿو پر عملي طور سياست کان پري آهي. مختصر ته غني وٽ نه صرف فڪري پهلو آهي پر پنهنجي ٻولي جي نج لفظن کي پڻ کڻي هلي ٿو ۽ سادي ڳوٺاڻي ٻوليءَ کي پنهنجي مضمونن ۾ ڏئي ٿو.

حوالا

نمبر مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو ادارو جنهن ڇپرايو سن صفحو
1 غني ڪاندڙو ذاتي ڊائري اڻ ڇپيل 1976 216
2 غني ڪاندڙو ذاتي ڊائري اڻ ڇپيل 1982 189
3 غني ڪاندڙو ڪالوءَ جا ڪلور اڻ ڇپيل 06
4 غني ڪاندڙو ادب جي مستقبل جي شڪل خبرون اخبار 17-05-05
5 غني ڪاندڙو آزاد ۽ نثري نظم کان پوءِ آزاد راڳ عبرت ميگزين اپريل 2002
6 غني ڪاندڙو سنڌي مسلمان ضمير جي عدالت ۾ جاڳو (اخبار) 23-04-1997
7 غني ڪاندڙو اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سرمائيدار جاڳو (اخبار) 14-07-1997
8 غني ڪاندڙو پورهيت غلاميءَ کان مالڪيءَ تائين جاڳو (اخبار) 16-07-1997
9 غني ڪاندڙو زال جو نفسياتي جائزو جاڳو (اخبار) 10-09-1996
10 غني ڪاندڙو نئون سوشلزم ۽ سرمائيدار بلاڪ جاڳو (اخبار) 13-07-1997
11 غني ڪاندڙو شاديءَ جو مستقبل جاڳو (اخبار) 04-11-1997
12 غني ڪاندڙو تخليق ڪار ايب نارمل ڇو هوندو آهي برسات (اخبار) 03-09-1996
13 غني ڪاندڙو معاشري ۾ چريائپ جي بيهڪ برسات (اخبار) 13-03-1993
14 غني ڪاندڙو پاڪستان ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جو زوال برسات (اخبار) 05-12-1995