پيش لفظ
الطاف شيخ هالن نون ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم به اتي ئي حاصل ڪيائين. بعد ۾ پنهنجي محنت ۽ شوق ۽ ڪوشش سان اعلى تعليم حاصل ڪري بلنديءَ تي پهتو. ساڻس منهنجي پهرين ملاقات 1978-1979ع ۾ اسان جي هالا واري رهائشگاهه جي دروازي يعني ”ڪوٽ واري در“ تي ٿي.ان وقت پاڻ حضرت قبله مخدوم محمد زمان طالب المولى جن سان ملي واپس وڃي رهيو هئو. الطاف سان منهنجو تعارف سندس ڀاءُ اشفاق شيخ ڪرايو پر سچ پچ ته بلڪل ائين نه لڳو ته ڪو اهو پهرئين دفعي مليا هجون! ان جو سبب سندس مقبول سفرنامه آهن جن جي پڙهڻ مان دنيا جي چڱي خاصي معلومات کان علاوه خود سندس ذهني لاڙن سوچن ۽ خيالن سان گڏو گڏ سندس مزاج وغيره جي به واقفيت ٿئي ٿي. ڪنهن به تحرير جو عوام ۾ مقبول ٿيڻ ان جو معراج آهي.
الطاف شيخ جي نالي وٺڻ سان، ذهن ۾ فوراًهالا جو تاريخي شهر، سمنڊ ۽ سمنڊ جا سفر، بحري جهاز، دنيا جا ساحلي ملڪ، اتي جون ريتون رسمون وغيره اچي وينديون آهن. اهو سندس سليس ۽ ساده لکڻيءَ جو ڪمال آهي. منهنجي راءِ موجب ”الطاف شيخ“ جو نالو سنڌ جي انهن اديبن ۾ اچي ٿو، جن ادبي ميدان ۾ الڳ الڳ لاڙا آندا ۽ طرزون ڏنائون، ٻين لفظن ۾ ته اُهي اديب جن کي Trend setters چيو وڃي ٿو.
الطاف جو هي سفرنامو ان ملڪ (سئيڊن) بابت آهي، جيڪو يورپ جو آخري حصو سمجهيو وڃي ٿو. اتر قطب جي ويجهو هجڻ ڪري سئيڊن ۽ ان جا آسپاس وارا ملڪ (ناروي، فنلئنڊ وغيره) ڪيترن لاءِ ڏورانهان ۽ اوپراآهن. برف باري، شديد سردي ۽ جهڙڦڙ ۽ اونداهه جو هنن ملڪن تي ٻارهوئي راڄ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته دنيا جي سونهن، رهائش جي اعلى معيار، بهترين سوشل سيڪيورٽي جي طريقي ۽ Modernization ۾ سئيڊن سڀني ملڪن کان اڳرو آهي. Volvo ڪارن ۽ Saab هوائي جهازن جي هن ملڪ (سئيڊن) ۾ الطاف کي ويجهڙائيءَ ۾ ٻه سال رهڻ جو موقعو مليو، جتي هو واندڪائيءَ ۾ هن ملڪ ۽ ان جي ماڻهن بابت دلچسپ ڳالهيون لکندو رهيو ۽ هاڻ اهي ڪتابي صورت ۾ توهان جي آڏو آهن.
ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي دنيا جي اڪيلي ۽ Unique يونيورسٽي آهي جيڪا 1983ع ۾ سئيڊن جي ڏاکڻي شهر ۽ بندرگاهه مالمو ۾ ٺهي ۽ جنهن ۾ دنيا جي هڪ سؤ ملڪن ۽ ٻيٽن جا جهازي ڪئپٽن، چيف انجنيئر، پورٽ آفيسر ۽ وزارت مواصلات جا سينئر آفيسر M.sc. جي ٻن سالن جي ڪورس لاءِ اچن ٿا. هيءَ يونيورسٽي U.N.O جي خاص برانچ I.M.O طرفان ٺهرائي وئي آهي ۽ هيستائين پاڪستان مان پڻ ڏهاڪو کن آفيسر گريجوئيٽ ٿي چڪا آهن. الطاف انهن مان هڪ آهي. هن يونيورسٽي ۾ تعليم دوران شاگردن کي اوسي پاسي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ Field Trips۽ Research work لاءِ وڃڻو پوي ٿو. ان ڪري الطاف جي هن سفرنامي ۾ نه فقط سئيڊن ۽ يورپ بابت احوال آهي پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي دلچسپ ماڻهن جون ڳالهيون پڻ آهن، جيڪي الطاف سان گڏ ٻه سال سئيڊن ۾ هئا. تنزانيا جو دوبيلو، مئڊاگاسڪر ٻيٽ جي لالائو، يمن جو مبارڪ، فلپين جي ڊيزي، ملائيشيا جو ڪئپٽن لي ۽ سينيگال جي ائمي انهن مان چند دلچسپ شخصيتون آهن.
هن سفرنامي لکڻ تي الطاف ٻن سالن کان مٿي محنت ڪئي آهي ۽ مونکي سندن پهرين سفرنامن کان به وڌيڪ دلچسپ لڳي ٿو. مونکي خوشي آهي ته هن سفرنامي تي ڪجهه لکڻ لاءِ مونکي موقعو ڏنو ويو آهي.
سرنامو: مخدوم جميل الزمان
چيئرمين
طالب المولى اڪيڊمي
17 جون 1994ع
Bunglow No. II A,
2nd Sunset street
Defence Housing Authority,
Karachi. Tel. No. 5895711