جهاز جا مالڪ فرشتا نه آهن
چنگيز چيس: ”ڀلي ڳالهايو. اسان سڀ سدورا آهيون. سگريٽ سو پيئون ٿا پر هڪ شڪ نه اٿئون. اها فقط ترڪيءَ جي حسن کي آهي. پر گذريل ٽن ڏينهن کان سندس گلو خراب آهي سو ڳالهائڻ جي همٿ نٿي ٿيس. ان ڪري ڪلاس ۾ سڪون ڇانيل رهندو.“
”سر! آئون ماٺ ۾ آهيان. ڳالهائڻ جي پِٽ فلپين کان آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ آهي.“ منهنجي ڀر ۾ ويٺل حسن چيو. پروفيسر گولڊ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري پنهنجو ليڪچر شروع ڪيو.
”.......... ويندي سٺو قانون به بيڪار آهي جيڪڏهن اهو چڱيءَ طرح Implement نٿو ڪيو وڃي...........“
ترڪيءَ جي حسن بقال مونکي ٺونٺ هڻي هڪ فلپينو شاگرد ڏي اشارو ڪيو، جيڪو پنهنجي هم وطن شاگردياڻي (نيول آرڪيٽيڪٽ انجنيئر ڊيزيءَ) سان کسر پسر ڪري رهيو هو.
”ڏس سڄو ڏينهن ڊيزيءَ سان ڳالهين ۾ پورو آهي.“
”هون.“ مون مختصر جواب ڏئي پنهنجو ڌيان ليڪچر ڏي ڏنو.
”اهو نڀاڳو ويچاري ڊيزيءَ کي پڙهڻ نه ڏيندو.“ حسن بقال وري ٺونٺ منهنجي ڪک ۾ هڻي چيو.
”پوءِ ڀلا ڊيزيءَ لاءِ پاڻ لٺيون کڻون ڇا؟ سندن ئي ملڪ جي آهي.“ مون چيومانس.
”توهان ڪنهنجي پاران ڪورٽ ۾ وڙهندا آهيو؟“
نائجيريا جي جوليانا پروفيسر ايڊگر گولڊ کان سوال ڪيو.
”وڪيل لاءِ Clients سڀ برابر آهن. وڪالت جي ڌنڌي ۾ وڪيل ڪڏهن فرشتن جي پاسي هوندو آهي ته ڪڏهن شيطانن جي. شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته آئون جهازن جي مالڪن Ship Owners جا ڪيس کڻندو آهيان ۽ توهان کي ته خبر آهي ته جهازن جا مالڪ هميشه فرشتا نه هوندا آهن.“