فارينر کي ڪهڙي نانگ کاڌو آهي
هڪ هنڌ موسم تمام صاف هجڻ ڪري هيٺ ڌرتي بلڪل چٽيءَ طرح نظر اچي رهي هئي ۽ اتي زمين جا ڇلا ڇلا نظر اچي رهيا هئا. وچ ۾ ننڍو ڇلو ان بعد ان جي چوڌاري وڏو ڇلو ۽ ان بعد اڃا به وڏو. اهڙا انيڪ ڇلا نظر آيا ٿي. منهنجي پويان سئيڊش عورت اٿي بيهي، دريءَ مان ڪادير غور سان هيٺ نهاريو، پوءِ مون کان پڇيو:
”اهي ڇلا ڇلا ڇا ٿي سگهن ٿا؟“
آئون ان وقت ڪو جواب ڏيئي نه سگهيس. پر پوءِ هڪدم يادآيو ته اهي پڪ جبل هوندا. مئٽرڪ ۾ اسان جو هڪ سبجيڪٽ هوندو هو مئپ ريڊنگ. ان ۾ اسان جو ٽيچر _ ڪئپٽن عالم جان مسعود (هاڻ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل) جبلن لاءِ اهو نشان ياد ڪرائيندو هو. يعني مٿان ڏسڻ سان جبل ائين نظر ا يندا آهن.
پٺيان ويٺل عورت کي مون پنهجو اندازو ٻڌايو.
”هائو“ هن واڻيو، ”آئون به اهوئي سمجهان ٿي. جهاز پڪ ترڪيءَ مٿان آهي. طبريز (ايران) کان انقره (ترڪيءَ) تائين اهو سلسلو آهي.“
ايتري ۾ جهاز جي ٽي وي تي هلندڙ فلم جو هڪ حصو ختم ٿيو ۽ ٻيو شروع ٿيڻ کان اڳ وري نقشو ۽ ان مٿان اسان جي جهاز جي پوزيشن ڏيکاري ويئي ته واقعي جهاز ترڪيءَ مٿان هو ۽ هاڻ اڳيان ڪاري سمنڊ ۽ رومانيا مٿان لنگهڻو هوس. مون هن اتر يورپ جي رهاڪو عورت جي جاگرافيائيءَ ڄاڻ کي داد ڏنو.
”ٽيچر آهيو؟“ مون پڇيومانس.
”نه. هائوس وائيف آهيان ۽ پنهنجين ساهيڙين سان گڏ گهمڻ لاءِ نڪتي هيس.“
پاڻ ڪراچيءَ کان هن جهاز ۾ چڙهي هئي.
”پاڪستان ڪيئن لڳو؟“ مون پڇيو مانس.
”اسين هندستان ويون هيونسين. هتي رڳو جهاز بدلائڻ لاءِ ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ ائيرپورٽ تي لٿيون هيونسين. ڇو جو اسان جو سنگاپورايئرلائين جو جهاز جنهن ۾ بمبئيءَ کان چڙهيونسين اهو ڪراچيءَ بعد دبئي ۽ ان بعد جرمني وڃڻو هو. انڪري ڪراچيءَ ۾ لهي هن پي آءِ اي جي جهاز ذريعي سڌو ڪوپن هيگن وڃي رهيون آهيون.“
”اها ڳالهه آهي.“ مون دل ۾ سوچيو. ڪراچيءَ جي رستن تي اڄڪلهه ڪو فارينر نظر ئي نٿو اچي.
”آئي سارو پاڪستان به گهمي وڃو ها. ٻيو نه ته ڪراچي يا موهن جو دڙو. توهين هڪ ڏينهن ۾ گهمي سگهيون ٿي.“
مون کيس ائين چيو، ڄڻ سندس معلومات ۾ اضافو ڪري رهيو هجان ۽ منهنجي ان سهڻي صلاح تي هوءَ افسوس ڪري چوندي ته هن کان غلطي ٿي وئي. واقعي آئي سارو روشنين جو شهر ڪراچي ۽ انسان جي پنج هزار پراڻي تهذيب جو جيئرو ثبوت موهن جو دڙو جنهن تي اسان سنڌين کي ناز آهي، ڏسون ها. پر هن افسوس ڪرڻ بدران هڪدم چيو:
”رستي جو امن ۽ رهائش جي سلامتي ڪٿي آهي جو اهڙي پٽ تي وڃجي.“سندس آواز ۾ سخت کهراڻ هئي. هاڻ هن کي ڇا ويهي چوانس ته سنڌ سلامتيءَ جوهندورو آهي. هن کي ڇا ويهي سنڌ جي صوفين ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب بابت ٻڌايان. ڇا ويهي سبق ڏيانس ته سنڌي مهمان نواز آهن. سنڌي سٻاجها ۽ سدورا آهن.
منهنجي گهڻي Convince ڪرڻ تي وڌ ۾ وڌ هوءَ اهي خوبيون ماضي سان وابسته هجڻ جي مڃتا ڪري ها. انڌي ۽ ٻوڙي ته ڪانه هئي. دنيا جي ماڻهن وانگر هوءَ به اخبارون، ريڊيو، ٽي وي پڙهندي ۽ ڏسندي ٻڌندي هوندي. گذريل ڏهاڪو سالن ۾ دنيا جي ماڻهن جو جيڪو سنڌين لاءِ رويو ۽ رايو ٿيندو وڃي اهوئي هن جو به هوندو. سنڌي جيڪي وتن ڌاڙا ۽ کاٽ هڻندا. سنڌي جيڪي وتن ڍورن وانگر ماڻهن کي اغوا ڪندا. نه ٿا ڇڏين ٻار نه عورتون. مسجدن مان ٻانگن ۽ تراويحون پڙهندڙ پوڙهن کي به کڻيو وڃن. سنڌ جي ڳوٺاڻن جو نصيب اڳهين ڇا هو؟ بيروزگاري، بيماري ۽ بيوسي. ان تي به سندن پنهنجا ئي سنڌ ي راڪيٽن ۽ ڪلاشنڪوفن سان حملا ڪري گهر ٻار ۽ ڳوٺ تباهه ڪيو ويٺا آهن. اتي هڪ فارينر کي ڪهڙي نانگ کاڌو آهي جو سيوهڻ ۾ اچي قلندر شهباز جي سلامي ڀري، سکر ۽ خيرپور اچي الور ۽ ڪوٽ ڏيجي جا قلعا ڏسي، موهن جو دڙو ۽ ڀنڀور ڏسي، درٻيلو ۽ بکر ڏسي. سوچڻ جي ڳالهه آهي.
آئون ڪوپن هيگن تائين باقي سفر ماٺ ۾ ئي ويٺو رهيس.