ٻه ۽ ٻه گهڻو ٿيو؟
پروفيسر گولڊ چيو: ”جهازن سان تعلق نه رڳو توهان ڪئپٽنن، انجنيئرن ۽ بندرگاهه وارن جو آهي پر اسان وڪيلن جو پڻ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر هڪ جو واسطو پنهنجي پنهنجي نوعيت جو آهي.“
ان بعد هن هڪ دلچسپ لطيفو ٻڌايو.
”ڪنهن حسابن جي ماهر کان پڇيو ويو ته ٻه ۽ ٻه ڇا ٿيندو؟
هو وڏي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڪجهه ديرسوچ ويچار ۽ ڪجهه سلائيڊ رول ۽ ڪئلڪيوليٽر کان ڪم وٺي وراڻيائين:
”فور ڊيسيمل زيرو زيرو (چارڏهائي ٻڙي ٻڙي ٻڙي) ٿيندو.“
اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪنهن همراهه کان ساڳيو سوال ڪيو ويو ته ٺهه پهه وراڻيائين:
”سون جو اگهه پيا پڇو يا چانديءَ جو؟ بهرحال ٻن ۽ ٻن جو جوڙ ٽن ۽ پنجن جي وچ ۾ ٿيندو.“
چيف سيڪريٽري کان جڏهن ساڳيو سوال ڪيو ويو ته وراڻيائين:
”وزير ڇا ٿا چون؟ (يعني منهنجو به اهوئي جواب آهي.)“
هڪ واپاريءَ کان پڇيو ويو ته وراڻيائين.
”جي مونکي ڏيڻا آهن ته ٻه واڌو ٻه ٽي. پر توکي ڏيڻا آهن ته ٿيندا پنج.“
۽ جڏهن وڪيل کان پڇيو ويو ته ٻه ۽ ٻه گهڻو ٿيندو؟ ته ٺهه پهه جواب ڏنائين:
”توهان گهڻو چاهيو ٿا ته ٿئي؟“
يعنى توهان کڻي ڏوهاري هجو يا نه پر وڪيل توهان جي ڳالهه مٿاهين ڪري، توهان کي ڪيس کٽائڻ لاءِ توهان کي سچار بنائي ٿو.
پروفيسر ڳالهه ختم ڪئي ته هڪ ايراني ڪئپٽن اٿي بيٺو. ”سائين آئون ٻڌايانوَ ته ٻه ۽ ٻه گهڻا ٿيندا؟“
”تون مهرباني ڪري ويهي رهه،“ پروفيسر کيس هٿ جي اشاري سان ويهاريندي چيو، ”مون کي خبر آهي ته تون ڇا چوندين تون چوندين ته جيڪو الله کي منظور هوندو.“
”هن جو جواب فقير وارو اٿانوَ،“ منهنجي اڳيان ويٺل نائجيريا جي علي جمبا وراڻيو، ”ڪنهن فقير کان پڇيو ويو ته ٻه ۽ ٻه گهڻو ته جواب ڏنائين: ”چار مانيون.“ سو ايراني به چوندا ته ٻه ۽ ٻه معنى آمريڪا تي چار لعنتون.“