مارشل آئيلينڊ جو ليري
”ليري! تون ڪهڙي ٻيٽ تان آيو آهين؟“ هيلو هيلو ڪرڻ کان پوءِ مون کانئس پڇيو. پاڻ جڏهن آيو هو ته ڪلاس روم ۾ ٻڌايو هئائين. پر ان وقت آئون سندس ٻيٽ کي سڃاڻي نه سگهيو هوس. فجي جي ڀرسان ته نه آهي مون تڏهن پڇيو مانس، ”نه ان جي اتر ۾ آهي.“ پاڻ ٻڌايو هئائين.
”آئون مارشل آئلينڊ کان آهيان.“ هن ٻڌايو.
”ها برابر تو اهوئي ٻڌايو هو. پر ان بعد مون کي نقشي ۾ ڏسڻ ۾ وقت نه مليو. هونءَ مارشل آئلينڊ ڪيترن ٻيٽن جو جهڳٽو آهي؟“ مون ڪجهه وقت گذارڻ لاءِ ۽ ڪجهه معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سوال ڪيو. ڪو زمانو هو جهاز تي Sail ڪبو هو ته ننڍي ننڍي ٻيٽ ۽ بندرگاهه جي واقفيت هئي پوءِ چاهي ان هنڌ جهاز وڃي يا نه. پر هاڻ اهي بهه ۾ سئيءَ جهڙا پئسفڪ سمنڊ جا ننڍا ٻيٽ ايراضيءَ ۾ ڳوٺ ميانداد چنجڻي ۽ چوهڙ جماليءَ جيڏا ڌيان مان ئي ميسارجي ويا آهن. انهن مان ڪي ته وڏيري جي اوطاق جيڏا آهن ۽ ڪي ته وڏيري جي اوطاق ۾ پيل کٽ جيڏا آهن.
”اوڻٽيهه ٻيٽ آهن.“ ليريءَ ٻڌايو.
”سڀني تي آدم رهي ٿو؟“ مون پڇيومانس.
”ها سڀني تي رهي ٿو. ائين ته ننڍا ننڍا ٻه هزار کن ٻيا به آهن پر ڪي ڪي فرلانگ اڌ مس ٿيندا، ڪي ڪجهه وڏا به آهن پرڪو رهي ڪونه ٿو جو اهي ٻيٽ ٻيڙين رستي وڏن ٻيٽن سان ڳنڍيل نه آهن.ڪي ٻيٽ سال جو ڪجهه مهينا نظر اچن ٿا ۽ پوءِ مٿان سمنڊ جو پاڻي چڙهيو وڃين ۽ غائب ٿيو وڃن. ڪي روزانو وڏي وير تي ٻڏيو وڃن ۽ وير لهڻ تي ظاهر ٿيو پون.“
”هونءَ Exact ڪنهن جي ڀرسان آهي _ آسٽريليا جي نيوزيليند جي، فجيءَ جي يا انڊونيشيا فلپين جي؟“ مون کي اڃا تائين دماغ ۾ هي ٻيٽ نه اچي رهيا هئا ته پئسفڪ سمنڊ ۾ ڪهڙي هنڌ آهن.
”ڪنهن جي به ويجهو نه آهن. سڀني کان هڪ جيترو پري آهن.اڃا به هوائي ۽ گوام ٻيٽ جي ڪجهه ويجهو چئي سگهجن ٿا.“ ليريءَ چيو.
”بس هينئر ئي لئبرري پهچي نقشي تي تنهنجا اهي دلچسپ ٻيٽ ڏسان ٿو.“
”مون وٽ هتي نقشو آهي.“ ائين چئي ليريءَ هٿن جا جوراب لاهي بئگ کولي نقشو ڪڍيو. سامهون ڏٺم اڃا بس پري پري تائين نظر نه پئي آئي. جلدي جلدي پئسفڪ سمنڊ ۾ هار جي شڪل ۾ موتين جيڏا ننڍا ننڍا مارشل ٻيٽ ڏٺم. نقشو واپس ڪري چيومانس:
”شاباس هجن ئي! دنيا جي صفا ٻي ڪنڊ کان آيو آهين. ڀلا هتي ڪيئن پهتين؟ پڪ ترسندو آيو هوندين.“
”سڌو پهتس.“ ليريءَ وراڻيو.
”ڪمال آهي! ڪهڙي هوائي ڪمپني توهان جي مارشل ٻيٽن کان هتي مالمو اچي ٿي؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”اوهه! نه نه! مون سمجهيو ته پڇين ٿو ته ڪٿي ڪٿي گهمڻ لاءِ رهيس. هيڏو پر ي کان ڪهڙو جهاز يڪ ساهيءَ ايندو.“
”اهوئي ته معلوم ڪرڻ ٿو چاهيان ته پهرين آسٽريليا وئين، نيوزيلينڊ يا فلپين؟“
”پهرين هوائي ٻيٽ تي ويس.“ ليري ٻڌايو.
”پوءِ؟“
”لاس اينجلس.“
”ڏاڍي ٻڌايئي. اهو ته وڏو چڪر ٿيو. هن پاسي فلپين يا ٿائلينڊ ڏي هليو اچين ها ته باقي يورپ ڪيترو پري هو. هوائي ۽ لاس اينجلس ڏي ته ويتر ڏور هليو وئين؟“
”بس مجبور ي آهي. اسان جي ٻيٽ تي فقط آمريڪا جي هڪ هوائي ڪمپنيءَ جو هوائي جهاز هفتي ۾ هوائي (Hawai) ٻيٽ کان ٻه دفعا اچي وڃي ٿو ۽ اتان ٻي ملائيندڙ اڏام لاس اينجلس اچي ڇڏيو.“ ليريءَ ٻڌايو.
”۽ پوءِ.“ مون پڇيومانس.
”۽ پوءِ برٽش ايئر ويز ذريعي لنڊن آيس. اتان ٻي ملائيندڙ اڏام پئرس اچي ڇڏيو ۽ پوءِ SAS جهاز ذريعي ڪوپن هيگن آيس ۽ پوءِ هوور ڪرافٽ ذريعي بالٽڪ سمنڊ ٽپي هتي مالمو پهتو آهيان.“
”حق تي ٻئي بئگون گم ٿي ويون اٿئي؟“ مون کلندي چيومانس. سندس سامان ٻن هفتن بعد مليو. تيسين ليري ويچارو ڳاڙهو سئيٽر ۾ پئي هليو. کيس هتي جي موسم جي به خبر نه هئي. سندس ٻيٽ جي ٻارهوئي هڪ جهڙي، نه ٿڌي نه گرم موسم ٿئي ۽ اتي جا رهاڪو گهڻو ڪري رڳو چڍي ۽ گلن واري قميص پائين. ليريءَ هتي جي سيءَ جي حملي لاءِ وڌ ۾ وڌ سئيٽرڪافي سمجهيو. بهرحال ٻيو ڏينهن آچر جو هو ۽ کيس هتان جي لنڊا بازار مان پاڻ جهڙا گرم اوور ڪوٽ وٺي ڏناسونس.
”ڀلا ليري! ايترا جهاز بدلائي هتي پهچڻ ۾ توکي پڪ ڏينهن ٻه لڳي ويو هوندو.“
”بلڪ ٽي ڏينهن ۽ توهان کي؟“
”تنهنجي مقابلي ۾ سئيڊن اسان لاءِ ڄڻ گهر جي ڳالهه ٿي. ٻارهن ڪلاڪن اندر پهچي وياسين.“
”ڪراچيءَ جا آهيو يا اسلام آباد جا.“ ليريءَ پڇيو.
کيس پنهنجو ڪارڊ ڏيندي ٻڌايومانس: ”ڪراچيءَ جو. ڪڏهن اسان جي پاسي واري دنيا جي حصي ۾ اچڻ ٿئي ئي ته ڪراچيءَ ضرور اچجانءِ.“
”۽ تون به مون وٽ اچجانءِ.“ ليريءَ به دعوت ڏني.
مون کلي چيومانس. ”اچڻ تي منهنجي دل ڏاڍي چوي ٿي پر ليري اسان جي ملڪ ۾ چيچ وطني، ميانوالي ۽ دورو نارو پهچڻ سولو آهي تو وٽ پهچڻ لاءِ پهرين پئسفڪ سمنڊ ۾ مارشل ٻيٽ ڳولجن. پوءِ انهن اوڻٽيهن ٻيٽن مان اهو ڳولجي جنهن ۾ تون رهين ٿو. ڀلا اهو ٻڌاءِ آدمشماري ڪيتري اٿوَ؟“
”ڪل پنجاهه هزار.“
”رڳو ان ٻيٽ تي جتي تون رهين ٿو يا سڀني ٻيٽن تي؟“
ايتري ۾ بس اچي نڪتي ۽ پاس ڏيکاري چڙهياسين. هن کي مون کان پري جاءِ ملي سو هٿ سان کيس O.K چئي موڪلايم ته هاڻ يونيورسٽي خبر ناهي ملاقات ٿئي يا نه. ڇو جو آئون جنهن سبجيڪٽ ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهيان ان جو واسطو مئرين سيفٽي ائڊمنسٽريشن سان آهي، جنهن جا ڪلاس روم ۽ پروفيسر ليريءَ جي ڪلاس روم وغيره کان مختلف آهن. ليري مئرين ايڊيوڪيشن ۽ ٽريننگ ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي. البت مئٿس جو هڪ سبجيڪٽ اهڙو آهي جيڪو گڏ ٿيندو آهي ۽ ان ۾ ملاقات ٿيندي آهي. ليري اسان وانگر جهازي نه آهي پر گورنمينٽ آفيس مان آهي. هن ايڪانامڪس ۾ هوائي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي آهي. پاڻ سندس ٻيٽ تي سي مين ٽريننگ سينٽر ۾ پڙهائي رهيو هو. ان بعد سال ٻه آسٽريليا ۾ ٽريننگ وٺي مئرين پوليس آفيسر ٿيو. هاڻ جيئن ته سندس ملڪ ۾ جهازين جي ٽريننگ لاءِ وڏي پئماني تي مئرين اڪيڊمي کلي رهي آهي ان ڪري اتي جي حڪومت کيس هيڏانهن Education جهڙي سبجيڪٽ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، جيئن واپس پهچي ان اڪيڊميءَ کي صحيح طرح هلائي سگهي.