هر ڳالهه ۾ اسان پاڪستاني ليٽ
بهرحال بنگلاديش وارا، ٻين ڪيترن شين سان گڏ اها ڳالهه به اسان کان اڳواٽ سکي ويا ۽ هاڻي هو سڀني کان اڳ نه ته ٻين سان گڏ وقت تي اچن ٿا.
اڃا ڪراچي هئاسين ته يونيورسٽيءَ جي داخلا ڏيندڙ آفسرياڻي سنٿيا مرائگيٽ ) Cynthi Mrigate) سئيڊن کان فون ڪندي رهي:
”مسٽر الطاف اچو پيا نه؟“
”بلڪل.“
”پوءِ ڀلا ڇاجي دير آهي؟“
”ٽڪيٽ اڃا نه ملي آهي.“ وراڻيو مانس.
”O,My God خبر ناهي ڇو اسلام آباد کان UNDP وارن اڃا توهان کي نه موڪلي آهي. ڀلا تيار ويٺا آهيو يا نه؟“ سنٿيا وري پڇيو.
”بلڪل تيار ويٺو آهيون. سامهون بئگ رکي آهي.“ مون کيس ٻڌايو هو.
”ڀلا راحت عزيز ۽ ڪئپٽن سليم قاسم؟“
”اهي به تيار هئڻ کپن. اڄ صبح جون مونکي مليا هئا. هنن به اهوئي ٻڌايو ته کين ٽڪيٽ جو انتظار آهي.“
”منهنجو ڊائريڪٽ ساڻن Contact نه پيو ٿئي. تنهنجو به مس مس فون لڳو آهي. ڀلا هڪ ڪم ڪر. کانئن پڇي پڪ ڪر ته جيڪڏهن آئون ٻي ٽڪيٽ هتان موڪليان ته هو به تو وانگر اڄ رات KLM جي اڏام ۾ هليا ايندا؟ آئون ڪلاڪ کان پوءِ وري فون ٿي ڪريان. ۽ جي ها ٿيو ته ايئرپورٽ تي هليا اچجو. ٽڪيٽ اتي توهان کي ملي ويندي.“
”چڱو ڀلا“ چئي مون فون رکيو. رات جو غلط سلط فون نمبرن سمهڻ نه ڏنو سو فون جو پلگ ڪڍي ڇڏيو هوم. ظاهر آهي ڪنهن جو فون ڪيئن لڳندو. شڪر جو ان ئي گهڙيءَ پلگ وڌم ته سنٿيا جو سئيڊن کان فون اچي ويو.
واچ ۾ وقت ڏٺم منجهند جو ڏيڍ ٿيو هو. ڪلاڪ بعد وري سنٿيا فون ڪندي. ۽ رات جو يارهين وڳي اڏم هئي. مون جلدي جلدي راحت عزيز کي نارٿ ناظم ۽ ڪئپٽن سليم قاسم کي ڊفينس سوسائٽي فون ڪيو. ٻنهي رات جو هلڻ لاءِ هائوڪار ڪئي. راحت عزيز هائوڪار ڪري چيو:
”پر ڪجهه وقت نه ملي سگهندو. اڄ رات بدران سڀان ڪري هلجي.“
”ڌوڙ اٿئي پئي،“ راحت عزيز مونکان چار پنج سال جونيئر آهي سو هن سان فري ٿيندي چيم. ”اڄ رات ۽ سڀان ۾ فرق ئي ڪهڙو. ائين چوڻ سان اجائي بدنامي ٿيندي. وڌيڪ جيئن چئين تنهنجي پاران اهو نياپو ڪريان.“
”توهان جو ڇا خيال آهي؟“ راحت عزيز پڇيو.
”حد ٿي ويئي. اهڙين ڳالهين لاءِ خيال وري ڪهڙا. هو ڇا سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته هڪ بي دعوتو ٻيو وري ڪرائتو. .Beggers can not be choosers’ هڪ ته خيرات جي پئسن تي ٿا هلي رهون ڪريون ۽ پڙهون ۽ ٻي وري اينگهه ۽ نخرو. ماڳهين اسان جي خيال کان WMU وارو اهو خيال نه پيش ڪن ته انهن پاڪستانين کي نه گهرايو.“
”اها ڳالهه به صحيح آهي. بس آئون سمجهه ته تيار آهيان.“
پوري اڍائي بجي سنٿيا فون ڪيو. ٻڌايومانس ته اسان تيار آهيون. پرهن اداس لهجي ۾ چيو:
”الطاف ويري ساري! مون گهڻو ئي چاهيو ٿي ته اڄ رات ئي اچي وڃو جيئن ڇنڇر۽ آچر جو ڏينهن آرام ڪري سومر ڏينهن چانسلر جو Inaugural Address ٻڌي سگهو، جو سڀني ملڪن جا پهچي ويا آهن سواءِ پاڪستان جي. پر مسئلو هي ٿي پيو آهي ته توهان جي هڪ طرف جي ٽڪيٽ جيڪا سورهن هزار رپيا آهي، هتان وٺي موڪلڻ تي اڍائيڻو مهنگي ملي ٿي. يعني هڪ هڪ ماڻهوءَ جا چاليهه چاليهه هزار رپيا ٿين ٿا. هاڻ هينئن ٿي ڪريان ته اڄ ته جمعو آهي. آفيسون بند آهن. سڀاڻي صبح جو جيئن ئي نائين بجي اسلام آباد واري UNDP جي آفيس کلندي ته کين Instruction ڏيندس ته ڪراچيءَ ۾ آمريڪن ايڪسپريس وارن کي توهان لاءِ ٽڪيٽ موڪلڻ جو بندوبست ڪن. بس رات جو الارم لڳائي ٿي سمهان جيئن پوري نائين بجي فون ڪري سگهان.“
شام جو ڪئپٽن قاسم سان ڳالهه ڪيم: سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن انشاءَ الله پنهنجي پڪ آهي، جو صبح سان سنٿيا UNDP آفيس ۾ ٽڪيٽ لاءِ فون ڪندي.“
”وڄائي ڇڏيئه. انهن جي ڇنڇر ڏينهن آفيس بند هوندي.“ ڪئپٽن قاسم ٻڌايو، ”هو جمع ۽ ڇنڇر موڪل ڪندا آهن.“
”هاڻ ته جڏهن به داڻو پاڻي لکيل هوندو ته هلي سئيڊن کان نڪربو. في الحال بي فڪر ٿي هاڻ ننڊون ڪندا وتون.“
”۽ سنٿيا اڄ رات جي سا ننڊ ڦٽائي. پاڪستان ۽ سئيڊن جي وچ ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آهي. هوءَ پاڪستان جي وقت مطابق نائين بجي صبح جو فون ڪرڻ لاءِ اُٿي، معنى هن وٽ ته رات جا چار ٿيا هوندا.“ ڪئپٽن قاسم چيو.
”حق تي هن پئي چيو ته الارم لڳائي ٿي سمهان.“
ٻئي ڏينهن _ يعني ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد فون ڪيو پر موڪل ڪري سندس Contact نه ٿي سگهيو.
”هاڻ سڀاڻي آچر ڏينهن فون ڪري ٻڌائينديس.“ هن مونکي اطلاع ڪيو.
آچرڏينهن ٻين بجي ڌاري سئيڊن کان سنٿيا جو فون آيو ته ٽڪيٽ جو بندوبست ڪري ڇڏيو اٿم ۽ آمريڪن ايڪسپريس کان وڃي وٺو.
ڳالهه ٿي کٽائڻي. آچر ڏينهن به نه ملي سومر ڏينهن پڪ ٿي پر دير سان. ان بعد ويجهي اڏام پي آءِ اي جي اربع ڏينهن هئي. صبح جو ستين بجي ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچي وياسين ۽ رات جو ستين بجي ڌاري مالمو بندرگاهه ۾ هئاسين. يونيورسٽي جي همراهن سامان سوڌو اسان کي کڻي اچي هاسٽل لاٿو.
”هي توهان جي ڪمرن جا نمبر آهن. هي چاٻيون آهن. هي هاسٽل جي مين گيٽ کولڻ جو ڳجهو نمبر آهي ۽ موڪل وارن ڏينهن ۽ رات جو ڏهين کان پوءِ ڳجهي نمبر سان گڏ هي پلاسٽڪ ڪارڊ وجهڻ بعد ئي دروازو کلندو. ڪارڊ ۽ نمبر ياد رکجو نه ته ٻاهر سيءَ ۾ ڪلفي ٿي ويندوءَ. هي بس ۾ چڙهڻ جو ڪارڊ اٿوَ. هي يونيورسٽي ۾ فوٽو اسٽيٽ مشين استعمال ڪرڻ جو ڪارڊ اٿوَ. هي بئنڪ مان پئسا ڪڍائڻ جو ڪارڊ اٿوَ. (يورپ، آمريڪا ۽ جپان ۾ اڄڪلهه ڪنجين ۽ ڪئش بدران پلاسٽڪ ڪارڊ ئي هلن ٿا) ۽ هاڻ يارهن ڪلاڪن جي سفر بعد اسان ڪارڊ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين. يونيورسٽي وڃڻ لاءِ هي نمبر جون بسون آهن. وچ ته گستاوو جو بس اسٽاپ ايندو ان تان ٻي بس وٺجو. (اهو اسٽاپ ڄڻ ايمپريس مارڪيٽ ٿيو.)“
هاسٽل پهچي معلوم ٿيو ته گذريل سال وارا ٽي پاڪستاني: ڪئپٽن عاشق خان، قاضي عبدالحميد ۽ احمد ڪمال علوي مهيني کن لاءِ فيلڊ ٽرپ تي ناروي، جرمني ۽ انگلينڊ ويا آهن جو ٻئي سال جي پهرين سيمسٽر ۾ پڙهائي گهٽ فيلڊ ٽرپ گهڻي آهي ۽ مختلف سبجيڪٽن جا شاگرد جپان ۽ آمريڪا، ڪئناڊا تائين، اتي جا شپ يارڊ، سروي ڊپارٽمينٽ، بندرگاهه ۽ جهاز ران آفيسون ڏسڻ لاءِ وڃن ٿا.
جلدي ڪمري ۾ سامان ٺاهي رات جي ماني ميس ۾ کائي (جنهن جو وقت پنجين کان اٺين بجي تائين آهي)، ٿوري دير خبرون ڪندارهياسين ته ڪٿان کان ڪٿان اچي نڪتا آهيون. ڄڻ خواب هجي. ڄڻ اڃا ڪراچيءَ ويٺا آهيون ۽ سئيڊن هلڻ لاءِ ها نه ها نه پيو ٿئي. ۽ هاڻ دريءَ مان رستي تي ٻرندڙ مرڪري ۽ سوڊيم بلين جي روشنيءَ ۾ برف کي ڪِرندو ڏسي رهيا هئاسين. سنڌ جي ٽاڪ منجهند وانگر رستا سنسان ۽ خاموش هئا. رکي رکي ڪا لاري يا موٽر ڪار گذري ٿي. يا ڪڏهن ڪڏهن ڪو ماڻهو سوڙ جهڙن ٿلهن ڪوٽن ۽ مفلر ٽوپ ۾ ويڙهجي تکو تکو لنگهي ويو ٿي، جن کي ڏسي پنهنجا گرم آٿر ڪڍي سامهون رکياسين.
”الله مالڪ آهي. في الحال ننڊ ٿا ڪريون. صبح جو جيئن ٻيا يونيورسٽي ويندا تيئن پاڻ به انهن جي پٺيان پهچي وينداسين.“ مون سليم قاسم کي چيو.